1. علم نفسيات جا بنيادي اصطلاح
[/b]شعور مان مراد علم يا ڄاڻ ناهي، بلڪ هوش و حواس ۾ رهڻ شعور آهي، اسان جيڪي ڪجهه ڏسي رهيا آهيون، ٻڌي رهيا آهيون، محسوس ڪري رهيا آهيون، اهو شعور آهي. مثال؛ گهر ۾ ڪو ڪتاب پڙهي رهيا آهيون، ٽي وي جو آواز اسان جي ڪن تي پوي پيو، ٻاهر ڪو موٽر سائيڪل وارو ڦٽ ڦٽ ڪندي گذري ويو، ڪنهن ننڍڙي ٻار جي رڙ جو آواز اسان جي ڪن تي پيو، وري خيال ۾ اسان جي ڪا ڳالهه اچي ويئي، اهو سڀ ڪجهه شعور آهي. ايتري قدر جو اسان سمهي رهياسين، ڪنهن ماڻهو اچي آواز ڏنو ته اسان جاڳي پياسين معنيٰ اسان شعور ۾ هئاسين. سمهڻ وقت شعور جي گرفت ڪمزور ضرور هوندي آهي، پر شعور ختم نه ٿيندو آهي. اسان جا پنج حواس صحيح ڪم ڪندا آهن، معنيٰ اسان شعور ۾ آهيون. انهيءَ ڪري ڊاڪٽر آپريشن وقت بي هوش ڪندا آهن، معنيٰ شعور جي گرفت مان ڪڍي ڇڏيندا آهن. شعور زمان و مڪان جي مخصوص حالت ۾ موجود هئڻ جو نالو آهي، مثال جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زمان مڪان مان نڪري، ڪنهن ٻي زمان و مڪان ۾ اچي ته هو شعوري طور سالم نه رهندو، بدحواس ٿي پوندو. اڄ جنهن زمان ۽ مڪان ۾ اسان رهون ٿا انهيءَ کي اسان آهستي آهستي سهساهي ويا آهيون، تنهن ڪري سالم آهيون. شعور جو تعلق دماغي پيٿالوجي سان پڻ آهي. جي دماغي پيٿالوجي سالم آهي، انهيءَ ۾ ڪابه کوٽ يا زيادتي نه آهي ته شعور صحيح ڪم ڪندو، پر شعور مادي طور دماغ ۾ ڪا پيٿالوجيڪل جڳهه نٿو والاري، اهو صرف دماغ جي صحيح ڪم جي ڪري هڪ غير مادي عمل آهي. انهي ڪري دماغ کي دوا ذريعي بي شعور به ڪري سگهجي ٿو ته شعور ۾ آڻي به سگهجي ٿو.
[b]تحت الشعور (Pre-conscious)
[/b]فرائيڊ جي اصطلاح مطابق انسان جي شعور کان پوءِ جو اسٽور روم آهي تحت الشعور آهي، ڪجهه نفسياتدان تحت الشعور کي نٿا مڃين.
ٿورو اڳ ڪتاب پڙهي رهيا هئاسين، ياد ڪريون ٿا ته اسان ڇا پڙهيو؟ ان وقت ڪهڙو آواز اسان جي ڪن تي پيو هو! ٻار روئي رهيو هو ۽ موٽر سائيڪل جي ڦٽ ڦٽ به هئي. اسان آساني سان ياد ڪري ويا سين پر اهي سڀ ڳالهيون ڪٿي هيون؟ جن کي مرضيءَ سان ياد ڪري ورتوسين. اهي سڀ ڳالهيون اسان جي تحت الشعور (Preconscious) ۾ هيون، جيڪي ضرورت وقت اسان ياد ڪري سگهياسين.
[b]لاشعور (Un-conscious):
[/b]ڪڏهن ڪڏهن اسان ڪنهن ڳالهه کي ڪيتري به ڪوشش ڪريون پر ياد نه ايندي. سوچيندا رهنداسين ته ڪجهه هو ضرور پر الائي ڇا هو؟ ٿوري وقت کان پوءِ اوچتو اها ڳالهه ياد اچي ويئي، يا وري ننڍپڻ جي ڪا ڳالهه اوچتو ياد اچي ويئي. اهي سڀ ڳالهيون ڪٿي موجود هيون؟ اهو لاشعور هو، جنهن ۾ سڀ ڳالهيون اسٽور ٿيل هيون، جنهن کي نفسياتدان لاشعور جو نالو ڏين ٿا. لاشعور انسان جي زندگيءَ ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿو، ڇو ته شعور هڪ قسم جي ڪئميرا آهي، جنهن جو ڪم آهي عڪس کي گذاري دماغ تائين پهچائڻ. تحت الشعور هڪ ڊيسڪ ٽاپ تي رکيل فولڊر آهي، جيڪو جلدي آرام سان کولي سگهجي ٿو، پر لاشعور هڪ وڏي هارڊ ڊسڪ آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي فائيل آهن، پر خبر ناهي ڪهڙو ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي ڪهڙي نالي سان آهي؟ ڪا خبر ناهي. جيئن اسان جي گهر ۾ ڪو اسٽور روم هجي، جنهن ۾ هر فالتو شيءِ اڇلائي ڇڏيندا آهيون. خبر ناهي ڪهڙي شيءِ ڪٿي آهي، پر اوچتو ڪو ٻار ويو ان مان ڪم جي شيءِ ڪڍي کڻي آيو، اسان چونداسين اڇا اها اسٽور روم ۾ هئي! اها ته ڪم جي آهي. لاشعور هڪ سمنڊ آهي، جنهن جي تهه ۾ ڇا آهي ۽ ڪٿي آهي اهو مٿاڇري کان نظر نٿو اچي سگهي. نفسياتدانن جي خيال موجب لاشعور انساني شخصيت جي عمارت جو بنياد آهي. ڊاڪٽر جنگ وري لاشعور جا ٻه قسم ڄاڻايا هئا؛ هڪ ذاتي لاشعور ٻيو اجتماعي لاشعور، ذاتي پنهنجي ڄمڻ کان شروع ٿئي ٿو، پر اجتماعي ان فرد کي خانداني يا موروثي طور ورثي ۾ ملي ٿو. مثال ڪنهن خاندان ۾ ڦڏو ڪرڻ، غنڊا گردي ڪرڻ جو عام رواج آهي ته ممڪن آهي ته ايندڙ جنم وٺندڙ فرد ۾ لاشعوري طور ڦڏي وارا اهڙا لاڙا موجود هجن. يا ڪنهن قوم ۾ بزدلي ۽ خوف