مهاڳ
هي ڪتاب انهن وجودي وارداتن توڙي نفسياتي ورتائن جي سولي سلوڻي سنڌيءَ ۾ سمجهاڻي آهي. ليکڪ پنهنجي ادراڪ کي سمجهه ۽ سُرت سان لفظن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. نفسياتي لفظ اصطلاح، معنائون، تشبيهون ۽ سمجهاڻيون توڙي بين الاقوامي نفسياتي ۽ سماجي علمن جي ماهرن جا حوالا اهڙي سهڻي نموني ڪتب آيل آهن، جيڪر محسوس ائين پيو ٿئي ته نفسيات جي وسيع سمنڊ کي هڪ ڪوزي ۾ بند ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هي علم هڪ منجهيل سُٽ آهي. ڪنهن به ليبارٽريءَ ۾ ڪو ڪيميائي مادو استعمال ڪري، ڪا ٽيسٽ ڪري، هن جي مرضن جي سڃاڻپ ممڪن نٿي ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته هي هڪ Non Evidence Base (يعني جنهن علم جي مادي ۽ ڪيميائي طريقي سان گواهي نه ملي) وارو علم آهي. سوچن ويچارن، حس جي پهلوئن، سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيتن کان ويندي، روين جي ڳنڍيون لڳل سُٽ کي سلجهائڻ لاءِ هر ماهر وٽ پنهنجي پنهنجي سمجهاڻي آهي، ڇاڪاڻ ته دماغ هڪ وڏي ڪائنات آهي، انهيءَ ڪائنات جا پنهنجا پنهنجا لقاءَ آهن، جيڪي وقت جي وير سان بدلبا آهن، توڙي جو روين ۽ دماغي ڪيفيتن کي تبديل ٿيڻ ۾ لمحا ئي لڳندا آهن، پوءِ اهي لمحا ئي فيصلائتا هوندا آهن، جيڪي انهيءَ ماهر کي انهيءَ بيماري پرکڻ لاءِ ڪا شاهدي بڻجي گس ڏسيندا آهن. هڪ تز ڄاڻ، گهرائي کي پرکڻ جي صلاحيت ۾ ڀڙ هجڻ، تڏهن ئي ممڪن هوندو آهي، جڏهن اهي پرکيندڙ نفسيات ۽ سماجيات توڙي ان سان واڳيل مختلف علمن جي گهراين ۾ ڪي ٽٻيون هڻي ويٺا هجن. هي علم خشڪ، گهٽ ڌيان سبب سدائين نظرانداز ٿيندو رهيو آهي، انهي کانسواءِ خلق وٽ خواري ۽ کل جي ڊپ کان هن علم واري بيمارين جي مرض ۾ مبتلا مريض کي انتهائي بيدرديءَ سان لڪائي، اذيتن جي ڌٻڻ ۾ اڪيلو زندگيون گذارڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. سائنسي ترقي، علم جي واڌ ويجهه، مسئلن جي ڳنڀيرتا توڙي هر شعبي ۾ نفسيات ۽ طب نفسيات جي وڌندڙ گهرج پٽاندڙ سڄي دنيا توڙي صحت جي عالمي ادارن جي هر ايجنڊا ۾ هاڻي هن علم کي اولين ترجيح ڏني پئي وڃي.
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ علم تدريس جي شعبي سان وابسته رهندي، پنهنجي اندر علم جي واڌ ويجهه لاءِ جتن ڪندو رهندو آهي، سندس سٻاجهڙي ڌيمي لهجي واري طبيعت هر سوال جو تز ۽ خلاصي سان جواب ڏيڻ، علم جي گهراين ۽ گهڻ پاڙهو مزاج جي شاهدي ڏيندي آهي، سندس سمورو قلمي علمي پورهيو، پروفيسر شپ ۽ پي ايڇ ڊي سنڌي، سنڌيت جي مختلف پهلوئن جي آسپاس ئي گهمي ٿي، علم نفسيات، لطيفيات، سماجيات، مارڪس وادي نظريا، ڇيد ڪرڻ جي صلاحيت، تحقيقي قوتون، ملڪي توڙي غير ملڪي حالت پٽاندڙ سنڌي سماج، ماڻهن ۽ علمي واڌ ويجهه بابت سندس لکڻيون هر حال ۾ حالتن سان برميچي اچن ٿيون. سندس هيءُ ڪتاب ”سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾“ هڪ بي مثال واڌارو آهي. ڪتاب جي ٻولي، حوالا، تشبيهون ۽ سمجهاڻيون لطيف سرڪار کان ويندي سماجي نفسياتي ڏاهن جا ڏنل ٽوٽڪا، قول قرار، هن ڪتاب کي جلا بخشين ٿا. هن ڪتاب جو واڌارو سنڌي سماج، اديب توڙي عام ماڻهوءَ جي فڪري آبياري ڪيتري ڪندو، انهي جو جواب پڙهندڙ يا تنقيد ڪندڙ، ليکڪ کي سڌوسنئون ڏيڻ جو حق رکن ٿا. نفسيات توڙي طب نفسيات علم جو ننڍو شاگرد هئڻ ناتي، مون کي انهيءَ ڳالهه جي خوشي آهي ته پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ هن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي.
