11. وجودي فڪر جو نفسياتي جائزو
وجوديت انسان ۽ خدا جي رشتي کي طئي ڪري ٿي، ڇا هي سنسار حقيقي آهي؟ تصور، خيال ۽ حقيقت ۾ ڪيترو فرق آهي؟ ڪائنات جو بنيادي محرڪ سگهه آهي يا مادو؟ خدا لامحدود تصور آهي، جيڪو ماڻهو عقلي طور جهٽي نٿو سگهي. وجودين جو خيال آهي ته اهو تصور هڪ ئي آهي، جيڪو وجود جي روپي سنسار ۾ موجود آهي، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا روپي سنسار جي پٺيان ڪجهه آهي؟ اتان وجوديت ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي؛ هڪ ديني وجوديت ٻيو لاديني وجوديت. ديني وجوديت جي مطابق ڪائنات جو روپ وجود جو ڪثرتي روپ آهي، جنهن جي وحدت هڪ ازلي ۽ آخري سچ آهي، جيڪو خدا آهي، يعني انسان هڪ ازلي وجود جو ڪثرتي روپ آهي، جيڪو حقيقي وجود کان وڇڙيل جُز آهي، يعني زندگي هڪ وڇوڙو آهي، جيئن آدم عليه السلام کي زمين تي پنهنجي گناهه جي سزا ڀوڳڻ لاءِ اڇلايو ويو، جنهن مطابق زندگي هڪ سزا آهي، انسان پنهنجي گناهن جي معافي وٺي بخشرائي ته کيس جنت ملندي، هندو مت ۾ به انسان جنم جنم کان سزا ڀوڳي رهيو آهي، هن جا ڪرم ئي کيس جنم جي چڪر کان مڪت ڪري سگهن ٿا.
لاديني وجوديت ۾ انسان جو جوهر ناهي، ڪو به وجود پنهنجي وجود جو سامهون ڪري، پوءِ وقت به وقت پنهنجو جوهر ٺاهيندو رهندو آهي، پر ڇو ته جوهر ناهي، انهيءَ ڪري جيڪو جوهر ماڻهو پنهنجو ٺاهي ٿو، اها خود فريبي آهي، پاڻ کي دوکو آهي، پر مجبوري اها آهي ته جي پاڻ کي دوکي ڏيڻ جي صلاحيت نٿو رکي، ته کيس ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو يا چريو ٿيندو، ڇو ته جوهر طئي ٿيل ناهي، انهيءَ ڪري هر عمل مان آخر ماڻهو بور ٿي پوي ٿو، هر شيءِ مان آخر واهياتپڻو ظاهر ٿيو پوي، انهيءَ ڪري هر عمل بي تڪو ٿيو پوي، ماڻهو هر لمحي جيئڻ لاءِ ڪا نه ڪا چونڊ ڪري ٿو، جي چونڊ نٿو ڪري ته اها به سندس چونڊ آهي، انسان بي وس ۽ لاچار آهي.
سارتر هن سلسلي ۾ انسان کي آزاد قرار ڏئي ٿو، سندس خيال هو ته انساني فطرت جهڙي ڪابه شيءِ ناهي. هو چونڊ جي عمل ۾ آزاد آهي، پر هن دنيا جي دائري مان ڪيڏانهن ٻاهر ڀڄي نٿو سگهي، سندس آزاديءَ کي متاثر ڪرڻ وارو صرف ٻئي جو وجود آهي، انهيءَ ڪري ”ٻيو ماڻهو جهنم آهي“، هن جو وجود هڪ خال آهي، جنهن ۾ هر لمحي چونڊ واري عمل سان ڀرڻو آهي، پر اهو خال ڀرجڻو ناهي. هاڻي غور سان ڏسنداسين ته وجوديت دنيا جو پراڻو ۽ فطري فلسفو آهي، جيڪو اوڀر ۾ مذهب اندر صوفي مت جي روپ ۾ظاهر ٿيندو رهيو آهي، پر يورپ ۾ جديد وجوديت جي روپ ۾ ڪرڪي گارڊ کان وٺي سارتر تائين جي فلسفي ۾ ظاهر ٿيندو رهيو آهي. غور سان ڏسنداسين ته وجوديت ۾ وڏو مسئلو خود وجود طئي ڪرڻ جو آهي ته آخر وجود جهڙي شيءِ آهي؟ يعني واقعي به ڪو وجود موجود آهي؟ يا انسان مادي ظاهريت ۾ صرف هڪ خال کڻي هلي ٿو، جيڪو مخصوص زمان مڪان جي ٿانو ۾ پاڻيءَ وانگر آهي، جنهن جو ڪو رنگ ناهي، ڪو ذائقو ناهي، بغير ٿانوءَ جي خلا ۾ وجود نٿو رکي سگهي، وجود جيڪڏهن جسم آهي ته اهو مختلف جزن ۾ ورهايل آهي. هن ڌرتيءَ جا سڀئي عنصر ان ۾ موجود آهن، وار، جسم، رت، هڏا سڀ ترڪيبي عنصر آهن، جيڪي صرف هڪ ڪمپوزيشن ۾ آهن، جن جو هڪ تناسب آهي، ڪا نئين شيءِ ناهي، جي اهو وجود آهي ته اهو ڪائناتي عنصرن جو جمع ٿيڻ آهي، جي انسان ۾ ڪا سگهه آهي ته اها هر مادي ائٽم ۾ موجود آهي، پوءِ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته روح ڇا آهي؟ ڇا ڪو روح آهي؟ جيڪڏهن ڪو روح آهي ته اهو ڪٿان آيو آهي؟ ۽ ڪيڏانهن ويندو؟ ان روح جي ڪا الڳ دنيا آهي؟ مطلب ته وجود جي ڪا وصف ناهي، انهيءَ سلسلي ۾ ڪا ڳالهه سلجهيل يا منطقي ملي ٿي ته اها صوفين جي آهي، ته روح ڪنهن ازلي وحدت جو جز آهي، ان جو ڪثرتي روپ انهيءَ وحدت کان وڇڙيل آهي، پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته انسان انهيءَ عمل مان ڇو گذري ٿو؟ ڪو منطقي جواب نٿو جُڙي، تنهن ڪري مذهبي وجوديت يا لاديني وجوديت هڪٻئي کان مختلف ناهن. نفسياتي طور اهڙو بي تڪو وجود جنهن جو ڪو منصب ناهي، ڪا منزل ناهي، هڪ سفر ڪندي فنا ٿي وڃڻو آهي، اهڙو تصور ماڻهو ۾ وجودي وارداتون اڀاري ٿو:
1. بوريت
2. موت جو خوف
3. ابسرڊٽي
4. دهشت
5. مايوسي
6. بيڪاريت
7. اڻ ڄاتل خوف
8. ڪراهت
وجودي وارداتون اهي ڪيفيتون آهن، جيڪي هر انسان ۾ لازمي طور پيدا ٿين ٿيون، تنهن ڪري وجودي نفسيات جو هڪ اهم باب کلي ٿو. هي اهي ڪيفيتون آهن جيڪي وقتي طور ته هر ماڻهو ۾ ٿين ٿيون، پر جي وڌيڪ وقت ماڻهو انهن جو شڪار رهي ته پوءِ نفسياتي خلل پيدا ٿيندو، کيس خوشي محسوس نه ٿيندي، خود ڪشي ڪرڻ چاهيندو، يا چريو ٿي پوندو. وجوديت جي انهن ڪيفيتن تي ماڻهو زندگي ڏانهن موٽي ٿو، جو سنگت جوڙڻ، رواج رسم، گهمڻ ڦرڻ، محبت، جنسي مزا، تخليق ڪرڻ، سڃاڻپ پيدا ڪرڻ، شهرت حاصل ڪرڻ وغيره سڀ اهي عمل آهن، جن ۾ ماڻهو وجودي وارداتن کان ڀڄي پناهه وٺندو آهي، پر وجودي پاڻ بهلائڻ ۽ ڪوڙا دلاسا ڏيئي آخر ٿڪجي پوي ٿو، وري ڪوڙ جو سهارو وٺڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري البرٽ ڪاميو چيو هو:
"Fiction is the lie through which we tell the truth"