ورهين کان رهيو آهي، ته ممڪن آهي ته هر ايندڙ فرد ۾ بزدليءَ جا پاڇا موجود رهن، اهڙيءَ طرح جذبا، همدردي، ويڙهه، شڪار، نفرت، بي مروت، ڏوهه، ٺڳي ڪم ظرفي خانداني طور نسلي طور فرد جي لاشعور ۾ موجود هوندي آهي، انهي ڪري اڳ جا ماڻهو، خانداني ماڻهو، اعليٰ ظرف ۽ انساني قدرن واري امن پسند ماڻهو کي چوندا هئا. فرائيڊ جي خيال ۾ لاشعور ان اونداهي کوهه وانگر آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجون يادون اڇلائيندو رهندو آهي. انسان جي زندگي ۾ ڏک، اذيتون، تڪليفون ۽ خوف يا دهشت به پيدا ٿيندي رهندي آهي. اسان وقتي طور پريشان ٿي وري خوشين ۾ اچي ويندا آهيون، پر فرائيڊ جو خيال آهي ته اسان جي زندگيءَ ۾ هڪ دفعو جيڪي آيو، سو اسان جي زندگيءَ جو حصو ٿي ويو، اسان جي باقي زندگي انهيءَ اثر جو شڪار رهندي، ڇو ته اهي سڀ خوشگوار يا ناخوشگوار ڳالهيون سڀ لاشعور ۾ موجود آهن، ختم ڪجهه به ناهي ٿيو. اهي ناخوشگوار يادون انهيءَ اونداهي واري کوهه مان ڪڏهن به نڪري اسان جي شعور ۾ اچي سگهن ٿيون، پر جي شعور ۾ نه اچي سگهيون ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جي شعور پٺيان بيهي اسان کي سُئي وانگر چُڀنديون رهنديون. اسان کي خبر نه پوندي ته اسان کي ڇا ٿئي پيو، پر اسان سخت مونجهاري جو شڪار ٿي وينداسين. اسان جي طبعيت ۾ بي سبب اداسي رهندي. لاشعور ۾ ڪا ڳالهه آهي، جيڪا اندر کائيندي رهندي. اها ڳالهه جي شعور ۾ اچي ويئي ته اسان ٺيڪ ٿي وينداسين، ڇو ته شعور انهيءَ قابل آهي ته منهن ڏئي سگهي. بلڪل انهي دشمن وانگر، جيڪو سامهون اچي وڙهي ته اسان بچاءَ به ڪري وينداسين ۽ وڙهي به سگهنداسين، پر جي لڪي اسان جي خلاف سازشون ڪندو رهي ته اسان رڳو منجهنداسين ته آخر ڇا پيو ٿئي؟ لاشعور ۾ هر اها ڳالهه خود به خود هلي ويندي آهي، جيڪا اسان کي ناگوار گذري، اها جنسي نوعيت جي هجي يا اخلاقي نوعيت جي هجي يا وري زندگيءَ جي ڪشمڪش واري صورتحال هجي، جنهن ۾ اڳيان باهه پٺيان پاڻي هجي، سمجهه ۾ نه اچي ته هاڻ ڇا ڪجي؟ انهيءَ وقت شعور عين ممڪن آهي ته سڀني ڳالهين کي شعور مان ڪڍي ڇڏي، ان صورت ۾ اهو به ممڪن آهي ته ماڻهو کان سڀ ڪجهه وسري وڃي، ماڻهو پنڊ پهڻ (Still) ٿي وڃي، سندس نروس بريڪ ڊائون ٿي وڃي. شعور جيترو بار کڻي سگهندو اوترو کڻندو، وڌيڪ لاشعور ۾ موڪليندو، پر جي لاشعور ۾ موڪلڻ ۾ ڪامياب نه ويو ته ان وقت ماڻهو جي چريي ٿيڻ جا امڪان موجود آهن. لاشعور وري اهڙن اذيت ناڪ ڳالهين کي رنگ روپ ڪري انهن جو ويس مٽائي، ڪڏهن به انهن کي شعور ۾ موڪلي سگهي ٿو، پر ڇو ته شعور اهڙي ڪابه ڳالهه جيڪا ناگوارا هجي قبول نه ڪندو، اهڙي صورت ۾ لاشعور اندران اندران سُئي وانگر چُڀندو رهندو يا وري اهڙين يادن کي لاشعور شعور جي گرفت ڪمزور ٿيڻ وقت خواب رستي شعور ۾ آڻيندو آهي. جيتوڻيڪ سمهڻ وقت شعور ۽ لاشعور وچ ۾ هڪ سينسر موجود آهي، جيڪو خطرناڪ خوابن کي يا ناخوشگوار واقعن کي خوابن ۾ آڻڻ نه ڏيندو آهي، پر پوءِ به اهڙيون تلخيون ۽ ڪرب ويس مٽائي خواب ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سينسر اتي هڪ چوڪيداري جو ڪم به ڪندو آهي. جيڪڏهن خطرناڪ خواب مسلسل چوڪيدار کي ڌوڪو ڏئي، اچڻ لڳن ته اتي چوڪيدار جو ڪم آهي، توهان کي اٿاري ڇڏي، ته اهڙي ريت سينسر توهان کي ڊيڄاريندڙ خوابن جي خطرناڪ اثر کان بچڻ لاءِ توهان کي اٿاري ڇڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو توهان رڙيون ڪري اٿي ويهي رهندا آهيو. ساڳي وقت لاشعور جو دٻاءَ سمهڻ وقت شعور کي آرامده ٿيڻ نه ڏيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ وري ننڍا ننڍا ڪڙا مٺا خواب ننڊ دوارن هلندا رهندا آهن، جن جي ڪري ماڻهو سُتو پيو هوندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ خواب ننڊ جا محافظ هوندا آهن. ڳالهه اها آهي ته لاشعور ۾ موڪليل تلخ ڳالهيون ماڻهو کي ايترو آسانيءَ سان جيئڻ نه ڏينديون آهن. ماڻهو تي دٻاءَ (Repression) رهندو آهي. اهڙيءَ طرح سندس شخصيت ۾ اهڙا دٻاءَ جا اثر نمايان رهندا آهن.
