مختلف موضوع

سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾

هيءُ ڪتاب نفسياتي الف ب متعلق هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، جنهن ۾ عام موضوعن ذريعي سنڌي سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، باقي پڙهندڙ انهيءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي، اهو سندس نفسياتي ڪيفيت تي ڇڏيل آهي.
Title Cover of book سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾

وجود کان وحدت الوجود تائين (سنڌي سماج ۽ ادب جو بنيادي فڪر)

[b]وجود [/b]
ڪو به شخص جڏهن چوي ٿو ته هي منهنجو وجود آهي ته هن جملي ۾ ٿورو غور ڪريو ’هي منهنجو وجود آهي‘ هي ضميراشارو آهي، جيڪو ڪنهن وجود ڏانهن ڪيو پيو وڃي، اهو وجود ڪنهن جو آهي ؟؟ پنهنجي پاڻ جو، ته اشارو ڪير پيو ڪري يعني ’ آئون‘ ۽ وجود ٻه الڳ شيون آهن، جي آئون ۽ وجود گڏ آهن ته پوءِ هر شيءِ پنهنجو وجود ڇو نٿي ڳڻائي، هر شيءِ جو هئڻ يا مشاهدي ۾ اچڻ ئي سندس وجود جي علامت آهي پر ’آئون‘ کي پاڻ ڏانهن اشارو ڇو ڪرڻو ٿو پوي؟ موت کان پوءِ وجود موجود آهي، پر ان مان آئون نڪري ويئي. مادي يا روحاني وجود جو بنياد ڇا آهي ؟ جوهر ڇا آهي؟ هڪ ننڍڙو جيت به وجود آهي، ته هماليا جبل به وجود آهي، خود ڌرتي به وجود آهي، ڪائنات ۾ ديو قامت ڦرندڙ ستارا به وجود آهن ۽ جيڪو آئون ٿو چوي اهو به وجود آهي. سائنسدان چون ٿا مادو اهو آهي، جيڪو وزن رکي ٿو، جڳهه والاري ٿو، پر وزن وري به نسبتي آهي. مثال ڌرتي تي ڪنهن شيءِ جو وزن 60 ڪلو آهي ته چنڊ تي ان جو وزن صرف 10 ڪلو ٿيندو، پر يورينس تي 600 ڪلو ٿيندو، پوءِ اصل وزن ڇا آهي؟ معنيٰ مادي ۽ وجود ۾ فرق آهي. شعور ڇا آهي؟ درد ڇا آهي؟ احساس ڇا آهي؟ خوشي ۽ پريشاني جيڪي نه وزن رکن ٿيون نه جڳهه والارين ٿيون ڇا آهن؟؟ ڊالٽن-1844) 1766 John Dalton) ائٽم جو نظريو ڏنو، هن سوچيو ته مادو ٽوڙي ڏسجي ته آخر ڇا ٿو بچي؟ ان بنياد تي هن مادي کي ذرا ذرا ڪندي اهو نظريو ڏنو ته مادي جو آخري ذرو ائٽم
آهي، جنهن کي وڌيڪ ٽوڙي نٿو سگهجي، ان کان پوءِ ردر فورڊ (Ernest Rutherford 1871 -1937) چيو ته ائٽم ۾ نيوٽران به آهي، وري
نيل بوهر 1885- 1962 Niels Henrik David Bohr) ( آيو هن چيو ته ائٽم جا ٻاهريان خول به آهن جن ۾ اليڪٽران گردش ڪن ٿا ۽ آئنسٽان -1955)1879 ( Albert Einstein چيو ته ائٽم کي ٽوڙي به سگهجي ٿو. ائٽم کي ٽوڙڻ سان ان مان خطرناڪ طاقت نڪرندي، ان جو مطلب ته ائٽم ۾ طاقت قيد آهي، معنيٰ مادي وجود هڪ قسم جو خول آهي طاقت کي قيد رکڻ جو، هاڻي وجود طاقت آهي يا مادو؟ يا ائين چئجي ته اصل قوت مادو آهي يا انرجي؟ ڇا ڪائنات کي ڪي ٻه قوتون پيون هلائين؟ وجود کي سمجهڻ لاءِ ثنوئيت يعني Dualism جي ٿيوري وجود ۾ آئي.

[b]دوهي يا Dualism
[/b]هن نظرئي مطابق ڪائنات جو بنياد ٻن جوهرن ۽ حقيقتن تي مبني آهي. ڪيترن فلسفين هڪ قوت کي خير جي ۽ ٻي قوت کي شر جي قوت قرار ڏنو. سندن چوڻ هو ته هي ڪائنات ٻن جوهرن ۽ ٻن حقيقتن تي مبني آهي. هڪ خير جو خدا ۽ ٻيو شر يعني بديءَ جي طاقت. جهالت واري دور ۾ سينٽ آگسٽائن جو خيال هو ته ڪائنات ٻن جوهرن، هڪ مادو ۽ ٻيو روح جو ميلاپ آهي. دوهي جو وڏو مبلغ رين ڊيڪارٽ هو، جنهن جو خيال هو ته ڪائنات جي حقيقت ٻن قسمن جي آهي. هڪ دماغي قوت يعني شعور يا روح جي دنيا، ٻيو مادي وجود. ڊيڪارٽ جو خيال هو ته نفس ۽ مادو ٻه Parallel حقيقتون آهن، جيڪي pineal gland جي ذريعي پاڻ ۾ رابطو رکن ٿيون.

[b]ڪثرتي نظريو Polytheism
[/b]هن نظريي مطابق ڪائنات جو جوهر هڪ نه پر لاتعداد وجودن تي مبني آهي. هي ڪائنات لاتعداد خود مختيار شين جو مجموعو آهي. هن نظريي کي اسان ٻن حصن (1) مادي ڪثريت (2) روحاني ڪثرت ۾ ورهائي ڏسون ٿا.

