تعارف
هيءَ سڄي ڪائنات ٻن بنيادي عنصرن جي ٺهيل آهي، هڪ عنصر مادي آهي ته ٻيو عنصر انرجي يا سگهه آهي. اهڙيءَ طرح انهن عنصرن ۾ ٻه بنيادي طاقتون موجود آهن، هڪ مثبت ٻي منفي. نفسيات دراصل سگهه جي منفي ۽ مثبت اظهار جي اسٽڊي آهي. عام طور علم نفسيات رُوح يا نفس جي پڙهائي سمجهي ويندي آهي، پر اسان جي سماج ۾ رُوح مان مراد ڪا الهامي طاقت يا جن، ڀوت واري طاقت سمجهي ويندي آهي يا وري رُوح جو نالو وٺڻ سان مذهب جو تصور ذهن ۾ ايندو آهي. اسان جي سماج جي ڏند ڪٿا ۾ رُوح جي الڳ دنيا آهي، جيڪا غير مادي ۽ انسان جي زمان و مڪان کان ٻاهر الڳ وجود رکي ٿي، جنهن جو مطالعو سائنس نٿي ڪري سگهي. اسان رُوح انهيءَ معنيٰ ۾ نٿا کڻون، اسان وٽ رُوح جي معنيٰ صرف ذهن جي دنيا يا نفس سان آهي، جنهن جو انسان جي رويي سان گڏ پيٿالوجي سان به تعلق آهي. يعني جسم سان انهيءَ جو گھرو تعلق آهي. انسان جون بيماريون به ٻن قسمن جون ٿينديون آهن، هڪ جسماني ٻي ذهني. يورپ ۾ سجاڳيءَ واري دَور کان پوءِ عام طور سان دنيا کي صرف مادي تسليم ڪيو ويو ۽ سڄي تحقيق جا در مادي تي کلن ٿا. ڇو ته يورپ ۾ ڪليسا ۽ مذهبي هڪ هٽي دنيا کي اونداهي دَور ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. جنهن جي رد عمل ۾ يورپ وارن دنيا کي صرف عقل، تجربي ۽ حواسن جي ذريعي مادي دنيا کي ئي حقيقت سمجهيو. جڏهن ته انسان جي حقيقت رُوحاني به آهي، هتي روحانيت مان مراد سنگت، ڪچهري، ميل جول، ڪلچر، محبت، رحم، همدردي، درگذر ڪرڻ، سماجي مسئلن کي گڏجي انساني جذبي سان منهن ڏيڻ، رشتا ناتا ۽ تخليق آهي، پر يورپ جي مادي دنيا، صرف مادي دنيا جي حصول ۽ مادي شين جي حقيقت کي ئي اصل دنيا سمجهيو، مٿان وري مارڪسزم جي پيروڪارن ته روحانيت مان مراد صرف مذهب ورتو، تنهن ڪري سري کان هنن رُوح جي حقيقت کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهو ئي سبب هو جو سوويت يونين ۾ فرائيڊ جي نظرين کي ۽ نه وري نفسياتي، تحليل نفسي کي ڪا اهميت هئي. اصل ۾ ماڻهو مڪينڪل مادي شيءِ ناهي، ماڻهو جو شعور ۽ ذهن به حقيقتون آهن، جيڪي مادي قانونن کان وڌيڪ اسان کان ڪجهه توجهه طلب آهن. انسان صرف مادي حصول جي عمل مان سُرور يا خوشي حاصل نٿو ڪري، بلڪ غير مادي عمل ئي انسان کي سُڪون ۽ سُرور بخشين ٿا مثال، هماليا جبل تي چڙهڻ هڪ چريائي وارو عمل لڳي ٿو، پر جيڪو هماليا جي چوٽي سَر ڪري ٿو، انهيءَ کان پڇو ته هن کي ڪيتري خوشي ملي آهي، ڪنهن شاعر جو شعر لکڻ مان ڪو به مادي فائدو ناهي، پر شاعر ڪيترو سرهو ٿيو، کيس ڪيترو ڪلياڻ مليو، انهيءَ جو اندازو ناهي. ڪنهن فنڪار جي فني اظهار تي کيس داد ملي، ڪنهن واهه واهه ڪئي ته فنڪار خوشيءَ مان نٿو ماپي. ڪو انقلابي ڦاهيءَ تي چڙهي رهيو هجي، پر پوءِ به انقلاب زنده باد جو نعرا هڻي خوشي سان ڦاهي تي چڙهي ٿو، انهيءَ کان پڇو ته توکي ڪهڙي خوشي ملي رهي آهي؟ بلڪل اهڙيءَ طرح هڪ ماءُ ٻار کي جنم ڏيڻ جي تڪليف کان باخبر آهي، پر پوءِ به کيس انهيءَ تڪليف مان خوشي ملي ٿي. انهيءَ جو مطلب ته انسان جون سڀئي سرگرميون مادي حصول لاءِ ناهن، بلڪ ذهني آسودگي سڀ کان وڌيڪ اهم آهي.
