9. پيار جو تصور
ايمان سلامت هر ڪوئي منگدا
اسان عشق سلامت منگي.
هاڻي ٿورو غور ڪنداسين ته عشق الڳ آهي، پيار الڳ آهي، مغرب ۾ عشق جو تصور ناهي، اتي صرف پيار جو تصور آهي. صوفي چون ٿا: عشق اهو جذبو آهي، جيڪو ماڻهو کي عاجزي، انڪساري ۽ هيٺاهين ڏانهن وٺي ويندو آهي، ماڻهو پنهنجو پاڻ کي محبوب اڳيان سرينڊر ڪندو آهي، عشق ڏاڍو اڻاگو آهي، جنهن ۾ سسي نيزي پاند اُڇل ته اڌ ٿئي. معنيٰ درد جي شروعات ٿيندي آهي، ماڻهو کي جڏهن درد ملندو آهي، ته ماڻهو سوچڻ شروع ڪندو آهي، ماڻهو کي جڏهن درد ملندو آهي ته ماڻهو ۾ تحرڪ ايندو آهي، ماڻهو جدوجهد ڪندو آهي، ماڻهو کي پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻپ ملندي آهي. صوفين جو خيال آهي ته ماڻهو هڪ وحدت جو ڪثرتي جُز آهي، سندس زندگي خود هڪ وڇوڙي جي علامت آهي، تنهن ڪري عشق جو وڇوڙي سان گهرو تعلق آهي، جڏهن مجازي عشق جو درد ملندس ته چڻگ دکندي، جيڪا اڳتي هلي ڀنڀٽ ٿي مچندي، اهو ئي جذبو اڳتي هلي الاهي عشق ۾ تبديل ٿي ويندو، تنهن ڪري صوفي چوندو آهي ’عشق مبارڪ‘ انهيءَ رمز کي بقول صوفي جي ته بيان نٿو ڪري سگهجي.
ٿي سگهي ٿو اسان وٽ جيڪو عشق جو فلمي تصور پيدا ٿيو آهي، اهو مجازي عشق وارو هجي، جيڪو اسان صوفين کان ورتو هجي، پر حقيقت ۾ سماج ۾ اسان کي ڪهڙي پيار جي ضرورت آهي، اهو سمجهي ڇڏڻ ضروري آهي.
جديد مغربي ليکڪن پيار جي وصف بلڪل انهيءَ جي ابتڙ ڏني آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ايرڪ فراهم جو مشهور ڪتاب “The Art Of Loving” ڪافي شهرت ماڻي چڪو آهي، جنهن جا ڪجهه مشهور جملا آئون هيٺ ڏيان ٿو:
• “Love is a decision, it is a judgment, and it is a promise.. ..
• “Love isn't something natural.. ..
• “Paradoxically, the ability to be alone is the condition for the ability to love.”
• “The main condition for the achievement of love is the overcoming of one's narcissism.
ايرڪ فراهم پيار جي باري ۾ چوي ٿو ته: پيار هڪ سوچيل سمجهيل فيصلو آهي، هڪ تميز آهي، هڪ واعدو آهي، پيار ڪو الاهي ناهي، پيار اڪيلو رهڻ ۽ گڏجي رهڻ جي هڪ صلاحيت آهي، پيار اها صورتحال آهي، جنهن ۾ ماڻهو جي خود پسندي شڪست کائي ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳندي آهي.
وري ٻي جڳهه تي چوي ٿو:
“Love isn't something natural. Rather it requires discipline, concentration, patience, faith, and the overcoming of narcissism. It isn't a feeling, it is a practice.”
Erich Frohm, The Art of Loving
پيار ڪا قدرتي شيءِ ناهي، اهو هڪ مضبوط ڊسيپلين آهي، جنهن ۾ ڌيان، صبر ۽ اعتبار جي ضرورت آهي. پيار غرور ۽ خودپسنديءَ کي ختم ڪري ٿو، پيار محسوس ڪرڻ جو نالو ناهي، پر هڪ عمل آهي، ته جڏهن ڪو چوي ٿو ته ”آئون فلاڻي کان بغير نٿو رهي سگهان“ ان جو مطلب ته هو نفسياتي طور ٻئي تي انحصار ڪرڻ جو عادي آهي، هو پاڻ خودمختيار ناهي ۽ جيڪو پاڻ آزاد ناهي، خودمختيار ناهي ته پوءِ پيار ڇا ڪندو؟ تنهن ڪري پيار مڪمل خودمختياريءَ کان پوءِ هڪ صحتمند چونڊ جو نالو آهي. يعني ٻه وجود آزاد خودمختيار هڪٻئي کان الڳ رهي سگهن ٿا، پر انهن اها چونڊ ڪئي آهي ته هڪٻئي سان گڏ رهندا. اصل ۾ پيار جي شروعات اتان ٿئي ٿي، اهڙي پيار کي عمل چئبو آهي، جنهن جي شروعات ٻئي جي سنڀال (Care) ٻئي جي واڌ (Growth) ٻئي جي خوشي ۽ ناخوشيءَ جو خيال رکڻ، ٻئي جي ڏک ۽ سک ۾ حال ڀائي ٿيڻ، ٻئي لاءِ سٺو سوچڻ سان ڪئي ويندي آهي، پر جيڪو پيار ٿي ويندو آهي ان ۾ مفاد آهي، ان ۾ جنسي جذبو شامل آهي، اهو پيار محدود آهي.
