مختلف موضوع

سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾

هيءُ ڪتاب نفسياتي الف ب متعلق هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، جنهن ۾ عام موضوعن ذريعي سنڌي سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، باقي پڙهندڙ انهيءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي، اهو سندس نفسياتي ڪيفيت تي ڇڏيل آهي.
Title Cover of book سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾

Self reflective reading

هڪ پڙهندڙ پنهنجي مطالعي هيٺ آيل/ ايندڙ علم مان شعوري توڙي لاشعوري طور گهڻو ڪجهه پرائي ٿو. ڪي ڪتاب يا لکڻيون سندس احساسن، جذبن، ذهني ۽ جسماني ڪيفيتن تي فورًا اثر ڪنديون آهن، ته ڪي تحريرون سندن فڪري توڙي تخليقي صلاحيتن تي آهستي آهستي اثرانداز ٿينديون آهن. ڪي ڪتاب پڙهندڙ کي هڪڙي لحظي ۾ پاڻ پڏائڻ، خوش ٿيڻ يا احساس برتريءَ جهڙي رويي ۾ جڪڙيو ڇڏين، ڇاڪاڻ جو اهي لکڻيون سندس روحاني، نفسياتي توڙي سماجي ڪيفيتن تي مڪمل طور ٺهڪي اچن ٿيون. ڪجهه لکڻيون وري ساڳئي ماڻهوءَ کي ڪڙيون حقيقتون محسوس ٿينديون آهن، جو اهي سندس اندر ۾ موجود ڪيترن ئي منفي لاڙن، رجحانن، قدرن ۽ روين جو عڪس هونديون آهن.
انسان ۽ سماج هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انساني سماج جو رشتوايترو ته ڳتيل (Integrated) ٿي ويو آهي، جو هاڻي سماجي سائنس کان وٺي ميڊيڪل توڙي ٻين شعبن تائين جيڪو به علمي، فڪري، سائنسي، فلاسافيڪل بحث آهي، سو انساني سماج جي لاڳاپي جي گرد ڦري ٿو. يقينًا ان بحث ۾ ماحوليات ۽ هن ڪائنات جو ٻيو پيڪيج به اچي وڃي ٿو.
جڏهن اڃا سماج جڙڻ شروع ٿيا هئا ۽ ڇڙواڳ ۽ ڇڙوڇڙ ماڻهو هڪ سرشتي هيٺ رياست، قانون ۽ ڪي ضابطا ۽ اخلاق طئي ڪرڻ لڳو هو، ته ان وقت ماڻهوءَ بابت بحث سڄو هن جي نظر ايندڙ جسماني حقيقتن تي هو، جنهن کي اسين طبعياتي بحث به چئي ٿا سگهون. مثال طور: ڪو وڏو حادثو يا بحران ايندو هو، ته ان بحران يا حادثي جي نفسياتي، روحاني، ذهني توڙي فڪري حقيقتن تي ڌيان ڏيڻ بدران ماڻهوءَ جي جسم يا بدن جو گهڻو خيال ڪيو ويندو هو. جيئن جيئن دنيا جديد نظرين ۽ فڪري لاڙن ڏانهن وڌي، ته انسان جي هجڻ جي حقيقت جي پيڪيج ۾ ان ڳالهه تي به بحث شروع ٿيو ته انسان جي جسم سان گڏوگڏ هن جو روح به هڪ حقيقت آهي، جنهن تي انسان جي ذهن ۽ نفسيات کي سامهون رکي بحث هيٺ آڻي ڇيد ڪري سگهجي ٿو ۽ ائين دنيا جي ماڊرن ٿيڻ سان گڏوگڏ اهي بحث به ماڊرن ٿيندا ويا.
مشهور سماجي سائنسدان مائيڪل ڪرسلي پنهنجي ڪتاب “Narrative Psychology- Self, Trauma and the Construction of Meaning” جي هڪ باب “Theories of Self and Identity” ۾ لکي ٿو ته جڏهن ماڻهوءَ جي جسماني ۽ فڪري قد ڪاٺ جو قدر نه هو، ته ماڻهوءَ جي روح، فڪر، نفسياتي ۽ فڪري لاڙن ۽ ٻين احساسن بابت ڪا گهڻي ڄاڻ ئي نه هئي، تنهنڪري اهي بحث Unchallangeable Frameworks ۾ رهيا ۽ پوءِ جيئن جيئن سماج ترقي ڪئي، ته اهو انساني ذهن ئي هو، جنهن ڪائنات جي گوناگونيت، مختلف سماجن جي اوسر ۽ ماڻهوءَ جي ترقيءَ ۾ انساني ذهن جي ڪنٽريبيوشن بابت حقيقتن کي پرکيو ۽ پوءِ جسم سان گڏوگڏ ذهن ۽ انساني نفسيات به اوتري اهميت ماڻڻ شروع ڪري ڏني.