[b](1) مادي ڪثرت: [/b]مادي ڪثرت جي دعويٰ آهي، ته ڪائنات خودمختيار ذرن جو مجموعو آهي، قديم يوناني فلسفي ڪائنات جي بنيادي جوهرن کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪيو هو، هوا، مٽي، پاڻي ۽ باهه. اڳتي هلي سائنس ثابت ڪيو ته ڪائنات جي طبعيات جا بنيادي عنصر 105 آهن، جن ۾ ڪي ڌات جا آهن، ڪي گئس جا ۽ ڪي پاڻياٺ جا ۽ انهن عنصرن کي هڪٻئي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، پر هن نظريي ۾ هڪ خامي اها آهي، ته اسان صرف ڌرتيءَ جو مشاهدو ٻڌائي سگهون ٿا، پر سڄي ڪائنات جي طبعيات اها ناهي، ٻيو ته هر بنيادي ذري جي ساخت ائٽم جي آهي. هر ائٽم جو ائٽمي نمبر الڳ آهي، پر ائٽم جي ساخت تبديل ڪري سگهجي ٿي، ان ڪري لاتعداد خودمختيار ايڪن وارو نظريو رد ٿي وڃي ٿو.

[b](2) روحاني ڪثرت:[/b] هن نظريي ۾ ٻه نظريا موجود آهن. هڪ ڪثرتي خدائن وارو نظريو ٻيو مونادئيت وارو نظريو.
ڪثرتي خدائن جي نظريي مطابق ڪائنات مختلف ديوين ۽ ديوتائن جي ماتحت روان دوان آهي. قديم انسان به لاتعداد خدائن جو حامي هو، هن جو خيال هو ته ڪائنات جي هر شيءِ جو الڳ خدا آهي، سمنڊ جو خدا، هوا جو خدا، رزق جو خدا، موت جو خدا، برسات جو خدا، وغيره هر خدا پنهنجي منفرد دنيا جو مالڪ هو.

[b]مونادئيت: [/b]هن فلسفي جو باني لائبنز -1724 )1646 Labinz ( هو. هن جو چوڻ هو ته، ڪائنات انتهائي سادي قسم جي ذرن جي ٺهيل آهي، جيڪي وڌيڪ ورهائي يا ٽوڙي نٿا سگهجن، پر اهي ذرا بنيادي طرح روحي طاقتون آهن، جن مان طاقت خارج ٿيندي رهندي آهي. ڪائنات جو سڄو نظام انهن روحي ذرن تي مشتمل آهي، مطلب ته جهڙيءَ طرح ائٽم جي ٿيوري مطابق ائٽم مادي جو ننڍڙو ذرو آهي، اهڙيءَ طرح موناد روح جو ننڍڙو ذرو آهي.

[b]وحدت : Monism [/b]
هن نظريي مطابق ڪائنات جو حقيقي مواد صرف هڪ آهي، يعني ڪائنات کي ڪُل جي حيثيت سان ڏٺو وڃي ٿو، جنهن مطابق هڪ ئي مواد ڪائنات جو بنيادي جوهر آهي. وحدت جا ٽي قسم آهن:
(1) مادي وحدت (2) روحاني وحدت (3) بي رنگ وحدت
مادي وحدت: هن نظريي مطابق ڪائنات جو حقيقي مواد مادو آهي، مادي کان علاوه ڪابه حقيقت ناهي. زندگي به انهيءَ جي هڪ اعليٰ باترتيب شڪل آهي، شعور مادي جي ارتقائي منظم شڪل آهي. قديم يوناني ڊيموڪريٽس، ليوڪريشس، هندستان ۾ چارواڪ ۽ جديد فلسفي ڪارل مارڪس (Karl Marx 1818- 1883 ) هن نظريي جا حامي هئا. هن نظريي مطابق ڪائنات پنهنجي مادي قوانين تحت هلي ٿي، ڪنهن به ٻاهرين قوت جو عمل دخل ناهي، هن نظريي جا ٻه گروپ آهن، هڪ مڪينڪل ماديت ٻيو جدلياتي ماديت. مڪينڪل ماديت ۾ هيگل جو شاگرد فائرباخ هن جو نمائندو هو، جنهن مطابق ڪائنات مادي جو مڪينڪل عمل آهي، منجهس ڪا به حرڪي قوت ناهي. جدلياتي ماديت مطابق مادو حرڪي آهي، جيڪو مسلسل پنهنجي قانون مطابق حرڪت ڪري ٿو. ڪارل مارڪس انهيءَ جا مشهور ٽي قانون واضح ڪيا هئا 1. تضادن جو قانون 2. نفعي جو نفعي وارو قانون، ٽيون ڪيميت جو ڪيفيت ۾ تبديليءَ وارو قانون. ڪارل مارڪس سائنسي دريافتن ۽ ايجادن جي روشني ۾ تمام غير مرئي قوتن کان انڪار ڪيو، روح يا پراسرار قوتن کان انڪار ڪيو. هن صرف مادي وجود کي ئي ڪائنات جو جوهر قرار ڏنو. ويهين صدي ۾ آئنسٽائن جي ٿيوري آف رليٽوٽي جي اچڻ کان پوءِ هڪ نئون بحث ڇڙيو ته مادو پهرين آهي يا سگهه Energy)). آئنسٽائن اهو ثابت ڪيو ته ڪائنات جو راز وقت ۾ لڪل آهي. وقت هڪ اضافي شيءِ به آهي ته وقت رڪجي به سگهي ٿو. مادي جي بنيادي ايڪي ائٽم جي اندر اليڪٽران مادو به آهي ته سگهه به آهي، جنهن مان اهو بحث پيدا ٿيو ته ڪائنات فارمولائيز به آهي ته رينڊم به آهي، ان کان پوءِ اسٽيفن هاڪنگ )1942 (Stephen William Hawking وقت جي ٿيوري تي تحقيق ڪري نوبل انعام کنيو، هن جو خيال هو ته زمان و مڪان اضافي آهن ۽ صرف مادي دنيا ۾ ڳڻي سگهجن ٿا. ڪائنات جو عمل ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو آهي، جيڪو هر وقت جاري آهي. ڪيترا سيارا ۽ ستارا پنهنجو ٻارڻ (Fuel) ختم ڪري بليڪ هول ۾ تبديل ٿي ويا. هڪ بليڪ هول ۾ هڪ انچ اسڪوائر مادي جو وزن هزارين ٽن ٿي سگهي ٿو، يعني ڪائنات سڪڙجي نڪتي ۾ سمائجي سگهي ٿي، جتان اسان کي Intangible مادي جو تصور مليو. پر ڪارل ساگان – 1996) 1934 (Carl Edward Sagan اڃا اڳتي وڌي سائنسي فڪشن پيش ڪندي چيو ته ڪائنات کي واپس پٺيان موٽائي سگهجي ٿو. وقت کي بيهاري عمر وڌڻ کان روڪي سگهجي ٿي. ڪائنات ۾ نه هيٺاهين آهي، نه مٿانهين آهي، نه طرف آهي، نه مرڪز آهي، نه وزن آهي ۽ نه رنگ شايد ڪو وقت به ناهي.
هنن تحقيقن مان هڪڙي ڳالهه ته ثابت ٿئي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪائنات ڏاڍي پراسرار ۽ پيچيده آهي، صرف مادي وحدت ناهي.

