مختلف موضوع

سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾

هيءُ ڪتاب نفسياتي الف ب متعلق هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، جنهن ۾ عام موضوعن ذريعي سنڌي سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، باقي پڙهندڙ انهيءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي، اهو سندس نفسياتي ڪيفيت تي ڇڏيل آهي.
Title Cover of book سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾

10. رومانس ڇا آهي؟ Romanticism

عام طور رومانس مان مراد پيار ۽ محبت جي ورتي ويندي آهي، جيڪڏهن توهان ڊڪشنري ۾ رومانيٽسزم جي معنيٰ ڏسندا ته توهان کي ملندي ته؛ اها ادبي تحريڪ آهي، جيڪا 18 صديءَ ۾ روسي جي فلسفي کان شروع ٿي، وليم ورڊس ورٿ انهيءَ کي انتها تي پهچايو، جنهن انسان کي سندس فطرت ڏانهن موٽائڻ جي ڳالهه ڪئي، اڳتي هلي توهان کي رومانس جي معنيٰ اها ملندي ته اها فرد جي داخلي بغاوت آهي، جيڪا ماڻهو کي پنهنجي جذبن ڏانهن موٽائي ٿي، يا وري تخيل جي قوت کي اُڀاري ٿي، سماج جي رائج قانونن ۽ روايتن کان بغاوت تي اُڀاري ٿي. يورپ ۾ رومانويت ڪلاسيڪل روايتن کان بغاوت جي بنياد تي اُڀري، جيڪا عقل جي مقابلي ۾ جذبن کي وڌيڪ اهميت ڏيندي هئي، انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو ته رومانوي اديب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏاڍو بي ترتيب هئا، ڇو ته فارمولو عقل جي بنياد تي ٿيندو آهي، جذبي جي بنياد تي نه، انهيءَ ڪري وليم ورڊس ورٿ کان وٺي پشڪن، وڪٽر هيوگو تائين اديبن جي زندگي بي ترتيب گذري. مثال: پشڪن ٽيهن سالن ۾ 150 عشق ڪيا ۽ آخر ڊوئل راند کيڏندي مارجي ويو. دوستو وسڪيءَ جي گهڻي زندگي سائبيريا ۾ سزا ڪاٽيندي گذري، باقي زندگي هن پيرس جي جواخانن ۾ گذاري، وليم ورڊس ورٿ جا مخفي عشق ۽ ناجائز اولاد جا قصا مشهور آهن، وڪٽر هيوگو جذبن کي روحاني طاقتن جي بنيادن تي پرکيو، هن وٽ جسم سان جڙيل بدصورتي ۽ روحاني خوبصورتي گڏ سفر ڪندي هئي، جنهن جو عظيم مثال ”هنچ بيڪ آف نوٽرڊيم“ جو ڪردار هو.

[b]رومانويت جي نئين وصف
[/b]هتي آئون جنهن رومانس جي وصف پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، اها بلڪل الڳ آهي، جيڪا عام ڊڪشنري ۾ ناهي. رومانويت اها قوت آهي، جيڪا ماڻهو کي جيئڻ سان جوڙي رکي ٿي، يعني ماڻهو ۽ دنيا جي وچ ۾ جيڪا طاقت جيئڻ جو اُتساهه پيدا ڪري ٿي، اها رومانوي طاقت آهي. اچو ته هن ڳالهه کي سمجهون، توهان ٿورو غور ڪريو. ننڍڙو ٻار ڄمڻ سان رڙيون ڪري ٿو. انهيءَ ڪري ته هن جي وجود جو نئون ماحول شروع ٿئي ٿو. ٻار جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ هو ته فطرت جو حصو هو، پهريون دفعو فطرت کان الڳ ٿيڻ جو عمل شروع ٿيو ۽ پنهنجي وجود جو خالي پڻو، جيو (روح) جي رڙ شروع ٿي، انسان جو اهو پهريون عدم تحفظ insecurity) ) شروع ٿيو. ماءُ ٻار کي ٿڃ ڏيندي، هنجهه ۾ کڻندي ته ٻار کي ڪجهه آٿت ملندي، ٻار ٿورو سڪون ۾ ايندو، پر وري ٿوري دير کان پوءِ روئڻ شروع ڪندو، اهو عمل هلندي ٻار آهستي آهستي پاڻ کي الڳ وجود طور سڃاڻڻ لڳندو، هو ٻين ماڻهن، شين ۽ پاڻ ۾ تميز ڪرڻ لڳندو، پر سندس وجود بي چين رهندو، هن کي پهرين توهان ٿڃ ڏيئي ماٺ ڪرايو، پر آهستي آهستي هن ۾ کوس ڦٽائي وڌندي، ڪڏهن هو بي سبب به روئڻ لڳندو، ان وقت توهان هن کي جهنجڻو ڏيندا يا وڄائي ڏيکاريندا ته هن جو ڌيان جهنجهڻي ڏانهن ويندو، ٿوري دير لاءِ دل وندري وينديس، پر وري اهو ئي عمل توهان بار بار ڪندا رهندا. ٻار جيئن وڏو ٿيندو رانديڪا بدلجي ويندا، تان جو ٻار پنجن ڇهن سالن جو ٿيندو ته وري سائيڪل، ڪمپيوٽر گيم، بازار جون شيون، ٽيبليٽ، ڪپڙا، جوتا وغيره کيس کپن، جيڪي سندس دل وندرائيندا رهندا. 1980ع کان اڳ ٻارن کي نانيون، ماسيون، ڏاڏيون، ڏاڏا آکاڻيون ٻڌائي دل وندرائيندا هئا، ٻار ڪڏهن کاڌي جي شيءِ مان دل وندرائيندو هو، ڪڏهن وري عيد براد تي خرچي وٺي خوش ٿيندو هو، تان جو ٻار وڏو ٿيندو ويندو، رانديڪا بدلجندا ويندا. هاڻي سنگت به کپي، گهمڻ ڦرڻ به کپي، خرچي وڌيڪ کپي، هوڏانهن وري مائٽن جي زندگيءَ جو رومانس به اهو ئي آهي، ٻارن جو زندگيءَ ۾ هئڻ، انهن جون اميدون ڏسڻ، بس زندگيءَ جي اها ئي ڪرت رهندي آهي.
هاڻي ٿورو سوچيو. ٻار ڇا رانديڪي لاءِ پيدا ٿيو هو؟ بلڪل نه: ته پوءِ رُنو ڇو؟ ڇا رانديڪي لاءِ رُنو ٿي؟ بلڪل نه، ته پوءِ آخر ٻار رنو ڇو! رانديڪي سان چپ ڇو ٿي ويو؟ انهيءَ جو جواب سادو آهي ته ٻار پنهنجي مرضيءَ سان پيدا ڪونه ٿيو آهي، نه وري ڪو پنهنجو جوهر کڻي پيدا ٿيو آهي، نه وري جيئڻ جو مقصد طئي ٿيل اٿس. هاڻي پيدائش کان وٺي بس کيس دل بهلائڻي آهي، کيس پنهنجو ڌيان هٽائڻو آهي، نه ته بوريت پيدا ٿيندي، اڪتاهٽ ٿيندي، گهٻراهٽ ٿيندي، هاڻي ٿوري دير لاءِ سوچيو، جهڙي طرح ٻار بهلائڻ لاءِ ڪنهن رانديڪي جو سهارو ورتو، بلڪل اهڙيءَ طرح اسان هر روز پاڻ کي بهلائڻ لاءِ مخلتف ڪمن ڪارين جو سهارو وٺون ٿا، رشتن