ڏسو اسان پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان به محبت ڪندا آهيون، اسان پنهنجي ڀيڻ يا ڀاءُ سان به پيار ڪندا آهيون، اسان پنهنجي دوستن سان به پيار ڪندا آهيون ته ڇا اسان اهو چوندا آهيون ته اسان انهن جي پيار ۾ مبتلا ٿي پيا آهيون، يا ٿڌيون آهون ڀري پيا گهوڙا يا حسين ڪندا آهيون، نه اسان صرف انهن جي سار سنڀال ڪندا آهيون، انهن جو خيال رکندا آهيون، انهن سان حال اوريندا آهيون، جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ يا ڇوڪري سان ڪو پيار ٿئي ٿو ته ان کي به اهڙيءَ طرح عزيز رکجي، جو هن جي عزت ڪجي، هن سان ڏک سک ونڊجي، هن جي شخصيت کي اڳتي ترقي ڪرائڻ لاءِ رستا هموار ڪجن يا هن جي شخصيت جي نشو نما لاءِ هن جو اعتماد بحال ڪجي.هن کي پنهنجي پيرن تي بيهارجي.
[b]پيار جي تصور تي هڪ ٻيو ڪتاب ايم اسڪاٽ پيڪ
[/b](M. Scott peck) جو لکيل آهي، جنهن جو نالو آهي The road Less Travelled هن ڪتاب ۾ پيار جي وصف، اسان واري پيار جي عام تصور کان مختلف آهي:
The first is that the experience of falling in love is specifically a sex –linked erotic experience. we do not fall in love with our children even though we love them very deeply we do not fall in love with our friends of the same sex –unless we are homosexuality oriented-even though we are consciously or unconsciously sexually motivated. The second problem is that the experience of falling love is invariably temporary.
مون انهيءَ سڄي صورتحال کي مٿي بيان ڪيو آهي، ڇا عشق جي ڪيفيت ڪو دوکو آهي يا اهو حقيقي ناهي؟ ڇا پيار جو تصور صرف مغربيت وارو صحيح آهي؟
بلڪل ائين به ناهي. اهو ته مغرب وارا به مڃن ٿا ته جسماني پيار مڪمل پيار ناهي، بلڪ ڪنهن وڏي آفاقي پيار جي شروعات آهي. جنسي عمل کي گهڻن مڪمل مراقبي جو نالو ڏنو آهي، جنهن وسيلي ماڻهو وجود جي بوريت، تلخي، ڪروڌ، مان جند ڇڏائي، ٿانيڪو ٿئي ٿو. ساڳي وقت وجود جي ٿڪاوٽ، بي تڪائيءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ به جنسي عمل مدد ڪري ٿو، هڪ صحتمند جنسي عمل صحتمند هئڻ لاءِ ضروري آهي.
پر عشق جنسي عمل کان شروع ٿي، روحاني وحدت جي سفر ۾ داخل ٿئي ٿو. عشق دنياداريءَ کي پاڻ سان نٿو کڻي سگهي، تنهن ڪري اسان دنيا ۾ رهي پيار ڪري سگهون ٿا. ان مان هڪڙي ڳالهه ته واضح ٿي ويئي ته عشق جو تصور الڳ آهي ۽ پيار جو الڳ آهي. پيار هڪ سالم دماغي عمل آهي، پر عشق ۾ ماڻهو وس ۾ نٿو رهي، جنهن ڪري پيار جو تعلق شعور سان آهي، پيار هڪ فن آهي، جيڪو سکڻ جي ضرورت آهي، پيار هڪ انساني روش آهي، جنهن لاءِ علم جي ضرورت آهي.
