4. شخصيت جو بحران ۽ ائبنارملٽي
فرائيڊ جي ٿيوري مطابق شخصيت ننڍپڻ جي عمر ۾ ٺهندي آهي، جيڪا اڊ، انا ۽ عظيم انا مان ٺهندي آهي ، ساڳي وقت شخصيت جي ٺهڻ ۾ ننڍپڻ جا ۽ خانداني مونجهارا به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
Personality is formed through conflicts among three fundamental structures of the human mind: the id, ego, and superego.( Sigmund Freud)
وري ايرڪ فراهم فرائيڊ جي ٿيوري خاص طور لبيڊو ۽ ايڊيپس مونجهاري جي بنياد تي ٺهندڙ شخصيت کان انڪار ڪندي چيو ته شخصيت سماجي ساخت ۽ اخلاقيات جي نظام مان ٺهندي آهي، جيڪا سماجي پابندين ۾ پاڻ کي توازن ۾ رکي ٿي پر ان وقت شخصيت بحران جو شڪار رهي ٿي جڏهن بغير ڪنهن گوڙ ڪرڻ جي ماڻهو سماجي پابندين جي پيروي ڪندا رهن، ته شخصيت بيٺل پاڻي وانگر سينوارجي وڃي ٿي، ايرڪ فراهم پنهنجي ڪتاب “ Fear of freedom” ۾ تمام ڪارائتو بحث ڪندي، اذيت پرستيءَ جي اصطلاح کي ڪم آندو آهي، هن جو چوڻ هو ته سماج ۾ شخصيت قابل قبول صرف ان وقت هوندي آهي، جڏهن خاموشي سان سماج جي جيءَ حضوري ڪندي رهندي آهي، پر ان وقت شخصيت اندر ئي اندر ۾ خالي ۽ کوکلي ٿيندي ويندي آهي، ايرڪ فراهم شخصيت کي پروان چاڙهڻ لاءِ سماجي ۽ شخصي آزادي جو قائل هو، پر اهو دور جديد هو، جنهن ۾ نظريا ۽ آدرش هئا اڄ جي دور جي ڪٿ ڪنداسين ته صورتحال ٻي آهي. جنهن آزادي يا سماج جي ڳالهه ايرڪ فراهم ڪري ٿو، اهو دور آمريت يا سامراجي پرماريت جو دور ۽ دنيا جي ٻن بلاڪن ۾ ورهايل دور هو. پر اڄ جي جديديت پڄاڻان دور جي شخصيت آدرشن، نظرين ، اخلاق، روايتن ۽ ڪلچر جي دائرن مان نڪري چڪي آهي.
انسان فطرتي طور جانور آهي، پر اهي سماجي قدر، روايتون، نظريا، ۽ نفسياتي ساخت آهن، جيڪي ماڻهو کي مهذب بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. سماج ۾ ڀلي ڪهڙيون به حالتون هجن، غريبي هجي يا اميري، پر جي قدر زنده آهن، مثبت روايتون زنده آهن، (جن ۾ انصاف، عدل، پيار ، ڀائپي، همدردي، ڪهل، لحاظ، صبر، سهپ، مهمان نوازي، دوستي، رشتا، ڏيتي ليتي ۾ ايمانداري وغيره شامل آهن) ته انسان جلدي پنهنجي شخصيت جي بحران تي قابو پائي وٺندو آهي.
