ڪھاڻيون

عورت ۽ احساس

ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪتاب جون ڪھاڻيون نه صرف اسان جي مرداڻي سماج کي وائکو ڪن ٿيون پر عورت جي ڏکن، احساسن، ضرورتن ۽ مسئلن کي بيان ڪن ٿيون.
بيشڪ هي تاثراتي ۽ احساساتي ڪھاڻيون آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنھن جي احساسن کي سمجهڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر ڊاڪٽر آمنه سومرو نه صرف ڪردارن جي احساسن کي سمجهيو آهي پر انهن احساسن کي انتھائي خوبصورت انداز ۾ بيان به ڪيو آهي، ان لاءِ کيس جس هجي.
Title Cover of book عورت ۽ احساس

پرينءَ جي محبت

سنڌ جي هڪ سندر شھر جي پوش علائقي ۾ هنن وٽ وڃڻ ٿيو، جيئن مون کي پنھنجي ان ننڍڙي ۽ سندر سھيلي ثميره دعوت ڏني هئي. سندر، ويڪري ڪشادي بنگلن۽ خوبصورت هوائن واري شھر ۾ جڏهن آءٌ پھتي هئس ته منھنجي اڪيلائين جا به ڄڻڪ ٿڪ لھي پيا هئا. هي اهي انسان خوشنصيب هوندا آهن جن کي دوست هوندا آهن، جيڪي مضبوط هوندا آهن، پر ڪي اسان جھڙا به بدنصيب هوندا آهن جيڪي زندگيءَ جي هر سندرتا اڌوري حاصل ڪندا آهن.... پر جيئندا آهن پنھنجي لاءِ، نه ٻين ڪاڻ. پنھنجي جيئڻ تي ته شروعات ۾ ئي ڪيترا فل اسٽاپس، ڪاما ۽ ڪُئيسشن مارڪس لڳي ويندا آهن جيڪي لک ڀيرا ڪوشش باوجود به نه هٽي سگهندا آهن. پر اهڙا خالي وجود ٻين جي بھتر رهنمائي، ٻين کي خوشيون ڏئي سگهندا آهن.
ثميره بلڪل اڪيلي هئي... هن جي ٻي ڪابه ڀيڻ نه هئي، مان جيتوڻيڪ هن کان عمر ۾ سال وڏي آهيان پر پوءِ به هوءَ منھنجي لاءِ اڻ ميو پيار رکندي ۽ ظاهر به ڪندي آهي. سندس والدين به سٺي سڀاءَ وارا آهن. پر پئسي ۽ بنگلن هوندي به انسان اڪيلو آهي. اڄڪلهه ته ”آدم بيزار“ واري حالت مان هر ڪوئي گذري رهيو آهي، سنڌ ۾ ٻن ڏهاڪن کان آيل هن موبائيل جنھن کي انگريز پنھنجي ڪارگر طريقي تي استعمال ڪري ٿو ۽ اسان هر سھولت غيري ضروري طريقي سان خرچ ڪريون ٿا، جنھن ڪري گهر جا جيترا به ڀاتي آهن سي گهڻو ڪري گڏ هوندي به اڪيلائين کي منھن ڏيڻ تي، زندگي جي ڪار وهنوار جو سرشتو محبت ۽ خيال رکڻ هجي اتي اهو سرشتو بس ڪروڌ ۽ بي ڌيانيءَ جي ور چڙهي وڃي ٿو. هڪ گهر جي ڇت هيٺان پيءُ، پٽ کان، پٽ ماءُ کان، ڌيءُ ماءُ کان، ڀاءُ ڀيڻ کان ۽ ٻار والدين کان بيزار نظر اچن ٿا.
ثميره سان ويھندي ۽ چانهه جي سرڪين، پڪوڙن ۽ بسڪيٽن جي ميزبانيءَ تي مون کي محسوس ٿيو اتي من ۾ اڪيلائي هئي. ٻاهران شاندار ۽ ڪلر شين ۽ وڏن ڪشادن بنگلن باوجود، ڪلر اسڪين، موبائيل، ليپ ٽاپ، اِي ميل هجڻ باوجود اڄوڪو انسان رشتن ۾ سڪڙجي پيو آهي. هن جي من جي ويڪري پڌر تي محبتن جا اهي نشان اڄ نظر نه ٿا اچن، سونھن صرف ظاهري ته نه هوندي آهي، سونھن اندر جي به هوندي آهي، جتي جو ڪئنواس ايڏو وسيع آهي جو هن ڪائنات جي هزارها تڪيلفن کي به سھي وڃي پر جي پرينءَ جي محبت ملي پويس، نه ته انسان جيئري ئي لاش آهي.
**