آخر پيار جو يا عشق جو جنس سان ڪهڙو تعلق آهي. ؟؟ جڏهن اسان جنس جي ڳالهه ڪريون ٿا، اسان ڪائنات جي بنيادي نُڪتي جي ڳالهه ڪريون ٿا. حضرت آدم عليه السلام کي ڌرتيءَ تي لاٿو ويو، ڇوجو هن جو جنسي شعور بيدار ٿي ويو. توها ن ٿورو سوچيو ته جنت ۾ يڪسوئي آهي، جيئڻ جو هڪ طويل سلسلو آهي، جنهن ۾ ڪا به تبديلي ناهي، آدم کي جنسي لذت جو شعور اچي ويو، جيڪو عمل خود هڪ وڏي تبديليءَ جو بنياد آهي، ملڻ ۽ وڇڙڻ جو سلسلو آهي، عروج ۽ زوال جو سلسلو آهي، اهو جنت ۾ نٿو ٿي سگهي، اتي مادي طور نٿو رهي سگجهي، جنهن ڪري انهيءَ عمل لاءِ صرف ڌرتي منتخب ڪئي ويئي. جڏهن آدم ڌرتي تي لٿو ته هو ’حوا‘ کي ڳوليندو رهيو، آخر جڏهن دعا قبول ٿيس ته واپس جنت ۾ ڇو نه گهرايو ويو، يا اها دعا ڇو نه گهريائين ته مون کي جنت ۾ واپس گهرائي وٺ، پر دعا اها گهريائين ته حوا سان ملائي ۽ باقي زندگي ڌرتي تي گذاريائين. ان جو مطلب ته دنيا جو بنياد جنس تي رکيل آهي، دنيا جي زندگيءَ جو بنياد جنس تي آهي، توهان ٿورو غور ڪريو، دنيا جي هر ڪرت جنسي عمل تي ٻڌل آهي، معنيٰ زندگيءَ جو بنياد جنس کان ٻاهر ناهي، انهيءَ ڪشش سان ماڻهو جو پاڻ ۾ لاڳاپو ٿئي ٿو، رشتا ناتا ٺهن ٿا، پر عشق صرف جنسي عمل تي نٿو گهمي، صرف جنس جو بنياد عشق ناهي، اهڙيءَ طرح پيار به صرف جنسي عمل جي چوڌاري نٿو گهمي.
[b]عشق جي بنياد ۾ هيٺيان محرڪ بنيادي آهن:
[/b]• اڌوري ذات.
• پاڻ کي تسليم ڪرائڻ جي خواهش
• پنهنجي خوديءَ جو بار سرينڊر ڪرڻ جي خواهش
• پنهنجي آزاديءَ جو بي پناهه وجدان جو ٻوجهه ٻئي تي رکڻ جي خواهش
• ڪنهن نئين دنيا نئين ڪائنات کي تسخير ڪرڻ جي خواهش
• بي خوديءَ ۾ وڃڻ جي خواهش
• جنسي پيار جي خواهش
هاڻي اسان غور ڪنداسين ته انسان جي ذات اڌوري آهي، وجود خواهش ڪري ٿو معنيٰ مڪمل ناهي، جي مڪمل وجود هجي ها ته ڪا خواهش نه ڪري ها، خواهش جو مطلب ته ڪنهن شيءِ جي موجود ڪرڻ جي ضرورت، جيڪا موجود ناهي. معنيٰ کوٽ جي نشاندهي، اها کوٽ ڪڏهن به پوري نٿي ٿئي، ماڻهو مڪمل نٿو ٿئي. آخر ڇو؟؟ ڇو ته هن جو ڪوبه جوهر ناهي، ڪو به سبب کڻي ماڻهو نه آيو آهي، ماڻهو پهرين پنهنجو سامهون ڪري ٿو، پوءِ پنهنجو مقصد ٺاهي ٿو، ڇو ته ڪو به مقصد هن جي ذات جو متحمل ناهي، انهيءَ ڪري مقصد ثانوي آهي. مقصد پوري ٿيڻ کان پوءِ وري ٻيو مقصد، وري ٽيون مقصد، اهڙيءَ طرح اهو سلسلو سڄي زندگي هلندو رهي ٿو، ڪڏهن به اها اُڃ نٿي اُجهامي، ڪڏهن ماڻهو ڀرجي نٿو سگهي:
کامان پچان پڄران، لُڇان ۽ لوچان،
تَن ۾ تَؤنس پِرينءَ جي، پِيَان نَه ڍَاپَان،
جي سَمُنڊ مُنهن ڪريان، ته سرڪيائي نه ٿئي.
