ڪارل مارڪس، سگمنڊ فرائيڊ ۽ سارتر وٽ جدلياتي فلسفي جي هڪجهڙائي
بظاهر مارڪس، سارتر ۽ فرائيڊ جي فلسفي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. فرائيڊ جو موضوع نفسيات هو. سارتر وجودي هو ۽ مارڪس جدلياتي ماديت جو فلسفو ڏنو هو، پر هنن جي فلسفي جي تت ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائي به موجود آهي.
مارڪس تبديليءَ جو بنياد مادي کان کنيو، جنهن ۾ هن واضح طور تي قانون متعارف ڪرايا. هڪ تضادن وارو قانون، ٻيو مقدار کان ڪيفيت، ٽيون نفي کان نفي وارو قانون. انهيءَ بنياد تي فطرت جي هر شيءِ تبديل ٿيندي رهي ٿي. غيرجاندار کان وٺي جاندار تائين جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي، انهيءَ جو بنياد انهيءَ قانون تي رکيل آهي، پر ڇا انسان جو ذهن، شعور جدلياتي شعور مادي حالتن جي تابع آهي؟ جانور کان انسان بنجڻ واري سفر ۾ به مادي حالتن جو هٿ هو. جڏهن انسان هٿيار کنيو ته هو جانور کان علحده ٿي ويو، يعني محنت واري عمل ماڻهوءَ کي جانور مان انسان ٺاهيو. مارڪس چيو هو ته:
“The labour of millions of ordinary men and women constitutes the indispensable foundation of mankind’s life and progress. (1)”
مارڪس سماجي تبديلي ۽ ترقيءَ جو بنياد به پيداواري ذريعن جي تبديليءَ کان ڄاڻايو هو ۽ هن اهو به چيو ته معاشي حالتون ئي فلسفي جو تعين ڪنديون آهن. يعني انساني شعور به جدلياتي عمل ۾ آهي، پر انهيءَ تبديليءَ جو تعين مادي حالتون ڪن ٿيون، پر اتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر انسان هٿيار ڇو کنيو؟ ڇا انسان جي ذهن ۾ شعور جي اها خاصيت هئي ته هو مادي حالتن مان هي نتيجو ڪڍي؟ نه ته ٻي صورت ۾ ٻين جانورن لاءِ به اهي مادي حالتون هيون، انهن هٿيار ڇو نه ٺاهيو يا کنيو؟
“The force by which the sexual instincts is represented in the mind we call “libido”. Sexual hunger regarding it as analogous to the force of hunger or the will to power and other such trends among ego.” (2)
لبيڊو اها طاقت آهي، جنهن جي ذريعي جنسي جبلت کي ذهن ۾ نمائندگي ملندي آهي ۽ اسان لبيڊو کي جنسي طلب به چئي سگهون ٿا ۽ شدت اختيار ڪرڻ کان پوءِ بک، هوس، طاقت جو رُخ به وٺي سگهي ٿي.
لبيڊو فارم جي معنيٰ ويسٽر آمريڪن ڊڪشنريءَ ۾ هن ريت لکيل آهي:
Libido: psyche analysis, psychic energy generally specific a basic from of psychic energy comprising the positive loving instincts and of personal development (3)
هاڻي اسان لبيڊو کي واضح طور سمجهي سگهون ٿا ته اها قوت آهي، جنهن ذريعي جنسي لذت کي ذهني طور محسوس ڪري سگهجي ٿو. اتي اها ڳالهه واضح ٿيڻ گهرجي ته جنس ٻن قسمن جي آهي، هڪ جسماني طور (جبلي طور ضرورت وقت) ٻيو ذهني طور.
ذهني طور جنس جو تعلق صرف انسان سان آهي، اها قوت جانور ۾ ناهي. جانور کي جڏهن جبلي طور محسوس ٿيندو آهي ته اها ضرورت پوري ڪندو آهي، پر انسان جو لبيڊو فارم ارتقائي مرحلن مان ترقي ڪندو، اهڙي مرحلي تي پهتو، جو هن جو جدلياتي عمل واضح ٿيڻ لڳو.