[b]روحاني وحدت : [/b]
روحاني وحدت مطابق ڪائنات جو بنياد روح يا سگهه، يا وري ڪو تصور آهي. روحاني وحدت جا ڪيترا قسم آهن. مثال: مابعدالطبعياتي روحانيت، علمياتي روحانيت، خيالي روحانيت، وغيره. روحاني وحدت يا خيالي وحدت جا ٻه اهم پهلو اسان جي سامهون اچن ٿا. هڪ معروضي خيال پرستي، ٻيو داخلي خيال پرستي. يونان ۾ افلاطون معروضي خّيال پرست هو، مغربي فلسفي اسپينوزا روحاني وحدت جو قائل هو، جنهن جو خيال هو ته دنيا جو آخري جوهر هڪ آهي. هيگل به هن نظريي کي اڳتي وڌايو. هو هن جدلياتي طريقي ڪار جي ذريعي ’مطلق عقل‘ تائين پهتو، هن جو خيال هو ته مطلق عقل ئي ڪائنات جو جوهر آهي، جنهن پاڻ کي ڪائنات جي ڪثرت ۾ ظاهر ڪيو آهي. مذهبي دنيا ۾ وحدت جا ڪيترائي نظريا موجود آهن، جن ۾ الٰهيات، وحدة الشهود، وحدة الوجود، الا پرستي وغيره.
وجود جي دنيا ۾ سڀ کان انوکو نظريو ۽ جديد نظريو وجوديت (Existentialism ) جو آهي، جيڪو ديني به آهي ته لاديني به آهي. بقول ڊاڪٽر افتخار بيگ جي ته ”وجوديت پنهنجي ترقي يافته شڪل ۾ عهد حاضر جو عڪس آهي، پر ان جون پاڙون تمام پري ماضيءَ جي فلسفي جي تاريخ ۾ به تلاش ڪري سگهجن ٿيون.“( ) وجوديت بقول هنٽرميڊ جي ته ’هڪ فطري انسيت جو نالو آهي‘.( ) پاڪستان ۾ وجوديت لاءِ هڪ تصور ٺهيل آهي، ته اها نفسياتي مونجهارن مان پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ مايوسي، لاچارگي، بيوسي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. حقيقت ۾ ائين ڪونهي، هن فلسفي ۾ وجود جي بنيادي ماهيت ۽ جوهر مطلق هڪ اهم بحث آهي، وجوديت صرف جان پال سارتر يا ڪريڪي گارڊ تائين محدود ناهي. وجوديت جو بنيادي بحث اسان کي ويدن ۾ به ملي ٿو. عيسائيت ۾، ٻڌمت ۾، جين مت ۾، اسلام ۾ ۽ صوفي مت ۾ به وجوديت جو اهو بحث ملي ٿو. وجوديت جي تت ۾ وجود لاءِ هڪ ئي راءِ آهي ته ’وجود هڪ خال ۽ نيستي آهي، اصل ۾ اسان جي ذهن ۾ هڪ امڪاني وجود آهي‘. وجود مان مراد پنهنجي وجود جو احساس آهي، پر اهو مڪمل ناهي اهو اڌورو آهي، منجهس کوٽ آهي، سڄي زندگي ماڻهو انهي کوٽ کي پوري ڪرڻ جي جدوجهد ڪندو رهي ٿو، پر اها کوٽ پوري نٿي ٿئي. ان جو سبب صرف اهو آهي ته وقت جي وهڪري ۾ سڀ ڪجهه لڙهي وڃي ٿو، هر لمحي انسان نئين صورتحال ۾ آهي، هر پل انسان نئون وجود آهي. علامه اقبال انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو ته:

فريب نظر هي سڪون وثبات
تڙپتا هي ذره ڪائنات
ٺهرتا هي نهين ڪاروان وجود
هر لحظـه هي نيا شان وجود