اها ذات جي کوٽ کڻي ماڻهو هلندو رهي ٿو، مڪمل ٿيڻ جي خواهش عشق جي ڪيفيت ۾ هو محسوس ڪري ٿو، جڏهن ڪنهن سان عشق ٿئي ٿو ته هو ان جي ميلاپ جي خواهش ڪري ٿو. اچو ته انهيءَ ميلاپ جي خواهش کي سمجهون.
ٻار ڄمڻ سان انفرادي وجود جو شعور حاصل نٿو ڪري، بلڪ هن جي لاشعور ۾ آفاقي وحدت يا مرڪز ڪائنات جو ڪل وجود هوندو آهي، يعني ٻار ماءُ کان الڳ پاڻ کي انفرادي حيثيت ۾ محسوس نه ڪندو آهي، انهيءَ ڪري هو هٿ لوڏيندو آهي ته ڪائنات پئي لڏندي آهي، هو ٽنگ لوڏي ته سڄو عالم پيو لڏي، هن کي بُک لڳي ته سڄي ڪائنات کي درد ملي ويو، انهيءَ ڪري ٻار کي تنجڻ ۾ ويڙهبو آهي، ته جيئن هڪدم کيس الڳ ٿيڻ جو احساس نه ٿئي، جو هو سهسائي نه سگهندو، ڇيڏڪ ڀريندو، انهيءَ ڪري کيس ڇاتيءَ تي ڪپڙو رکيو ويندو آهي. آهستي آهستي ٻار پاڻ کي محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ته هو الڳ آهي، هن جو وجود به الڳ آهي، اتان هن جي اڪيلائي جو، جز جو درد شروع ٿئي ٿو، ته هُو ڪائنات جي اڻ کٽ تصور ۾ محدود ۽ اڪيلو آهي، پر اوچتو هن کي رانديڪو ملندو، درد تان ڌيان هٽي ويو. ٿوري دير لاءِ دل وندري ويئي، پر جلدي بور ٿي پيو، وري ڪا نئين شيءِ کپي دل وندرائڻ لاءِ، اهڙيءَ طرح وري ٻيو رانديڪو ملندو، وري ٻيا... رانديڪا بدلبا رهندا، بوريت رهندي آهي، تان جو ٻار وڏو ٿي ويو، هاڻي رانديڪا به وڏا کپن ۽ نوان کپن.
پيار دراصل ٻار جي اها فطري خواهش آهي، جنهن ۾ ٻار واپس ماءُ جي هنجهه ۾ وڃڻ ٿو چاهي، ماءُ جي گرڀ ۾ وڃڻ ٿو چاهي، پر هاڻي دور بدلجي ويو، ضرورتون وڌي ويون. هاڻي عورت ۾ ٽي عورتون کپن ماءُ، محبوبه ۽ طوائف کپي، جيڪا هن جي ماءُ وانگر سنڀال ڪري، جيڪا هن جو خيال رکي، جيڪا هن سان دوستي رکي، هن سان سيڪس شيئر ڪري، هن کي جنس جي مراقبي ۾ وٺي وڃي، هن جي اڪيلائي جي درد کي ختم ڪري ڇڏي، انهيءَ ڪري زور جا ڀاڪر، هڪٻئي ۾ گم ٿيڻ، هڪٻئي ۾ گهڙي وڃڻ جي ڪوشش، پر صرف وقتي ڪوشش وري اڪيلائي، وري انفراديت.
جيئن جيئن ٻار وڏو ٿئي ٿو، هن جي وجود جي انفرادي حيثيت شروع ٿئي ٿي، اها ئي صورت ڪل کان جز واري حيثيت ۾ اچڻ واري آهي. ٻار ماءُ جي پيٽ مان نڪري الميي جو شڪار ٿيو، وري گود مان نڪري اڪيلو ٿي ويو، اهو ئي درد آهي جيڪو پيار جو بنيادي سبب آهي. اهو ئي ذات جو اڌوروپڻ آهي، جنهن کي پورو ڪندي ڪندي زندگي گذري وڃي ٿي، پر ذات مڪمل نٿي ٿئي.
