مختلف موضوع

سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾

هيءُ ڪتاب نفسياتي الف ب متعلق هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، جنهن ۾ عام موضوعن ذريعي سنڌي سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، باقي پڙهندڙ انهيءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي، اهو سندس نفسياتي ڪيفيت تي ڇڏيل آهي.
Title Cover of book سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾

جيون هڪ بي معنى سوال

ڪڏهن ڪڏهن سوچن جو اڻ کٽ سلسلو، سوچن جي ڪوهيڙي مان ٿيندو، هڪ نڪتي تي اوچتو ڪر موڙي بيهي رهندو آهي، ته جيون ڇا آهي؟ غير منطقي، بي ربط، جيون جو هي وهنوار سمجهه ۾ نه ايندڙ صرف وقت جي وسعت ۾ ڦهليو پيو آهي. جيون کي ڪو به نظريو، ڪا به آٿت ٿانيڪو ڪري نه سگهي آهي، شايد انهي ڪري ول ڊيورانٽ چيو آهي ته: ”انسان غير فلسفيانه مزاج رکندڙ جيو آهي. هو ڪنهن به نظرئي سان هميشه لاءِ ٺهڪي نٿو سگهي.“ تاريخ شاهد آهي ته ڪو به رومانس، ڪو به نظريو، ڪو به مذهب، اڄ تائين انسان جو متحمل ٿي نه سگهيو آهي. زندگيءَ اها ريل گاڏي آهي، جيڪا پنهنجي تاريخي سفر ۾ لکين نظارا پار ڪندي رڳو هلندي رهي ٿي، ڪو به نظريو، ڪا به جڳهه هن جي منزل ناهي، ڪو به فلسفي، ڪو به گياني، ڪو به عالم هن جو مقصد طئي نه ڪري سگهيو آهي.
جيون جو موهه خود جبلي تقاضائن مطابق آهي، لذت، سک، خوشي، جيون کي برقرار رکڻ جو جبلي قانون آهي، پر جيون کي برقرار رکڻ جو ڪو منطقي جواز ناهي، ڇو ته جبلي قانونن جي انحرافي ڪندي، انسان تياڳي بنجي وسيع ڪائنات ۾ اڻ حل ٿيندڙ سوالن جا جواب ڳوليا آهن، خوشي نسبتي آهي، ڪهڙي به حال ۾ ڪٿي به ملي سگهي ٿي، جنهن لاءِ ڪنهن به حالت يا سهوليت جو شرط ناهي، جنهن ڪري هيٺين پيماني کان وٺي مٿي تائين جستجو ۽ پيڙا جو تسلسل ساڳيو آهي. ڏک بادشاهن کي به آهي ته فقيرن کي به، طور طريقا الڳ الڳ آهن، مادي سهوليت ماڻهوءَ کي آهستي آهستي آرامده ۽ نازڪ بڻائي، ڏک ۽ پيڙا جي هڪ نئين سرزمين مهيا ڪندي رهي آهي، ڇو ته انسان صرف جبلي ۽ فطري پورائيءَ سان خوش نٿو رهي سگهي. سندس ٻيو به مسئلو آهي، اهو ’شعور‘ جو آهي.
شعوري جياپو، شعوري نظر هڪ کنوڻ وانگر آهي، جيڪا لڪل کڏن کوٻن کان وٺي جهر جهنگ روشن ڪندي رهي آهي. تنهنڪري شعوري طرح جيئڻ سان ذهن ڪائنات جي وسعتن کان وٺي موضوعي سمنڊ ۾ گهمڻ لڳندو آهي، ان وقت شعوري جيئڻ جي معنيٰ چاهيندو آهي، اتان ئي ان جي اڻ تڻ شروع ٿيندي آهي، جنهن لاءِ قاضي قادن چيو ته:

سي ئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻهان،
اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.

۽ ڀٽائي چيو ته:
اَلا ڏَاهِي مَ ٿِيَان، ڏَاهِيُون ڏُک ڏِسَن.