ڇو ته هڪ انسان پنهنجي مرضي سان پيدا نه ٿيو آهي، نه وري سندس ڪو جوهر آهي. هڪ مذهبي ماڻهو ته اهو چئي سگهي ٿو ته انسان جو جوهر الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ آهي، پر ان لاءِ ته انسان جو روح ڪافي هو، نفس انسان کي ڇو مليو؟ جي اها ڳالهه مڃي وٺجي ته انسان جي زندگي هڪ آزمائش آهي، ته ان لاءِ ته اها آزمائش هن وجود جو وڏو مسئلو بنيل آهي. انهيءَ ڪري ڪو به حتمي جوهر ناهي. وجود اونداهي رات ۾ ٽانڊاڻي وانگر تجلا ڏيندو رهي ٿو، پر ان ڏانهن جيئن ئي هٿ وڌائي کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته هو پنهنجي جڳهه بدلائي چڪو هوندو آهي. اهڙيءَ طرح تجلا ڏيندڙ ٽانڊاڻي جي ڪابه راهه طئي ٿيل ناهي. هاڻي صورتحال اها آهي ته وجود جو اڌورو پن ۽ جوهر کان بغير رُڃ ۾ ڀٽڪڻ جو ڪرب ۽ لاچارگي اندر ۾ بي پناهه اضطرابي ڪيفيت پيدا ڪري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هو وري جدوجهد ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو مسلسل چونڊ جي عمل مان گذرندو رهي ٿو، پر کيس جوهر هٿ نٿو اچي، مٿان وري وڏو ڪرب ۽ خوف موت جو آهي. ماڻهو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين موت جي دهشت مان گذري ٿو.
اهڙي صورتحال ۾ انسان ڇا ڪري؟ هو پنهنجي وجود جو بار ڪنهن تي وجهي؟ ليوٽالسٽائي چيو هو ته: جي خدا ناهي ته سڀ ڪجهه جائز آهي. سارتر انهيءَ نڪتي کان اڳتي وڌي ٿو ته واقعي ئي انسان سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ آزاد آهي، بلڪ هو پنهنجي بي پناهه آزاديءَ جو ٻوجهه کڻي نٿو هلي سگهي، ڪنهن نه ڪنهن تي انهيءَ جو بار وجهندو آهي، انهيءَ ڪري اختيار ۾ وڏو درد به آهي، انهيءَ ڪري آدم ۽ حوا پنهنجي گناهه جو ٻوجهه شيطان تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ به ماڻهو جي خاصيت اها آهي ته هو ڪنهن مذهب جو سهارو وٺندو يا سياسي پارٽيءَ جو سهارو وٺندو يا ڪنهن پير، مرشد جو سهارو وٺندو جي ڪنهن تي به آزاديءَ جو ٻوجهه نٿو وجهي ته بيمار ٿي پنهنجي بيماريءَ تي پنهنجي آزادي جو ٻوجهه وجهندو ۽ پنهنجن فيصلن جي ذميداري کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ آخر ۾ قسمت جو سهارو وٺندو، پر اهو سڀ ڪرڻ جي باوجود به انفرادي ذات جي خالي پڻي کان، اڻ ڄاتل اڪيلائي کان، بوريت کان، بي تڪي پن کان جان نٿو ڇڏائي سگهي. جيئن وجود جو شعور وڌندو، اهي ڪيفيتون وڌنديون.
ڪن ڏاهن ماڻهن انهيءَ ڪرب مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو اهو حل ڪڍيو ته وجود کي وسارجي، پنهنجو ڌيان هٽائجي، صوفين مراقبي ذريعي ان جو حل ڪڍيو، ڪن موسيقيءَ ۾ پناهه ورتي، ڪن فطرتي نظارن ۾ پاڻ کي گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انسان جڏهن فطرت جي ويجهو هو، ته اجتماعي طور گڏ رهندو هو، گڏجي شڪار ڪندا هئا، گڏجي دل به وندرائيندا هئا. مطلب ته انفرادي ذات اجتماع ۾ گم هئي، پر جيئن انسان ترقي ڪئي، سائنسي ايجادون ٿيون ته انسان فطرت کان پري ٿي انفراديت حاصل ڪندو ويو. نتيجي طور وجود جو ٻوجهه وڌي ويو، هاڻي جوهر جي تلاش ۽ اختيار لاءِ چونڊ جي مرحلي مان پل پل گذري ذات کي مڃرائڻو پوي ٿو. ذات جي مڃرائڻ جا ٽي طريقا آهن: (1) بغاوت يا مزاحمت (2) عشق (3) تخليق
روايتي قدرن ۽ قانونن کان بغاوت ڪري پنهنجي ذات جو ڪارج حاصل ٿئي ٿو. ان ڪري وڏا وڏا سورما، انقلابي خوشيءَ سان ڦاهي تي چڙهي ويندا آهن، جيئن ميٿالوجيءَ ۾ شيطان جي بغاوت، يوناني ميٿالوجيءَ ۾ پروميٿس ۽ سسيفس جي بغاوت مشهور آهي. سنڌ ۾ مارئي جي مزاحمت ۽ مورڙي جي مانگر مڇ خلاف مزاحمت وغيره. سنڌي قوم کي سندس سڃاڻپ هميشه مزاحمت ڪندي ملي آهي، جيئن انگريزن خلاف مزاحمت، سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ واري تحريڪ جي مزاحمت، ون يونٽ خلاف مزاحمت، 1983ع ۾ ايم آر ڊي واري تحريڪ ۾ مارشلا خلاف مزاحمت وغيره. هنن مزاحمتن ۾ سنڌي قوم کي پنهنجي وجود جي سڃاڻپ ملي ۽ قوم متحد ٿي. دراصل مزاحمت ڪندي ماڻهو کي پنهنجي وجود جو جواز ملي ويندو آهي، کيس پنهنجي اهميت جو احساس ٿيندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو شاهه لطيف مارئي جي واتان هيئن ٿو چورائي:

سَکر سي ئِي ڏِينهن، جي مُون گَهاريَا بَند ۾
وَسَايَم وَڏ ڦُـڙا، مَٿي مَاڙِيَن مِينهن
وَاجَهائيندي وصال کي، ٿِيَس تَنوارون تيئن
نير مُنهنجو نينهن، اُجاري اَڇو ڪَيو.

شاهه جو هي بيت بلڪل ان ڳالهه جي فلسفي جو پيش منظر پيش پيو ڪري، جيڪو سارتر پيش ڪيو هو، سارتر خود پنهنجي ذات لاءِ چيو هو ته: ” اسان کي الجزائر جي فوجين قيد ڪيو هو ۽ تشدد ڪندا هئا، پر اسان انهن کي ڪجهه به نه ٻڌايو ۽ نه آڻ مڃي، ان وقت اسان کي پنهنجي وجود جي اهميت جو اندازو ٿيو ۽ پهريون دفعو اسان کي مزاحمت مان سرور مليو. “ اهڙيءَ طرح سسئي جبلن ۾ واڪا ڪندي، رڻ پٽ ۽ بيابان جهاڳيا، تڏهن ئي کيس ذات جو وجدان ٿيو، تڏهن ئي ڀٽائي چوي ٿو ته: پُنهون ٿِيس پَاڻ، سَسِئي تان سُور ويا