فرائيڊ جو خيال هو ته ٻار جي ڄمڻ کانپوءِ سندس بنيادي پنج سال اهم آهن، جن ۾ سندس نفسيات ٺهندي آهي. آئينده سڄي ڄمار ان لاشعور تي شخصيت تعمير ٿيندي آهي، جنهن ۾ ڪيئي مونجهارا ٻار جي زندگيءَ جو حصو بنجندا آهن، اڳتي هلي اسان انهن مونجهارن جو ذڪر ڪنداسين.
[b]اڊ ID
[/b]جرمنيءَ ۾ ES جي معنى ۾ ورتل لفظ IT آهي، جنهن جي معنيٰ ڪا به بي جان شيءِ آهي، فرائيڊ انهيءَ کي ’اڊ‘ سڏيو، ان کان اڳ نٽشي به اهڙي جبلت جو ذڪر ڪيو هو. اڊ مان مراد صرف جبلت آهي، جنهن کي اسان عام معنيٰ ۾ نفس چوندا آهيون، اڊ هر جاندار ۾ ٿيندي آهي، جيڪا جبلي طور اها تقاضا ڪندي آهي ته ضرورت پوري ٿئي. جيئن ماڻهو کي بک لڳندي ته جسم ۽ ذهن اها تقاضا ڪندو ته ڪجهه کاءُ، هاڻي ماڻهو ان گهرج کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن به دڪان تان مٺائي کڻي کائي يا ڪنهن جو به مال کڻي کائي، پر اهو صرف جانور ڪري سگهي ٿو، ماڻهو ٿورو رڪجي ويندو، ڇو ته هو سماج ۾ رهي ٿو، جتي هن جي ’انا‘ ٺهيل آهي.
[b]انا (EGO):
[/b]انا سماج مان پيدا ٿيندي آهي، جنهن مطابق ماڻهو کي ڪا به گهرج پوري ڪرڻ لاءِ اهڙي حرڪت ناهي ڪرڻي، جنهن ۾ سندس
بي عزتي ٿئي يا وري موچڙا کائي، انا کيس روڪيندي ته نه ائين نه ڪر. هاڻي وچ ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ وارو هجي، جيڪو مصالحتي ڪردار ادا ڪري.
[b]عظيم انا (Super Ego)
[/b]انسان جي زندگيءَ ۾ پنهنجي اندر ئي جج ويٺل آهي، جيڪو پاڻ غلط صحيح جو فيصلو ڪندو آهي. اهو جج ڪرپٽ به ٿي سگهي ٿو ته انصاف پسند به ٿي سگهي ٿو. جڏهن اڊ ۽ انا جي ڪشمڪش ٿيندي آهي ته فيصلو عظيم انا کي ڪرڻو هوندو آهي. هاڻي سماج جي قدرن، انسانيت جي اُصولن ۽ سچائيءَ کي اڳيان رکي فيصلو ڪرڻو آهي. مثال جنسي ضرورت اڊ آهي، انا دوکو يا غلط ڪاري نٿي ڪرڻ ڏئي ته عظيم انا ان کي سماجي رسمن مطابق حل ڪڍي ڏيندي، جيئن نانگ به مري ته لٺ به نه ڀڄي. ڪڏهن ڪڏهن عظيم انا فيصلو نه ڪري سگهندي آهي اڊ ۽ انا جي ڪشمڪش خطرناڪ حد تائين وڌي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو ۾ هڪ مونجهارو پيدا ٿيندو. ماڻهو ڊپريس ٿيندو. جيڪڏهن ’اڊ‘ وري ’انا‘ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي ته اهو ماڻهو ڏهاري ٿي پوندو يا وري دوکي باز ٿيڻ، بدمعاش ٿيڻ، پرايا حق ڦٻائڻ شروع ڪري ڇڏيندو. ان جو ضمير يعني عظيم انا مري ويندي، جيڪو به اڊ چوندي، اهو ڪندو رهندو.
[b]مونجهارا (Complexes)
[/b]شخصيت ۽ تخليق پٺيان اهم ڪردار مونجهارن جو هوندو آهي. مونجهارا ڪيترن ئي قسمن جا ٿيندا آهن، پر هر مونجهارو ماڻهو جي زندگيءَ کي ڪو نه ڪو نئون روپ ڏيندو آهي، ماڻهو کي ڪڏهن نفسياتي مريض بنائي ڇڏيندو آهي، ڪڏهن جدوجهد تي اڀاريندو آهي. ڪڏهن وڙهڻ لاءِ ماڻهو تيار رهندو آهي. ڪڏهن گهڻو خوش پيو ٿيندو آهي، ڪڏهن ڪاوڙ ۾ رهندو آهي، ڪڏهن برا حال کڻي پيو هلي ته ڪڏهن هار سينگار پيو ڪري. ڪڏهن خودڪشي ڪريو ڇڏي، ڪڏهن تخليق پيو ڪري، ڪڏهن فنڪار ٿيو پوي، مطلب ته هر عمل پٺيان ڪو نه ڪو مونجهارو هوندو آهي، هتي اسان ڪجهه مونجهارن جو ذڪر ڪريون ٿا.
[b]ايڊيپس مونجهارو (Oedipus Complex):
[/b]هي اصطلاح فرائيڊ جو ڏنل آهي، جيڪو يوناني ميٿالوجي جي ديوتا ايڊيپس تان اخذ ڪيل آهي.