لبيڊو ذهني سطح تي مسلسل تبديلي ذريعي ترقي ڏانهن وڃي ٿو. اڄ جيڪا شيءِ مسرت، لذت ۽ سُک جو باعث آهي، سڀاڻي ان مان اها لذت نه ملندي، تنهن ڪري ان جي ڪيفيت ۾ تبديليءَ جي ضرورت آهي. مثال انسان روز ڪڪڙ جو گوشت نه کائي سگهندو. ڪڏهن سبزي، ڪڏهن دال، ڪڏهن پلاؤ، ڪڏهن ٻوڙ، ڪڏهن ڪجهه ٻيو، پر يڪسانيت مان هو ڪڪ ۽ بدذائقي وارو ٿي پوندو، ايتري قدر جو سندس پسنديده کاڌو کارايو وڃي، بغير وقفي جي، ته هو هڪ ڏينهن الٽيون ڪري ڪڍي ڇڏيندو، پر کائي نه سگهندو، تنهن ڪري تبديلي لازمي آهي. اهوئي سبب آهي جو ماڻهو وڻن جي پنن، ڪچو گوشت کائيندي سٺا سٺا طعام تيار ڪرڻ تائين اچي پهتو آهي. رهڻ جي جاءِ، فرنيچر، آسائشون، سواري سڀني شين ۾ آهستي آهستي ڪيفيتي تبديلي ڪري انسان سک، لذت ماڻيندو رهيو آهي. فرائيڊ جنس کي به اهڙي عمل ۾ هئڻ واري ڳالهه ڪئي آهي. طبقاتي نظام ۾ مٿيون طبقو سُک، آسائشون، تبديليون پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي ٿو ۽ غريب ماڻهو ضرورت به پوري نٿو ڪري سگهي. تبديليءَ واري ڪيفيتي عمل مان گذري لذت، مسرت ڪٿان ماڻيندو؟ ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪوشش هو ڪري به ٿو ته وري مٿان سماج جا قدر کيس روڪي ڇڏين ٿا ۽ اهڙيءَ طرح لبيڊو فارم جو جدلياتي عمل رُڪجي وڃي ٿو ۽ انسان بيهڪ (Fixation) جي ڪري جانوراڻي حالت ۾ پهچي وڃي ٿو. ان وقت جدليات جو عمل صرف مادي طور عنصرن جو ٿئي ٿو، انسان جي ذهني ڪيفيت جو نٿو ٿئي، تنهن ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته انسان جو جانور مان انسان ٿيڻ جو سبب لبيڊو فارم آهي. مسلسل تبديلي ذريعي لذت جو حصول انهيءَ کي مجبور ڪري ٿو ته هو هٿيار کڻي، هو حالتن ۾ تبديلي پيدا ڪري.
ياد رهي ته ضرورتن کي طبقاتي سماج ورهائي ڇڏيو ۽ سرمائيداري سماج وري ضرورتن کي صرف معاش جي دائري ۾ قيد ڪري ڇڏيو، اهوئي سبب آهي، جو اسان وٽ جنس ۽ معاش کي الڳ الڳ سمجهيو ويندو آهي. اصل ۾ اهي ضرورتون آهن، پهرئين جنس آهي يا معاش. اهو ٻاراڻو سوال آهي بلڪل ائين جيئن پڇجي ته پهرين پاڻي ضروري آهي يا ماني؟ يا ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ عورت ضروري آهي يا مرد؟ ماڻهو مانيءَ کان بغير زندهه رهي نه سگهندو، جسماني طور مري ويندو، پر جنسي عمل کان بغير ذهني طور مري ويندو. (مطلب ته انسان مري ويندو، باقي جانور وڃي رهندو).
مارڪس جو اهو جملو ڏاڍو معنيٰ خيز آهي ته:
”انسان کي اڃا اُڀرڻو آهي.“
هاڻي توهان غور ڪندا ته مارڪس کان وڌيڪ فرائيڊ جي نفسيات ۾ سماجي انقلاب جي ڳالهه آهي. فرائيڊ جي لبيڊو جي تڪميل لاءِ مارڪس جي معاشي انقلاب جي ضرورت آهي.