[b]عشق :
[/b]عشق پنهنجي وجود کي تسليم ڪرائڻ جو ٻيو نالو آهي. ”خدا سونهن جو ڳجهو خزانو هو، پنهنجو ئي جلوو پئي پسيائين ته جنبش جاڳيس ته پاڻ سڃاڻجان“
هاڻي هر ذري ۾ اها ئي خاصيت آهي ته پاڻ سڃاڻجان ۽ تسليم ٿيان. جڏهن ڪوبه عشق ۾ مبتلا ٿئي ٿو ته دراصل هن کي سڃاڻپ ملي ٿي ۽ ٻئي جي اڳيان تسليم ٿئي ٿو. ان وقت ان شخص کي پنهنجي وجود جو وجدان ٿئي ته ’مان آهيان‘ مون کي ڪنهن تسليم ڪيو آهي. اها حيثيت سندس وجود جو جواز مهيا ڪري ٿي ۽ سندس جوهر بنجي ٿي، پر عشق جي خطرناڪ صورتحال ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن ڪنهن کي ٺڪرايو وڃي ته ان وقت وجود جو خالي پڻو ظاهر ٿيو پوي، وجود بي جوهر ٿيو پوي، جيڪو ناقابل برداشت آهي، ان ڪري شاهه جي سُورمين جي ڪهاڻيءَ جي ٽرئجڊي شروع ئي اتان ٿئي ٿي، جڏهن ڪردارن کي ٺڪرايو وڃي ٿو، جيستائين پرين گڏ آهي، ماڻهو آرام Rest Zone )) ۾ آهي:
ڪَڻا مَنجهه قَرار، هُئا هيڪاندا سَنگ ۾
پر جيئن ئي محبوب ٺڪرائي ٿو. وجود جي بي چيني شروع ٿيو پوي. صوفين جي بقول ته زندگي دراصل آهي ئي هڪ وڇوڙو، بي چين وجود جو اڌوروپن، مڪمل وجود جي ڳولا، تنهن ڪري شاهه جون سورميون ان وقت بي چين ۽ متحرڪ ٿين ٿيون، جڏهن ٺڪرايون وڃن ٿيون. دنيا جي وڏي ۾ وڏي ٽرئجڊي ماڻهو کي ٺڪرائڻ ۽ نظر انداز ڪرڻ سان ئي شروع ٿئي ٿي. ٻي معنيٰ ۾ ائين چئجي ته ماڻهو جي وجود کي تسليم نه ڪرڻ سان ٽرئجڊي شروع ٿئي ٿي. ماڻهو جو اڌوروپن ظاهر ٿيو پوي، جوهر کان ماڻهو خالي ٿيو پوي، پوءِ اهو ٺڪرايل ڪردار در در ڀٽڪندو رهي ٿو، واجهائيندو رهي ٿو، درد اندر ۾ سرايت ڪندو وڃي ٿو، ماڻهو پنهنجي داخليت ۾ ٻڏڻ لڳي ٿو. شاهه لطيف جا سڀ ڪردار انهيءَ موهه ۾ ڀٽڪندي، پنهنجي وجود جو وجدان حاصل ڪن ٿا، شاهه لطيف انهن ڪردارن جي ليلائڻ، واجهائڻ ۽ ڀٽڪڻ ۾ زندگيءَ جو مقصد واضح ڪري ٿو ته زندگي آهي ئي جدوجهد جو نالو، پر سڪ ختم ٿيڻ جي ناهي، هٿ ڪجهه اچڻو ناهي، يعني جدوجهد ته ڪرڻي آهي، پر لاحاصل، سڀ مايا جو موهه آهي:
چَئي چَنيسر ڄَام سِين، لِيلائي لَکائي مَ تُون
اَي ڪَانڌ ڪَنهن جو نه ٿِئي، نَڪا تُون نه مُون
روئندي ڏِٺيون مُون، هِن دَر مَٿي دَادليون.
صوفين وٽ عشق آگهي ۽ عرفان حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي، يعني صوفين وٽ اصل علم عرفانيت جو آهي، جنهن ۾ وجود جو وجدان ٿئي ٿو، اهو دنيائي علم سان نٿو ملي، اهو صرف عشق سان ملي ٿو، عشق جي آخري ڪيفيت اها آهي ته وجود سڄو خود ڪائنات بنجي وڃي ٿو، اهو احساس ٿئي ته جيڪي ڪجهه آهي، اهو محبوب آهي ٻيو ڪجهه آهي ئي ڪونه:
ڪيڏانهن ڪَاهيان ڪَرهو، چَوڏس چِٽاڻو،
مَنجهه ئِي ڪَاڪ ڪَڪوري، مَنجهه ئِي لڏاڻو
رَاڻو ۽ رَاڻو، ناهي رَاڻي رِيءَ ڪو ٻِيو.

[b]تخليق Creation
[/b]تخليق انسان جو داخلي فرياد آهي. تخليق انسان جو ٻيو جنم آهي ۽ تخليق اندر جي خاليپڻي کي پرۡ ڪرڻ ۽ سڃاڻجڻ جو ذريعو آهي.
انسان جو اهو ئي وجودي خالي پڻو کيس مجبور ڪري ٿو، هو اهڙو ڪجهه ڪري جو کيس تسليم ڪيو وڃي. فرائيڊ چيو هو ته: انسان ۾ ٻه اهم جبلتون ٿينديون آهن 1. جبلت مرگ 2. جبلت حيات.
انسان هڪ وقت جي وهندڙ وهڪري ۾ تجلا ڏيندڙ وجود Becoming Existence)) آهي. وقت ڇا آهي ؟ تبديلي جو ماپو آهي. ملا صدرا وقت لاءِ چيو هو ته “time is neither original nor ideal but “Quantity of motion.” ملا صدرا جي فلسفي ۾idea of temporality موجود آهي يعني وجود جي حقيقت ’مطلق‘ ناهي. مطلق وجود صرف خدا /برهما جو آهي. پر ان نيستي کي مطلق وجود جو گيان آهي. اڻ پوري وجود جو درد ۽ بي چيني انسان کي ڪيترين ئي نفسياتي خرابين جو شڪار ڪري ٿي. ماڻهو ۾ جبلت مرگ پيدا ٿئي ٿي، اها جبلت مرگ ماڻهو کي اذيت پسند بنائيندي آهي، ماڻهو ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندو، پر جبلتِ حيات تعمير پسنديءَ ڏانهن وٺي ويندي. تخليق دراصل ان جوش حيات جي اڇل جو نالو آهي، جيڪا جبلت حيات ڏانهن وٺي ويندي آهي. چوندا آهن ته تخليق درد مان جنم وٺندي آهي، اهو درد وجود جي اڌوري پن جو درد آهي، اهو درد ماڻهوءَ ۾ ٻن قسمن جون بيماريون پيدا ڪري سگهي ٿو:
(1) Psychoses (2) Neuroses
Psychoses ۾ شيزوفرينا، چريائپ، وهم، خيالي شيون ڏسڻ، خفت (Phobia) اذيت پسندي، وغيره جهڙيون بيماريون جنم وٺن ٿيون.
Neuroses ۾ وري ڊپريشن، ذهني دٻاءَ، اضطرابي ڪيفيت، بي چيني، بوريت، مزو نه اچڻ، دل نه لڳڻ جهڙيون ڪيفيتون جنم وٺن ٿيون.
ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته هڪ ڪيفيت ۾ ماڻهو منفيت ڏانهن گهڻو ويندو، کيس خبر نه پوندي ته هو ائبنارمل آهي، ان ۾ جيڪي ڪيفيتون پيدا ٿينديون، انهن ۾ وهندو ويندو ۽ دماغي توازن وڃائي ويهي رهندو. ٻي ڪيفيت ۾ هو بي چين رهندو ته ڪجهه ڪجي، ڪا تبديلي هن جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن ان ڪيفيت کي ڪو مثبت رستو ملي ويو ته، ماڻهو ڪاميابيءَ جي رستي تي هلي پوندو. نه ته دريا ۾ گوتا پيو کائيندو. شاهه لطيف انهيءَ ڪري چيو هو ته:
جِنين چِت چَريو، ڏُونگر سَي ڏَورِينديُون.
علامه اقبال انهيءَ ڪري چيو هو ته:
خدا تجھے کسی طوفان سے آشنا کردے،
کہ تیری بحر کی موجوں میں اضطراب نہیں۔