Sigmund Freud: introduced the concept in his Interpretation of Dreams (1899). The term derives from the Theban hero Oedipus of Greek legend, who unknowingly slew his father and married his mother;
ايڊيپس بادشاهه پنهنجي پيءُ کي چڪر ڏئي، پنهنجي ماءُ سان شادي ڪندو آهي. هي اهو اصطلاح آهي، جيڪو فرائيڊ جي نفسياتي ٿيوري ۾ وڌ ۾ وڌ اختلافي رهيو. ڪيترن ماڻهن انهيءَ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ته ٻار ۾ جنسي سمجهه نه هوندي آهي. فرائيڊ جو چوڻ هو ته دنيا جنس جي چوڌاري گهمي ٿي. ماڻهو پيدائشي طور جنسي هوندو آهي، هتي جنس مان مراد اندر جو جوش حيات آهي، جيڪو ماڻهو جي رڳن ۾ رت بنجي ڊوڙي ٿو. فرائيڊ جو خيال آهي ته ننڍي هوندي ٻار ۾ قدرتي طور پنهنجي مخالف جنس سان رغبت هوندي آهي. ٻار جي ڄمڻ وقت سڀ کان پهرين نئين ماحول زمان ۽ مڪان ۾ پاڻ کي سهساهي نه سگهندو آهي، جنهن ڪري رڙيون ڪرڻ شروع ڪندو آهي. ماءُ هن کي گود ۾ کڻندي آهي ته پاڻ کي ماءُ جو ئي حصو محسوس ڪندو آهي، ٻيو ته ٻار کي بُک جو احساس جبلي طور ٿيندو آهي، ماءُ جي ٿڃ پيئڻ سان پرچڻ شروع ڪندو آهي. هتي پرچڻ مان مراد آهي زندگيءَ مان پرچڻ. ماءُ ٻار کي جڏهن تنجن ۾ ويڙهندي آهي ته ٻار وري پاڻ کي ماءُ جو ئي حصو محسوس ڪندو آهي. پهرين رغبت ٻار جي پنهنجي ماءُ سان ٿيندي آهي. ماءُ هن جي جنس جو مرڪز هوندو هو. ايڊيپس مونجهارو دير سان پيدا ٿيندو آهي، جڏهن ٻار کي اهو احساس ٿيندو آهي ته سندس ماءُ ۾ ڪنهن ٻئي جي شراڪت آهي. خاص طور سان پٽ ۾ اهو جلن جو احساس ٿيڻ شروع ٿيندو آهي، جيڪو لاشعوري هوندو آهي، پر ڌيءَ ۾ اهو احساس ابتو ٿيندو آهي، جڏهن هن جو واسطو پنهنجي پيءُ سان پوندو آهي ته هوءَ وري پنهنجي پيءُ سان رغبت رکندي آهي، جنهن کي فرائيڊ وري اليڪٽرا مونجهاري جو نالو ڏنو. مخالف جنس سان رغبت رکڻ قدرتي هر جيو ۾ موجود هوندي آهي. وري ساڳي جنس سان جلن يا حسد ٿيڻ به قدرتي آهي. فرائيڊ جو خيال آهي ته ايڊيپس يا اليڪٽرا مونجهارو لاشعور ۾ سڄي زندگي رهندو آهي، جنهن جا عملي طور به ڪيترائي عمل ڏسي سگهجن ٿا. جنهن جا مثبت ۽ منفي ٻئي روپ آهن. ڌيءَ پنهنجي پيءُ جي خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪندي آهي يا پُٽ پنهنجي ماءُ جو خيال رکندو آهي. فرائيڊ جو چوڻ آ هي ته سڄي زندگي فرد کي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي ضرورت رهندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو لاشعوري طور مرد پنهنجي زال يا محبوبه ۾ پنهنجي ماءُ ڳوليندو آهي ۽ ڌيءَ وري پنهنجي مڙس ۾ پنهنجو پيءُ ڳوليندي آهي.
[b]لبيڊو (Libido)
[/b]لبيڊو مان مراد اها قوت، جيڪا ذهن ۾ جنس جي نمائندگي ڪري ٿي. گهڻا ماڻهو اڊ کي ئي لبيڊو سمجهن ٿا، پر ائين ناهي، اڊ جبلي ضرورتن جي فوري پوري ٿيڻ جي خواهش جو نالو آهي، جنهن ۾ جنس به اچي وڃي ٿي، پر لبيڊو انسان جي خاص خاصيت آهي، جنهن جو مطلب آهي ذهن ۾ جنسي لذت جي نمائندگي، پر اها ساڪن خواهش ناهي، اها صرف خواهش به ناهي، جيتوڻيڪ فرائيڊ انهيءَ کي ايترو واضح ڪري نه سمجهايو، پر انهيءَ جبلت کي ذهن ۾ جنس کي محسوس ڪرڻ تائين محدود رکيو، پر حقيقت اها آهي ته هيءَ جبلت ئي بنيادي قوت آهي، جنهن انسان کي جانور کان علحده ڪري بيهاريو.
ڪارل مارڪس چيو هو ته، ماڻهو جانور کان الڳ انهيءَ ڪري ٿيو ته هن هٿيار کڻڻ شروع ڪيو، پر سوال اهو آهي ته هن هٿيار ڇو کنيو؟ صرف شڪار لاءِ ته پوءِ ٻين جانورن هٿيار ڇو نه کنيا؟ انهيءَ جو جواب لبيڊو ڏي ٿو ته، انسان ۾ اها واحد قوت آهي، جيڪا تبديلي پسند آهي، انسان جيڪا به لذت هڪ دفعو محسوس ڪري ٿو، ان کان وڌيڪ لذت جو طلبگار آهي، هن جو ذائقو وڌندو ويندو آهي، جيڪا شروعات ٿي ويئي ان جو ڪوبه انت ناهي، انهيءَ ڪري انسان ڪڏهن ميوا کاڌا، ڪڏهن ڀاڄيون کاڌيون، ڪڏهن گوشت کاڌو، وري انهن ۾ به ذائقو وڌائڻ لاءِ انهن جو مختلف طريقن سان رڌ پچاءُ ڪرڻ لڳو. گهر ٺاهي رهڻ، وري انهن ۾ وڌيڪ آسائشون ڳولڻ، جنسي لذت کي مختلف طريقن سان حاصل ڪرڻ، ڪڏهن گوشت کائڻ ڪڏهن ڀاڄي کائڻ، ڪڏهن دال کائڻ وري ڪڏهن رڌي کائڻ، ڪڏهن فراءِ ڪرڻ، ڪڏهن ڀت ته ڪڏهن ماني، اهڙيءَ طرح تفريح ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن وري ڪا نئين جاءِ، نئون مطلب تلاش ڪرڻ، نئين شيءِ جي جستجو، انهيءَ جو حصول وري اڳتي وري اڳتي، ڪٿي به بيهڪ ناهي. انهيءَ سڄي عمل جو بنياد نفسياتي طور لبيڊو آهي.