پر جڏهن سماج پنهنجي قدرن جي فطري تبديلين جي بجاءِ جڙتو ۽ واپاري مفادن واريون تبديليون پيدا ڪري، سي به ايترو جلدي جو ڪا به تبديلي ماڻهو وٽ جٽاءَ نه ڪري، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو وٽ سماج ۽ فطرت جي بجاءِ صرف شين جو تصور ۽ انهن جي حصول جو تصور ئي جٽاءَ ڪندو آهي. آهستي آهستي ماڻهو پنهنجي معروضي صورتحال ۾ داخلي فرد جي حيثيت سان داخل ٿيندو آهي، جنهن کي قدر مارڪيٽ مهيا ڪندي آهي، ڪمپنيون يا حڪومتون پنهنجي مفادن وارا جڙتو مسئلا مهيا ڪري ، ماڻهن کي رڌل رکن ٿيون. ماڻهو جو جوش حيات اجتماعيت سان جڙيل آهي، گڏيل خوشي ، اجتماعي جذبا، اجتماعي خوشحالي، گڏيل جدوجهد، اجتماعي نظريا، گڏيل رشتا، ماڻهو کي فردي ۽ داخليت مان ڪڍي سماج سان جوڙين ٿا، پر سماج صرف حصول جو سبق ڏي ٿو، مقابلي بازي لاءِ همٿائي، ذاتي مفادن لاءِ ڪجهه به ڪرڻ کي جائز قرار ڏئي، يا رات وچ ۾ امير بنجڻ جا نسخا ڏئي، اهڙي صورتحال ۾ فرد ۾ انساني ذات جو خلا پيدا ٿيندو آهي، هن جي مقابلي بازي ۽ اسٽيٽس جي دنيا جلد ٿڪي، هارائي ويندي آهي، جنهن ڪري فرد ۾ جبلت مرگ پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. عام طور تي ماڻهو شين جي حوالي آهي، شين سان سڃاڻپ اٿس، جنهن ڪري خوشي دائمي ۽ دلي نٿي مليس، منجهس چڙ جو پيدا ٿيڻ، ذات جي زيان جو احساس، خوف، مَ سهپ، بوريت ۽ زندگيءَ جو رس چس محسوس نه ٿيندو اٿس. نتيجي طور هو سمجهندو آهي ته اڃا دولت هٿ ڪري، اڃا اسٽيٽس وڌائي، اڃا طاقت حاصل ڪري ، اڃا دٻدٻو وڌائي ته سندس مڃتا ٿيندي. ٻي صورت ۾ هو ضايع ٿي ويندو . جبلت مرگ جي وڏي نشاني اها آهي ته ماڻهو دنيا جي هوس ۾ ايترو انڌو ٿي پوندو آهي، جو کيس ڪجهه به نظر نه ايندو آهي. اڪثر طاقتور ماڻهو سڄو ڏينهن مصنوعي دنياداري واري زندگي گذاري، رات جو شراب نوشي، جنسي عياشي جو سامان مهيا ڪري، پاڻ کي وندرائيندا آهن، وڏين گاڏين ۾ چڙهي ٺٺ ٺانگر سان سڪيورٽي گارڊ کڻي، ماڻهن تي رعب وجهندا آهن. سمجهندا آهن ته هنن جا ٺٺ آهن، هو وڏي شخصيت آهن، پر حقيقت ۾ هو پاڻ کي وڃائي چڪا هوندا آهن. ٻي طرف وري مڊل ڪلاس انهن جي ٺٺ کي ڏسي چپ چٽيندو رهندو آهي، ته ڪيئن اڳتي نڪرجي. وٽس ٻه طريقا هوندا آهن. هڪ ته جڳاڙ ڪري، چمچاگيري ڪري، ڀڙوت ڪري، ڪنهن وڏي جي اڳيان ڪِري، پنهنجا مفاد حاصل ڪري يعني دولت يا ڪو اسٽيٽس حاصل ڪري، يا ٻيو وري پنهنجي ميرٽ ۽ ٽيلينٽ کي استعمال ڪري ۽ پنهنجا مفاد حاصل ڪري. عموماً ميرٽ تي هلندڙ لتاڙجي ويندا آهن ۽ چمچا يا شاطر ماڻهواڳيان وڌي ويندا آهن. ٻيو طريقو عورت جو اڄڪلهه مقبول ٿيندو وڃي . دنيا ۾ عورت کي اهو احساس ڏياريو ويو آهي ته تو وٽ هڪ هٿيار ”جنس“ آهي. جنهن جي مارڪيٽ ۾ وڏي گهرج آهي. جيترو فني طور مکي چکي ان کي استعمال ڪري سگهين ٿين ڪر. فرائيڊ جڏهن چيو هو ته “Anatomy is destiny” ته ان جو مطلب ڏاڍو وسيع هو ، اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو پنهنجي خانداني ڪرت ۽ روش مان نڪري شهري ۽ جديد پڄاڻان سماج ۾ داخل ٿيا آهن، يا ڪا سڻڀي نوڪري ملي وئي، يا وري ڪا دولت هٿ اچي وئي، ته انهن جون خصلتون نٿيون بدلجن، پر وري اهي ماڻهو پنهنجي خانداني ڪرت کي دنيا جي هوس ۾ استعمال ڪن ٿا. اصل ۾ شخصيت بگڙجڻ ان وقت شروع ٿئي ٿي جڏهن ماڻهو شيطاني هوس جي چرخي ۾ اچي ٿو. سٺي دنيا ۾ ڪامياب شخصيت صرف انهيءَ کي سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو ڪٿان به، ڪيئن به ڪري حاصلات جي جنگ ۾ اڳتي هجي، ڀلي ان کي غيرت ڇڏڻي پوي، پنهنجي محسن جي خلاف دشمني ڪرڻي پوي، رشتن کي ٽوڙڻو پوي، يا وري پاڻ کي فريب ڏيڻو پوي، اهو عمل ڪندي ڪندي ماڻهو بگهڙ بنجي وڃي ٿو. شخصيت بگاڙڻ ۾ اسان جي ملڪ جي سياست جو به وڏو هٿ آهي، سفارشي ڪلچر، جڳاڙي ڪلچر، جوڙتوڙ ڪرڻ، گلاخوري ڪرڻ، چمچاگيري ڪرڻ، پاڻ وڻائڻ، ٻئي مان ڪم ڪڍڻ لاءِ اجايون تعريفون ڪرڻ، رشوت ڪلچر، گليمر ڪلچر، فوٽو سيشن ڪلچر، وغيره ماڻهو کي هيرائي ڇڏيو آهي ته محنت ناهي ڪرڻي، ڳالهائڻ ذريعي وڏا ڊاڙ هڻي پاڻ پڏائڻو آهي، آهستي آهستي شخصيت خطرناڪ بنجي وڃي ٿي. دنيا انهيءَ کي ڪامياب شخصيت به چوي ٿي.
[b]شخصيتن جا نفسياتي خلل
[/b]• ڪي ماڻهو خوامخواهه گلا ڪرڻ پسند ڪندا آهن، ڪيئن به ڪري ٻي جي گلا ڪجي ان ۾ کين مزو ايندو آهي.
• ڪي ماڻهو ڪنهن جي به نصيحت يا چوڻ نه وٺندا آهن، هڪ ڪن مان ٻڌي ٻي مان ڪڍي ڇڏيندا آهن.
• ڪجهه اهڙا ماڻهو توهان کي ملندا، جيڪي نرم لهجي ۾ پيار سان ڳالهائيندا، پاڻ کي مظلوم ثابت ڪندا، توهان سان خيرخواهه ٿي ملندا، پر اصل ۾ نيت بد هوندا آهن، توهان مان ناجائز ڪم ڪڍڻ چاهيندا آهن ، جي توهان ناجائز ڪم نه ڪيو ته فورن توهان جي خلاف واويلا شروع ڪري ڇڏيندا.
• ڪي ماڻهو ڳالهائيندا ته اکيون توهان سان ملائي نه ڳالهائيندا ، يا ته اکيون هيڏانهن هيڏانهن ڪندا يا وري هيٺ مٿي ڇڪيندا، ان جا ٻه سبب آهن هڪ ته هو پاڻ اندر ۾ ڏوهاري محسوس ڪن ٿا، ٻيو توهان کي اهو تاثر ڏين ٿا ته اسان وڏا ماڻهو آهيون، اسان جا وڏا تعلقات آهن، توهان جي ڪا به اهميت اسان وٽ ناهي، توهان سان ڳالهائي توهان تي ٿورو ڪريون ٿا.
• ڪي ماڻهو وري ڳالهائيندا ڪونه، بس چپ توهان ڪجهه به ڳالهايو پر ڪو تاثر نه ڏيندا بس چپ رهندا، اهي ماڻهو خطرناڪ ٿيندا آهن. اندر ۾ انهن وٽ وڏا منصوبا هوندا آهن.
• ڪجهه اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ڳالهه توهان آڏو رکي نه سگهندا، پر هوندا مخلص آهن.