[b]وحدت الوجود :
[/b]اپنشد ۾ لکيل آهي ته: ”هي ڪائنات سراسر دوکو ناهي بلڪ حقيقي آهي، هيءَ ڪائنات انهيءَ ڪري حقيقي آهي ته مظهر ذات حق آهي. غير حقيقي انهيءَ ڪري آهي ته ڪائنات وجود نه پر عدم آهي، جڏهن ته برهما ته وجود آهي.“ اڳتي وري اپنشد ۾ چيل آهي ته ”ڪائنات کي مستقل حقيقي سمجهڻ سڀ کان وڏي ناداني آهي ۽ دوکو آهي. هيءَ ڪائنات ائين آهي جيئن سج مان ڪرڻا نڪري نروار ٿيندا آهن. خدا هر شيءِ ۾ جلوه گر آهي ۽ هر شيءِ ۾ ظاهر آهي. وري هڪ جڳهه تي لکيل آهي ته جنهن کي برهما جو گيان ٿي ويو، اهو برهمڻ ٿي ويو. قرآن شريف ۾ لکيل آهي ته
” هوالاول والآخر و الظاهر والباطن وهو بڪل شيءِ عليم. 57/3
ترجمو: بس اهوئي هر شيءِ جي شروعات آهي ۽ هر شيءِ جو ظاهر آهي، ۽ هر شيءِ جو باطن آهي (اهو ئي اهو آهي). هو هر شيءِ جي ماهيت کان واقف آهي.
وحدت الوجود، صوفي مت، ويدانيت، همه اوست جو بنيادي نڪتو اهو آهي ته ’وجود‘ هڪ آهي. ڪائنات نمو مسلسل Becoming) ) آهي. بلڪ ائين چئجي ته ڪائنات ڪثرتِ وجود آهي. وجود جي وحدت جو آخري نڪتو زمان و مڪان کان بالا تر آهي. مادي وجود روح جو پردو آهي. مادي وجود فطرت ۽ زمان و مڪان ۾ قابو آهي. روح ڇا آهي؟ خود آگهي، ڄاڻ، علم، شعور، جوش حيات، محبت ’حق مطلق‘ آهي. روح فريب نظر ناهي پر هن روپي سنسار ۾ قيد آهي. روپي سنسار حق مطلق جو پاڇو آهي، هن دنيا جو ظهور حق جي ڪري آهي، جيڪو سچ آهي. باقي هي مايا نه سچ آهي نه ڪوڙ بلڪ آهي به ناهي به. مطلب ته دنيا جي حقيقت دريا مثل آهي، جيڪو هڪ وهڪرو آهي. هڪ وقت ۾ نظر به اچي ٿو ۽ سوچيو وڃي ته دريا هر لمحي نئون آهي. سائنس مادي علمن جو نالو آهي، پر تصوف روح جي سائنس آهي. مادي علم ڪتابن مان تجربي ۽ عقل مان حاصل ٿئي ٿو، پر روح جو علم عشق، درد ۽ فڪر مان حاصل ٿئي ٿو. مشهور فلسفي برٽرينڊرسل چيو هو ته:
”دنيا ۾ جيتري قدر عظيم ترين فلسفي گذريا آهن، انهن تصوف جي ضرورت جو به اعتراف ڪيو آهي. انسان فڪر جي دنيا ۾ انتهائي بلند مقام صرف تڏهن حاصل ڪري سگهي ٿو، جڏهن هو سائنس ۽ تصوف کي سمجهي ۽ ان تي عمل ڪري. حقيقت اها آهي ته بهترين انساني خوبين جو اظهار صرف تصوف جي ئي ذريعي ممڪن آهي.“ هن ڳالهه مان ظاهر ٿيو ته بهترين انساني ڪردار ۽ معزز شخصيت يا Genius تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هو سائنس ۽ تصوف کي سمجهي ٿو، معنيٰ تصوف انسان جي ڪرداري سائنس آهي، جهالت ۾ انسان مايا جي روپي سنسار کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي کوهه جي ڏيڏر وانگر زندگي گذاري ٿو ۽ خالي سائنس جو علم ماڻهوءَ کي مشين يا روبوٽ ٺاهي ڇڏي ٿو، پر تصوف ڪائنات جي ماهيت کي سمجهڻ ۽ پنهنجي ذات جي حقيقت کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
دنيا جي حقيقت ڇا آهي؟؟ صوفي چون ٿا دنيا ڪيڏي به خوبصورت هجي، منجهس ڪيڏو به رومانس هجي، ڪيتري به جمالياتي هجي، ڪيتري به لذت ۽ سک هجنس پر آهي سڀ موهه. هٿ ڪجهه به ناهي اچڻو. شايد مصري شاهه انهيءَ ڪري چيو ته:
” عيش دنيا جا مڙئي مان وارا ملوڪ
سک هڪئي ساعت جو، ساري عمر جو سور ٿيو“.
جيڪي ڪجهه آهي حاصلات آهي سڀ وقتي آهي، پر توهان ڪيترو به مادي حاصلات ڪريو، پر وجود جو خال اڃا وڌيڪ ظاهر ٿيندو، کوٽ وڌندي ۽ هوس وڌندي، شروعات جو ڪوبه انت ناهي. توهان کي ڪارون جا خزانا به پورا ڪونه پوندا، خواهشون وڌنديون وينديون، هٻڇ ۽ هوس لالچ، ڪروڌ وڌندو ويندو، تان جو توهان ۾ ڪوڙي انا، مايا ڀرجي ويندي، تان جو صرف ڪوڙو ڏيکاءَ وڃي رهندو، جئين ماڻهو جو اندر کوکلو ٿيندو ته روح ان کان پري ٿي ويندو. ماڻهو غير انساني جيو بنجي ويندو.
اڪثر ماڻهو تصوف کي مذهب سان ملائي ڇڏيندا آهن. David Emile Durkhein جو چوڻ آهي ته تصوف جون پاڙون مذهب ۾ ناهن، بلڪ انسان جي وجود ۾ آهن. مذهب ۽ تصوف ٻئي سچائي کي پرکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر مذهب سماجي ظاهري رسمن جو شڪار ٿي صرف عقيدي تي هلي ٿو، جڏهن ته تصوف انسان جي ماهيت ۽ روحانيت جي اعليٰ قدرن جي جستجو ۾ رهي ٿو.
وجوديت پرست چون ٿا ته انسان بي يار و مددگار، اڪيلو وجود جو ٻوجهه کڻي ڀٽڪندو رهي ٿو، ڇو ته نه سندس جوهر آهي، نه بقا آهي، نه وري سندس وجود جو جواز آهي. انسان هڪ عظيم خال آهي، جنهن کي ڀرڻ لاءِ ڀٽڪي ٿو، پر خال ڀرجڻ جو ناهي. ساڳي ڳالهه تصوف ۾ موجود آهي ته ڪائنات مايا روپي سنسار آهي، ڪابه شيءِ هٿ اچڻي ناهي.