جيتوڻيڪ انسان جي اڻ تڻ جا سبب فلسفي ۾ الڳ آهن. مارڪس انهيءَ کي مقابلي بازيءَ جي فطرت قرار ڏئي ٿو، ڇو ته هن جي خيال ۾ فطرت ۾ تضادن جو قانون موجود آهي، وجودين جي خيال ۾ ڇو ته انسان جو جوهر ڪو به ناهي، انهيءَ ڪري هو ڪنهن به شيءِ مان مطمئن ناهي، هن جو خال ڀرجڻ جو ناهي، ڀلي ڪائنات سڄي هن جي جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏجي. انهيءَ ڪري هو سرگردان رهي ٿو، سور ۽ ڏک به انهيءَ ڪري کيس ملن ٿا:
جيئن سو هرڻ هماءُ، سرگردان سنسار ۾
هو پڳ نه کوڙي پٽين، هو سر دڙ دري نه سا
جيڪس تن ملا، سسئي سور پرايا.
مطلب ته لبيڊو انسان جي انوکي ۽ الڳ ٿلڳ خاصيت آهي، جيڪا جانور ۾ ناهي، گهوڙو سئو سال اڳ گاهه کائيندو هو ته اڄ به اهو گاهه کائي ٿو. هاڻي سماج ان لبيڊو جي خاصيت کي مهذب انداز سان پورو ڪري ٿو، پر جنس جي اهڙي انداز کي اسان جو سماج رد ڪري ٿو، تنهن ڪري ماڻهو ۾ ڪيترين ئي قسمن جا دٻاءُ پيدا ٿين ٿا. انسان اهو ئي آهي، جيڪو پنهنجي جنسي سگهه کي ڪو مهذب رُخ ڏي، تنهن ڪري انسان جنس کي تخليقي سرگرمين جو رُخ ڏيئي سگهي ٿو. سماجي طور ڪيترا اهڙا ڪم ڪري سگهي ٿو، جن ۾ سندس جنسي سگهه تبديل ٿي وڃي، پر جي کين اهڙا موقعا نٿا ملن ته هو اندر ۾ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندو. لبيڊو ماڻهو جي ذات جي سڃاڻپ لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ڇو ته انسان جي جنس جا ٻه مرحلا آهن، 1. نرگسيت وارو جنهن ۾ هو پاڻ اندر محو ٿيندو آهي، پاڻ کي مرڪزي قوت ۽ حسن جو مجسمو ٺاهي انهيءَ سان عشق ڪندو آهي 2. جنس جو ٻاهريون پهلو، جنهن ۾ هو پاڻ کان ٻاهر جنس جا محرڪ ڳوليندو آهي.
نرگسيت جو هڪ پهلو پنهنجي ذات جي تعريف ۽ تشهير به آهي. هر ماڻهو ٿورو نرگسي ضرور هوندو آهي، جيڪو پاڻ کي وڻندو اهو ماڻهو چاهيندو ته ٻين کي به وڻي، جنهن پنهنجي حسن جا جلوا ڏٺا ۽ پسند ڪيا، اهو چاهيندو ته انهن جي ٻيو ڪو تعريف ڪري.
اردو جو مشهور شعر آهي ته؛
خدا جب حسن دیتا ہے٬ نزاکت آ ہی جاتی ہے
قدم کتنا بھی سنبھال کے رکھو٬ لچک آ ہی جاتی ہے۔
تنهن ڪري انسان پنهنجي ناموس چاهيندو آهي، هو چاهيندو آهي ته کيس تسليم ڪيو وڃي، سندس ساراهه ڪئي وڃي. جنهن کي مهذب رستو ڏيندي ماڻهو سائنسدان، ڪڏهن تخليقڪار، ڪڏهن سماجي خدمتگار، ڪڏهن ڪو ٻيو اهڙو ڪم ڪندو آهي، جنهن ۾ هو هيرو سڏجي، سندس مداح ٿين، پر جيڪڏهن انسان اهڙو ڪجهه به نه ڪري سگهي، ته هن ۾ مونجهارا وڌندا، سندس شخصيت ۾ تخريب جو عنصر وڌندو.
[b]ذهني دٻاءُ ۽ ذهني توازن بگڙڻ
Psychotsis and neurosis Disorders [/b]
عام طور سان اسان ڊپريشن جو نالو ٻڌندا رهندا آهيون، پر اسان مان گهڻن کي خبر ناهي ته ڊپريشن ڇا آهي؟ ساڳئي وقت اسان ٻيا به اصطلاح ٻڌاندا آهيون، جيڪي هن ريت آهن:
[b]ڳڻتي / بي چيني Anxiety
[/b]ٻهروپيت جو شڪار Bipolar dis order
ذهني ڀڃ ڊاهه يا ذهني انتشار Schizophrenia
خوف پکيڙڻ يا دهشت ڦهلائڻ Panic attack
علتي يا عادت کان مجبور Compulsive disorder
اهي مختلف اصطلاح اسان ٻڌندا آهيون. هتي آئون انهن جي نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، يا انهن جا طبي سبب ڄاڻڻ بجاءِ انهن جا سماجي سبب ٻڌائيندس.
جديديت پڄاڻان جي سماج دنيا ۾ ماڻهوءَ کي ڪٿي پهچايو آهي، ڪهڙا نفسياتي مسئلا پيدا ڪيا اٿس، اهي ڏاڍا اهم موضوع آهن. مثال هائپر ريئلٽي Bipolar Disorder پيدا ڪيو آهي ۽ شيزوفرينا پيدا ڪئي آهي. وري عدم مرڪزيت ماڻهوءَ ۾ اڪيلائي ۽ ڊپريشن جهڙا مسئلا پيدا ڪيا آهن. جديديت پڄاڻان جي زمان و مڪان ماڻهوءَ کي ڪنفيوز ۽ نروس ڪري ڇڏيو آهي. جديديت پڄاڻان صورتحال ماڻهوءَ کي فطرت کان ڪٽي شيزوفرينڪ بنائي ڇڏيو آهي. اڃا جديديت پڄاڻان جا اثر شروع ٿيا آهن. اڳتي ڪهڙا ڪلور ٿيندا، ٻڌائي نٿو سگهجي. ايترو اندازو آهي ته ماڻهو سالم نه رهندو.