مثال طور ڪو وقت هو ته جنگين ۾ لکين ماڻهو مري ويندا هئا ۽ ماڻهوءَ کان وڌيڪ جاگرافي ۽ زمين ۽ قدرتي وسيلن جو قدر هوندو هو. جيئن جيئن سماج ترقي ڪئي، تيئن تيئن اها حقيقت به کلي ته انساني علم ۽ عقل، فڪر ۽ فهم به هڪ اهڙو قدرتي وسيلو آهي، جنهن جو قدر ڪري سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. جنهن جو مثال هي آهي ته اڄ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪنهن مهذب ملڪ جو ڪو اڪيلو فرد به ڏچي ۾ آهي، ته پوري رياست اچي ڪڙڪندي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هاڻي هڪ فرد واحد به پوري سماج کي لوڏي سگهي ٿو.
هي سڀ خيال ان وقت ذهن ۾ تري آيا، جڏهن مون ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جي ڪتاب ”سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾“ جو مسودو پڙهڻ شروع ڪيو. اهو مسودو تخليق جي نفسياتي ۽ فڪري اڀياس سان گڏوگڏ ان جو سنڌي سماج سان ڳانڍاپي بابت هڪ انتهائي اڪيڊمڪ مواد هو. نفسيات ۽ فلاسافي ڏکيا موضوع هئڻ ڪري اسان وٽ رائج مشهور ادب ۾ ڪا گهڻي جاءِ ان ڪري به نه والاري سگهيا آهن، جو تمام پٺتي پيل سنڌي سماج اڄ به ڪيترن ئي فڪري ۽ نفسياتي سببن ۽ سياسي توڙي سماجي زوال جي ڪري موضوعي رويا رکندڙ سماج آهي. معروضي رويا اڄ اسان کان سوين ميل پري بيٺل آهن.
ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب هڪ سيلف ريفليڪٽو ريڊنگ آهي، جنهن ۾ ڪنهن ناول، ڪهاڻي، افساني يا نظم کي پڙهي رومانوي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيڻ بدران پڙهندڙ کي سماج ۽ ماڻهوءَ جي تعلق جي مختلف لاهن چاڙهن بابت هڪ معروضي ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن قسم جي لکڻين جو رواج اسان وٽ گهٽ آهي، تنهنڪري اهڙي ادب جي مڃتا ته پري ٿي، پر ان کي رڳو جوڳي جاءِ ڏيڻ به اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي.
مثال طور اڄ سنڌي سماج کي جيڪي بحران ۽ چئلينج درپيش آهن، سي هن سماج ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهوءَ جي سماجي، اقتصادي، سياسي ۽ جاگرافيائي حقيقتن جي جائزي سان گڏوگڏ ان جي نفسياتي، فلاسافيڪل ۽ فڪري رجحانن جو فڪري ڇيد نه ڪنداسين، ته اسان هن دور جديد ۾ ڪيئن اڳيان وڌي سگهنداسين. اهو ڪم بنيادي طور تي سماجي سائنسدانن جو آهي، ته هو انهن موضوعن تي ٽيڪاٽپڻي ڪري، ڪي دڳ ڏسي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب انهن مان ڪيترن ئي اهڙن روين ۽ رجحانن تي لکيو آهي، جيڪي بظاهر هڪڙي فرد جي نفسيات سان جڙيل آهن، پر غور سان وڏي فريم ۾ ڏسجي ته اهي فردي ۽ شخصي رويا ۽ نفسيات، اسان جي گڏيل مفادن، اجتماعي ڪيفيتن ۽ مجموعي شناخت جي معاملن تي اثرانداز ٿين ٿا. مثال طور سنڌي سماج ۾ اهو بحث عام آهي ته سياست کان وٺي علمي ادبي حلقن تائين سنڌ جو باشعور طبقو گهڻي وقت تائين گڏ هلي سگهڻ جي صلاحيت يا طبعيت نٿو رکي. ۽ هو جلد ئي مختلف گروهن ۾ تقسيم ٿي ٿو وڃي. هاڻي اهو بحث ته عام جام آهي ۽ ماڻهو ٽهڪ ڏيندي به اهو بحث ڪن ٿا ته ڪنهن