ڪھاڻيون

عورت ۽ احساس

ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪتاب جون ڪھاڻيون نه صرف اسان جي مرداڻي سماج کي وائکو ڪن ٿيون پر عورت جي ڏکن، احساسن، ضرورتن ۽ مسئلن کي بيان ڪن ٿيون.
بيشڪ هي تاثراتي ۽ احساساتي ڪھاڻيون آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنھن جي احساسن کي سمجهڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر ڊاڪٽر آمنه سومرو نه صرف ڪردارن جي احساسن کي سمجهيو آهي پر انهن احساسن کي انتھائي خوبصورت انداز ۾ بيان به ڪيو آهي، ان لاءِ کيس جس هجي.
Title Cover of book عورت ۽ احساس

سـوچ

هوءَ سوچن ۽ خيالن جي سمنڊ ۾ غرق رهندي هئي، تان جو جوانيءَ جا ڏينھن به اچي پوراٿيا. پر نماڻيءَ جا خيال ۽ جذبا ساڳيا ئي رهيا. نماڻي ننڍپڻ کان پنھنجي چوڌاري سماج جي ابتـڙ حالت تي دل ئي دل ۾ خائف رهندي هئي. هن کي هر وقت، هر گهڙي، هر طرف جيڪو ڪجهه به نظر آيو ان تي هيءَ پنھنجي دل ۾ پنھنجي سوچن جي اتاهه گھرائين ۾ نفرت ڪندي هئي. جيئن سندس ڳوٺ ۾ اهو روڄ ۽ راڙو جنھن وقت هوءَ چئن سالن جي هئي، نماڻي ٻڌو پئي ۽ ڏٺو پئي ته سندس چوڌاري گهمندڙ ڦرندڙ هلندڙ سڀ محبتي ماڻهو، محنتي ماڻهو سڀ جا سڀ اڄ هاءِ هاءِ ڪلور ۽ ايڏو وڏو ظالم جا لفظ اچاري اکين منجهان ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا. نماڻي ڪالهه تائين سڀ سڀ هنج ۾ کنيو هن سان ڳالهيون ڪندا هئا. اڄ اهي سڀ بي خبر آهن. سندس تيز ڀوري رنگ وارا وڏيون اکيون، سڀ ڏسي رهيون هيون جڏهن سندس امڙ هن کي پنھنجي هنج جي ٻانهن تي کڻي اوسارا ڪڍندڙ ۽ پارڪڍندڙ عورتن کي لوڙهي تان ماني ٽڪيءَ جو پڇي رهي هئي. اهي سڀ نرمل چھرن واريون اڄ اٻاڻڪيون ۽ سندس منھن مصحف تي لڙڪن جو مينھن وسيل ڏسي هوءَ ڪيڏي مھل پنھنجي امڙ ۽ ماسي رحيمان جنھن کي سندس گهر جا وڏا ڀائر ۽ ڀينرون سڀئي سندس امڙ ڀيڻ سڏيندي هئي ۽ پڦي رحيمان امڙ کي ڀاڄائي ڪوٺيندي هئي. سندن ويڙهو سندن گهرن جي پٺيان ئي ته هو.
پرهي ڇا ڀاءُ ڀاءُ کي، چاچي ڀائٽي کي ماري ۽ مارائي ڇڏيو. صحيح چوندا آهن ”پنھنجي وير شل نه مچي ڪير.“ نماڻي هاڻي ٿڪجي پئي هئي ۽ هوءَ اهو سڀ ڏسي ڪري پريشان ٿي رهي هئي. سندس امڙ هن جي چھري ۽ چرپر مان سمجهي ورتو. نماڻي اداس ٿي پئي هئي. هوءَ پنھنجي امان جي ڳلي ۾ پنھنجي ٻانهن کي هار بڻائي رهي هئي. ڪنھن ڪنھن مھل سندس سيني تي ڪنڌ رکندي هوءَ پڦي رحيمان جي اکين مان لڙڪ ڪرندي ۽ پنھنجي امڙ کي به ساڳي حالت ۾ ڏسڻ ڪري سندس منھن کي سامھون ڪري ڏسي رهي هئي.
