ڪھاڻيون

عورت ۽ احساس

ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪتاب جون ڪھاڻيون نه صرف اسان جي مرداڻي سماج کي وائکو ڪن ٿيون پر عورت جي ڏکن، احساسن، ضرورتن ۽ مسئلن کي بيان ڪن ٿيون.
بيشڪ هي تاثراتي ۽ احساساتي ڪھاڻيون آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنھن جي احساسن کي سمجهڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر ڊاڪٽر آمنه سومرو نه صرف ڪردارن جي احساسن کي سمجهيو آهي پر انهن احساسن کي انتھائي خوبصورت انداز ۾ بيان به ڪيو آهي، ان لاءِ کيس جس هجي.
Title Cover of book عورت ۽ احساس

پيش لفظ : عورت جا درد

ڊاڪٽر آمنه سومرو سان پھريون دفعو منھنجي ملاقات ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ٿي جتي هوءَ ايم.فل، پي ايڇ.ڊي ڪرڻ لاءِ ابتدائي ريسرچ ورڪ جي هڪ سال جو ڪورس ڪندي هئي، ڏسڻ سان مونکي هي پروقار، پاڻ تي اعتماد ڪندڙ ڇوڪري لڳي. ڪورس ڪرڻ کانپوءِ هئ مون وٽ پي ايڇ.ڊي ڪرڻ لاءِ آئي ۽ مون پنھنجو هٿ هن جي مٿي تي رکي ٻه اهم پاڪ رشتا هن سان جوڙي ڇڏيا هڪ ڀاءُ جو ٻيو استاد جو ۽ ٽيون رشتو هن جو مونسان جوڙيو اهو هو اعتماد جو، اهي ٽئي رشتا اڄ به قائم دائم آهن.
هن جي پي ايڇ.ڊي جو موضوع هو، ”انيس انصاريءَ جون علمي ادبي خدمتون“. سائين انيس انصاري پنھنجي دور جو هڪ معزز، علمي ادبي شخصيت سان گڏ باوقار، ايماندار آفيسر هو، سندس پورو خاندان علم و ادب سان سلهاڙيل آهي، جن مان اشتياق انصاري، اخلاق انصاري، ڊاڪٽر اسحاق انصاري هن دور جا ناميارا ليکڪ آهن.
ڊاڪٽر آمنه سومرو سنڌي ادب ۾هڪ محققه، شاعره ۽ ڪھاڻيڪار جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. هيءَ پنھنجي اظھار ۾ هڪ نھايت پڪي، پختي، پاڻ تي اعتماد ڪندڙ ڇوڪري آهي. هن مرداڻي سماج ۾ خاص طرح اهو به سنڌين جو اهو سنڌي ڇوڪرين لاءِ کوڙ سارا مسئلا پيدا ڪري ٿو، جن جو اظھار هن پنھنجي ڪھاڻين/ افسانن جي مجموعي ۾ ڪيو آهي ۽ مرد معاشري جي ڀوائتين اکين ۽ جذبن تي لکيو آهي. سندس افسانن جو مجموعو ڊاڪٽر آمنه جي اندروني احساسن جو لکت ۾ اظھار آهي، هن جي آڏو سنڌي مرداڻو سماج ڪيئن آهي، ان جو هن جي تخليقن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن وقت جي حالتن کي جيئن محسوس ڪيو آهي ايئن هن لکيو آهي. منھنجي نظر ۾ هن جو نظريو فلاسفيڪل تاثرائتي سماجي عڪسن منجهان ڦُٽي نڪتل احساس آهي. هن جي لکت جو هڪ پنھنجو تاثر آهي، هن جي سڀني تاثر نما ڪھاڻين ۾ عورتن جا مسئلا آهن.
هن جي ڪھاڻين جا ڪلائيميڪس وارا جملا پنھنجي اظھار جي سگهه رکن ٿا. هن جي ڪھاڻين ۾ مرداڻي سماج جي تلخي آهي، جنھن ۾ وڏي عمر تائين شادي نه ڪرڻ جا احساس ۽ انيڪ مرداڻي سماج جا چٽ موجود آهن.
هن جي تاثراتي افسانن جاڪجهه جملا نھايت سگهارا آهن جيڪي زندگيءَ جي احساسن مان لکيل آهن. ڊاڪٽر آمنه جون ڪھاڻيون زندگيءَ جون ڪھاڻيون آهن، جن مان سندس هرهڪ جملو هن جي زندگيءَ جي ڪھاڻي آهي، جن کي پڙهڻ سان ليکڪه جي زندگيءَ جا سڀ درد پَسي سگهجن ٿا. سندس هر افساني جو آخري جملو هن جي زندگيءَ جو گهاريل پَلَ جو آواز آهن.
”سونھن درد جي سمنڊ ۾ غمِ جانان کان غمِ دوران تائين پنھنجي سفر کي ڪاٽيندي رهي ٿي ۽ پنھنجي ننڍي وڏي منزل صبر سان طئه ڪري ٿي.“