هاڻي واضح ٿي ويو ته علم نفسيات ذهن جو علم آهي، پر جسم کان ڪٽيل الڳ ٿلڳ ناهي، جسم سان جُڙيل آهي.
جرمن فلاسفر گوڪل (1628ع _ 1548ع) علم نفسيات کي هڪ سڪو قرار ڏنو، جنهن جي هڪ پاسي کان ذهن آهي ته ٻئي پاسي کان جسم آهي. باباءِ جديد نفسيات فلپ پينل (1826ع _1745ع) جو خيال هو ته، ”نفسيات انسان جي سماجي پابندين يا ڇڙواڳين جي صورتحال ۾ غير متوازن ٿيڻ جو علم آهي“. جون ويئر (1588ع _1515ع) جنهن کي يورپ جو پهريون نفسياتدان چيو ويندو آهي، ان جو خيال هو ته ”انساني روين کي مذهبي وهمن کان الڳ ڪري سمجهي سگهجي ٿو ۽ انساني جذبن کي سائنسي انداز سان سمجهي سگهجي ٿو“. جڏهن ته جديد سائنسي نفسياتدان سگمنڊ فرائيڊ جي اچڻ سان علم نفسيات کي تمام گهڻي اهميت ملي. هن نفسيات کان انسان جي شخصيت کي گهڻ پاسن کان سمجهڻ لاءِ انسان جي اندروني قوتن ۽ ٻاهرين حالتن جي پس منظر ۽ پيش منظر کي آڏو رکي ڪيترا نوان اصطلاح ڪم آندا، جيڪي علم نفسيات کي سمجهڻ ۾ بنيادي پٿر جو ڪردار ادا ڪن ٿا. هن وقت دنيا ۾ نفسيات جا ڪيترائي الڳ الڳ شعبا ۽ موضوع قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ ٻار جي نفسيات، ڪلينڪل نفسيات، روحاني نفسيات، تخليقي نفسيات، انڊسٽريل نفسيات، ڏوهاريءَ جي نفسيات، عورت جي نفسيات، اخلاقي نفسيات. اهڙيءَ طرح وري نفسياتي بيمارين جا به ڪيترا ئي شعبا کلي ويا آهن.
’دنيا‘ بابت هميشه کان ٻه نڪته نظر رهيا آهن، جن جا نالا مختلف رهيا آهن، مثال روح يا مادو، ذهن يا جسم، ڪاٽو قوت يا واڌو قوت، زندگي يا موت، خيال يا حقيقت وغيره. مادي دنيا جي پوئلڳن زندگيءَ جي ارتقا کي حادثاتي قرار ڏنو، هنن جي خيال ۾ مادي جي ارتقا مخصوص قانونن تحت ٿيندي آهي، جنهن ۾ انسان مرڪزي حيثيت نٿو رکي. ڪارل مارڪس به شعور کي منظم مادي جي ارتقائي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مادي جو عڪس ئي قرار ڏنو. هن جو خيال هو ته، دماغ جو ڪم آهي خيال ۽ شعور کي پيدا ڪرڻ، جيئن بُڪين جو ڪم آهي رت صاف ڪري پيشاب خارج ڪرڻ.
فرائيڊ جو خيال هو ته انسان جون تمام سرگرميون صرف ٻن قوتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿينديون آهن، هڪ حيات جي جبلت (EROS) ٻيو موت جي جبلت (Thanatos). فرائيڊ جي خيال ۾ ڪابه ارادي جي آزادي ناهي. ماڻهو پنهنجي لاشعوري قوتن جي نفسياتي مونجهارن جو عڪس آهي. تخليق انهن مونجهارن مان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش آهي.