[b](i) پاڻ تسليم ڪرائڻ
[/b]پاڻ کي ڪو ٻيو تسليم ڪري. اهو بنيادي جذبو آهي، جيڪو صرف ماڻهو جي فطرت ۾ موجود آهي، ماڻهو ڇو چاهي ٿو ته ان کي سڃاڻپ ملي؟ صوفين جي خيال موجب، جنهن لاءِ هو حديث جو حوالو ڏيندي ٻڌائيندا آهن ته: ”خدا حسن جو ڳجهو خزانو هو، جنهن پنهنجي ئي حسن جو جلوو پئي پسيو ته کيس جنبش جاڳي ته پاڻ سڃاڻجان“ انهيءَ ڪري خدا پاڻ کي ڪثرتي رُوپ ۾ ڦهلائي، پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪئي. هاڻي ذري ذري ۾ اها خاصيت موجود آهي ته منهنجي حُسن جي ڪير تعريف ڪري، مون کي ڪير تسليم ڪري، ڪو چوي ته تون آهين، تنهنجو وجود ڪا اهميت رکي ٿو.
نفسياتي طور انهيءَ جو سبب ڇا آهي؟ ماڻهو جي اڪيلائي انهيءَ جو بنيادي سبب آهي. ماڻهو فطرت کان وڇڙيل جُز آهي، جيڪو ڪل فطرت کان الڳ ٿي چڪو آهي، بلڪ ڪٿي هو فطرت جي مقابل آهي، ڇو ته هو شعور رکي ٿو، شعور انهيءَ جي اندر ۾ هڪ سوال جي اٿل پٿل پيدا ڪري ٿو ته آخر هو ڪير آهي؟ جنهن جو جواب هن کي ڪٿان به نٿو ملي، محبت جي پهرين نظر، پهرين مرڪ هن کي انهيءَ سوال جي هورا کورا کان مڪت ڪري ٿي.
ان کان پوءِ موت جو خوفناڪ تصور ماڻهو کي اندر ئي اندر ۾ ڳاري ڇڏي ٿو. اڪيلائي، وجود بي جواز، روز جي وحشت، بوريت، ماڻهو کي ڊپريشن ۾ مبتلا ڪري ٿي، محبت جو پهريون احساس ته کيس ڪنهن اهميت ڏني، کيس ڪنهن تسليم ڪيو آهي، اهو احساس هڪ اهڙي رومانوي ۽ سحرانگيز صورتحال پيدا ڪري ٿو، جو ماڻهو موت جي وحشت جي احساس کان مڪت ٿي وڃي ٿو.
[b](ii) پنهنجي خوديءَ جو ٻوجهه سرينڊر ڪرڻ جي خواهش
[/b]ٻار راند ڪندي ٿڪجي اچي ماءُ جي هنجهه ۾ ويهندو آهي. ماڻهو ٿڪجي پوي ته آرام ڪرڻ چاهيندو آهي، مسلسل جاڳي نٿو سگهي، ڪو وقفو ضروري آهي، مسلسل جيئڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ڪو وقفو هجي اهو وقفو ننڊ جي صورت ۾ ملي ٿو، پر توهان کي ڪاميابي ملي هجي، يا بي انتها خوشي ملي هجي ته ننڊ نه ايندي. سمهڻ تي دل به نه چاهيندي، ڇوته زندگي هاڻي ٻوجهه ناهي مزو پيو اچي، انهيءَ سرور کي جاڳي اڃا به وڌيڪ وقت تائين حاصل ڪجي.
هاڻي خودي ڇاهي؟ خودي انا آهي، جيئن ماڻهو پنهنجي بدن کي ڪپڙن سان ڍڪي ٿو، بلڪل ائين ماڻهو پنهنجي اندر جي ماڻهو کي انا سان ڍڪي ٿو، جيڪا هن کي مجبور ڪري ٿي ته پنهنجو اسٽيٽس، پنهنجو پروٽوڪول برقرار رکجي، پنهنجي نجي سرڪل يا زون ۾ ڪنهن کي داخل ٿيڻ نه ڏجي، پر ماڻهو اهڙي مصنوعيت کان جلدي بور ٿي پوي ٿو. انا جي ماسڪ کي پائي زياده دير نٿو رهي سگهي، جي وڌيڪ رهندو ته نفسياتي مريض بڻجندو، ماڻهو پنهنجي فطرت ۾ بي تڪلف رهڻ چاهي ٿو. يعني روسو واري ڳالهه ته، فطري آزادي چاهي ٿو، صرف محبت جي ميدان ۾ هو پنهنجي خودي سرينڊر ڪري محبوب جي اڳيان پنهنجي ذات عيان ڪري ٿو.