مون سندس هن جملي ۾ سندس ڪردار کي محسوس ڪيو آهي، جيڪا نھايت صبر سان طئه ڪندي رهي ٿي، صبر زندگيءَ جو هڪ مِٺو ڦَل آهي، جيڪو هڪ ليکڪه کي دردن سان بسر ڪري زندگيءَ کي گذارڻ پوي ٿو. ”نه وسرندڙ سارَ“ ڪھاڻي/افساني ۾ زندگيءَ ڪين گذارجي جو جملو ڄڻ جيون گذارڻ جي ڪا نصيحت هجي؛
”هوءَ زندگيءَ جا باقي ڏينھن زندگيءَ جي سارن ۽ ڪاميابيءَ جي خوشين سان گذاري ٿي، رشتن جي خودغرضي کي ڄاڻي پاڻ ئي سوڀارو ڪري ٿي.“
سچ به جڏهن خبر هجي ته هت هر ڪردار خود غرض آهي ته پوءِ ڪنھن ۾ اميد ۽ آسرو رکڻ اجائي آهي .... .
”سگهڙ“ ڪھاڻي/افساني ۾ هڪ عورت پنھنجي ڌيءَ جي شادي پنھنجي رشتيدار وڏي عمر واري کي ڏيڻ چاهي ٿي.... گهڻو ڪري اسانجي سنڌي معاشري ۾ اها رسم گهڻي پراڻي آهي جيڪا هاڻ ختم ٿيندي به وڃي ٿي پر ڪيتريون نياڻيون ان رسم جي ور چڙهي يا ته ڪنوارپڻ جو درد کڻي ٿيون گهمن يا ڏکي ازدواجي زندگي گذارين ٿيون. هن ڪھاڻيءَ جو ڊائلاگ آهي، ”ڪيترو وقت سانت ڇانئجي وئي، هن ڄڻ ڪنھن انسان نه پر ڪنھن جانور جي ڏيتي ليتي جي ڳالهه پئي ڪئي.“
”حاصلات“ ڪھاڻيءَ جو ڊائلاگ ڏاڍو سوچائيندڙ آهي،”عورت شايد شاديءَ تائين خوبصورت هجي ٿي، شاديءَ کانپوءِ عورت لاش ۽ ٻارن ڄڻڻ کانپوءِ گهمندڙ ڦرندڙ لاش بڻجي ويندي آهي.“
”سوچ“ ڪھاڻي/افساني جو هڪ اڳتي وڌڻ وارو ڊائلاگ مون کي وڻيو، ”پوءِ هو سڀ گڏجي اڳتي وکون ڀرڻ لڳا.“ اڳتي وکون کڻڻ هڪ سڀاويڪ ڳالهه آهي. ”پرينءَ جي محبت“ واري ڪھاڻي/افساني ۾ اندر جي سونھن جو ذڪر آهي، جيڪا مون کي ليکڪا جي ظاهري ۽ اندروني سونھن جو ذڪر لڳو. ٻيو هڪ ڊائلاگ جنھن ۾ مردن کان سنئون سڌو نفرت جو اظھار آهي، ”اڙي ڇوريون انهن جي بيانن تي نه وڃو، اهي مرد پنھنجي امڙين، ڌيئن ۽ زالن کي ڪھاڙين سان ڪھندا اٿوَ، انهن جي خطابن ۽ ظاهري ڏيک تي نه وڃجو.“
”ٿڌا ساهه“ عورت خاص طرح اڻ پرڻيل دونھين آهي، ان جا ٽانڊا ڪڏهن به ڪونه وسامندا آهن، شايد ڪڏهن به نه ٿيا“ ”زندگيءَ جو ته وسرندڙ چيپٽر هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن به نه وسرندو آهي.“ هن ڊائلاگ ته مون کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو، انسان چاهي ترقي جي ڪيترن ئي ڏاڪن تي پھچي وڃي پر ان جي هڪ شبِ غم ضرور هجي ٿي. شادي شده عورتون ڪنوارين ڇوڪرين تي ايئن پيون تير اڇلائينديون ڄڻ غير شادي شده هجڻ ڪو جرم آهي.
اهڙي طرح ڊاڪٽر آمنه سومرو جون تاثراتي نموني ۾ لکيل ڪھاڻيون سنڌي سماج جو آئينو آهن ته اولڙو به آهن، جن کي پڙهي سنڌي ڇوڪرين جي مسئلن جي ڄاڻ پئي ٿي، خاص طرح وري اها عورت جيڪا خوبصورت به هجي ۽ شعوريافته به، پوءِ ان جي زندگي ته مرد هجن يا عورتون زندگي زهر ڪري ڇڏينديون آهن، اهو زهر هنن ڪھاڻين جي اندر ۾ موجود آهن جن کي هڪ وڏي عمر واري غير شادي شده خوبصورت عورت ڪيئن محسوس ڪري ٿي، اهو احساس ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪھاڻين ۾موجود آهي.
آخر ۾ مان کيس صلاح ڏيندس ته پاڻ هڪ محقق به آهي ته ان حوالي سان ڪو اهڙو ڪتاب آڻي، جنھن سان تحقيق جي ميدان ۾ هڪ واڌارو ٿئي ۽ هڪ محقق ليکڪه جو هن تحقيقي کيتر ۾ واڌارو به ٿئي.


پروفيسر ڊاڪٽر عابد مظهر
ڪراچي