تصوف جو بنيادي نڪتو اهو آهي، ته ماڻهو پاڻ سڃاڻي، خود آگهي ۾ اچي، پاڻ سڃاڻڻ جو طريقو هڪ رياضت ذريعي ٿئي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو مادي حصول جي ڊوڙ مان نڪري آفاقي سوچ رکي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو انا، غرور، ڪروڌ، تڪبر، وڏائي ڇڏي پاڻ ۾ عاجزي، انڪساري پيدا ڪري ٿو، درگذر، صبر، ڪهل، همدردي، پيار جهڙا جذبا پاڻ ۾ بيدار ڪري ٿو ته جنهن ۾ ماڻهو جو شعور زمان ومڪان کان بالاتر ٿئي ٿو، ڪائناتي جماليات سان سندس روح سرشار ٿئي ٿو ۽ کيس همه گيريت جو وجدان ٿئي ٿو، کيس ڪشف حاصل ٿئي ٿو، انسان ۾ خدا جاري و ساري ٿي وڃي ٿو، ان وقت انسان مڪمل ٿئي ٿو. هائڊيگر جو امڪاني وجود صوفي پنهنجي رياضت سان ماڻي ٿو. سارتر جو خالي وجود صوفي آفاقي بنائي، فطرت ۾ ضم ٿي وجود مڪمل بنائي ٿو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته واقعي صوفي ڪشف ماڻي ٿو؟ يا سندس اها رياضت کيس نفسياتي مريض بنائي ڇڏي ٿي. هو Hallucination, illusion, Delusion, جو شڪار ٿي، شيزوفرينا Schizophrenia)) جو مريض ٿي وڃي ٿو. پلگرم سائمن (Pilgrim Simon ) پنهنجي ڪتاب “Mysticism , Madness and mania” ۾ انهيءَ موضوع تي پرمغز فڪري بحث ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته: “schizophrenic is drowning in the same river in which the mystic swims in with delight”
هن بحث ۾ صوفي ۽ شيزوفرينڪ مريض ٻئي هڪ پراسرار دنيا جي ڳالهه ڪن ٿا، ٻئي چون ٿا ته تجربي ۽ عملن مان جيڪو ملي ٿو يا حواسن ذريعي جيڪو محسوس ڪن ٿا، اهو بيان ڪرڻ مشڪل آهي. شيزوفرينڪ مريض وٽ ڪابه آئيڊيالاجي ناهي ۽ عام نارمل زندگيءَ ۾ به نارمل ناهي. هو وري حقيقت جي دنيا ۾ موٽي نارمل نٿو ٿئي، پر صوفي پنهنجي روزمرهه زندگيءَ ۾ نارمل ۽ حقيقت جي دنيا ۾ واپس موٽي اچي ٿو. صوفي صرف روحاني رمز جي خمار ۾ رهي ٿو، اها اڃا تحقيق طلب ڳالهه آهي ته روحاني دنيا ۽ نفسياتي بيمارين ۾ ڪو ڳانڍاپو آهي يا نه؟؟ جيڪڏهن دنيا حقيقي ناهي، صرف مايا آهي، ته پوءِ اسان سڀ شيزوفرينيا جا مريض آهيون ۽ خوبصورت هالوسينيشن جا شڪار آهيون. صوفي جي رياضت ۽ ڪشف شعور جي اهڙي شڪل آهي، جيڪا مراقبي ذريعي زمان و مڪان کان ٻاهر جهاتي پائي ٿي، جنهن کي بيان نٿو ڪري سگهجي. هندستان ۾ صديون اڳ مها يوگي، سنياسي ۽ ساڌو اهڙا يوگ ڪندا هئا، جنهن جي ذريعي هو وڏي ڄمار ماڻيندا هئا يا پنهنجي عمر بيهاري ڇڏيندا هئا. مطلب ته ڪائنات جو راز پروڙڻ جا جتن ڪيا ويندا هئا، صوفي مت به اهڙي قسم جي رمز آهي. هاڻي صوفي زمان و مڪان کا ٻاهر جهاتي پائي ٿو، پر پنهنجو دماغ به سالم رکي ٿو، پر جي دماغ سالم نه رکي سگهيو ته پوءِ چريو ٿي پوندو، انهيءَ ڳالهه کي اسان هيئن به سمجهي سگهون ٿا، مثال ڪو ماڻهو 2 صديون اڳ مري ويو هجي، ان کي وري جيئرو ڪجي ته هو هيءَ دنيا ڏسي وائڙو ٿي ويندو ۽ کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو، ڇوته هو هڪ مخصوص زمان و مڪان جو عادي هو. هي ماحول هن لاءِ مڪمل اوپرو هوندو، جنهن لاءِ سندس شعور عادي نه هوندو، بلڪل اهڙيءَ طرح رياضت سان جيڪو ڪشف حاصل ٿئي ٿو، اهو موجوده زمان و مڪان کان ٻاهر جي سمان جو گيان ڏئي ٿو، انهيءَ ڪري شعور جي بلندي، جڏهن ماڻهو کي آفاقي بنائيندي آهي، ته هو پنهنجي رويي ۾ صوفي ٿيندو آهي، ڇو ته ڪثرتي وجود پنهنجي جز جي خول ۾ قيد هوندو آهي، اوترو محدود زمان و مڪان ۾ قيد هوندو آهي. سندس سوچ ننڍڙي هوندي آهي، دنيائي حساب ڪتاب، مادي حاصلات ۾ هو صرف To Have ۾ جيئندو آهي،To Be ۾ نه جيئندو آهي. وجوديت ۽ صوفي مت جو بنيادي نڪتو اهو ئي ساڳيو آهي ته وجود کي To Be ٺاهيو. سچل سرمست جو هي شعر ڏسو:
پٺيءَ ڄڃ مَ ڄل منجهه تماشي نه ٿي
گهوٽ ڪري تون پاڻ کي ڪر هنگاما هل
نيٽشي انهيءَ ڪري اهو اعلان ڪيو ته ڀڳوان مري ويو آهي، هاڻ پاڻ کي ڀڳوان ٺاهيو. ايرڪ فرام پنهنجي ڪتاب “To have or to be” ۾ هن موضوع کي چڱيءَ طرح زير بحث آندو آهي: سندس چوڻ آهي ته، انسان جو مادي وجود، ظاهري شڪل شبيهه، سندس شين سان تعلق، سندس شين جي مالڪي to have جي زمري ۾ اچن ٿا، پر محبت، جذبا، انسانيت، همدردي، رُوح جو سڪون، اطمينان، رشتا ناتا، ثقافتي سرگرميون، to be جي دائري ۾ اچن ٿيون
هتي ’ٽو بي‘ جو مطلب سپرمئن يا هٽلروارو تصور ناهي، بلڪ وجود کي آفاقي بنائي پُر ڪري ٿو. اها صورتحال آهي، جڏهن ماڻهوءَ مان اهنڪار ختم ٿي ويندو، هوس، ڪروڌ، نفس پرستي نه رهندي، بلڪ منجهس روحاني طاقت وڌڻ لڳندي، انهيءَ ڪري اسان صوفي مت کي نظريي کان وڌيڪ رويو سمجهون ٿا.
نتيجو: وجود جو هي بحث ثابت ڪري ٿو ته: وجود مان مراد عام مادي وجود ناهي، دنيا جو ظاهري پاسو اصلي وجود جي ماهيت کي سمجهڻ کان قاصر آهي. انسان جي وصف جي اهم خاصيت ان جي روحاني زندگي آهي، يعني انسان هئڻ جي خاصيت.
مادي دنيا جي هن واپاري دور ۾ هوس، لالچ، لوڀ، ۽ مادي حصول جي ڊوڙ ۾ ماڻهو جانور بنجي ويو آهي، ان مان انساني خاصيتون ختم ٿينديون وڃن، انهيءَ ڪري دنيا کي تصوف جي ضرورت آهي، جيڪو ماڻهو مان شدت پسندي ۽ مادي هوس کي ڪڍي سگهي ٿو، ماڻهوءَ ۾ رواداري، خدا ترسي جهڙا گڻ پيدا ڪري سگهي ٿو. تصوف رُوح جي سائنس آهي ۽ وجود جي خال کي مثبت انداز سان پورو ڪري انسان کي ٿانيڪو ڪري سگهي ٿي.