هاڻي اچو ته ڏسون ته جديد نفسيات انهيءَ سلسلي ۾ ڇا ٿي چوي:
ڪارل جنگ انهيءَ سلسلي ۾ اينيما ۽ اينيمس جي ٽرمنالوجي متعارف ڪرائي، جنهن جو مطلب آهي ته هر مرد ۾ هڪ عورت هوندي آهي، جنهن کي ANIMA چئبو آهي، وري هر عورت ۾ هڪ مرد موجود هوندو آهي جنهن کي ANIMUS چئبو آهي.
انهيءَ جو مطلب ته هر عورت ۾ هڪ مرد جي خاصيت موجود آهي، وري هر مرد ۾ هڪ عورت جي خاصيت موجود آهي، مڪمل عورت ۽ مرد ڪير ڪونهي، ائين چئجي ته هڪ ئي وجود جا ٻه پاسا آهن، جنهن جا سماجي دائرا الڳ الڳ آهن، انهن سماجي دائرن ۾ هر ماڻهو ڪجهه ظاهر ڪندو آهي، ڪجهه لڪائيندو آهي، جيڪو لڪل پاسو هوندو آهي، اها انهيءَ جيwild zone سڏبي آهي. اهو ڳجهو لڪل پاسو ماڻهو جو ذاتي دائرو ٿيندو آهي، جيڪو اڪيلو ۽ اونداهو هوندو آهي. ان سرڪل جي حد ۾ ڪير داخل نه ٿي سگهندو آهي، محبت صرف ان وقت ٿيندي آهي، جنهن وقت توهان ان کي پنهنجي نجي دائري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيو. يعني اها Wild Zone جڏهن توهان ڪنهن جي اڳيان عيان ڪريو.
يعني اها ڪيفيت، جيڪا نجي دائري ۾ موجود هوندي آهي، اها مرد ۽ عورت هڪٻئي تي ظاهر ڪرڻ لاءِ راضي ٿين، جنهن کي Idiosyncrasy چيو ويندو آهي.
اها ڪيفيت صرف نجي ٿيندي آهي، جيڪا صرف انتهائي وجداني ڪيفيت ۾ ماڻهو ٻئي جي مٿان ظاهر ڪندو آهي، عورت جڏهن ڪنهن کي پيار ڪندي آهي ته ان جو ثبوت هوءَ پنهنجي محبوب جي اڳيان انهيءَ ڪيفيت کي ظاهر ڪندي ڏيندي آهي، اڪثر اها ڪيفيت پريم رس جي دوران ظاهر ٿيندي آهي.
جي عورت يا مرد انهيءَ ڪيفيت کي هڪٻئي اڳيان ظاهر نٿا ڪن ته پوءِ هو پريم نٿا ڪن. جنسي عمل جو وجدان سان تعلق به انهيءَ ڪيفيت ذريعي جُڙي ٿو، تنهن ڪري اها ڪيفيت ظاهر ڪرڻ انتها جو سرينڊر آهي. هڪ هالي ووڊ وارن جي فلم انهيءَ ڪيفيت جي فڪر تي ٺهي چڪي آهي، جيڪا ميلان ڪنڊيرا جي ناول unbearable Lightness of being تان ٺاهي ويئي آهي.
[b](iii) پنهنجي آزاديءَ جو بي پناهه ٻوجهه ٻئي تي رکڻ
[/b]خطرناڪ ترين احساس ’وجودي آزادي‘ جو احساس آهي، وجود اڪيلو ۽ خالي. هن وشال ڪائنات ۾ آئون ڪير؟؟ ڪيڏانهن ويندس ۽ ڪٿان آيس، ڪا منطق ڪو دليل اهڙو ناهي، جو مطمئن ڪري سگهي. زمان و مڪان ۾ ڦاٿل وجود، جيڪو هڪ وڏي عذاب ۾ مبتلا آهي، ڇا ڪري؟ ڪيڏانهن وڃي؟ هن جو درد ڪير ورهائي ئي نٿو سگهي، هن جو ٻوجهه ٻيو ڪير کڻي نٿو سگهي، هن کي ئي ڀوڳڻو آهي، آخر اهو ڇا آهي؟
ننڍي هوندي ماءُ جي سهاري، پيءُ جي سهاري، استاد جي سکيا ۾ هن جا فيصلا ٻيا ڪندا هئا، جبري ئي سهي پر هو آزاد هو، نفعي نقصان لاءِ ذميوار نه هو. آهستي آهستي وڏو ٿيو ته فيصلا خود ڪرڻا پيا، ته کيس يتيمي جو احساس ٿيو. گهر جو وڏو ٿيو ته مٿان ٻوجهه محسوس ٿيو، ڇو جو هاڻ هو آزاد آهي، پر هن کي هر فيصلي اڳيان جوابده به ٿيڻو آهي، اهو جوابده ٿيڻ جو احساس خطرناڪ آهي، انهيءَ ڪري اها آزادي خود هڪ پابندي آهي.
