2. جبلت مرگ ۽ جبلت حيات
جَا ڀُونءِ پيرين مُون، سَا ڀُونءِ مَٿي سَڄڻين
ڌِڱ لٽبا ڌُوڙ ۾، اُڀي ڏِٺاسين
ڏِينهن مِڙوئي ڏُون، اُٿي لوچ لطيف چَئي.
شاهه لطيف جا اهڙا ڪيترا بيت ملندا، جيڪي منفيت کان مثبت ڏانهن وک وڌائين ٿا، جن ۾ جبلت مرگ کان جبلت حيات جو فلسفو ملي ٿو:
سُورائِتي سَڏ، ڪَري سَڏ سُورن کي
سُورن ڀَڳس هَڏ، سي پڻ سيڪي سُورن سِين.
يا هي بيت ڏسو:
مَر ته موچَارِي ٿِيين، ويهي جِيءُ مَ جوءِ
هاري ڪَر هِمت، ته ڏيئي دَم دَوس لَهين!
هاڻي اسان غور ڪنداسين ته اسلام ۾ به، ’لا‘ کان شروعات ٿئي ٿي. يعني Nothing to thing جو سفر اسان کي ملندو.
فرائيڊ وٽ جبلت مرگ تيستائين ڪارگر آهي، جيستائين اها تعميري آهي، پر جي اها قوت تخريبي بنجي پئي، ماڻهو انهيءَ کي مثبت رخ نه ڏيئي سگهي ته اها قوت ماڻهو کي اذيت پسند بنائي ڇڏيندي، انهيءَ قوت جو اندريون اثر ماڻهو جي شخصيت ۾ اذيت پسندي (Masochism) پيدا ڪندو، اها ئي قوت ٻاهر نڪري ماڻهو جي تخريبي قوت بنجي ويندي. ڪجهه نفسياتدانن جو خيال آهي ته جبلت مرگ احساس ڪمتريءَ مان پيدا ٿيندي آهي، گهٽتائيءَ جو احساس ئي بنيادي احساس آهي:
[b]پاڪستان ۾ جبلت مرگ
[/b]جبلي طور ماڻهو ۾ ڪيتريون ئي منفي قوتون آهن، ڇو ته ماڻهو بنيادي طور جانور آهي، هن ۾ منفي قوتن جو هڪ ڄار وڇايل آهي، سماج انهن ڇڙواڳ قوتن کي قابو ڪري ماڻهو کي مهذب ٺاهي ٿو، سماج انسان جي انهن ڇڙواڳ قوتن کي بلڪل ختم نٿو ڪري، بلڪ انهن کي ڪو تعميري رُخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، مثال جنس جي جبلت کي مهذب بنائڻ لاءِ شادي جو ادارو موجود آهي، چيرڦاڙ ڪرڻ جي جبليت، سرجري، فوجي مقصد، شڪار ۽ تعمير لاءِ ڀڃ ڊاهه ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي. انسان جي اهم جبلت بُک آهي، جنهن کي سماج مهذب بنائڻ لاءِ مختلف روزگار جا ذريعا پيدا ڪري، ماڻهو کي عزت سان کاڌ خوراڪ مهيا ڪري ڏيڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿو.
انسان جي جبلت آهي ته هن جي ذات کي سڃاڻپ ملي، هن جي واهه واهه ٿئي، سماج انهي جبلت کي فن، موسيقي، تعميراتي ڪم، ٻين جي مدد ڪرڻ، تخليقي ڪم، پنهنجي صلاحيتن جي ميدان ۾ جوهر ڏيکاري، هُو پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي سگهي ٿو، پر انسان مطمئن ڪٿي به نظر نٿو اچي، هڪ ته سماج جي پابندين ۾ انسان بور ۽ ڪڪ ٿي پوي ٿو. ان لاءِ ان کي تفريح جا ذريعا مهيا ڪيا ويندا آهن ته هو، پاڻ کي ٿانيڪو رکي. ڪو به سماج صرف تڏهن صحتمند ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان ۾ ڊسيپلين، قانون جي پابندي ۽ انسان جي زندگيءَ جا آسائتا ذريعا مهيا هجن، پر پوءِ به ماڻهو مان هورا کورا نٿي وڃي، ڇو ته انسان غير منطقي جيو آهي، هن جي طبيعت جا هزارين رينڊم پهلو آهن، سندس جيون ۾ ڪيتريون وجودي وارداتون کيس وڪوڙين ٿيون، جي کيس جنگل ۾ ڇڙواڳ ڇڏيو وڃي ته اُتي به چير ڦاڙ ڪندي، فطرتي آفتن جو شڪار ٿي ويندو.
ٻيو سڀ کان وڏو مسئلو آهي انسان جو ’لبيڊو‘ Libido)) هي اها جبلت آهي، جنهن کي فرائيڊ جنس جي بنيادي قوت قرار ڏنو هو، جيڪا ذهن ۾ انسان جي جنس جي نمائندگي ڪري ٿي. لبيڊو تي اسان اڳ ڳالهائي آيا آهيون.
هاڻي پاڪستاني سماج جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، ڇڙواڳي ۽ ڪرپشن، جنهن ڪري ڪو به انفرا اسٽرڪچر سالم ناهي، نه اسپتالون، نه اسڪول، نه روڊ رستا، نه وري تحفظ، طبقاتي سماج جي هيءَ بڇڙي شڪل، جنهن ۾ ڪوبه ڊسيپلين ناهي، ٻئي طرف مارڪيٽ جو ڪلچر هر شيءِ وکر بنجي ويئي آهي، جنهن ڪري ماڻهن انساني قدرن کي وڃائي ڇڏيو آهي.