عام طور تي نيوروسز بيماري مان ساڪوسز ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن. فرق ايترو آهي ته نيوروسز ۾ سڄي شخصيت جو هڪ حصو بيمار هوندو آهي، پر سائڪوسز ۾ سڄي شخصيت تباهه هوندي آهي. نيوروسز ۾ حقيقت سان تعلق بهرحال رهندو آهي، پاڻيءَ ۾ گوتا کائيندو وري ٻاهر نڪرندو آهي، پر سائڪوسز ۾ حقيقت کان ماڻهو ڪٽجي ويندو آهي. نيوروسز ۾ ماڻهو ۾ اهو احساس ٿيندو آهي ته هو ڪنهن ائبنارملٽي ڏانهن وڃي پيو، هو پنهنجي ڳالهه ڪميونيڪيٽ ڪري سگهندو آهي، پر سائڪوسز ۾ ماڻهو کي پنهنجي ائبنارملٽي جو احساس ئي نه رهندو آهي. هو پنهنجي ڳالهه ڪميونيڪيٽ ڪري نه سگهندو آهي. ڳالهائيندو ضرور آهي، پر غير معمولي منشتر ڳالهيون، جن جو ڪو سرو ٻي سري سان نه ملي. شيزوفرينيا ٻنهي ۾ ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ ٻن قسمن جا وهم ٿين ٿا، هڪ کي انگريزيءَ ۾Hallucination ٻي کي انگريزي ۾ Delusion چوندا آهن. پهرين قسم جي وهم ۾ ماڻهو کي اهڙيون شيون نظر اينديون آهن، جيڪي اصل ۾ موجود ئي نه هونديون آهن. مثال ڪو ’جن‘ نظر اچي، ڪا پري نظر اچي، ائين ئي ڪو ماڻهو نظر اچي، ڪا شڪل ڪو آواز، ڪا خوشبو سنگهڻ ۾ اچي، پر اها حقيقت ۾ هوندي ناهي. مثال ڪجهه فلسفي دنيا کي هڪ مايا قرار ڏيندا آهن ته هي سڄو مانڊاڻ اکين جو دوکو آهي، اصل ۾ ڪجهه به ناهي، معنيٰ اسان سڀ پيدائشي شيزوفرينيا جا شڪار آهيون، جو اسان کي جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو اهو دوکو آهي، پر هيءَ ٿيوري اهو ٻڌائي ٿي ته جيڪا شيءِ هر ماڻهو کي ساڳي نظر اچي، اهو وهم ناهي، پر ڪنهن هڪ کي نظر اچي پر ٻيو نه ڏسي سگهي ته پوءِ اهو وهم آهي. ٻيو اصطلاح Delusion جو آهي. هن جو مطلب آهي ته، هجي نوڙي پر ماڻهو کي نانگ ڏسڻ ۾ اچي، هجي ڪنهن ڪاٺيءَ جو پاڇو پر ماڻهو سمجهي مون تي ڪير بندوق تاڻيو بيٺو آهي. اوچتا ڇرڪ ڀري ته ڪا شيءِ آهي.
نيوروسز بيماريون جڏهن به ٿين ٿيون ته ان جا سماجي سبب هوندا آهن. ماڻهو جي دماغ جي عضوياتي خرابي نه هوندي آهي يعني معاملو پيٿالوجيڪل نه هوندو آهي.
انسان صدين کان هڪ مخصوص سماج، فطرت، زمان و مڪان ۾ نشونما حاصل ڪئي آهي. پٿر جي دَور کان وٺي، غلاميءَ واري سماج ۽ وري جاگيرداريءَ واري سماج تائين آيل تبديليون جلدي ڪونه اينديون هيون، پوءِ هزارين لکين سال تبديليءَ ۾ لڳندا هئا. انسان جا نسل انهيءَ تبديلي کي ڪڏهن محسوس ڪونه ڪندا هئا. تنهن ڪري انسان پنهنجي ماحول ۾ رچيل هو. ان وقت ڪو ساختياتي نقص جي ڪري ماڻهو نفسياتي مريض ٿيندو هو يا وري ڪنهن خوف، آفتن ۽ بيمارين جو شڪار ٿي نفسياتي مريض ٿيندو هو، پر مريضن جو تعداد تمام گهٽ هو. انسان جيترو فطرت جي ويجهو رهندو، اوترو هو گهڻين ڳالهين کان بچيل رهندو، جنهن ۾ نفسياتي مرض به شامل آهي. سجاڳيءَ واري دَور کان پوءِ جڏهن سائنسي ايجادن پيداوار جي ذريعن ۾ تبديلي آندي، ته هٿ جو ڪم مشينون ڪرڻ لڳيون، جنهن ڪري پيداوار کپت کان وڌيڪ ٺهڻ لڳي. واڌو پيداوار کي کپائڻ لاءِ مارڪيٽ وجود ۾ آئي، خريد و فروخت جو تصور پيدا ٿيو، سرمائيداري نظام شروع ٿيو. تبديلين جو آغاز شروع ٿيو. جيڪي فطري تبديليون اينديون هيون، اهي هاڻ هٿرادو تبديلين ۾ شامل ٿي ويون. شهرن جو ٺهڻ، گندگي، ماحولياتي آلودگي، جنگيون، فساد، سياست، لڏ پلاڻ وغيره سڀ تبديليون شروع ٿي ويون، جنهن سان خاندانن جو ٽٽڻ، رشتن جو ٽٽڻ، مفادن جو اڀرڻ، ويڳاڻپ، ڍونگي