ڪتاب جا عنوان ايترا ته دلچسپ آهن، جو عام قاري هڪ هڪ عنوان کي واري واري پڙهڻ لاءِ مجبور ضرور ٿيندو. ڇاڪاڻ ته لاشعور، تحت الشعور کان ويندي شعور تائين سمجهاڻيون ۽ رومانس جا راز توڙي هيرو ازم جا مفهوم ايڏا ته لاڀائيندڙ ۽ ڇڪيندڙ آهن، جو پڙهندڙ اهي سموريون وارتائون پاڻ ۾ سموهيل محسوس ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌي سائنسي ادب ۾ نفسيات ۽ طب نفسيات تي ڪي به برجستا سولي سمجهاڻين وارا ڪتاب موجود نه آهن. حالتن ۽ ميڊيا جي وڌندڙ يلغار توڙي ڪارپوريٽ ڪلچر کان ويندي، عالمي ڳوٺ جي صورت ۾ تبديل ٿيل دنيا جتي ترقيءَ جون ٻرانگهون ڀريندي، اسپيس ايج کان وٺي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، اتي اهي روحاني طور اڪيلائپ جو پڻ شڪار ٿيا آهن ۽ اها ويڳاڻپ ئي آهي، جيڪا روين جي ڌٻڻ ۾ نهوڙيندي وڃي پئي. انسان کي ائين محسوس ٿئي پيو ته هو وڏيون منزلون حاصل پيو ڪري، پر هن کي اها خبر ناهي ته اهو ويڳاڻپ جو هائيڊروجن بم سندس وجود کي فنا ڪري وجهندو، اهو فنا ٿيڻ هيل تائين انسان کي جذبن، روين، ڪيفيتن واري وجود مان بدلائي هڪ ڪل (مشين) بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هڪ خود ڪار ڪل جيان پنهنجي سسٽم ۾ فيڊ ٿيل ڊيٽا تحت وڃي پيو، وجود جي وارداتن ۾ وڪوڙجندو. هن ڪتاب ۾ کٽيندڙ کان ويندي هارائيندڙ لاءِ انيڪ اهڙا اتساهه آهن، جيڪي سندس جيئڻ جي دستور ٺاهڻ لاءِ حامي ۽ مددگار آهن. شرط اهو آهي ته هن علم تي اڃان وڌيڪ ڪي ڪتاب اچڻ کپن، ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي ۽ ڊراما، فلمون ۽ ڪهاڻيون لکيون وڃن ته جيئن اندر جي اڌمن کي سمجهڻ ۾ آسانيون پيدا ٿي سگهن. هي ڪتاب پنهنجي موضوع جي لحاظ کان الڳ ٿلڳ حيثيت رکي ٿو، ڇو ته جبلتِ مرگ ۽ جبلتِ حيات، احساس ڪمتري، پيار يا عشق جو جنس سان ڪهڙو تعلق آهي کان ويندي، سارتر ۽ سندس ساٿين جي وجوديت واري فڪر جي نفسياتي جائزي توڙي خوشبوءِ، رنگ ۽ نفسيات کانسواءِ ڪارل مارڪس سگمنڊ فرائيڊ ۽ سارتر وٽ جدلياتي فلسفي جي هڪجهڙائي جهڙا موضوع، هن ڪتاب کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائين ٿا. ليکڪ پاران ”اَلله ڏاهي مَ ٿِيان ڏَاهِيُون ڏُک ڏِسن“ جهڙي آفاقي بيت جي معنيٰ هن ريت سمجهائي آهي ته، ڏاهپ دنيا، سماج ۽ ڪائنات جي ڪاڪ محل مان ڦرندي آخر مابعد الطبيعاتي ميدان جي اونداهيءَ ۾ مايوس ٿي وڃي ٿي، ڏاهپ ماڻهو کي اڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن ڪري انهن جي ننڍين ننڍين ڳالهين ۽ عام واقعن ۾ دل نه لڳندي آهي. ڏاهو ماڻهو جيون جي حقيقت کي ڄاڻي وٺندو آهي، نتيجي ۾ هو دنيا جي مسئلن جي مها ڄار جي باري ۾ غور و فڪر ڪندي، نيستي(Nothing) تي وڃي پهچندو آهي، جتي اڳيان خاموشي ۽ ماٺ آهي، ڪوبه رومانس نه آهي، ڪابه شئي زندگيءَ کي معنيٰ نٿي بخشي. انهيءَ کانسواءِ جيون هڪ بي معنيٰ سوال جي تشريح، اهڙي نموني ڪئي اٿس، جو پڙهندڙ کي وري وري پڙهڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. هن ڪتاب جي اسان جي سماج کي ضرورت آهي. جهڙي ريت اسين پنهنجي ڪرمن کي ڪيفيتن جو قيدي بڻائي، رهزنين کان ويندي قبيلائي انائن جي ڏانٽي سان جيئرين جانين جا ڪنڌ ڪپي رهيا آهيون، جنهن مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته اهو ڪيفيتن جو قيدي هجڻ، غارن جي وقت جي وحشي پڻي جي يادگيرين کي تازو ڪري پيو، ڇاڪاڻ ته علم نفسيات ۾ اڊ يعني جسماني جبلت انسان جي وجود تي حاوي بڻجي، سڀ ڪجهه ڪرڻ تي راضي ڪيو ويٺي آهي. سماجيات جي علم جون معنائون ۽ مفهوم اسان جي اڳيان ڪا حيثيت نٿا رکن، لڳي ائين ٿو ته اسين (Survival of Fittest) يعني ڏاڍو سو گابو واري صورتحال ۾ جيئون پيا، سنڌي قوم کي هڪ اتساهه واري رهبري جي ضرورت آهي. کوکلن نعرن، نظرين ۽ ضرورتن کي ڇڏي ڪري، هاڻي اسان کي علم جي عميق ۾ گوتا هڻي ڪي موتي ماڻڻا آهن.
حق موجود
ڊاڪٽر شاهنواز ايم ڪي دل
ايم ڪي اسپتال، حيدرآباد
03342628860