تخليق اهو ڪوڙ آهي، جنهن ذريعي سچ کي سمجهي سگهجي ٿو. تخليق تخيل جي قوت سان ڀريل آهي، تخليق جي ذريعي ماڻهو تخيل جي نئين دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري جيئن تخليق ڪري ٿو ته ماڻهوءَ جي مرڻينگ شخصيت کي قرار ملڻ شروع ٿئي ٿو، ڇو ته هو اندر جي دٻيل خواهشن جو اظهار ڪري ’ڪيٿارسسز‘ ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح وجودي وارداتن مان جند ڇڏائڻ جو موقعو مليو وڃي. انسان هڪ عجيب جيو آهي، جنهن جي ڪا معروضي منطق ناهي، هن جي طبيعت جا هزارين پاسا آهن، تنهن ڪري سندس هزارين ڪيفيتون آهن، هن کي شعور جي قابو ۾ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، انسان جي مزاج کي مڪمل ڪير به نٿو سمجهي سگهي، ايتري قدر جو پنهنجو پاڻ کي به نٿو سمجهي سگهي، ڇوته هن وشال ڪائنات ۾ انسان زمان و مڪان ۾ قيد وائڙائپ جو شڪار آهي. علم، ڄاڻ، سمجهه، ويچار سڀ جزوي ۽ مادي آهن، انسان شعوري طور هڪ دائري ۾ سواليه نشان آهي، هن ڳالهه جي سمجهه گهڻن ساڃاهه وندن، سماج وادن، ترقي پسندن، اميد پرستن جي دائري ۾ نٿي اچي ۽ اهي سوال انهن جي سوچ ۾ اچن ئي نٿا، ڇو ته وجودي شعور، عملي طور انهن ڪيفيتن مان گذرڻ کان پوءِ حاصل ٿئي ٿو، تنهن ڪري ڀوڳنا، ڏک، بي انتها وجودي ٻڏتر ۽ احساس جي حد پار ڪندڙ اڪيلائي جي ڪيفيت جيستائين ماڻهو نٿو ڀوڳي هن وٽ وجود جو سوال اڀرندو ئي ڪونه. !!
ڏيکاريس گُوندر گَس پِرينءَ جو،
سونهائي سُورن، ڪي هيڪاندي هَوت سِين.
هاڻي سڀئي ڏک يا سڀئي سک انسان لاءِ نه ته هاڃيڪار آهن نه وري سک سلامتي لاءِ آهن. اهي زندگيءَ کي ڌونڌاڙين ٿا، جهنجهوڙين ٿا، ان وقت توهان ريسٽ زون يعني سڪون واري حالت مان نڪري ڪا جدوجهد ڪريو ٿا، يقينن اهو وقت ڏکيو ضرور آهي، ان وقت ماڻهو پريشان ضرور ٿئي ٿو، پر جڏهن جفاڪشيءَ کان پوءِ ڪاميابي ملي ٿي، ته هڪ عجيب سُرور ۽ خوشي ملي ٿي، جيڪا زندگيءَ کي وڌيڪ سگهارو ڪري ٿي.
جيڪڏهن مڪمل زندگيءَ جي حالت ۽ مطلب کي سمجهيو وڃي ته مايوسي ٿيندي. تنهن ڪري جيڪڏهن مڪمل شعوري طور زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪبي، ته انتها جي ڏکيائي ٿي پوندي، بلڪل ائين جو توهان ساهه شعوري طور کڻڻ شروع ڪريو ته ٿوري دير ۾ ٿڪي پوندا، بيزار ٿي پوندا، اهڙيءَ طرح زندگي جبلت طور خود ڪار پنهنجو پاڻ گذرندي آهي، جنهن ۾ ڏک ۽ سک ايندا رهندا، پر وجودي ڪيفيت شعوري طور هوشيار بنائي ڇڏي ٿي، مشڪل ان وقت اچي ٿي، جو ماڻهو سوچڻ لڳي ٿو ته جيئڻ ۾ ڪو وقفو ناهي، ڪٿي ٿڪ ڀڃڻ جي جاءِ ناهي، مسلسل جيئڻ ڪيڏو ٿڪائيندڙ عمل آهي، اهو ئي وقت آهي جڏهن شاهه لطيف چوي ٿو:
اَلا! ڏَاهِي مَ ٿِيان، ڏَاهِيُون ڏُک ڏِسَن،
مُون سَان مُون پِرين، ڀَورائِي ۾ ڀَالَ ڪَيا!