اڃا به بنيادي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر انسان ۾ لبيڊو ڇو آهي؟ ۽ لبيڊو فارم جي تبديليءَ واري ضرورت ڇو آهي؟ ان جو جواب وجوديت ٿي ڏئي:
سارتر چيو هو:
“Being presupposes essence, although essence appears in relation to being returns to its ground, being is surpassed in essence”.(94)
وجود جوهر کان پهرين آهي. پهرئين وجود پنهنجو پاڻ کي سامهون ٿئي ٿو، جوهر جي تشڪيل پوءِ ڪري ٿو، پر اهو جوهر هر ماڻهوءَ جو پنهنجو آهي ۽ اهو به مستقل ناهي. مطلب ته انسان پنهنجي دنيا خود تعمير ڪندو آهي، انهيءَ ڪري ته وجود هڪ مڪمل نيستي خال آهي ۽ انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ هستي بنجڻ لاءِ ماڻهو مسلسل سرگرم عمل رهندو آهي، ڇو ته ڪابه شيءِ سندس ذات جي خال کي پُر نه ڪري سگهندي آهي. (انهيءَ ڪري ته ڪابه شيءِ سندس وجود جي متحمل ئي ناهي، سندس طئي شده جوهر آهي ئي نه).
انهيءَ ڪري هو مسلسل جستجو ڪندو آهي، پر رهندو اڌورو آهي ۽ اهو اڌورو پڻ جو احساس سڄي عمر کيس ڀٽڪائيندو آهي. هو هر وقت پنهنجي نيستي، خلا مان نڪرڻ لاءِ فطرت، سماج، رسمن، رشتن، آسائشن، تخيل، سان رومانس جو رشتو جوڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر اهو خود فريبيءَ تي مبني هوندو آهي:
“We say indifferently of a person that he shows signs of bad faith or that he lies to himself”. (5)
تنهن ڪري انسان ڪنهن هڪ شيءِ تي ٽڪي بيهي نٿو سگهي. هو مسلسل چونڊ ڪندو رهي ٿو، اهو چونڊ جو عمل ڪڏهن به ختم ٿيڻ جو ناهي. ماڻهو ذات جي خلا کي انهيءَ وقت اڃا به وڌيڪ محسوس ڪري ٿو، جڏهن وجودي وارداتن مان گذري ٿو. جهڙوڪ: موت، دهشت، بوريت، ڪراهت، واهيات پڻو وغيره. ۽ انهن وجودي وارداتن جو احساس ان وقت وڌي وڃي ٿو، جڏهن تبديليءَ جو عمل رڪجي وڃي ٿو. لبيڊو فارم جدلياتي عمل کان ڪٽجي وڃي ٿو، يا وري سماج بحران جي ور چڙهي وڃي ٿو، جيئن موجوده پاڪستاني سماج مڪمل بحران جو شڪار آهي. معاشي بحران، اخلاقي بحران، دهشت گردي، ويڳاڻپ، ڏيکاءُ پرستي، ناانصافي، بي وسي ۽ ڊپريشن وغيره.
جدليات جا رُخ صوفي ازم. هندستان جي قديم فلسفن جهڙوڪ: ٻڌازم، چارواڪ، ڪرشنا وٽ ۽ يونان جي هيراقليطس وٽ موجود هئا. سنڌ جي صوفي ازم ۾ به اهڙو طريقو موجود آهي، پر فرق اهو آهي ته سنڌ جو تصوف مذهب سان ڳنڍجي ويو آهي، جنهن ڪري هنن وٽ وجود پهريائين ناهي، بلڪ جوهر مان نڪتل حصو آهي ۽ جوهر خدا آهن. انسان اڌورو خال آهي، هو مڪمل تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن خدا کي حاصل ڪري، يعني پنهنجي ذات کي خدا ڏانهن منتقل ڪري، انهيءَ لاءِ روحاني تجربن مان گذرڻو پوندو، عشق ڪرڻو پوندو، باقي دنيا ۾ دل لڳائي، رومانس پيدا ڪري، ذات جي تڪميل نٿي ڪري سگهجي، ڇوته اها مايا آهي، جنهن کي فنا آهي، پر شاهه لطيف رومانس جي به ڳالهه ڪئي آهي، ڀرپور زندگيءَ جي عشق ۽ محبت جي، پرينءَ جي پيار جي نينهن اڇل جي، يعني هڪ خوشحال سماج جي ڳالهه ڪئي آهي:
اَڱڻ تَازيُون، ٻَاهِر ڪنڊيون، پَکا پَٽ سُونهن،
سُرهيءَ سَيج، پَاسي پِرِين، مَر پِيا مِينهن وَسَن،
اَسان ۽ پرين، شَال هُون بَرابَر ڏِينهَڙا.