ناتن جو سهارو وٺون ٿا، رواج رسمن جو سهارو وٺون ٿا، حقيقت ۾ ڪنهن به شيءِ يا ڪنهن به ڪم، رشتي ۽ رواج سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي. يعني انهن سڀني ڪمن سان اسان جو ڪو حقيقي رشتو ناهي، پر اهو رشتو اسان جوڙيون ٿا، بس اهو ئي جيڪو رشتو اسان جوڙيون ٿا، جيڪو تعلق اسان ڳنڍيون ٿا، اهو رومانوي رشتو يا تعلق آهي، يعني ڪوبه تعلق خود دلچسپي وٺي جوڙيون ٿا، اهو رومانوي آهي. هاڻي اسان چئي سگهون ٿا ته رومانويت اها قوت آهي، جيڪا پنهنجي آس پاس سان رشتو جوڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اها قوت ئي جوش حيات آهي، نه ته دنيا سان انسان جو ڪوبه حقيقي تعلق ناهي، ڇو ته اسان ڪنهن طئي ٿيل ڪم لاءِ پيدا ئي نه ٿيا آهيون. اسان پاڻ کي جوڙي رکيو آهي، پنهنجي آس پاس سان رشتو جوڙي رکڻ رومانوي قوت وسيلي ئي ممڪن آهي. زندگي پل پل جيئڻ جو نالو آهي، ان لاءِ هر لمحي پنهنجو رشتو ڪنهن ماڻهوءَ، شيءِ، واقعي، رشتي، فطرت، نظريي سان جوڙڻو پوي ٿو، اهو شعوري يا لاشعوري ڪرڻو پوي ٿو، نه ته ماڻهو مڪمل ويڳاڻو، اڪيلو يا بي يار و مددگار ٿي پوندو. هاڻي سوچيو هڪ ماڻهو صبح جو بستري تان اٿي ڇو ٿو؟ ڪا ته دلچسپي هجيس، ڇو اُٿي برش ڪري، ڇو نيرن ڪري، ڇو ڪم تي وڃي، جي ڪا دلچسپي نه هجيس، ته پوءِ ستو ئي رهي، پر سمهي به ڇو؟ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته بغير دلچسپيءَ جي جيئي به ڇو؟ بس اها دلچسپي ئي آهي جو هو صبح سوير اٿي وهنجي سهنجي، ڦڻيون ڏيو ٻاهر نڪري ٿو. مطلب ماڻهوءَ کي سڄي زندگي پاڻ کي بهلائڻو پوي ٿو، رانديڪا بدلجندا رهن ٿا، دلچسپيون بدلجنديون رهن ٿيون، پر پاڻ کي پرچائڻو پوي ٿو، زندگيءَ جو فطرت، سماج ۽ ماحول سان رشتو صرف رومانوي آهي، حقيقي ناهي. ڀڳت ڪنورام جي ڳايل سيد سليمان شاهه جي ڪافي بلڪل انهيءَ تي ٺهڪي ٿي اچي:
ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان توکي.
ڏس ڪو ڏانءُ.
انهيءَ ڪري هائيڊيگر چيو هو ته:
Man is not the lord of being Man is Shepherd of being
رومانويت جي رشتي ۾ تاريخي رشتي جو وڏو عمل دخل آهي، تاريخي رشتي مان مراد اهو رشتو آهي، جيڪو اسان وقت گهاريون ٿا، ڪنهن جڳهه، ڪنهن ماڻهوءَ سان، ڪنهن جانور سان، ڪنهن رشتيدار سان وغيره. هتي هڪ مثال ڏيئي توهان کي سمجهائيندس، ڪنهن ماءُ جو ٻار ڄمڻ کان پوءِ ٻن ٽن ڏينهن ۾ مري وڃي ٿو، ٻيو ٻار ڏهه سال زنده رهي پوءِ مري ٿو، ماءُ ڪهڙي ٻار لاءِ وڌيڪ روئندي؟؟ يقينًا ڏهن سالن واري ٻار لاءِ وڌيڪ روئندي، ڇو ته هڪ ٻار سان صرف ٻن ڏينهن جو تاريخي رشتو هو، پر ڏهن سالن واري سان ڏهن سالن جو تاريخي رشتو قائم رهيو. وري هڪ ٻيو مثال ڪنهن ماءُ کي اسپتال وارا چون ٿا ڏهه سال اڳ تنهنجو ٻار بدلجي ويو هو، جنهن کي تون پنهنجو پُٽ سمجهين ٿي، اهو تنهنجو ناهي، اهو ڏئي ٻيو ٻار وٺي وڃ. توهان سوچيو ماءُ ڇا چوندي؟ ماءُ چوندي ڪجهه به هو، پر هي ٻار آئون واپس نه ڏيندس. انهيءَ ڪري ماءُ واپس نه ڪندي، ڇوجو ان ٻار سان سندس تاريخي رشتو ٺهي چڪو آهي، جيڪو هڪ وڏو رومانٽڪ رشتو آهي، اهڙيءَ طرح ڪنهن جڳهه ۾ توهان رهندا هئا يا ننڍپڻ ۾ اتي ويندا هئا، 20 سالن کان پوءِ جڏهن توهان انهيءَ جڳهه تي ويندا ته توهان ان جڳهه کي جذباتي ٿي ڏسندا. ڪو ننڍپڻ جو دوست ملي وڃي يا ڪو پراڻو دوست ملي وڃي، توهان ان سان وابسته هوندا. اهڙيءَ طرح توهان ڪنهن پراڻي ڏک يا سک سان رومانوي طرح وابسته آهيو، بلڪل پنهنجي محبوب سان به اهڙي تاريخي رشتي سان وابسته آهيو، تاريخي رشتو صرف ڏسڻ يا ملڻ سان وابسته ناهي، بلڪ تصور يا خوابن ۾ ڏسڻ سان به ٺهي ٿو، يا ذڪر ڪرڻ سان به آهي.
رومانوي رشتا ٺهندا به آهن، ڊهندا به آهن، لازمي ناهي ته هميشه رشتي جي نوعيت هڪجهڙي هجي. هڪ رشتي مان موهه گهٽجي ويندو وري ٻئي ۾ پيدا ٿيندو، پر زندگي پاڻ کي رومانس سان جوڙيندي رهندي، اهائي زندگي آهي، پر جنهن وقت هڪدم رشتن مان موهه گهٽجي وڃي، ڪنهن به شيءِ سان پاڻ پرچائي نه سگهجي، ته پوءِ ماڻهو اڪيلو ٿيندو ويندو، نه ماڻهن سان موهه، نه شين سان، نه پاڻ سان. نتيجو اهو نڪرندو جو ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿي پوندو، کيس ڪابه شيءِ ناهي وڻندي، بس اهو وقت آهي، جو ماڻهو مايوس ٿي خودڪشي به ڪري سگهي ٿو. نفسياتي طور ڊپريشن جو مطلب ئي اهو آهي ته ماڻهوءَ مان رومانوي قوت ختم ٿي وڃي. انهيءَ ڪري ڊاڪٽر چوندا آهن ته ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ خوشي ملهايو، دوست ٺاهيو، کل خوشي ڪريو، تخليق ڪريو، پيار ڪريو، گهمو ڦرو، مطلب ڪا دلچسپي پيدا ڪريو، انهيءَ لا ءِ اڄڪلهه دوائون به اچي ويون آهن جيڪي دماغ ۾ هٿرادو سيروٽنن پيدا ڪري موڊ ٺاهن ٿيون، پر جيئن گاڏيءَ کي ڌڪو ڏجي، پوءِ خود چالو ٿي وڃي ۽ هلي وڃي. ڊپريشن جو مطلب اهو به آهي ته رومانوي ڪرت وڌايو، ڪي ڪارناما ڪريو، پاڻ کي ڳولي لهو، ڊپريشن جو مطلب اهو به آهي ته توهان جو رومانس ڪافي ناهي، اڃا وڌايو. جيڪڏهن مڪمل رومانس ختم ٿي وڃي ته ماڻهو چريو يا نروس بريڪ ڊائون يا وري خودڪشي ڪندو. بنيادي طور سان ماڻهو جو هن دنيا ۾ ڪير به ناهي، سندس هتي ڪا به سڃاڻپ ناهي، سڀڪجهه نئون ۽ ڌاريو آهي، پوءِ انهن مان ڪنهن سان اُنسيت ٿئي ٿي، ڪنهن سان رشتو جُڙي ٿو، ڪنهن سان پيار ٿئي ٿو. عام طور سان ماڻهو رومانس مان مطلب پيار محبت يا جنسي ڪرت جو وٺندا آهن، اصل ۾ رومانويت جو تعلق تخيل سان آهي، ڪنهن اڻ ڄاڻ دنيا کي ڄاڻڻ سان آهي، عدم کي موجود ڪرڻ سان آهي، انهيءَ ڪري ڪنهن سان نينهن جو ناتو جوڙڻ جو بنيادي تعلق پنهنجي اندر جي خالي پڻي سان آهي، جيڪو رومانوي سطح سان اعليٰ ترين رشتو آهي. ڇو ته رومانوي تعلق بنيادي جوهر ناهي، انهيءَ ڪري ڪنهن به وقت رومانوي رشتو ٽٽي سگهي ٿو.

