حاصلات
ننڍپڻ کان وٺي وڏي لاءِ تائين هر رشتي۽ هر تعلق ۾ ويجهڙائي قائم رهڻ جا اسباب اهي آهن ته انهن ٻنهي جي شين متعلق ائپروچ ساڳي نه ته گهٽ ۾ گهٽ سليڪشن ساڳي هجي. حسن آرا ۽ منھنجي وچ ۾ ويڇا به ايئن ئي ٿيا هئا. هوءَ منھنجي گهر ۾ منھنجي حيثيت يعني بلڪل مون جيان ڌيءَ سمجهي ويندي هئي ۽ مان هن جي گهر ۾ پيار جي قابل سمجهي ويندڙ سمجهدار ۽ ڏاهي سمجهي ويندي هئس. پر سندس ناني مون کي حسن آرا جي جڳهه تي سمجهندي هئي سندس گهر ڀاتين ۽ اوڙي پاڙي وارا سڀ مون کي سونھن ۽ پيار جو مرڪب ۽ ذهين سمجهندا هئا. جڏهن ته حسن آرا جي خوبين ۾ سندس ٻاراڻي سونھن سوا ٻيو ڪجهه نه هئو ۽ نه هوءَ وڏن جو چوڻ وٺندي اسڪول ويندي هئي ۽ نه راند کيڏڻ کان مڙندي هئي. سندس هٿ تي سڄو ڏينھن رانديڪا، ٺڪرين وارا ٺپا ۽ ٻئي هٿ ۾ ........ جا کٽاڻ وارو ڪاغذ جنھن کي هوءَ کائيندي ۽ واپرائيندي رهندي هئي. سو انهن ڳالهين ڪري سندن نانا بابا، ناني امان ۽ سندس امڙ ڏاڍا پريشان رهندا هئا. حسن آرا سھڻي ته هئي پر عقل کان ڪڏهن به ڪم نه وٺندي هئي. ڪوئي به ڪجهه به سمجهائيندو هئس ته هوءَ چپ ڪري بيھي رهندي هئي ۽ دڙڪا کائي کسڪي وري کيڏڻ هلي ويندي هئي.
اسڪول کان پري رهڻ، سيپاري جو سبق پڙهڻ تي هن کي ٻاجهه جو ٻرو چڙهي ويندو هو. باقي ڪا سھيلي جيڪڏهن هن سان سڄو ڏينھن راند ۾ گذاري ته پوءِ حسن آرا خوش خوش رهندي هئي. هن جو پيءُ سدائين ٻاهر رهندو هو، ڇاڪاڻ جو هو ٽيڪسي ڊرائيور هو. جنھن گهر ۽ ٻار تي پيءُ جي تربيت ۽ ڪشش جو پرتوو گهٽ هجي اهو ٻار ۽ گهر ڪڏهن نه ڪڏهن ٽٽي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو اسان جو سماج ”مرد“ جي آڌار تي بيٺل آهي، نه ڪي ماءُ جي. سو ايئن ته ٿيڻو هو، حسن آرا هڪ ڏينھن مون کي چيو هو، ”ڏس مومل تنھنجي ڪري مان گهر ۾ هر روز دڙڪا کاوان ٿي، تون ڀلا روز اسڪول ڇو ويندي آهين؟ تون اسڪول کان گسائيندي ڇو آهين؟ توکي اسان سان مزو ڇونه ايندو آهي؟ اسان تنھنجيون سھيليون نه آهيون؟ راند روند ڪرڻ ۾ توکي آرام نه ايندو آ؟ ڇو؟؟ سڄو ڏينھن ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪھڙو مزو آهي؟“
مان ان وقت پنجين ڪلاس ۾ هئس چاهيم پئي ته سندس هر سوال جو جواب ڏيانس پر سڀني سوالن جو صرف هڪ سوال هيو، ”توکي تعليم، اسڪول ۽ ڪتابن سان پيار ڇو آهي؟“ بس پوءِ انهيءَ سوال جو جواب ڏيندي مون ان کي چيو ته،”اڄ کانپوءِ تون ۽ مان سھيليون نه آهيون. نه تون مون ڏانھن ايندي ڪر ۽ نه مان توڏي اينديس. ڇاڪاڻ جو توکي پڙهائي سان ڪابه دلچسپي نه آهي. پر تون اڳتي وڏي ٿي پڇتائيندينءَ.“ ۽ پوءِ ٿيو به ايئن هوءَ منھنجي پياري دوست هئي ننڍپڻ جون خوشيون انسان کي اهو سرمايو هونديون آهن جنھن جي آڌار تي وڏي ٿيڻ جا ڏک سٺا ويندا آهن. تنھن لاءِ ته هر ڪنھن کي ننڍپڻ عزيز ۽ پيارو لڳندو آهي.