مهل انتهائي افسردگيءَ ۾ به ان ڪمزوريءَ تي ڳالهائين ٿا، پر ڇا ان ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪو علمي يا فڪري بحث مباحثو ٿيو آهي، يا ان ڪمزوريءَ جي نفسياتي سببن تي ڪو سنجيده ٽاڪرو ٿيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب ڪن بنيادي انساني ڪيفيتن کي، جيڪي اڳيان هلي ڪنهن به سماج کي ٺاهڻ يا ڊاهڻ، اڳيان وٺي وڃڻ يا نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجن ٿا، تي سڀ کان پهرين عمومي بحث ڪيو آهي ۽ پوءِ ان بحث کي سنڌي سماج جي فڪري ۽ علمي اوسر جي بحث سان جوڙي هڪ اهڙي سٺي لکڻي ڏني آهي، جو اسان سولائيءَ سان ان فريم ۾ پاڻ کي وجهي اهو سمجهي سگهون ٿا ته اسان جا مسئلا ڪهڙا آهن ۽ انهن مان نڪرڻ جا حل ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. هڪ سٺي ليکڪ جو اهوئي ڪمال هوندو آهي ته هو جنرل ڊبيٽ يا عمومي تصورن تي اڪيڊمڪ بحث مباحثو ڪري، پوءِ ان کي پنهنجي ماڻهن يا سماج سان ائين جوڙي، جو پڙهندڙ ان لکڻيءَ کي پنهنجي عروج ۽ زوال جي تناظر ۾ ڏسي، مستقبل لاءِ ڪا پيشقدمي جوڙي سگهي، اها پيشقدمي هڪ سٺو خيال به ٿي سگهي ٿي ته ڪو عملي پورهيو به ٿي سگهي ٿو.
مثال طور هن ڪتاب ۾ شعور، لاشعور، تحت الشعور ڇا آهي، انا، مونجهارا، ذهني دٻاءُ جهڙين ڪيفيتن جا سماجي ۽ نفسياتي سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، احساس ڪمتري، منفي توڙي مثبت چٽاڀيٽي، پيار جو تصور، هيروازم، رومانويت، وجودي فڪر وغيره جهڙن موضوعن تي بنهه سادي ۽ فهميدي انداز ۾ آرگيومينٽ ڪيو آهي، جنهن نه رڳو مون کي هي ڪتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيو، پر گڏوگڏ هن ڪتاب مون کي هڪ اهڙو آئينو ڏيکاريو، جيڪو هڪ عام شهريءَ جي حيثيت ۾ مون کي روزمره جي ڪرت، احساسن ۽ روين بابت هڪ آئينو ڏيکاري ٿو.
پاڻ کان ڪمزور سان معتبريءَ سان پيش اچڻ ۽ پاڻ کان معتبر سان عاجزيءَ سان پيش اچڻ واري نفسياتي لاڙن بابت به هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙو زبردست بحث موجود آهي، جيڪو اڄوڪي سنڌي سماج جو سڀ کان وڏو بحران آهي. مثال طور اسين هڪ بي ڪردار ۽ ڪرپٽ وڏيري کان متاثر ٿيون ٿا، پر هڪ عالم فاضل اسڪول ٽيچر کان متاثر ٿيڻ لاءِ تيار ناهيون. اسين انگريزي ٻوليءَ کان ته متاثر آهيون، پر پنهنجي ٻارن کي اسڪول ۾ مادري ٻولي ڳالهائڻ کان منع ڪيون ٿا. اهي ڪجهه اهڙا رويا آهن، جيڪي نه رڳو ڪتاب ۾ بحث هيٺ آهن، پر گڏوگڏ اسان جي اڄوڪي سماج جا بنيادي بحران به آهن.
منهنجي نظر ۾ انهيءَ جو بنيادي سبب اسان جو اقتصادي سرشتو ۽ سوشل ڪرافٽ آهي. جيئن ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ بحث ڪيو آهي، سا ڳالهه به آءٌ هتي ورجايان ٿو ته اهو معاملو فرد ۽ رياست يا انساني سماج جي وچ ۾ قائم سماجي ڳانڍاپي جي فلسفي يا اصولن تي ڀاڙي ٿو. جيڪي رياستون انسان کي سڀني کان اتم سمجهي اڀريون، سي اڄ ماڊرن ۽ ائڊوانس سماج سڏجن ٿا ۽ جتي انساني ذهن ۽ فڪر جو قدر ناهي، اهي اڄ به سنڌي سماج وانگر ڪيترن ئي بحرانن جي ور چڙهيل آهن.