اهو ظلم ڇو ٿيو هو ڪوئي خاص سبب نه هو جتي علم جي بدران جھالت جو جهنڊو بلند هجي اتي ان قسم جو سماجي ورتاءُ عام ڳالهه آهي، بس اسان جي ڳوٺن جا رهندڙ ماڻهو انهيءَ نفسيات جا هوندا آهن ته پوءِ هي ڳالهه کي ڳنڍ ڏئي بيھندا سماٽ هوندا ۽ مسلمان ته عورتن کي پردي ۾ رکندا، سڱاوتي تڪرار، ٽڪن تي عورت ڏيڻ ۽ وٺڻ ۽ ڏي وٺ جا بنياد. ٻنين ٻارن ۽ ٽڪرن تان پنھنجي ئي ڀائپيءَ جا ماڻهو هڪٻئي جا ويري بڻجي پوندا آهن. وڏ ننڍائي، ڀائپي برادري ۾ ڪنھن ڪنھن جو سڱ گهري ورتو ته ڪھاڙيون اڀيون. ٻنيءَ تي پاڻيءَ جو وارو. ”هلا ٿي هلا ٿي“ جا لفظ ۽ ڳترا ڳترا ٿيل لاش. سنڌي ماڻهو زر، زمين ۽ زن تي سِرُ ڏئي وجهندا آهن.
نماڻي پنھنجي يادگيرين کي اندر ۾ ساريندي اڄ پنھنجي عمر جا 50 ورهيه گهاري چڪي هئي سندس بابا جي شھر ڏانھن هجرت سڦل ٿي هئي. نماڻي پنھنجي بابا ۽ امان سان گڏ پنھنجي ديس کي اڄ کان ٽيھه سال اڳ خيرآباد ڪري چڪي هئي. هاڻي هوءَ ٻاهرين ملڪ رهندي هئي. جتي سندس پيار ۽ پاٻوهه به ساڻس گڏ هو. نماڻي ديس ۾ رهندي پنھنجي ڳوٺ پنھنجي ماڻهن، پنھنجي شھرن جي حالتن کي بھتر ڪرڻ چاهيندي هئي پر جڏهن هن ايئن ڪري ڏٺو هو تڏهن به ڪوئي به راضي نه هو. اهڙا ماڻهو پنھنجي ڳوٺن، شھرن ۽ پنھنجي ديس جي لاءِ اوپرا بڻجي پوندا آهن جيڪي پنھنجن ۽ ديس ۾ رواج ۾ آيل غلط روايتن جي مخالفت ڪندا آهن ۽ ان جو حل ڏيندا آهن. انهن کي ڪڏهن به بخشيو نه ويندو آهي، ڪوئي به انسان جي چڱو ڪندڙ جو ساٿ نه ٿو ڏئي ۽ پنھنجي ڀلي کي نه ٿو سمجهي، پوءِ نماڻيءَ جھڙيون ڪيتريون نينگريون پنھنجي شعور جي روشنيءَ کي اڳتي وڌائي نه سگهنديون آهن ۽ سارنگ جو سندس پيءُ هو، جنھن يتيميءَ کي پنھنجي پڦيءَ جي سھاري جهليو هو. ڳوٺ جي اڻوڻندڙ حالت کي ڀانپي نماڻيءَ پنھنجي سڀني ٻچڙن لاءِ پنھنجي پڦي ۽سندس گهر واري سورٺ سان شھر ڏانھن رخ ڪيو هو جتي هوءَ امن ۽ سڪون سان پنھنجي ٻچن کي علم جي لازوال سچ سان آگاهي ڏئي سگهي. اڄ نماڻي جڏهن پنھنجي ديس ٽيھن سالن کانپوءِ موٽي آئي .... زندگيءَ جا رخ جڏهن مٽجي چڪا آهن، دنيا ايٽمي طاقت کان ٽيڪنالاجي، سرمايه داري کان سرمايه دار جي آمريت تائين پڳي آهي،جتي هر روز انسان، انسان کي قيمتن ۾ خريد ڪري ٿو. اتي ان دؤر ۾ نماڻي موٽي آئي آهي، پنھنجي ديس پنھنجي ڳوٺ پر حيراني ته اها ٿئيس ٿي، پنھنجي سوچن ۽ خيالن، ڳالهين، مشڪل ۽ مونجهارن کي هوءَ ننڍپڻ ۾ ڏسندي وڏي ٿي هئي، ظلم ته اهو هو سندس ڌرتيءَ ۽ سندس ڳوٺ اڄ به انهن ئي واٽن ۾ منجهيل هو، بلڪل ايئن جيئن ”مومل جو ڪوٽ“
نماڻي جيڪا تازو دنيا جي اهڙن ملڪ ۾ پنھنجا ٽيهه ورهيه گذاري آئي هئي جتي جا ماڻهو ۽ ملڪ دنيا جي شاهوڪار ماڻهن ۾ شمار ٿيندا هئا. سندس پريشاني وڌي وڃي ٿي، جڏهن هوءَ پنھنجي جنم جاءِ کي ڏسي ٿي ۽ چوڌاري نظر ڦيرائي انهن منجهان ته ڪوئي نه هو جيڪي سندس کي هنج وٺندا هئا. پنھنجن جي ازل جي جدائي ڀٽائيءَ جي شعر جي ترجماني ۾ هوءَ هينئن ورجائي ٿي؛
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