مذهبي ماڻهو ۽ جنوني ماڻهو پيدا ٿيڻ لڳا. 20 صدي تائين ته ڪجهه بچاء هو، ڇو ته دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهايل هئي، قومي سرمائيداري نظام ۽ جاگيرداري گڏ پئي هليا. سُڌ سماءَ جا ذريعا ڪمزور هئا ، واقعا جلدي ٻين تائين ڪونه پهچندا هئا. انسان ويساهه رکندو هو. اعتبار، ڪهل، همدردي ، پيار اڃا هو. پاڪستان ۾ سُڌ سماءَ جي ذريعن ۾ سرڪاري ريڊيو، جيڪو رات جو ٻارهين وڳي کان پوءِ بند ٿي ويندو هو ۽ سرڪاري ٽي وي جيڪا شام جو چئين وڳي کان شروع ٿي رات جو يارهين وڳي بند ٿي ويندي هئي. ٽي وي اداڪارائن جي مٿي تي به رئو هوندو هو. ڪو واقعو ٿيندو هو سال پيو ڳائبو هو. چوري ڪرڻ چور ايندا هئا، جي ڀاڳيو جاڳي پيو ته چور ڀڄي ويندا هئا، نياڻيءَ سياڻيءَ جو ته نالو به ڪونه وٺندا هئا. ان وقت ٺڳي ڪندڙ، چور، ڌاڙيل، رشوتي، ڪوڙ ڳالهائيندڙ ، ڊيوٽي نه ڪندڙ پاڻ ڪونه پڏائيندو هو، پر لِڪ ۾ رهندو هو، جو کيس شرم ايندو هو، ڪسب ڪرڻ واري ته اڃا پري رهندي هئي. شريف جو تصور واضح هو. هر شيءِ چٽي ۽ صاف هئي. 1980ع کان پوءِ تڪڙين تبديلين جو دور شروع ٿيو. 21 صدي جي شروع ٿيڻ سان گلوبل وليج جو نعرو لڳو. سُڌ سماءَ جا ذريعا تيزيءَ سان وڌڻ لڳا. ڪمپيوٽر جي ايجاد دنيا کي لوڏي ڇڏيو. موبائل، ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ جي منڊل سڄي دنيا کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو، جتي هر وقت ماڻهو انفارميشن جي منهن ۾ آهي. ان کان پوءِ نظرياتي دَور، جنهن ۾ هر شيءِ جي مرڪزيت هوندي هئي. اخلاق جي مرڪزيت، رشتن جي مرڪزيت، تهذيب جي، ثقافت جي ۽ لوڪ ڏاهپ جي مرڪزيت هئي، اها مرڪزيت ٽٽي ويئي، ان ڪري سچ ۽ ڪوڙ جي پرک ختم ٿي ويئي. بلڪ ماڻهو کي ايترو نام نهاد اشوز ذريعي جهنجهوڙيو ويو، جو وائڙائپ ۾ ماڻهو هڪڙي شڪ ۽ شڪايت واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو. تبديليون ايتريون تڪڙيون جو ڪٿي ڪابه شيءِ بيهي نٿي، نتيجي طور هڪ خطرناڪ مقابلي بازي واري صورتحال پيدا ٿي ويئي. ماڻهو وٽان فطري ڪلچر ختم ٿي ويو. مطلب ته ماڻهو اڌ مشين اڌ انسان بنجي ويو. ان کان پوءِ لڏ پلاڻ شروع ٿي ويئي، هر ڪوئي چاهي ٿو هو شهر ۾ رهي، ڇو ته روزگار جا ذريعا به اتي، سهولتون به اتي، مشيني فائدا به اتي آهن. زندگي اڇلجي ويئي. سڪون ختم ٿي ويو. بي چيني، هيرو ازم، مقابلي بازي، ٻئي کي ٺڳڻ، ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ، ٻئي جي گلا ڪرڻ، ٻئي خلاف سازشون ڪرڻ اسان جا قدر بنجي ويا. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو نارمل رهي ته معجزو ئي چئبو.
هڪ ٻيو اهم سبب، جنهن سان نه صرف ذهني صحت تباهه ٿي پر اهو جسماني صحت لاءِ به هاڃيڪار آهي، اهو کاڌ خوراڪ جو آهي. توهان سوچيو هائپر ريئلٽي صرف اشوز يا واقعن يا شين جي ناهي، پر کاڌ خوراڪ به هائپر ريئلٽي جو شڪار آهي. اصلي ٻج سڀ گم ٿي ويا. هائبرڊ ٻج مارڪيٽ ۾ اچي ويا، جن ۾ ڪيميائي ملاوٽون ڪيل آهن، جو اُهي اصلي پيداوار کان ٻيڻ تي پيداوار ڏين ٿا، پر انهن ۾ غذائيت ناهي. ان کان پوءِ ايترا ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جو غذا زهريلي بنجي وڃي ٿي. پاڻي گندو ٿيندو وڃي. کير ۾ ملاوٽ، تيل ۾ ملاوٽ، گيهه ۾ ملاوٽ، مصالحن ۾ ملاوٽ، پلاسٽڪ جي ٿانون جو استعمال، اي سي ۾ سمهڻ، جسماني ڪم گهٽ هئڻ، اهي سڀ شيون به ذهني صحت کي متاثر ڪري رهيون آهن.