جان پال سارتر به مادي دنيا جي فلسفي جي پوئواري ڪندي اهڙي ڳالهه ڪئي ته: ”دنيا ۾ ماڻهو جي فطرت جهڙي ڪابه شيءِ ناهي“. سارتر جي خيال ۾ جي خدا ناهي ته پوءِ سڀ ڪجهه جائز آهي. جي خدا ۽ روح جهڙي ڪابه شيءِ ناهي ته پوءِ ڪو به آفاقي قدر ناهي.
اسان وجود ڇو رکون ٿا؟ هن جي جواب ۾ سارتر چيو ته اسان صرف وجود رکون ٿا. اسان هتي بغير ڪنهن جواز يا جوهر جي رهون ٿا. اسان آزاد آهيون ته پنهنجي فطرت تخليق ڪريون ۽ اها ئي آزادي اسان جي لاءِ وڏو سور ۽ آزار آهي. انهي ڪري اسان انهيءَ درد کان بچڻ لاءِ خود فريبي جو سهارو وٺندا آهيون. سارتر جي هن خيال ۾ اسان جبلت موت جا اولڙا ڏسي سگهون ٿا، جنهن ۾ حياتي موت کان فراريت جو نالو آهي، انهي ڪري سارتر تخليق کي داخلي فرياد جو نالو ڏنو هو.
بي ايف اسڪينر (B.F Skinner) جو خيال هو ته: ”اسان پنهنجي ماحول ۽ فطرت مان پنهنجو مزاج پيدا ڪندا آهيون، اسان سمجهون ٿا ته اسان آزاد آهيون، اسان جي نجات انهيءَ ۾ آهي ته اسان وهمي ارادي جي آزاديءَ مان جان ڇڏايون ۽ پنهنجي ماحول کي بدلايون ۽ پنهنجي مزاج تي نظرثاني ڪري نئين سر انهيءَ جي تشڪيل ڪريون“. اسڪينر جو تخليقي نظريو سوئيسر جي ساختيات جي نظريي سان ملي ٿو.
اسان ڏٺو ته مادي نظريا انسان کي جبلت موت ۽ منفي قوتن ڏانهن کڻي وڃن ٿا. حقيقت به اها آهي ته طبقاتي سماج مادي سهولتن جي حصول کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. جديد دنيا اسان کي مادي ترقيءَ ۾ اڳڀري ملي ٿي، پر روحاني ترقيءَ ۾ ڪنگال آهي. اهو ئي سبب آهي جو تخليق، مادي دنيا ۾ موت کان فراريت، داخلي فرياد، مارڪيٽ وکر، انفرادي شخصيت جي مقابلي بازيءَ جو بدترين مثال بنجي سامهون اچي ٿي. اهڙيءَ طرح مادي دنيا صرف جبلت موت تي هلي ٿي. جنهن ۾ زندگي خالي جدوجهد، پيار، بوجهه، علم ۽ مارڪيٽ جو وکر آهي. خوبصورتي وري اگهاڙپ جو روپ ۽ انسانيت اسان جو خواب بنجي وڃي ٿي. ٻيو پاسو جبلت حيات جو آهي، علم نفسيات دراصل رُوح جا دروازا کولي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي مزاج کي مادي جو عڪس نه، پر انسانيت جو معراج بنائي ٿو. Gregory Bateson هڪ اهم نفسياتدان هو هن جو خيال هو ته: ”ذهن ئي زنده وجود جو جوهر آهي، دراصل ذهن ئي ماڻهو جو روح آهي، جيڪو ماڻهو جي خواهش سجاڳي، احساس، پنهنجي هئڻ جي احساس، ٻولي، تصور، خيال، پيار، سنگت ۽ همدردي جهڙن جذبن سان سرشار آهي، اهي ئي روح جون خاصيتون آهن، جيڪي مادي يا جسم جي خاصيتن کان الڳ آهن.“