[b]رومانويت ۽ نفسيات
[/b]رومانويت جي قوت گهٽ ٿي ته ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿي پوندو، ذهني دٻاءَ(anxiety) ۾ هليو ويندو. ماڻهو جي نفسيات ۾ شعور جو عمل دخل تمام وڏو هوندو آهي، ڇو ته ماڻهو پنهنجي ماحول جي اثر جو رد عمل ڏيکاريندو آهي. سندس جذبن جي اُٿل پٿل به ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري انسان جو مسئلو شعور آهي، پنهنجي هئڻ جو شعور، پنهنجي محروميءَ جو شعور، پنهنجي سک ۽ ڏک جو شعور، انهيءَ ڪري ماڻهو کي پاڻ سان ٻين کي جوڙي رکڻو آهي، جانور صرف پنهنجي نفس جي بنياد ۽ ماحول جي بنياد جي وهڪري ۾ جيئندو آهي. هيگل چيو هو ته: شعور هڪ زنده فطرت آهي، جنهن کي پنهنجي هئڻ جو شعور آهي، جيڪا پنهنجي بچاءَ جي لاءِ بيشعوري فطرت سان هم مقابل آهي. جانور وٽ شعوري رومانس جو تصور ناهي، هو اڪيلو آهي، يا هن کي ٻين سان رشتو جوڙڻو آهي، اهو هو شعوري طور نه ڪندو آهي، پر جبلت طور ڪندو آهي، جانور وٽ موت جو شعوري تصور هائڊيگر وارو تصور ناهي، انهيءَ ڪري هو ڊپريس نه ٿيندو آهي. نفسياتي مريض نه ٿيندو آهي، پر انسان وٽ موت جو شعوري تجربي جو تصور موجود آهي، تنهن ڪري کيس دهشت، بوريت واري ڪيفيت مان گذرڻو پوندو آهي، ان لاءِ هن کي رومانوي رشتو جوڙڻو پوي ٿو. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته، ڇا ماڻهو رومانويت ذريعي ڏک کان بچي سگهي ٿو؟ وجود جا ٻه پاسا آهن هڪ خالي پڻي سان ڀريل، ڏک ۽ چڪر ۾ گهمندڙ وجود، ٻيو ڀريل سڌو گهمندڙ وجود. جيڪڏهن وجود شعوري طور سجاڳ آهي ته خالي پڻي ۽ ازلي واهياتپڻي سان ضرور همڪنار ٿيندو. ان وقت رومانس هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جيڪو پل پل جيئڻ سان جوڙي ٿو، وجود کي ماحول سان جوڙي ٿو. يعني وجود ۽ خارجيت کي جوڙڻ واري قوت رومانس آهي، اها قوت قدرتي طور فرد ۾ موجود هوندي آهي، جيڪا تمام گهڻي مايوسي، محرومي، ڏک، بيڪاريت، اڪيلائي، بوريت ۽ دهشت سان گهٽجي سگهي ٿي.