• ڪي ماڻهو پنهنجيBody Gesture مان اهڙيون حرڪتون ڪندا، جو توهان کي اهو احساس ڏياريندا ته هو وڏا ماڻهو آهن. مثال بيهڻ مهل ٻانهن ٻڌڻ جو هڪ خاص طريقو استعمال ڪندا، هڪ ڪلهي تي رکندا ٻي ٻانهن وري ان ٻانهن جي هيٺان رکندا. ڪي ماڻهو پنهنجا پير ٽڪائي نه بيهندا بار بار اڳيان پويان ٿيندا، انهن ۾ اعتماد جي کوٽ هوندي آهي يا وري اهي ماڻهو ڪو تڪيو ڪلام به چوندا آهن، يا وري اهي ماڻهو اکين کي بار بار ڇنڀيندا آهن.
• ڪي ماڻهو اکين سان کلندا آهن، غور سان نهاريندا آهن، سمجهو توهان کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا.
• ڪي عورتون بار بار گندي يا رئو ٺيڪ ڪنديون آهن، يا ڳالهائيندي اکيون وڏيون ڪنديون آهن، عدم تحفظ يا منجهن اعتماد جي کوٽ يا وري sex conscious هونديون آهن .
شخصيت جو ائبنارمل هئڻ ۽ بحران ٻه الڳ الڳ مسئلا آهن، اسان وٽ ٻئي مسئلا آهن، شخصيت جي انفراديت ۾ سڪڙجي وڃڻ. ذات جي تشهير شين سان ٿيڻ ڪري شخصيت جو بحران پيدا ٿيو آهي، جو ماڻهو صرف پنهنجي تشهير لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهي، توهان ڏٺو هوندو ڪي ماڻهو وڏين شخصيتن سان سيلفي ڪڍرائڻ ۾ مشغول هوندا آهن، ڪي ماڻهو ٻاهران آيل ڪنهن عورت يا مرد پر زياده تر عورت سان شوق سان فوٽو ڪڍرائڻ چاهيندا آهن. اسان جي نوجوانن ۾ اهو مرض خطرناڪ حد تائين ڦهليل آهي، ڪو سيلفي ڪڍڻ جي شوق ۾ مبتلا آهي يا جتي ڪٿي فوٽو ڪڍرائي فيس بڪ تي رکي ٿو، وري انتظار ڪري ٿو ته ڪنهن لائيڪ ڪيو يا ڪمينٽس ڏنا، پڪ سمجهو ته ان جي شخصيت بحران جو شڪار آهي، سندس اڌوري ذات جي ڪري هو پنهنجي تشهير ڪرڻ لاءِ فيس بڪي تشهير ۾ مبتلا ٿئي ٿو. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اهو نارمل آهي، جو فيس بڪ تي موجود ماڻهو رابطي ۾ رهي ٿو ٻيو ته پنهنجي عمل کان آگاهه ڪري انفارميشن ڏيڻ چاهي ٿو. اصل ۾ ماڻهو ۾ پنهنجي تشهير ڪرڻ جي هوس ڪٿي به ڇيهه نٿي ڪري، توهان اندازو لڳايو ته ماڻهو جنازي نماز ۾ به ڌڪا ڏيئي، پهرئين صف ۾ بيهڻ چاهين ٿا ته جيئن فوٽو ۾ نظر اچن، اهڙي طرح ماڻهو پنهنجي شخصيت جي بحران ۾ ڦاسي پوي ٿو. آهستي آهستي هو ائبنارمل حرڪتون ڪري انفرادي ذات ۾ گم ٿيڻ لڳي ٿو. توهان ڏسو ڪيتريون ڇوڪريون ميڊيا تي اچڻ لاءِ جتن ڪن ٿيون، پنهنجي ڪردار جو به خيال نٿيون رکن، اهو حال هڪ عام ماڻهو کان وٺي ادبي شخصيتن جو به آهي. جڏهن ماڻهو جي خوشي رڳو ان ۾ وڃي رهي ته سندس فوٽو ماڻهو ڏسن، يا ماڻهو پاڻ پڏائڻ لاءِ نيچ حرڪتون ڪرڻ لڳي ته ائبنارملٽي شروع ٿئي ٿي. ماڻهو هيرو پسند ٿيڻ ان سان پنهنجي تشهير ڪرڻ چاهي ته سمجهو، هو پنهنجي شخصيت تان هٿ کڻي چڪو آهي، هو ٻئي جي ذريعي پاڻ پڏائڻ چاهي ٿو.
