سُڏڪندڙ جيءُ
رومانه جو پيءُ وفات ڪري چڪو هو، سندس ماءُ پڙهيل هجڻ باوجود بيوس هئي، ڇاڪاڻ جو جوانيءَ ۾ هن به اها ئي ويڌن ڪاٽي هئي. سندس پٽ ڇا ٿي ڪري سگهيو، رومانه ڪيئن پنھنجي ڀاءُ وٽ واپس اچي سندس سڀ درَ ته بند هئا.
رومانه يونيورسٽيءَ جي پڙهيل شاگردياڻي هجڻ باوجود سڀ شيءِ کان واقف هئي. اندرين صورتحال ته اها آهي پر ٻاهرين صورتحال ان کان به منجهيل آهي. هوءَ چڱيءَ طرح ڄاڻندي هئي ته عورت جي لاءِ ڪٿي به ڪو معاشرو آئيڊيل ته نه آهي پر اسان وٽ به گهڻو ئي ظلم آهي. تنھنڪري هوءَ بيوسيءَ ۾ انهيءَ ڌوکي ڪري گهر جي خالي پيل ڪمرن ۽ فرنيچر سان ٺاهه ڪندي رهي ۽ هر سوال پاڻ کان پڇي پاڻ کي جواب ڏئي زندگي گذاريندي رهي پر مرد پنھنجي منافقين جيان جڏهن هن جي سامھون اچي ٿو ته تذليل وارو پاسو ڳـَرو ٿي وڃي ٿو. پوءِ عورت انهيءَ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوي ٿي ۽ ٻارن کي ڏسي جيئي ٿي. پر آخر ڪيترو! خبر ناهي ڇو ٻه جسم ۽ الڳ الڳ ذهن، دل ۽ باقي عضوا رکڻ باوجود گڏ رکيا ويا آهن. پر ڇاڪاڻ!!؟؟ عورت هجڻ ڄڻ ته ڏوهه .... حورون ته مرد لاءِ هونديون آهن، پر اهي به ملڻيون اٿس پنھنجي غرض لاءِ. انهن جو نانءُ به وڏي فخر ۽ خوشيءَ سان کڻندو آهي .... ۽ انهن جي آرزو به اٿس........!!!
رومانه مون کي ادي ڪوٺيندي هئي، هن جو ۽ منھنجو دک ساڳيو ئي آهي، ڇاڪاڻ جو اسان ٻئي عورتون آهيون پر فرق صرف اهو آهي ته هوءَ مراد ورتل هئڻ باوجو بي مراد آهي ۽ مان ته آهيان ئي باغي ......
هي جھان آهي ته انسانن جو پر اهڙي ٺڳيءَ جي واردات آخر هو ڇو ٿو رکي؟ ڇا هن کي اهو الزام نه ٿو ڏئي سگهجي ته جي گهڙي پل هو بھتر رهي سگهي ٿو ته هو عمر ڀر به ائين ئي بھتر رکي سگهي ٿو پر ..... پنھنجي شڪتين جو غلط استعمال ڪري ٿو، ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته پاور سپلاءِ جا سڀ ذريعا هو پاڻ استعمال ڪري سگهي ٿو. عورت صرف سڏڪندڙ جيءُ بڻجي رهجي ويندي آهي.
**