حضرت آدم عليه السلام ڪڏهن چيو ته مون گناهه پاڻ فيصلو ڪري ڪيو، هن چيو ته مون کي حوا برغلايو، حوا وري چيو ته مون کي شيطان برغلايو. شيطان چيو، ها! مون برغلايو، ڇوته عزازيل پنهنجي بي پناهه آزاديءَ جو وجدان کڻڻ لاءِ ئي ته شيطان ٿيو، پر انسان پنهنجي هر غلط ۽ صحيح ڳالهه جوبوجهه ٻئي تي ڪيرائڻ چاهي ٿو، ڇو ته انسان مڪمل ذات ناهي، زمان و مڪان ۾ قيد ۽ اونداهي کوهه ۾ ڪريل آهي، هاڻي ننڍي هوندي کان ته هن جا فيصلا ٻيا ڪندا هئا، پر جوانيءَ ۾ هو آزادي جو ٻوجهه ڪنهن تي رکي؟ ڪير هن جي ڇڙواڳي کي ڪنٽرول ڪري، ان ڪري محبوبا يا محبوب جڏهن عاشق تي حڪم هلائي ته عاشق جي ان کان وڌيڪ ڪا ٻي خوشي نه هوندي آهي. وڏيون وڏيون شخصيتون جن جي ڪنڌ ۾ ڪلي لڳل هجي، پاڻ تي مک نه سهن، انهن کي به محبوب جي اڳيان نڪ گسائيندي ڏٺو ويو آهي، عشق جي به خواهش اها ئي هوندي آهي ته ٻئي جي انا زير ٿي پوي، همراهه ڍير ٿي پوي، جتي همراهه ڍير نه ٿيندو، اتي محبوب جي عشق جي شروعات ٿيندي آهي، يعني محبوب پاڻ عاشق ٿي پوندو آهي. دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو درد هارائڻ جو درد آهي، ٺڪرائڻ جو درد آهي، جي توهان کي ٺڪرايو ويو ته توهان جو وجود لڏي ويندو. سسئي پنهون جي عاشق ٿي جبل جهاڳيا، ان ڪري ته کيس ٺڪرايو ويو. مومل راڻي جي پٺيان در در ڀٽڪي ان ڪري ته کيس ٺڪرايو ويو. ليلا جو درد اتان شروع ٿئي ٿو، جتان کيس چنيسر ٺڪرايو.
بي پناهه آزادي خطرناڪ اڪيلائي جي شروعات آهي، انهيءَ ڪري ذات جو ٻوجهه ڪنهن تي رکڻ ضروري آهي.
[b](iv) ڪنهن نئين دنيا نئين ڪائنات تسخير ڪرڻ جي خواهش
[/b]انسان جي فطرت آهي نئين دنيا تسخير ڪري، نيون ڳالهيون نوان ماڻهو، نيون جايون، نيون دريافتون، ايجادون، پر ڪا نئين شيءِ هن جي علم ۾ اچي، انسان خود هڪ ننڍڙي ڪائنات آهي، ان جا پنهنجا رنگ جيترا ٻاهر ظاهر آهن، اوترا اندر ۾ لڪيل به آهن، انسان ان جي به دريافت ڪرڻ چاهي ٿو، انهيءَ ڪري ماڻهو ۾ دوستي ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي.
جنسي جذبي ۾ اهڙي کوج به لڪل هوندي آهي، ته ماڻهو ٻئي کي دريافت ڪري ٿو، ٻئي ننڍڙي ڪائنات ۾ داخل ٿي، انهي جي ”اڊيوسنڪريسي“ (Idiosyncrasy) کان واقف ٿئي ٿو. ماڻهو جي اها بنيادي خواهش جبلت آهي ۽ ماءُ جي پيٽ ۾ به اهو ڪم ڪري ٿي، جنهن ڪري ٻار جيئن وڌي ٿو ته هن کي ماءُ جي پيٽ کان ٻاهر اچڻو پوي ٿو. گود کان گهر ۾، گهر کان ٻاهر گهٽيءَ ۾، گهٽيءَ کان ڳوٺ ۾، ڳوٺ کان شهر ۾، شهر کان ٻئي ملڪ ۾، ملڪ کان ٻئي سياري تي، اهڙيءَ طرح ماڻهو جي جبلت کيس گهمائيندي رهندي آهي، اهڙيءَ طرح جنس ۾ به ماڻهو ڪائناتي سير ڪري ٿو.