سو اسان جو بابا جو هڪ مل ۾ ڪم ڪندو هو تنھنجي مل جي نئين کليل سيڪشن ۾ ٽرانسفر ٿي ۽ ائين اسان ٻئي گهڻو پري هليون ويوسين، جنھن ڏينھن اسان اتان ٻئي شھر جي وڃڻ جي تياري ڪري رهيا هئاسين مون ان ڏينھن حسن آرا کي ڏاڍو ڳوليو پر هوءَ نه لڌي. مون سندس گهر وڃي سندس نانا ناني ۽ امي جنھن کي وري مان ادي ڪوٺيندي هئس موڪلايو ۽ سندس لاءِ گهڻا سلام ڏنا. ڏکاري دل سان اسان اهو شھر ڇڏيوسين، تن ڏينھن ۾ انسان جا انسان سان لاڳاپي جا ذريعا صرف خط پٽ هئا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه دل جي آهي. پر منھنجي دل ته هن سان هئي پر پوءِ به مان هن کي ”ڪونه پڙهائي سگهيس“ ڪوئي به هن کي ”ڪونه پڙهائي سگهيو“ ۽ نتيجي ۾ هوءَ اٺ درجا پڙهي گهر ويٺي. سندس تعلق ٻروچ خاندان سان هو، سو هاڻي جڏهن هن کي پاڻ سان ڪيل بري ڀلي جي خبر پئي ته هن جو گهر کان نڪرڻ بند ٿيو.
حسن آرا سھڻي ته هئي ۽ ماٺيڻي پڻ پر هاڻي اندر جو جيءُ هن سان نه هيو. سندس رشتو بغير پڇا ڳاڇا جي سندس سئوٽ سان طئي ٿيو ۽ پوءِ هن پنھنجو پاڻ وڏي ۽ پنھنجي ننڍپڻ جي دوست کي ياد ڪري ڏاڍو رُنو هو. جڏهن هوءَ مون سان ملي ته سندس سڏڪا هئا جو بس نه پيا ڪن ۽ پوءِ هن پنھنجي شادي شده زندگي ڪجهه ڏکاري انداز ۾ بيان ڪئي؛ پر مون کي ايئن لڳو ڄڻ هوءَ شادي هوندي زنده لاش بڻجي وئي آهي.
مان جڏهن هن جي گهر اندر داخل ٿيس ته پھريان پڇيم هي حسن آرا جو گهر آ.... شڪ ۾ پوندي ها ۽ ڪجهه قدر سڃاڻيون جيڪو مون کي سندن چھرن مان معلوم ٿيو ۽ ايئن سامھون بيٺل سندس ننڍي ڀيڻ جيڪا منھنجي هم نام آهي سا مون کي ڏسڻ شرط ڊوڙندي اچي مون کي ڳل لاتو باجي، آپي، ڀيڻ توهان اسان جي ڀيڻ آهيو نه .... مون اوهان کي صحيح سڃاتو نه. مون چيو، ”ها راڻي بلڪل صحيح، تون ڪيڏي نه وڏي ٿي وئي آهين، حسنه ڪٿي آهي.... توهان سڀ هتي شفٽ ٿي ويا آهيو؟؟ مون توهان کي ڪيڏو ڳوليو آهي؟“
”ها هي منور جو ساهراڻو گهر آهي. باجي اندر آهي، هوءَ مون کي هٿ کان وٺي اندر وٺي وئي..... وائيٽ چادر ۾ سھڻي ۽ اڇي چٽ رنگ تي سندس ”حسن آرا“ نالو هن وقت به فٽ پيو اچي. هوءَ جڏهن مون سان ڳلي ملي ته ننڍپڻ کان وڏي لاءِ تائين جا سڀ درد اسان ٻنهي جي اکين مان لڙڪن جي صورت ۾ وهي هليا ۽ پوءِ اسان اتي ئي ويهي رهياسين.هوءَ مون کي جيئري ستي بڻيل محسوس ٿي ۽ منھنجي من کي به هوءَ بلڪل سمجهي وئي. اجهاميل اجهاڻيل انتظار زندگي جي ڪجهه سالن جو هجي پر هئو صدين جي پيڙا ۾ گذرندو آهي ۽ حسن آرا شادي شده هوندي به اجڙيل هئي. سندس چھري تي ڪا خوشي ۽ سندن لبن تي ڪا لالي نظر نه آئي. سندس ور گڏ هوندي به سندس جو نه آهي. ٻڌايائين مون کي خبر نه آهي؟شاديءَ کي ڏهه سال ٿيا آهن پر هو مون سان ڳالهائڻ به گوارا نه ڪندو آهي. منھنجي هٿ جي ڪابه چيز نه وٺندو آهي. بس مان زنده لاش آهيان، جيڪو پيو ساهه کڻي. اسان جي روايتن کي ته تون ڄاڻين ٿي، بس سڀڪجهه اهو ئي حاصل ٿيو اٿم. شايد عورت شادي تائين خوبصورت هوندي هئي، شاديءَ کان پوءِ عورت لاش ۽ ٻارن ڄڻڻ کان پوءِ گهمندڙ ڦرندڙ لاش بڻجي ويندي آهي.
**