هن ڪتاب ۾ ڪيترائي محقق، فلاسافرز ۽ سماجي سائنس جا عالم ڪوٽ ٿيل آهن، انهن جي ڪوٽيشنز کي پڙهندي، انهن علمن بابت ڄاڻ به هن ڪتاب جو هڪ اضافي مورچو آهي. مثال طور ڪارل مارڪس کان وٺي فرائيڊ تائين جيڪي به وڏا اسڪالر، انساني سماج جي ڳانڍاپي تي ڳالهائين ٿا، انهن جو بحث هڪ وڏو خزانو آهي.
اسين عام طور تي لفظ ’شعور‘ کان مراد علم ۽ ڄاڻ وٺندا آهيون، پر هن ڪتاب ۾ واضح وصف ڏني وئي آهي ته شعور جي مراد ماڻهوءَ جا ڪامن سينس آهن. احساس ڪمتري بابت لکيل صفحن ۾ ڊاڪٽر صاحب خوبصورتيءَ سان ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين سنڌي سماج ۾ آيل مختلف لاڙن ۽ بحرانن کي ڪوٽ ڪري، احساس ڪمتريءَ جهڙي بظاهر هڪ انفرادي ڪيفيت جي، اسان جي اجتماعي ترقيءَ تي پوندڙ منفي اثرن بابت هڪ متاثر ڪندڙ بحث پيش ڪيو آهي. هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪافي جاين تي مرشد ڀٽائي کان وٺي ڪرشن چندر تائين اهڙا ليکڪ به ڪوٽ ڪيا آهن ۽ سندن لکڻين کي هڪ مخصوص پيرائي ۾ پيش ڪيو آهي، ته جيئن پڙهندڙن کي اها خبر پئجي سگهي ته اهي ليکڪ بنيادي طور انساني ذهن، سندس روحاني ڪيفيت بابت وڌيڪ چٽا ۽ انهن احساسن کي اهم سمجهڻ وارا عالم هئا.
ڪٿي ڪٿي ڊاڪٽر صاحب انتهائي خوبصورت جملا ڪوٽ ڪيا آهن، مثال طور هن مارڪس جي طبقاتي سماج بابت ٿيسز تي مختصر بحث ڪيو آهي ۽ لکيو اٿئين ته دنيا مادي ۽ پيداوار جي وچ واري حقيقت آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته مادو ۽ پيداوار هڪ ئي حقيقت جا ٻه پاسا آهن ۽ ڪارل مارڪس کان وٺي ڪارل پوپر تائين معاشي اسڪالرز ان ڳالهه تي متفق آهن ته انسان ۽ سماج جو ڪاروهنوار بنيادي طور تي پيداواري سرشتي جي چؤگرد ڦري ٿو.
ائرڪ فراهم چوي ٿو ته پيار هڪ اهڙي صورتحال آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي خودپسندي شڪست کائي، ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳي ٿي. هاڻي اهي اهڙا جملا آهن، جيڪي ڊاڪٽر صاحب جي هن ڪتاب ۾
بي ساخته اچن ٿا ۽ لکڻيءَ کي خوبصورت بڻائين ٿا.