سندس ڳوٺ جا ماڻهو هئا ته محبتي پر سندس مسئلا هئا غربت، لاچاري، بيوسي ۽ بيڪسي، غلامي به طرحين طرحين جي، نه ته سندس ڳوٺ جا سڀ ماڻهو ڪيڏا امن پسند هئا، نه هين ته علم جي لاٽ ميسر نه هين. هنن جا مسئلا سڀ جا سڀ حل ٿي پئي سگهيا جنهن ملڪ ۾ علم جي روشنيءَ جي آڏو رنڊڪون نه هجن، ته پوءِ اسان جو ڳوٺ ۽ اسان جي ملڪ جا ماڻهو به بدلجي سگهن ٿا ۽ هو پاڻ کي سمجهي ۽ سڃاڻي سگهن ٿا. پنھنجي وسريل پيغام کي ڄاڻي سگهن ٿا.
پنھنجي سٺي گاڏيءَ مان لھندي نماڻي پنھنجي بابا، امان ۽ پنھنجي ڏاڏي جي وصيت کي ياد ڪندي اهو پڪو پهه ڪري ٿي ته هوءَ جيتوڻيڪ هاڻي وڌيڪ اڪيلي آهي پر هوءَ پنھنجي ديس جي قرض کي لاهيندي. هوءَ پنھنجي ڳوٺ ۾ عورتن جي تعليم لاءِ ۽ ڳوٺ جي ٻارن لاءِ اسڪول ۽ هنري اسڪول کوليندي. پنھنجي وڏڙن جي نشانين کي جديد دنيا جي خوبصورتين سان سينگاريندي ته جيئن سندس ڳوٺ جا ماڻهو روشن دماغ، سان پنھنجي زندگي جي نئين سر اڏاوت ڪن.
هوءَ پنھنجي انهن پولارن ۾ هئي ته سندس چوڌاري ميڙو مچي ويو ننڍا وڏا ڇوڪراٽ سڀ سندس کي چوڌاري ورائي ويا ۽ پوءِ هن همت ڪندي کين چيو ته،” اوهان وڃي پڦي رحيمان کي ٻڌايو ته،”نماڻي آئي آهي، خاوند ڏني جي ڌيءَ.“ ٻارڊوڙندا ويا، ڪجهه منٽن کانپوءِ سندن گهر جي پرئين ويڙهي مان ڪا جهور پوڙهي عورت ٻارن جي هٿن جي سھارن ڏانھنس اچي رهي هئي ته نماڻيءَ جي نظر ان ڏانھن پئي ته هوءَ ڊوڙي وڃي پڦي رحيمان سان ملي. سندس نور جهڪو ٿي ويو هو. هڏڙن جي ڳنڍ جي وجود ۾ يادگيريون ۽ زندگيءَ جو ڪرب هو جيڪو هن ديس ۽ سندس ڳوٺن جي عورت عمر ڀر ڪاٽيندي آهي.
نماڻيءَ جي پڦيءَ نماڻيءَ کي چيو، ”امان وڏي ٿي وئي آهين، تون صاحب ٿيڻ کانپوءِ اڪيلي ڇو آئي آهين، ادا ۽ ڀاڄائي جن ڪٿي آهن؟“
”پڦي اهي ته مون کي اڪيلو ڇڏي پنھنجي ازلي سفر جا راهي ٿي ويا آهن ۽ مان اوهان سان ملڻ، بابا ۽ امڙ جي وصيت پوري ڪرڻ آئي آهيان جيڪو ڪم انهن پورهيتن هٿن ۾ کنيو هو، مان ان کي پورو ڪرڻ چاهيان ٿي. مان هاڻي توهان سان هتي رهنديس ۽ پنھنجي ڳوٺ جي لاءِ نه صرف تعليم پر مٺي پاڻيءَ لاءِ به جاکوڙ ڪندس. منھنجي يادگيرين ۾ اوهان سڀ موجود آهيو ۽ مان اوهان جي آهيان. مان هتان جي غربت کي اميري ۽ هتان جي دماغن کي سجاڳيءَ ۾ بدلائڻ آئي آهيان. پڦي ڇا اوهان ۽ ٻيا سڀ منھنجو ساٿ ڏيندا.“ پڦيءَ جي منھن تي مسڪراهٽ ۽ ٽھڪ اچي ويا. ٻار سڀ مسڪرائڻ لڳا ۽ پڦيءَ چيو، ”هائو منھنجي امان اسان جي آخري ساهه تائين مان توسان گڏ آهيان پٽ ۽ خدا تنھنجو ساڻي آهي، تون هنن غريبن ۽ لاچارن لاءِ ڪجهه ڪندينءَ ته مالڪ توکي ان جا اجورا ڏيندو ۽ پوءِ هو سڀ گڏجي اڳي وکون ڀرڻ لڳا آهن.
**