ڪھاڻيون

عورت ۽ احساس

ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪتاب جون ڪھاڻيون نه صرف اسان جي مرداڻي سماج کي وائکو ڪن ٿيون پر عورت جي ڏکن، احساسن، ضرورتن ۽ مسئلن کي بيان ڪن ٿيون.
بيشڪ هي تاثراتي ۽ احساساتي ڪھاڻيون آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنھن جي احساسن کي سمجهڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر ڊاڪٽر آمنه سومرو نه صرف ڪردارن جي احساسن کي سمجهيو آهي پر انهن احساسن کي انتھائي خوبصورت انداز ۾ بيان به ڪيو آهي، ان لاءِ کيس جس هجي.
Title Cover of book عورت ۽ احساس

پتلي نما زال

ماڻهو پيار ڪري مٽجي ٿو وڃي، وڏيون وڏيون دعوائون وقت سان واريءَ جي ڪوٽ جيان ڪِري پون ٿيون. هونءَ ته محبت جي لباس کي ته هڪ ڀيرو پائبو آهي پر اڄ جي محبت هر روز بند مٽائڻ کي ”محبت“ ئي ڪوٺي ٿو. اسان جي سماج ۾ محبت جو اصطلاح ۽ اطلاق جو سرٽيفڪيٽ صرف مرد کي ئي مليل آهي ته پوءِ ان سان گڏ رهندڙ ”عورت“ ڪٿي آهي. جنھن لاءِ هن پاڻ سڪڻ جي سڌ ڪئي هئي، جي عورت ايئن محبت ڪري جيئن مرد ڪري ٿو ته پوءِ هي سماج پاڻ کي ڪٿي ڪٿيندو.
سنجها سان پيار ڪندڙ تمام خوش شڪل، خوبرو، رعبدار ۽ شان شوڪت رکندڙ هن سماج جو فرد ۽ مرد هو. اسان جي سنجها کي ڏسندي ئي چريو ٿي پيو هيو..... اصل ”ديوانو“ مجنون وانگيان ... سنجها سان به ساڳي ئي وارتا هئي. شعيب جي پيار ۾ هوءَ پنھنجي ننڍپڻ جي سھيلين کي به وساري چڪي هئي، ۽ پوءِ آخرڪار جيئن ٿيندو آهي ٻنهي خاندانن، شعيب ۽ سنجها جي رضامنديءَ سان شادي به ٿي وئي ۽ هاڻي اسان جي سھيلي اپسرائن جي ديس جي هڪ اپسرا بڻجي سندس نانءَ کي هٿن، لبن ۽ دل جي تحرير سان ليک مڪمل طور تي مسز شعيب بڻجي هڪ وڏي اسٽيٽس واري زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪي هئي، حد ته ايتري ڪئي هئائين، جنھن جي هن کان اميد نه هئي.
هن پنھنجي شاديءَ جي انهيءَ سھڻي ۽ سندر خوشيءَ ۾ پنھنجي ڪنھن به سھيليءَ کي نه گهرايو هو. سنجها جي سڀني سھيلن کي ان ڏينھن ياد ڪيو هو ۽ هوءَ پجارو ۾ رخصت ٿي سندن شھر ئي ڇڏي هلي وئي هئي. پر وقت وڏو بي رحم ۽ محبت جو ڍونگ ان کان به قاتل هوندو آهي. سنجها بنيادي طرح روايتي ڇوڪري هئي..... پر شعيب بنهه ان جي ابتڙ. سنجها جھڙي ماهه پري ڪجهه سالن ۾ شعيب جي گهر ۾ اجنبي ۽ اوپري ٿي پئي، ڇاڪاڻ جو هوءَ هاڻي سنجها سندس زال هئي ۽ شعيب پنھنجي خالي محبتي خول ۾ هن کان سڀڪجهه وٺي چڪو هو. بس هاڻي هوءَ هن جي گهر ۽ دل جي گهر ۾ هڪ پتلي نما زال هئي جنھن کي پنھنجي شعيب جي هر ضرورت، سندس گهر ۽ ٻار سڀڪجهه ته سنڀالڻو هو، نه هيو ته ڪوئي فرض صرف شعيب جو نه هو، جنھن هن کي ڪوڙي محبت جي دعوى ڪري سندس شخصيت اعتماد به کسي ورتو هو.
جڏهن هڪ ڏينھن ان جھڙي ئي وجود کي گهر وٺي اچي هن جي سامھون چوي ٿو توهان ڪچن ۾ وڃو ۽ ترت چانھه ۽ مانيءَ جو بندوبست ڪريو، ڏسو نه پيا مھمان آيا آهن، سي به پري کان ....!!!
ان وقت سنجها پاڻ کي بلڪل به پتلي سمجهڻ شروع ڪيو، جنھن جون ڏوريون مردن جي آڱرين ۾ هونديون آهن ۽ مرد جڏهن چاهين ۽ جيئن چاهين کيڏائي سگهن ٿا.

**