ڪجهه سال اڳ آءٌ سري لنڪا جي خوبصورت شهر ڪئنڊي جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي پرڌانيا جي ڪئمپس ۾ هڪ ٽريننگ لاءِ ترسيل هئس. ان ٽريننگ جو اهتمام لنڊن جي هڪ اين جي او، دي بئسڪ نيڊز ڪيو هو، موضوع هو قدرتي آفتن کي ڪيئن منهن ڏجي. مون سوڌو پاڪستان مان آيل همراهن جو خيال هو ته هاڻي هي اسان کي قدرتي آفتن ۾ زلزلا، ڏڪار، ٻوڏ ۽ انهن جي نتيجي ۾ آيل نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن آفتن جو شڪار ٿيل ماڻهن کي ان مان ڪڍڻ جي اپاءَ وٺڻ جا ڪي نوان طريقا سمجهائيندا. اسان جو اهو اڳ ۾ طئي ٿيل خيال ان ڪري هو، جو اسان جنهن سماجي پسمنظر مان آيل هئاسين، اتي قدرتي آفتن بابت اڄ به فلسفو جسم کي بچائڻ آهي، ذهن کي نه. ٽريننگ جو عنوان هو قدرتي آفتن جو نفسياتي، روحاني ۽ سماجي اثر. لنڊن مان آيل هڪ پروفيسر ڪيترائي ڏينهن اسان کي هن ڳالهه تي روح پرور درس ڏيندو رهيو ته جيترو اهم انساني بک ۽ اُڃ کي ختم ڪرڻ آهي، اوتروئي اهم ان ماڻهوءَ جي ذهني، روحاني ۽ فڪري اُڃ ۽ بک جو خيال ڪرڻ آهي. پوءِ ان اسان کي Psycho-Social Analysis of Disastor Management بابت ڪافي ٿيوريٽيڪل شيون سمجهايون ته ڪيئن جيڪڏهن ڪنهن سيلاب ۾ ڪو ماڻهو لڙهي ويو آهي ته ان جي لاش ڳولڻ واري عمل سان گڏوگڏ ان ماڻهوءَ جو ذهني ۽ نفسياتي خيال ڪرڻ به اوهان جو فرض آهي، جنهن ان ماڻهوءَ کي سيلاب ۾ ٻڏندي يا ضايع ٿيندي ڏٺو آهي. هن مثال ڏيڻ جو مقصد هو ته ڪتاب توڙي هن بحث کي ٿورو سولائيءَ سان سمجهجي ته ماڻهوءَ جي ماڻهپي واري پئڪيج ۾ انسان جي نفسيات به اوتري ئي اهميت جوڳي آهي، جيترا ان جي جسم جا ٻيا اهم حصا، جهڙوڪ دل، اک، ڪن ۽ هٿ وغيره.
مان هي سٽون لکندي اهو اعتراف ڪريان ٿو ته هن ڪتاب مون کي ايترو ئي ٿڪايو آهي، جيترو فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي ڪيمسٽري ۽ فزڪس جي ڪورس جي ڪتابن ٿڪايو. پر جيئن مون اڳ ۾ ئي لکيو آهي ته ڪتاب ايترو سيلف ريفليڪٽو هو، جو مون هن ڪتاب کي ان مفاد هيٺ به پورو ڪرڻ جو عزم ڪيو، ته اسين جيڪي سماج جي سڌاري يا بهتريءَ ۾ ڪنهن ننڍي ڪردار جي ادائگيءَ جي هام هڻون ٿا، يا اهڙو خواب ڏسون ٿا ته اسان کي به پنهنجي نفسياتي ڪيفيتن ۽ ذهني لاڙن بابت ڪيترائي معاملا رويو ڪرڻ گهرجن.
هن ڪتاب سچ پچ ته ڪيترن ئي رجحانن بابت ڄاڻائي ڏيندي، پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اتساهيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي سماج جي (Cultural Nomenclature) بابت بهترين تجزيو موجود آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي سماج تي بحث ڪندي، جن موضوعن تي ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي، ان ۾ هڪڙي ڪمزوري اسان جي جاگيرداراڻي ۽ زرعي سماج هجڻ جي ڪڙي حقيقت به آهي، پر ڪتاب پڙهندي اها به خوشي ٿي ته ٻهراڙيءَ جي پرورش مان اڳتي آيل غفور ميمڻ صاحب پنهنجي خيال ۾ هڪ انتهائي ماڊرن سوچ ۽ فارورڊ لُڪنگ طبيعت جو ماڻهو آهي، جيڪو سنڌ کي ”جديديت پڄاڻان“ کان به اڳيان واري دنيا سان گڏ بيهارڻ جي خواهش به رکي ٿو ۽ ان لاءِ پنهنجي علمي ۽ فڪري ڪم ۾ به مصروف آهي.
پاپولر لٽريچر کان الڳ ٿي، ههڙن ڏکين موضوعن تي لکڻ پنهنجي جيءَ کي جهورڻ ۽ طبيعت کي ولوڙڻ کان گهٽ جو سودو ناهي. ڊاڪٽر صاحب اهو چئلينج کڻي، نان پاپولر موضوعن تي لکي هڪ نئين روايت کي جنم ڏنو آهي.
جي هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ آءٌ ڊاڪٽر صاحب کي ٽرينڊ سيٽر نه چوان، ته پوءِ اها منهنجي پنهنجي ئي لکيل ليک يا پڙهائيءَ سان ناانصافي ٿيندي.

ذوالفقار هاليپوٽو
منيزه جو گهر
A-15 لطيف آباد نمبر3
حيدرآباد، سنڌ