مختلف موضوع

سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾

هيءُ ڪتاب نفسياتي الف ب متعلق هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، جنهن ۾ عام موضوعن ذريعي سنڌي سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، باقي پڙهندڙ انهيءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي، اهو سندس نفسياتي ڪيفيت تي ڇڏيل آهي.
Title Cover of book سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾

8. انڪار جي اهميت

ڪجهه لفظ ۽ ڪي عمل روز مره جي زندگي ۾عام حيثيت رکن ٿا. بظاهر سڄي ڪائنات عام شيءِ لڳندي آهي، پر ٿورو غور ڪيو وڃي سوچ ويچار ڪئي وڃي، ته هر عمل هر لفظ هر علامت پٺيان پيچيده راز ۽ اسرار موجود هوندا آهن.
ايئن هڪ عمل جنهن جو لفظي روپ انڪار آهي، عام طور سان اسان گهڻن ڳالهين سان سهمت به ٿيندا آهيون ۽ گهڻن ڳالهين کان انڪار ڪندا آهيون. ڇا توهان سوچيو آهي ته اسان انڪار ڇو ڪندا آهيون؟ انڪار پٺيان ڇا هوندو آهي؟
فطري طور سان انسان تجسس ڪرڻ ۽ سوچڻ جي صلاحيت رکي ٿو. انسان هميشه پيچيده رازن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن. هڪ طريقي جو تعلق انڪار سان آهي. انڪار ۽ ”نه“ ۾ فرق آهي نه جو تعلق ضد يا انا سان آهي. صرف ”نه“ بنيادي طرح نفسياتي مونجهارن مان جنم وٺي ٿي، جنهن جي پٺيان منفي ضد آهي، جنهن جو تعلق علم سان نه، پر شخصي مونجهارن سان آهي. لازمي ناهي ته هر انڪار پٺيان علم هجي، پر جستجو علم ضرور آهي. جنهن انڪار جي پٺيان دليل ناهي، علمي جستجو ناهي، اهو صرف ”نه“ آهي، پر انڪار جو تعلق چئلينج سان آهي، شڪ ڪرڻ سان آهي، عقل سان آهي، دليل سان آهي، تجزئي سان آهي. ياد رهي علم ۽ عقيدي ۾ فرق آهي. روزمره زندگي ۾ اسان جو گهڻين ڳالهين تي صرف يقين هوندو آهي انهن جي باري ۾ اسان شڪ نه ڪري سگهندا آهيون. مثال طور: دين جو مسئلو، خانداني قدرن جو مسئلو، ايمان، ڪرامتون، معجزا وغيره. انهن سڀني ڳالهين تي اسان جو يقين هوندو آهي، ايمان هوندو آهي.
پر علم جو بنياد شڪ تي رکيل آهي. علم جو مطلب اڃا به تحقيق ڪري سگهجي ٿي ۽ اها گنجائش هميشه رهندي آهي. علم انفرادي صورت ۾ انسان جي وجود جي حيثيت مڃرائيندو آهي ۽ وجود جي حيثيت جو اعلان انڪارسان به ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ سچائي کي تلاش ڪرڻ جي جستجو جاڳندي آهي ۽ سماج ترقي ڪندو آهي پراڻن قدرن مفروضن کان انڪار جي نتيجي ۾ نوان قدر جنم وٺندا آهن. ماضي ۽ مستقبل جي باري ۾ انسان سوچڻ لڳندو آهي. فطرت جي انڌن قانونن خلاف جنگ ڪندو آهي، پنهنجي وجود جي بقا لاءِ محنت ڪندو آهي.
انڪار جيڪو انسان ڪڏهن فطرت جي اصولن جي خلاف ڪندو آهي. ڪڏهن سماج جي فرسوده ۽ غليظ قدرن خلاف بغاوت ڪري ڪندو آهي، ڪڏهن ڪوڙ کان انڪار ڪري سچائي جو اعلان ڪندو آهي. انسان جيترو باشعور هوندو اوترو ئي ان ۾ انڪار جي جرئت هوندي. دنيا ۾ ڪيئي اهڙيون شخصيتون گذريون آهن، جن انڪار ڪري پنهنجي شخصي آزادي برقرار رکي آهي ۽ سچائي کي مڃرايو آهي.
يوناني ميٿالوجي ۾ پروميٿس ديوتا انڪار ڪيو ۽ زيوس جي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي ۽ انسان کي باهه جو استعمال سيکاريو ۽ انهيءَ انڪار جي نتيجي ۾ پروميٿس کي سزا ملي ته هو سڄي عمر ڪوهه ڪاف جبل تي ٻڌل رهندو ۽ هڪ پکي سندس جگر صبح کان شام تائين کائيندو رهندو. اهو ڪردار ڪارل مارڪس جو پسنديده ڪردار هو. ڇو ته مارڪس خود فرسوده طبقاتي نظام کان بغاوت ڪئي ۽ هڪ نئون عالمي نظام ڏنو. سندس چوڻ هو ته هڪ محنت ڪش صبح کان شام تائين محنت ڪري ٿو ۽ استحصال جو شڪار رهي ٿو، ڄڻ ته هو پروميٿس ديوتا جو ڪردار ادا ڪري ٿو.
ڪو پرنيڪس انڪار ڪيو، بطلوموسي جي پراڻي نظام شمسي کان ۽ هڪ نئون نظام شمسي ڏنو سقراط انڪار ڪيو سماجي روايتن کان، هٿ ٺوڪي ديوتائن کان ۽ زهر جو پيالو پي علم کي اجاگر ڪيو، پر شخصيت کي جهڪڻ نه ڏنو، ڇو ته انڪار جو تعلق ڄاڻ سان آهي. ڪجهه نه ڪجهه انڪار پٺيان ضرور هوندو آهي. مسلم ميٿالوجي ۾ شيطان انڪار ڪيو ته مان سجدو نه ڪندس، جنهن جو هن دليل ڏنو ته عبادت جي لائق صرف خدا آهي ۽ منهنجو محبوب خدا ئي آهي، خدا کانسواءِ ڪو به سجدي جي لائق ناهي، چاهي ان لاءِ مون کي خدا جي نافرماني ڪرڻي ڇو نه پوي. شاهه لطيف شيطان جي انڪار کي لازوال عشق سڏيو آهي ۽ ساراهيندي چيو آهي ته:

