مختلف موضوع

سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾

هيءُ ڪتاب نفسياتي الف ب متعلق هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، جنهن ۾ عام موضوعن ذريعي سنڌي سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، باقي پڙهندڙ انهيءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي، اهو سندس نفسياتي ڪيفيت تي ڇڏيل آهي.
Title Cover of book سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾

پنهنجي پاران

علم نفسيات انساني سڀاءَ، وهنوار، عادت ۽ رويي جو علم آهي. جنهن سماج ۾ اسان رهون ٿا، اهو 80 سيڪڙو ائبنارمل سماج آهي، ڇوته نارمل سماج لاءِ ڪجهه اصول، پابنديون، قانون ۽ قدر هوندا آهن. ڇڙواڳ سماج هجي، گهر هجي يا فرد هجي، اهو هرگز نارمل نٿو ٿي سگهي. اسان وٽ جمهوريت جي نالي ۾ جيڪو ڇڙواڳيءَ جو طوفان آهي، انهيءَ ۾ اسان جي نارمل نفسيات لڙهي ويئي آهي. ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ اچي ويئي آهي، پر استعمال لاءِ ڪوبه قانون يا ڊسيپلين ناهي. اسان جو نوجوان نسل ته ڊجيٽلائيزڊ روبوٽ بنجي ويو آهي، جنهن وٽ قدر ناهن، رشتا ناتا ناهن، پيار محبت ۽ سهپ ناهي. 1960ع- 1970ع وارو نسل انهيءَ راند ۾ پاڻ کي شامل ڪري به ٿو ته نٿو به ڪري، ڇوته هن سهپ، همدردي، پيار ۽ قدرن وارو سماج ڏٺو هو. هي نسل ٻه واٽي تي ٻڏتر ۾ ڊپريس ٿيو وڃي، پر کيس احساس آهي ته هيءَ ائبنارملٽي آهي. ٻيو نسل ائبنارملٽي کي ئي نارملٽي سمجهي ٿو.
سنڌي سماج کري چڪو آهي. ڇڙواڳيءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي، ماڻهن کي پنڻ تي هيرايو ويو. قبضه گيري، گٽڪو، ٺرو ۽ لاغرض زندگي ماڻهن جي نس نس ۾ سرايت ڪري ويئي آهي. ڪرپشن هميشه مٿان کان هيٺ ايندي آهي. جڏهن قانون تي عمل نٿو ٿئي ته انهيءَ جو ذميدار قانوني عملو ۽ تڪ جو چونڊيل نمائندو آهي. جڏهن اسڪول ۾ ماستر نٿو پڙهائي ته تعليم کاتي جا آفيسر ذميدار آهن. جيڪڏهن بيلـدار، يا ميونسپالٽيءَ جو عملو ڪم نٿو ڪري ته تڪ جو چونڊيل نمائندو ذميدار آهي.
سڄو مسئلو ڊسيپلين ۽ قانون تي عمل جو آهي، جڏهن وڏيرا ڪرپٽ هجن ۽ ڪرمنل پالين ته پوءِ ڪرپشن کي ڪير روڪيندو. جڏهن ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار يا جعلي دوائن جو ڪاروبار اعلى عملدارن جو هجي ته پوءِ ان کي ڪير روڪيندو. جڏهن ڪنهن سياستدان جو ٺيڪيداريءَ ۾ حصو پتي هوندو ته ڪم ڪٿان صحيح ٿيندو. تنهن ڪري کريل سماج کي سڌارڻ جي ضرورت آهي، اهو آهي سخت ڊسيپلين، سخت قانون ۽ سزا.
مسئلو اهو ناهي ته سماج بيمار آهي، مسئلو اهو آهي ته انهيءَ بيماريءَ کي تسليم نٿو ڪيو وڃي، ته پوءِ علاج ڪيئن ٿيندو؟ اسان جي سماج ۾ ڊاڪٽر پنهنجي مسيحائي وارو ڪردار وساري ڪاسائي بنجي ويو آهي. اسپتالون ڪوس گهر جو ڏيکاءُ ڏين ٿيون. نفسياتي ڊاڪٽرن وٽ قطارون لڳل آهن، پر ڊاڪٽر صرف ڪلارڪي ڪم ڪن ٿا، يعني دوائن جا پرچا لکيو مريضن کي ڏين. Psycho Theropy هڪ اڻلڀ ۽ مهانگو علاج آهي. 50 سيڪڙو ماڻهن جي نفسيات جي ڊاڪٽرن تائين پهچ ئي ڪونهي، باقي 80 سيڪڙو ماڻهو پاڻ کي نفسياتي بيمار سمجهن ئي ڪونه ٿا. صورتحال اها آهي ته سٺن نفسياتي ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي ۽ عام ماڻهوءَ تائين رسائي ناهي. ان کان علاوه ماڻهن ۾ شعور ئي ڪونهي، ته هنن کي غصو، مَ سهپ، جهيڙو ڪرڻ، هر وقت ڪروڌ، بوريت، جنون، گهڻو سمهڻ يا ننڊ نه اچڻ، اجايو مقابلي بازي ڪرڻ، گهر ۾ جهيڙو ڪرڻ، ڪو سندن نفسياتي مسئلو آهي.
علم نفسيات جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ تمام گهٽ مواد ملي ٿو. آءٌ سمجهان ٿو ته پرائمري اسڪول کان ڪاليج تائين علم نفسيات جو موضوع لازمي سبجيڪٽ طور پڙهائڻ گهرجي. اڄ جي دور جي اهم ضرورت آهي ته ماڻهو پنهنجي ڪيفيت کي سمجهي ۽ سماج کي سمجهي، نه ته دنيا عالمي پاڳل خانو بنجي ويندي.
هيءُ ڪتاب نفسياتي الف ب متعلق هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، جنهن ۾ عام موضوعن ذريعي سنڌي سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، باقي پڙهندڙ انهيءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي، اهو سندس نفسياتي ڪيفيت تي ڇڏيل آهي.
آخر ۾ آئون ڊاڪٽر شاهنواز دل ۽ ذوالفقار هاليپوٽي جو شڪرگذار آهيان، جنهن هن ڪتاب تي ’ٻه اکر‘ لکيا. ساڳئي وقت سائين جامي چانڊيي جي به مهرباني، جنهن ڪتاب جي پوئين سرورق لاءِ ٻه اکر لکي ڏنا. سائين يوسف سنڌي ۽ سائين امين لغاريءَ جوبه ٿورو مڃيندس، جن هن ڪتاب جي سنوارڻ ۽ پروف ڏسڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي.

ڊاڪٽر غفور ميمڻ