شاهه لطيف جو اهو تصور ڪنهن سائنسي ڪميونزم، جدلياتي ماديت واري عمل ۾ رهڻ واري انسان کان مختلف ناهي.
هندستان جي ساڌن، يوگين، ٻڌن مسلسل تبديليءَ ۽ مسلسل ڏکن کان بچڻ لاءِ مايا سان دل لڳائڻ واري عمل کان بيزار ٿي، نرواڻ مڪتبي جي ڳالهه ڪئي، ڇوته مسلسل تبديلي ۽ ڀڄ ڀڄان ماڻهوءَ کي بيزار ۽ ماندو ڪري وجهي ٿي، ماڻهو وڌيڪ ڏکن ۾ هليو وڃي ٿو، پر فرائيڊ انهيءَ کان بچڻ لاءِ Sublimation مهذب پڻي جو فلسفو ڏنو. هن چيو ته انسان وٽ جانوراڻيون جبلتون آهن. مثال: چير ڦاڙ، وڙهڻ ۽ جنس وغيره.
“Sublimation: which is the solution par excellence. Sublimation means transforming the instinct into socially useful, as when unsatisfied maternal instincts are transformed in to an interest in orphans or school, teaching and the aggressive instincts into an interest in surgery”. (7)
اهڙيءَ طرح سان جبلي حيواني ضرورتون، سماجي، انساني، ضرورتن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون، پر ياد رهي ته پهريائين ضرورت آهي، جيڪا جانوراڻي وجود کي قائم رکي ٿي، پوءِ انساني ضرورت يعني ڪيفيتي طور تبديلي، يعني ضرورت پوري ٿيڻ کان پوءِ هو معيار (Quality) ڏانهن ويندو، انهيءَ ڪري شيخ اياز چيو هو ته:
ڍؤ بنا ڍولا، ناهي سَاڃاهه سُونهن جي.
ڇوته ڍؤ کان پوءِ ئي هن ۾ ذوق پيدا ٿيندو، بهترين چونڊ تڏهن ئي ڪندو، جڏهن هن وٽ سڀ ڪجهه مهيا هوندو، پر هن وٽ آهي ئي دال ته گوشت کائڻ وارو ذوق ڪٿان پورو ڪندو؟ سخت اُڃ مري رهيو هوندو ته گٽر جو گندو پاڻي به پي وٺندو، سخت جنسي گهٽ ۽ هيجان ۾ طوائف وٽ به هليو ويندو، ڇو ته زندهه رهڻو آهي پر ڇا اها زندگي انسان جي هوندي؟ ڇوته صرف انساني حُلئي سان ماڻهو انسان نٿو ٿي سگهي، پر جيڪڏهن هر شيءِ ڪثرتي انداز سان بغير جهل پل جي موجود هوندي ته پوءِ ذوق واري مهذب طريقي سان چونڊ ڪندو، سٺي کان سٺي شيءِ ڏانهن ويندو.
انسان جي تخليق هئڻ جو اهو جدلياتي عمل ڪروڙن سالن جو آهي، گڏيل تجربن جو آهي، تنهن ڪري هڪ ڏينهن ۾ يا هڪ فرد جي زندگيءَ ۾ سڀ سهوليتون مهيا ڪري، کين جهنگ ۾ انسان نٿو بڻائي سگهجي.
آئون ايئن نٿو چوان ته ٽنهي فلسفين جي فلسفن ۾ ڪي اختلاف ڪونهن. ڪافي اختلافن جي باوجود هڪ جهڙايون به آهن، جن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.