جڏهن به ماڻهو کي روزمره جي زندگيءَ ۾ تڪليفون ملڻ شروع ٿينديون، هر قدم تي ناانصافي، اذيت، طبقاتي ويڇا، بي روزگاري، غربت ۽ جهالت سان واسطو پوندو ته ماڻهو کان برداشت ڪرڻ آهستي آهستي ختم ٿي ويندو، زندگي دٻاءُ ۾ رهندي، جنهن ڪري ماڻهو ۾ اذيت پرستي وڌندي، جيڪا ماڻهو ۾ جبلت مرگ پيدا ڪندي. هاڻي توهان غور سان ڏسو، اسان جي سماج ۾ ماڻهو هر وقت ڪاوڙيل، وڙهڻ، مرڻ مارڻ لاءِ تيار هوندو آهي، روڊ تي ڄاڻي واڻي خطرناڪ ڊرائيونگ، موٽر سائيڪل کي غلط سائيڊ کان هلائڻ، سڀ جبلت مرگ جا مظاهرا آهن، ٻئي طرف منشيات واپرائڻ، گٽڪو، ٺرو، تماڪ ۽ ٻيا ڪيترا نشا ماڻهو واپرائن ٿا. کين خبر آهي ته هنن شين مان خطرناڪ بيماريون ٿينديون، پر پوءِ به هو نٿو مڙي، ڇو ته هو جبلت مرگ جي رستي تي هلي پيو آهي، دهشت گردي، جنون، گهر مان عورتن جو ڀڄڻ، طلاقن جو تعداد وڌڻ، زندگي ۾ نا آسودو رهڻ هڪ عادت بنجي اسان ۾ سرايت ڪري ويئي آهي، جبلت مرگ جي رستي تي هلڻ واري سماج ۾ زندگي ائبنارمل ٿيڻ لڳندي آهي. آهستي آهستي سماج چريو ۽ ماڻهو ان جا چريا ڪردار بنجي ويندا آهن، ڇو ته جانوراڻي جبلت کي مهذب بنائڻ جا موقعا ئي نه ڏنا ويندا آهن، انهيءَ ڪري ماڻهو مهذب ٿيڻ ئي وساري ڇڏيندو آهي. ڪو سالم دماغ جيڪڏهن انهن ماڻهن کي چريائپ کان روڪيندو ته ان کي به جبلت مرگ ڏانهن ڌڪيو ويندو. پاڪستاني سماج ۾ ماڻهن جي نفسيات اهڙي ائبنارمل آهي. جبلت مرگ جي نشاني اها آهي ته ماڻهو شروعات ئي منفي ڳالهين کان ڪندو، مثال توهان گهر ٺهرايو. ڪي ماڻهو توهان کي مبارڪون ڏيندا، پر گهڻا ماڻهو اهڙا ايندا جيڪي چوندا يار هي نقشو صحيح ناهي، يار! هن ۾ هي ٽائلس نه لڳرائين ها. هي ڪمرو ننڍو آهي وغيره. وري ٻيو مثال توهان وٽ حڪومت يا اين جي اوز جو آهي، ڪو تعميري ڪم ڪرايو ته گهڻا ماڻهو شروعات ئي اتان ڪندا ته سڀ کائڻ پيئڻ جو ڌنڌو اٿن. ڪروڙين کاڌا اٿن تڏهن هي ٽڪي جهڙو ڪم ڪيو اٿن.
اهڙيءَ طرح ڪو ٻار رزلٽ کڻي آيو ته بابا آئون پهرين نمبر تي پاس ٿيو آهيان، پڻس ڪارڊ ڏسي چوندو پر مارڪون ته گهٽ اٿئي، ڀلا ڪهڙو ڊپٽي ڪمشنر ٿيندين؟ پڙهائي هئي اسان جي دور ۾، توهان ڇا ٿا پڙهو!
اڄ جو اڪثر نوجوان جديد اليڪٽروانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا مان جلدي متاثر ٿئي ٿو. ميڊيا ماڻهن کي ڇتو ڪري ٿي، مشهورين جي نالي ۾ سيڪس اڀارڻ، بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ دهشت ڦهلائڻ، لاشن جون تصويرون ڏيکارڻ، جڙتو خبرون ٺاهي وحشت ڦهلائڻ، نوجوان کي ميڊيا روز ورغلائي تباهي ڏانهن وٺي وڃي ٿي، اڪثر ٽي وي ڊراما سطحي، جنسي ۽ دولت جي نمائش جا مظاهرا ڪندا رهندا آهن، جيڪي اسان جي روزمره زندگي جي نيرو لئنگويج پروگرام ذريعي ماڻهو جو لاشعور تباهه ڪندا رهندا آهن، اڄ جو نوجوان جلدي متاثر ٿئي ٿو، منجهس ڪاوڙ، جلد مايوس ٿيڻ، غير قانوني حرڪت ڪرڻ، نشو واپرائڻ، جنسي ڇتو ٿيڻ وغيره جهڙا مسئلا ڏاڍا موجود آهن. اهي سڀ جبلت مرگ جا مظاهرا آهن، جيڪي پاڪستان ۾ عام جام آهن. اهڙيءَ طرح سماج جي منفيت توهان کي هر قدم تي ملندي.