• ڪجهه ماڻهو بار بار انگريزي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندا ته جيئن پنهنجو ڪمپليڪس ٻين تي مڙهي سگهن، انگريزي ڳالهائڻ ڪو خراب عمل ناهي، پر جتي ضرورت نه هجي يا جتي سنڌي سمجهڻ وارا موجود هجن اتي اڌ گابرا انگريزي جملا ڳالهائي ماڻهو پاڻ پڏائڻ چاهي ٿو، جيڪو سندس ذات جو ڪمپليڪس آهي، اسان جي سماج ۾ روز اهڙيون حرڪتون وڌي رهيون آهن. ان جو مطلب ته مونجهارا سماج کان انفرادي ذات ڏانهن پيا وڃن، تان جو سماج سڄو انفراديت ۾ وٺجي وڃي ٿو. اصل ۾ ڪجهه ماڻهو سڀني سان ٺاهي رکڻ چاهيندا آهن، هو چاهيندا آهن ته هن سان خوش هجن هن جي حق ۾ هجن، سندس مخالفت ڪابه نه ٿئي، اهڙن ماڻهن جو ڪوبه نظريو نه هوندو آهي، ڪوبه آدرش، ڪوبه دين ايمان يا قدر نه هوندو آهي، چوندا آهن ”جنهن جي سڀني سان دوستي آهي اهو ڪنهن جو دوست ناهي“ وري جنهن جي سڀني سان دشمني آهي اهو Paranoid جو شڪار آهي. ماڻهو جا اصول، خيال ۽ ڊسيپلين جيڪڏهن مضبوط آهي ته هن جا ڪي دوست به ٿيندا، ڪي دشمن به ٿيندا، اڄڪلهه اهو هڪ رجحان رهي ٿو ته پنهنجو گرپ ٺاهڻو آهي، جيڪو هن جي هر ڳالهه تي واکاڻ ڪري واهه واهه ڪري، اهڙا ڪيترا گروپ ٺهي چڪا آهن، اهڙا ماڻهو موقع پرست ٿيندا آهن ، هو هر طاقت واري ماڻهو يا جنهن ۾ سندن ڪو ڪم هوندو آهي، انهيءَ کي سيڙهي ٺاهيندا آهن، مفاد حاصل ٿيو ته ان سيڙهي کي ڌڪو ڏنو، وري ٻي سيڙهي، بس اڳتي وڌڻو آهي، لتاڙي، منافقي ڪري، هر اها حرڪت ڪرڻي آهي، جيڪا محسن ڪش هجي، جيڪا صرف سندس ذات جي تشهير لاءِ هجي، اهڙا ماڻهو چاپلوس ٿيندا آهن. هو هر چاپلوسي جو ڪم ڪندا، توهان کي خبر به نه پوندي ، توهان مان ڪم ڪڍي ويندا.
وہ اس کمال سے کھیلا تھا عشق کی بازی
میں اپنی فتح سمجھتا رہا مات ہونے تک
هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن مونجهاري ۾ ورتل آهي، توهان ڪجهه به ڪريو پر هيءَ دنيا جڳاڙين جي، گلا خورن جي، چمچن ۽ حقي ٽوپي وارن جي آهي، اهي هر قدم تي توهان کي تنگ ڪندا، پر ڳالهه صرف ايتري آهي توهان پنهنجو ڪم ڪندا رهو آخر ۾ فيصلو تاريخ ڪندي. توهان جو ضمير مطمئن هجي، پر اذيت پرست ماڻهو توهان کي تنگ ڪري وقتي خوشي ضرور ماڻيندا، پر دائمي پريشانين ۾ مبتلا رهندا. هر ماڻهو رڳو ايترو سمجهي ته هن جي حسد ۽ ساڙ سان، هو پاڻ ئي جلي رهيو آهي، ٻئي جي جيڪا قسمت هوندي، جيڪا محنت هوندي انهيءَ کي انهيءَ جو ڦل ضرور ملندو. اڄڪلهه جي دنيا جنهن اونداهي واري دور ۾ داخل ٿي آهي، اهو ڏاڍو آزمائشي آهي، پر سالم ماڻهو کي ثابت قدم رهڻ گهرجي.