[b](v) بي خوديءَ ۾ وڃڻ جي خواهش
[/b]زندگي به عجيب آهي، هڪ دفعو شروع ٿئي ٿي ته ڪٿي به وقفو نه اٿس، ڪٿي به بيهي ساهي نٿي پٽي. دل آهي، جيڪا مسلسل هلندي رهي ٿي، بغير ڪنهن وقفي جي! ڇا ڪو ٿڪ نٿو ٿي سگهي؟ مسلسل جيئڻ مان، يا گهٽ ۾ گهٽ ڪا خواهش ته اڀري سگهي ٿي ته ٿورو ساهي پٽجي. نفسياتدانن جو چوڻ آهي ته: ننڊ اهڙو عمل آهي، جنهن مان ساهي ملي ٿي، پر ننڊ جو اهڙو عمل، جيڪو نارمل ذهن کي ته آرام ڏئي ٿو، پر ڊپريس يا پريشان ماڻهو کي آرام نٿو ڏئي، بلڪ ننڊ به هڪ جنگ بنجي وڃي ٿي، جڏهن ماڻهو اُٿي ٿو ته لڳي ٿو هڪ جنگ مان گذريو آهي، اها خواهش ته ساهي ملي، يڪ ٽڪ جيئڻ مان ٿڪجي ڪو ٿڪ ڀڃجي، سڌو سنئون عمل ناهي. پر اهڙو ٿڪ ڀڃڻ جا ٻيا طريقا موجود آهن، جن مان محبت به هڪ طريقو آهي. محبت ڪرڻ وارا جڏهن محبت جي جنون ۾ مبتلا ٿيندا آهن ته دنيا انهن کان وسري ويندي آهي، نه کين وقت جو احساس رهندو آهي نه کين مڪان جو ڪو خيال رهندو آهي، اهڙا ماڻهو جيڪي اونداهي کان ڊڄندا هجن، اهي محبوب جو انتظار رات جو قبرستان ۾لڪي ويهي ڪري سگهن ٿا. يا وري ٻه چاهيندڙ ڪنهن جڳهه تي ايترو محو ويهي سگهن ٿا، جو 24 ڪلاڪ گذري وڃن، پر کين اندازو به نه ٿيندو. اصل ۾ وقت جو گذرڻ ان وقت بور عمل ٿئي ٿو، جڏهن توهان جو ڪو ڪارج نه هجي، پر جي توهان عشق جي ڪيفيت ۾ آيو ۽ محبوب گڏ آهي ته پوءِ وقت توهان لاءِ ڪابه معنيٰ نٿو رکي. بس اهو ئي جيئڻ جو وقفو آهي، جڏهن محبوب توهان سان گڏ هجي، توهان زمان ۽ مڪان کان ٻاهر هجو.
[b](vi) جنسي پيار جي خواهش
[/b]ٿورو غور سان ڏسندا ته دنيا جي ڪرت ۾ هڪ ئي اهم ڳالهه نظر ايندي، اها آهي جنسي ڪرت. ٻوٽا هجن، جيت جڻا، جانور، وڻ ٽڻ ۽ ماڻهو سڀني ۾ هڪ اهم ڪرت فطري طور موجود آهي، اها آهي جنسي خواهش جي. فطري طور جنسي خواهش موجود نه هجي ها ته دنيا ڪڏهن جو ختم ٿي وڃي ها. جنسي سگهه دراصل حيات جي سگهه آهي. پر انسان جي اها سگهه شعوري سطح تي وڌيڪ بيدار ٿئي ٿي. انسان جي جنس جو تعلق سندس يادداشت تي بنياد رومانٽڪ ٿيندو ويندو آهي، انسان جنس کي رومانس جي بنياد تي وڌيڪ سرور وارو ۽ لذت افروز ڪندو ويندو آهي. جنس هڪ اهڙي سگهه آهي، جيڪا انسان اندر ائٽمي ڌماڪا ڪندي رهندي آهي، جوانيءَ جي دور ۾ جنسي سگهه هر جاندار کي مست ڪري ڇڏيندي آهي، انهيءَ ڪري هر نر جو جواني ۾ مادي ڏانهن مائل ٿيڻ ۽ مادي جو نر ڏانهن رجحان رکڻ فطري آهي، هاڻي انهيءَ عمل لاءِ ماڻهو ڏاڍو رومانٽڪ بنجي ٿو.