ڪبير ڀڳت چيو هو:
جانت ڪو دکهه هي اجانت ڪو سکهراج، مورک بيچارا ڪيا جاني، جنين پيٽ ڀرڻ سو ڪاج

ڇو ته ڏاهپ دنيا، سماج ۽ ڪائنات جي ڪاڪ محل مان ڦرندي آخر مابعد الطبعياتي ميدان جي اونداهيءَ ۾ مايوس ٿي وڃي ٿي. ڏاهپ ماڻهوءَ کي اڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن ڪري ان جي ننڍين ننڍين ڳالهين ۽ عام واقعن ۾ دل نه لڳندي آهي. ڏاهو ماڻهو جيون جي حقيقت کي ڄاڻي وٺندو آهي، نتيجي ۾ هو دنيا جي مسئلن جي مهاڄار جي باري ۾ غور فڪر ڪندي نيستي (Nothing) تي وڃي پهچندو آهي، جتي اڳيان خاموشي ۽ ماٺ آهي، ڪو به رومانس ناهي، ڪا به شيءِ زندگيءَ کي معنيٰ نٿي بخشي.
قرآن شريف ۾ آهي: ”بيشڪ انسان خساري ۾ آهي.“ هر مذهب ۾ انسان جو زوال ڏيکاريو ويو آهي، توريت ۾ لکيل آهي: ”مون کان اهو نه پڇو ته دنيا مسلسل برائي ڏانهن ڇو وڃي رهي آهي.“
بس اها ئي جڳهه آهي، جنهن تي پهچي شاعر چيو آهي ته:

جيون ڇا آهي ڪوئي نه ڄاڻي،
جنهن ڄاتو، تنهن پڇتايو.

اصل ۾ اها ئي غور ۽ فڪر جي منزل، جنهن کان وجودي فڪر شروع ٿو ٿئي. وجوديت کي انهيءَ ڪري فطري انسيت قرار ڏنو ويو آهي. سارتر وجود کي نيستي چيو آهي، ٽي ايس ايليٽ زندگيءَ کي اجڙيل زمين چيو آهي ۽ آخر ۾ مذهب ۾ پناهه ورتي آهي. البرٽ ڪاميو چيو آهي ته، زندگي واهيات آهي، بغاوت جي ذريعي ان تي قابو پائي سگهجي ٿو. ڪريڪي گارڊ پڇاڙيءَ ۾ پاڻ کي مورڳو ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، نذرالاسلام چريو ٿي پيو هو. ڀٽائي موسيقيءَ ۾ پناهه ورتي هئي. گهڻا فلسفي آخر ۾ مايوس ٿي اڪيلائي جو شڪار ٿي ويا، ڪن ته وري خودڪشي ڪئي.
ڪارل مارڪس، مابعدالطبيعات ۽ جدلياتي ماديت جو رخ ڏئي، فلسفي کي ڪائنات جي ڪاڪ محل مان سماج ۾ وٺي آيو. طبقاتي جدوجهد جو ماڻهن کي نئون رومانس ڏنو. اهڙيءَ طرح مارڪس ازم ”زندگي ۽ موت کي نئون رخ ڏيڻ جي دانشورانه ۽ مجاهدانه روش آهي، جيڪا ديرپا ۽ فلسفي جي ذريعي عام ماڻهو کي ’شفا ڏيڻ جو به رستو‘ آهي.
پر فلسفو رڳو اتي به ختم نٿو ٿئي. انسان جو مسئلو، بي ربط زندگيءَ جي حقيقت کي منهن ڏيڻ جو سوال آهي، تاريخ ۾ فلسفياڻا سوال جن جي ذهن ۾ به آيا آهن، جيڪي مادي آسائش سان آراستا هئا، جن وٽ سڀ سک ۽ خوشيون هيون. جيئن گوتم ٻڌ آهي، جنهن بادشاهت کي ٺڪرائي جهنگ منهن ڪري نڪري پيو هو، زندگيءَ جي اڻ تڻ بي معنى سوالن جا جواب ڳولهڻ، جيتوڻيڪ هيٺين طبقي ۾ ته اڃا به پنهنجي معاشي حالتن کي سڌارڻ ۽ موجوده دنيا ۾ آسائشون حاصل ڪرڻ جو رومانس موجود هوندو آهي. اهو ڪلاس زندگيءَ جي بي معنيٰ سوالن کان ڪجهه پڇيل هوندو آهي، ڇو ته ان ڪلاس لاءِ جلدياتي ماديت جي قانون مطابق مسلسل عمل جو رستو کليل هوندو آهي، پر مٿئين طبقي ۾ شعوري ماڻهن، ڏاهي ماڻهو لاءِ دنيا جا اڻ ڳڻت سوال سامهون آندا آهن، انهي ڪري ته ڪميونسٽ چوندا هئا ته مارڪس کان اڳ جو فلسفو يا زندگيءَ جي اهڙن سوالن وارو فلسفو اميرن جو فلسفو آهي.
اهڙيءَ طرح فلسفي ۾ اهڙا به شڪ شبها جاڳيا ته ذهن ۽ مادي دنيا شايد الڳ الڳ آهن. ڊيڪارٽ نظريو تعامل (Interactionism) ڏنو، جنهن ۾ هن ذهن ۽ جسم جي دنيا کي جدا جدا ڪري بيهاريو. هن چيو ته ”مان سوچيان ٿو انهيءَ لاءِ مان آهيان.“ ساڳيءَ طرح علامه اقبال پنهنجي وجود جي مرڪز کي پنهجي جسم کان جدا قرار ڏنو:

”فرشته موت ڪا، ڇوتا هي گو تيرا بدن،
تيري وجود ڪي مرڪز سي دور رهتا هي.“

سچل سرمست به شعوري دنيا جا مرڪز ۽ اسرار جسم کان ٻاهر ڳوليا، هن چيو:

”مين تان ڪو ئي خيال هان،
ملسان نال خيال دي.“

اهڙيءَ طرح فلسفي جي دنيا ۾ مابعدالطبعيات روحاني اسرارن کي ڪا معنيٰ نه ڏني، مذهب ڏانهن موٽي وئي، مذهب صرف خدا کي تسليم ڪرڻ تي نٿو ختم ٿئي، بلڪه پنهنجي ذات ڪمزوري، بي وسي، موت جي ڀيانڪ تصور لاءِ هڪ آٿت بڻجي وڃي ٿو. دراصل مذهب دنيا کي تياڳڻ جو هڪ منطقي نظريو آهي. مذهب ٻي ابدي دنيا جو تصور ڏئي موجوده دنيا کي فضول ۽ لاحاصل قرار ڏئي ٿو. مذهب ۾ مادي دنيا تڇ آهي، نيڪي شرافت جو تصور مادي دنيا جي لذتن کان ڪناره ڪشي ڪرڻ ۾ آهي، پر دهريت پسند نظرين ۾ اهڙي آٿت ناهي، جنهن ڪري زندگيءَ بابت ٻه تصور جاڳيا، هڪ مايوسي وارو، جنهن ۾ زندگيءَ ڏکن ۽ سورن جو ٻيو نالو آهي، ٻيو اميد وارو ته ماڻهو پنهنجي پاڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي ۽ پاڻ تي ڀروسو ڪري سگهي.
مطلب ته جڏهن ڪجهه به هئڻ جو بي معنيٰ سوال ڪر موڙي اُٿي ۽ اڳيان خاموشي کانسواءِ ڪجهه به نه ملي، ته پوءِ انسان جي هٿ ۾ صرف چونڊ رهي ٿي ته يا هو خودڪشي ڪري ڇڏي يا مادي ۽ روحاني لذتن واري ڀرپور زندگيءَ گذاري، يعني واپس زمين تي موٽي اچي ۽ رومانس ۾ زندگيءَ گذاري، بي معنيٰ سوال وساري جيون جيئن آهي تيئن گذاري. ڪارل مارڪس جو فلسفو اتان شروع ٿئي ٿو ته: جڏهن ماڻهو زمين تي موٽي ڀرپور زندگيءَ گذارڻ جو فيصلو ڪري ٿو، ته پوءِ زمين تي اهڙيون حالتون سازگار ڪجن. يعني طبقاتي گهٽ وڌائڻ خلاف جدوجهد ڪري، سماج کي جيئڻ لائق بڻائجي، پر فلسفو اتي ختم نٿو ٿئي. تمام گهڻا سوال ۽ وري نوان سوال تجسس ۽ وري تجسس، ڇو ته اهي سڀ شيون زندگيءَ گذارڻ جو هڪ رومانس آهن، پر زندگيءَ فطرتي تجسس کي پروڙڻ ۽ يڪسانيت مان نڪري بي معنيت جو جواب ٿي چاهي، تنهن ڪري زندگيءَ وري به ڪميٽمينٽ مان نڪري وڃي ٿي، وري به اهي سوال اهو بي تڪي پن جي بوريت، جيون جي انهيءَ خال کي تاريخ ۾ هر سوچڻ واري ذهن محسوس ڪيو آهي.
شيخ اياز انهيءَ متعلق اظهار ڪندي چيو هو:

”عمر گذري وئي اياز الا،
مون نه ڄاتو ته نيٺ ڇاهيان مان.“

جيون جي خاليپڻي ۽ بي معنيٰ وجود کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ صوفين هڪ ٻيو رستو ڳولي لڌو. اهو هو ’عشق‘، جنهن جو تصور قديم سنڌ کان وٺي جديد دَور تائين موجود آهي، قديم لوڪ يات فلسفين عشق کي مادي آسائشن ۽ جنس جي وسيع تصور ۾ ڦهلايو، جنهن ۾ هنن زندگيءَ جو مقصد صرف سک، لذتن کي قرار ڏنو. يونانين ۾ ايپڪيورس جي فلسفي ۾ اهڙو پڙاڏو موجود آهي، پر تاريخ جا ورق اٿلائيندي اهو عشق زمين تي لهي ٿو اچي، انسان، انسان سان محبت ٿو ڪري، جنهن ۾ جنس کي وٺي معاشي، سماج جو وحدتي ۽ خوشحاليءَ وارو تصور جڙي ٿو. ڀٽائي وٽ اهڙو تصور موجود آهي:

[b]خوشحالي:
[/b]اَڱڻ تَازي ٻَاهر ڪنڊيون پَکا پَٽ سُونهن،
سُرهي سَيج پَاسي پِرِين، مَر پِيا مِينهن وَسن.
اسان ۽ پِرين شَال هُون بَرابر ڏينهَڙا.

[b]نينهن:
[/b]هَلو هَلو ڪَاڪ تَڙين، جِتي گَهڙجي نِينهن،
نَه ڪَا رَات نَه ڏِينهن، سَڀڪو پَسي پِرين کي.

[b]جنس:
[/b]نيڻين نَظر نِينهن، جَڙون جِت جوڙيجن،
سَاهه اُنين تَان صِديق، اَندر سِين عُضون،
لاهي تِن لَطيف چَئي، اَنگ پڻ اڇجن،
هِيئين ۽ اکين، ڦاهِي کَاڌِي پِرينءَ لاءِ.

زندگيءَ جو وسيع تصور ۽ صوفين جي عشق ۾ بهرحال فرق آهي، صوفين جو عشق انهيءَ شعوري اڇل کي ٿانيڪو ڪرڻ جو هڪ رومانس آهي، ڇوته سماجي قدر، ريتون رسمون، طبقاتي فرق، زندگيءَ کي مٽائي ڇڏيو، انسانيت کي مٽائي ڇڏيو، تنهن ڪري قديم خوشحالي ۽ پيار وارو تصور مبهم بنجي ويو.
هن وقت موجوده بحراني سماج ۾ زندگيءَ اڃا به واهياتپڻي، خاليپڻي، ويڳاڻپ کي سامهون کڻي آئي آهي. هي ڪمرشل دنيا خريد فروخت کانسواءِ ڪجهه به نٿي ڄاڻي، رشتا صرف معاشي بڻجي چڪا آهن، پيار، محبت، جذبا، احساس، سڀ ڪرنسي جي معيار تي ماپيا وڃن ٿا.
اهڙي صورتحال ۾ جيون وري به بي معنيٰ سوال بنجي وڃي ٿو، تڏهن ته شيخ اياز چوي ٿو:

جيون سارو جک،
پيار به مري ويو،
وڃي رهي آهي رک،

۽ زندگيءَ کي هڪ وئيشيا سان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو:

زندگيءَ، مجبور قعبه جي مثال،
ٿي ڪرين پنهنجي تبسم پائيمال،
آهه مصنوعي سندو حسن و جمال،
ناهه تو ۾ روح جي پاڪيزگي،
۽ نه ڪائي جسم و جان جي تازگي،
زندگي، او زندگي، او زندگي،

زندگي اهڙي ئي آهي، ڪروڙن رنگن ۽ روپن سان نروار، جنهن جو ڪو به روپ پنهنجو ناهي، ڪو به رنگ اصلي ناهي، بس خود فريبي جو ڄار آهي، دوکي بازيءَ جو ڪاڪ محل آهي، هر رويو هر مزاج پنهنجي دنيا رکي ٿو، جيئڻ جا پنهنجا گس آهن، جن جي ڪا به منزل ناهي، زندگيءَ اهڙو ئي سوال آهي، جنهن جو ڪو به جواب ناهي.