[b]References :حوالا
[/b]
1. Erick fromm The Sane Society
www.gofaster.net/books/.../Erich_Fromm_The_Sane_Society.pdf p56
2. ڊاڪٽر افتخار بيگ ”وجوديت “ سٽي بڪ پوائنٽ اردو بازار ڪراچي 2011ع ص:31
3. Hunter mead “Types and Problems of Philosophy” Holt ,Rinchart and Winston , October 1962 p 412
4.
5. قاضي قيصر السلام ”فلسفي ڪي بنيادي مسائل“ نيشنل بڪ فائونڊيشن ڪراچي پهريون ايڊيشن 1976ع صفحو: 529
6. پروفيسر يوسف سليم چشتي ” تاريخ تصوف“ دارالڪتاب اردو بازار لاهور، 2009 ع ص: 108
7. Research Paper “conception time and being in the transcendent Philosophy of Mulla Sadra” by syed Alam Shah. Journal of Social Science and humanities volume 50 part -1 januarry and june 2011 university of Karachi.
8. پروفيسر يوسف سليم چشتي ” تاريخ تصوف“ دارالڪتاب اردو بازار لاهور، ص: 42
9. پروفيسر يوسف سليم چشتي ”تاريخ تصوف“ محمد يوسف گورايه دارالڪتاب اردو بازار لاهور، ص: 16 کان 25
10. ايضًا ص 21
11. ايضًا ص 105
12. پروفيسر يوسف سليم چشتي ”تاريخ تصوف“ محمد يوسف گورايه دارالڪتاب اردو بازار لاهور، ص: 09
13. Pilgrim simon “ Mysticism Madness Mania” Robert Laynton 2009 P 38-39
14. Pilgrim simon “ Mysticism Madness Mania” Robert Laynton 2009 p 34
15. Erick Fromm “ To Have or To be “ the world perspective by harper & row 2nd edition 1997 p 25
16. شاهه جا بيت ٻانهي خان جي رسالي تان ورتل آهن.