دراصل جڏهن اسان ذهن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته شعور ۽ لاشعور ٻنهي جي دنيا جي ڳالهه ڪريون ٿا، ڇو ته جسم، ذهن جي طاقت سان حرڪي آهي، بلڪ ذهن ئي جسم کي هلائي ٿو. جبلت حيات انساني سرگرميءَ جو نالو آهي، جنهن ۾ مثبت قوتن کي اڀاري انساني قدرن جي سماج کي پيدا ڪري سگهجي ٿو، جبلت حيات جو بنياد
“To be” تي آهي، جنهن ۾ ذات جي آگاهي، روحاني تسڪين اهم آهي، مثال گوتم ٻڌ محل ڇڏي بنواس وٺي ٿو، جهنگلن ۾ حقيقت جي ڳولا ۾ نڪري ٿو. گوتم جو حصول روحاني تسڪين جو حصول آهي. سقراط کي سچ جي ڳولا لاءِ زهر جو پيالو پيئڻو پئجي ويو. حضرت محمد ﷺ جن روايتي خدائن کان انڪار ڪري، سڄي سماج ۾ انساني قدرن واري سماج جي آبياري ڪئي، ڪارل مارڪس اذيت وارين حالتن ۾ گذاريو، صرف انسانيت کي اجاگر ڪرڻ ۽ اجتماعيت جي مفاد لاءِ. اسان وٽ عبد الستار ايڌي ۽ رٿ فائو اهڙي TO BE جي مڪمل شخصيت هئا، جن پنهنجي انفرادي حصول بدران اجتماعي انسان لاءِ سوچيو. دراصل حيات جي جبلت ترقي پسند ٿيندي آهي، جنهن ۾ فرد صرف ريسپانس (Response) ڏيندو آهي صرف رد عمل نه ڪندو آهي. مادي حصول کان انڪار ناهي، پر مادي هوس، لالچ، خودغرضي، اذيت پسندي ماڻهو کي جبلت موت ڏانهن وٺي وينديون آهن، جنهن ۾ ماڻهو وٽ سڄي دنيا جي دولت گڏ ٿئي ته به پيٽ نه ڀرجندو آهي، سڄي دنيا جي طاقت کيس ملي ته به اڃا طاقت جي حصول لاءِ ڊوڙندو رهندو آهي. کيس سڄي دنيا جنسي تسڪين لاءِ ڏني وڃي ته به تسڪين نه ملنديس، اڃا به کپي اڃا به کپي. تان جو مڪمل چريو ٿي پوندو آهي. اهڙا هوس جا بادشاهه توهان کي اڄڪلهه جي دنيا ۾ گهڻا ملندا، ڇو ته اڄ جي دنيا صرف to have جي بنياد تي جبلت مرگ پٺيان هلي پئي، جنهن ۾ ماڻهو مرڻ مارڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي.
علم نفسيات اهو علم آهي، جنهن اهڙن ماڻهن کي چريو قرار ڏنو، اهڙن سماجن کي ائبنارمل سماج قرار ڏنو. فرائيڊ انهي ڪري چيو هو ته ماڻهو ڏوهاري انهي ڪري آهي ته ماڻهو چريو آهي، ماڻهو انهي ڪري جهيڙو ڪري ٿو ته ماڻهو چريو آهي، ماڻهو پنهنجي چريائپ کي ڪيترين ڳالهين ۾ ظاهر ڪري سگهي ٿو. مثال جيڪو نشو ڪري ٿو، جيڪو گهر ۾ جهيڙو ڪري ٿو، جيڪو ذميدارين کان ڀڄي ٿو، جيڪو نفرت ڪري ٿو، جيڪو رڙين سان ڳالهائي ٿو، جيڪو هر وقت ڳالهائي ٿو، جيڪو نٿو ڳالهائي، جيڪو عادت نٿو بدلائي، جيڪو رحم نٿو کائي، جيڪو ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي تي ڪو به رد عمل نٿو ڪري، جيڪو خوش نٿو ٿئي، جيڪو هر وقت رنج رهي ٿو، جيڪو پاڙي ۾ ڪنهن سان نٿو ٺهي، جيڪو رڳو گلا ڪري ٿو، جيڪو حسد ساڙ ڪري ٿو يا هر ماڻهو سان چاپلوسي ڪري ٿو، يا جنهن کي پنهنجي اهميت جو احساس ناهي، اهو چريو آهي. اهي سڀ چريائپ جا رُوپ آهن.