هڪ اهم مسئلو اسان جي ميڊيا آهي. هن وقت ميڊيا جو ڪم آهي سنسني ڦهلائڻ، بريڪنگ نيوز ٺاهڻ، لاشن جون تصويرون ڏيکارڻ، اسان کي ٻن قسمن جي دهشت گردي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هڪ اها جيڪا ڪنهن جڳهه تي ٿئي ٿي، مثال بم ڦاٽو، ٻي اها جيڪا وري رپورٽ جي صورت ۾ اسان کي ڏيکاري وڃي ٿي. گذريل ڏينهن ۾ اهڙا ڪيترائي ڪيس نفسياتي ڊاڪٽرن وٽ آيا، جن ۾ ماڻهو خوف ۾ گهرن کان ٻاهر نٿا نڪرن، ڊپ مان ڇرڪ پيا ڀرين ته اجهو گولي لڳي، اجهو بم ڦاٽو. اهڙي ماحول ۾ ٻارن جي پڙهائي متاثر ٿئي ٿي، سماجي وهنوار متاثر ٿئي ٿو. عام طور تي ٽي وي چئنل يا سوشل ميڊيا تي خطرناڪ تصويرون رکيون وڃن ٿيون، جيڪي ماڻهو کي خوف ۽ هراس ۾ مبتلا ڪن ٿيون. اسان کي چيو وڃي ٿو ته اهو اسان جو حق آهي ته اسان ماڻهن کي باخبر رکون، پر ڳالهه اها آهي ته ڪو اخلاق، ڪو قدر، ڪو قانون ته هئڻ گهرجي يا سڀ ڪجهه جائز آهي. جي جائز آهي ته پوءِ اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن پرائمري ٻارن کي نصاب ۾ پڙهايو ويندو ”مرني ڪي بعد ڪيا هوگا“ يا بهشتي زيور. ان کان پوءِ ٻيو مسئلو ميڊيا ذريعي مشهورين (Advertisements) جو آهي، جن تي ڪو به قانون لاڳو نٿو ٿئي. ڳورو جسم ڪرڻ واري ڪريم جي شيشي وڪڻڻ لاءِ جيترو سيڪس اڀاريو وڃي ٿو، اوترو ڪو کدڙو به پنهنجي مالڪ جي شهوت کي اڀارڻ لاءِ ڪونه ڪندو هوندو. جيترو هنن ڪمرشل يا اشتهارن ۾ ماڻهو کي لالچايو وڃي ٿو ، ماڻهوءَ کي جيترو ڇتو ڪيو وڃي ٿو، شايد اوترو ڪو ڀوائتو خواب به نه هجي. آخر ماڻهو وڃي ڪيڏانهن؟؟ ڊراما ڏسو ته گهريلو سازشن سان ڀرپور، مٿئين طبقي جي نوجوانن جي عياشي سان ڀرپور، يا وري ڌاڙيل ڪلچر وارا ڊراما، لباس ڏسو ته گهمندڙ ڦرندڙ وائگرا. نجي ٽي وي جا صحافي وري جڙتو خبرون ٺاهڻ، نوڙيءَ مان نانگ ٺاهڻ ۽ انهن جزن ۾ سنسني ڀرڻ ۾ پورا آهن.
اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ۾ بيزاريت، پوءِ چڙ جو پيدا ٿيڻ، آهستي آهستي خوف، اڪيلائي، پيٽ خراب ٿيڻ، هاضمي جو سرشتو خراب رهڻ، بلڊ پريشر جو وڌڻ يا گهٽجڻ، ڪاوڙ اچڻ، معمولي ڳالهه تي وڙهڻ لاءِ تيار ٿيڻ، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، ٿوري ڳالهه تي نفرت جي انتها تي پهچي وڃڻ، گهريلو زندگيءَ جي نا آسودگي، طلاقن جو وڌڻ، ٻارن جو خود ڪشي ڪرڻ، ڏوهاري ذهنيت پيدا ٿيڻ، قتل جهڙا ڏوهه ڪندي دير نه ڪرڻ، ننڊ نه اچڻ، بي خوابي، يا رڳو ننڊ جو اچڻ، مايوسي، وزن جو وڌڻ يا وزن جو گهٽجڻ، ڪم ۾ دل نه لڳڻ، مَ سهپ، ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙ ۾ اچڻ، (يورپ ۾ پراڻي چوڻي آهي ته جيڪو هلڪو ڦلڪو اخلاق جي دائري ۾، مذاق نه سمجهي ۽ مذاق تي چڙي پوي، اهو ائبنارمل آهي) اسان وٽ ته کل ڀوڳ وارو جذبو ئي ختم ٿي ويو آهي. ماڻهو هر وقت ويڙهه ۾ آهي، اهي سڀ ڪيفيتون ذهني دٻاءَ جون آهن. جن ۾ ماڻهو آهستي آهستي ائبنارمل ٿيندو ويندو آهي، پر هن کي خبر نه پوندي آهي ته هو ائبنارمل آهي، پر ڪجهه ماڻهو پاڻ محسوس ڪري وٺندا آهن ته ڪا ائبنارملٽي هنن سان ٿئي پئي، ڊپ جو وڌڻ، موت جو خوف، ويڳاڻپ، زندگي مان لطف اندوز نه ٿيڻ، يا مسلسل پيٽ خراب رهڻ، رات جو ننڊ نه اچڻ سان ماڻهو عام ڊاڪٽرن جو رخ ڪن ٿا، پر اسان جي عام ڊاڪٽرن کي خبر نه پوندي آهي ته اصل مسئلو ڪهڙو آهي؟ ڊاڪٽر دوائن جو پرچو لکي ڏيندو، خاص اسٽور تان توهان کي وٺڻي آهي، ڇوجو ڊاڪٽر صاحب جو فرمان آهي، ڪميشن ڊاڪٽر کي ملي ويندي، توهان ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، پر ڊاڪٽر دوائن جي ڪمپنين ۽ اسٽور جي مافيا جي خرچ تي سينگاپور جو سير پيو ڪندو، فرج، ٽي وي، فرنيچر فرمائش تي پيو ملندس، پر توهان کي افاقو نه ٿيو ۽ توهان وري ڊاڪٽر وٽ ويندا، ڊاڪٽر دوا بدلائندو، پر ٿيندو ڪجهه ڪونه، ڇو ته ڊپريشن جي بيماري لاءِ نفسياتي ڊاڪٽر کپي يا وري علم نفسيات جو ماهر کپي، جيڪو توهان جي physcho therapy ڪري، توهان ۾ مثبت خيال اڀاري، توهان کي سمجهائي. هڪ ڊاڪٽر راجيش ڪمار سان انهيءَ سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته اسان وٽ مريض جڏهن اچي ٿو ته هو سائيڪوٿراپي واري مرحلي کان چڙهي چڪو هوندو آهي. صرف دوائن وسيلي ئي هن جو علاج ٿي سگهندو آهي. ڇوته اسان جي سماج جا ماڻهو نفسياتي مسئلن کي نفسياتي سمجهن ئي ڪونه ٿا. سائيڪوٿراپي شروع وارو مرحلو آهي.