عاشق ته عزازيل، ٻيا مڙئي سڌڙيا،
منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو.

حوا ۽ آدم انڪار ڪيو ۽ اهو منع ڪيل ميوو کاڌو، جنهن جي نتيجي ۾ اهي ٻئي جنت مان تڙجي ويا. ڏٺو وڃي ته مسلم ميٿالوجي مطابق آدم جو انڪار شيطان جو انڪار ئي سبب بنيا آهن، هن ڌرتيءَ تي ڪاروهنوار جا ۽ ڪائنات جي علم جو سبب اهو انڪار ٿو بنجي.
اسان اڃا به آسان لفظن ۾ سمجهون ته هڪ ماڻهو جي سامهون ميز رکيل آهي ۽ ان کي خبر آهي ته هي ميز آهي يعني ان بابت ڄاڻ اٿس ۽ ان ماڻهو کي جيڪڏهن چيو وڃي ته هي ڪرسي آهي ته هو انڪار ڪندو ته نه هي ميز آهي، ڪرسي ناهي، ڇو ته هن کي علم آهي ته ميز ڇا آهي ۽ ڪرسي ڇا آهي! پر جيڪڏهن خبر نه هجي، ميز ۽ ڪرسي ڪهڙيون شيون ٿينديون آهن ته پوءِ هن لاءِ انڪار جي گنجائش نه رهندي، مطلب اهو ته علم ئي آهي، جيڪو جرئت انڪار پيدا ڪري ٿو. ڪوڙ کان غلط روايتن کان اهڙي طرح سان جيستائين فطرت جا راز نٿا کلن، تيستائين علم جا دليل طاقتور نٿا ٿين ۽ ماڻهو اڻ ڄاڻ ۽ انڌن عقيدن جي پٺيان لڳن ٿا ۽ جاهل رهن ٿا. ياد رهي ته جاهليت، غلامي ۽ اطاعت سيکاري ٿي، پر علم بغاوت ۽ انفراديت جاڳائيندو آهي. سچائي جو رستو ڏيکاريندو آهي ۽ سچائيءَ جي جستجو لاءِ انڪار جي جرئت هئڻ ضروري آهي، جيڪا قوم آزاد رهڻ چاهي ٿي، سماج کي انسانيت پسندي ڏانهن وٺي وڃڻ جا خواب ڏسي ٿي، ان کي سڀ کان پهرئين علم حاصل ڪرڻو پوندو ۽ علم ئي انڪار جي جرئت پيدا ڪندو آهي.