تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ڳالهائي ٿي

ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هي تاريخي ڪتاب اصل ۾ سائين جي ايم سيد جو پاڪستاني ڪورٽ لاء عدالتي بيان آهي جيڪو سنڌ ڪيس جي نالي سان انگريزيء ۾ به ڇپيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو احساس ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ سان ڪيڏا وڏا ڪلور ٿيندا رهيا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 6861
  • 2762
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ ڳالهائي ٿي

1

عمريست ڪه آواز منصور ڪُهن شد
من از سِرنو جلوه دهم دارو رسن را !

[عرصو ٿيو آهي ته منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي. هڪ ڀيرو وري نئين سر دارو رسن کي سينگارڻ گهران ٿو. ]
جناب والا!
آءُ ڏکڻ ايشا جي هن برصغير ۾ مُني صديءَ کان پنهنجيءَ محڪوم ۽ مظلوم قوم کي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي سونهري دور ۾ داخل ڪرڻ لاءِ سياست ۽ قومي خدمت ڪندو آيو آهيان. ان پوري عرصي ۾ ڪيترائي ڀيرا آءُ وقت جي قابض ۽ غاصب حڪمرانن جي غيض و غضب جو نشانو بڻيو آهيان. ڪيترا دفعا عمرِ عزيز جا بهترين ڏينهن ۽ سال زندان جي ديوارن جي پٺيان يا نظربندين ۾ گذاريا اٿم. مون جڏهن به پنهنجي مادر وطن سنڌو ديش جي زخمن جو آواز بڻجي، ڪائي صدا بلند ڪرڻ پئي گهري آهي ته جيلن جي دروازن ۽ گرفتاريءَ جي حڪمنامن منهنجو استقبال پئي ڪيو آهي. ڪيترا ڀيرا ته مون تي خوني حملا ڪرائي، منهنجيءَ حياتيءَ کي ختم ڪرڻ جون سازشون ۽ ڪوششون به ٿيون. ان سڀ ڪجهه جي باوجود مون کي ڪڏهن به ان سموري عرصي ۾، ڪنهن به عدالت ۾ پنهنجو موقف، پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ جو تاريخي فرياد ۽ پنهنجيءَ قوم جي محڪوميءَ جو داستان، پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو.
هيءُ پهريون موقعو آهي، جو مون کي هڪ خاص قسم جي عدالت ۾ پنهنجو موقف، پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ جو تاريخي فرياد ۽ پنهنجيءَ قوم جي محڪوميءَ جو داستان پيش ڪرڻ جو وَجههُ ڏنو ويو آهي. آءُ انهيءَ موقعي کي غنيمت سمجهندي، هن عدالت ۽ ان وسيلي سموريءَ انسانيت ۽ ويهين صديءَ جي پوين گهڙين ۾ پلجندڙ ۽ سوچيندڙ ذهنن تائين پنهنجو آواز، سنڌو ديش جي ڌرتيءَ جي صدا ۽ محڪوم سنڌي قوم جي فرياد ۽ اسان تي قابض وحشي قوتن جي جابرانه ڪارگذارين جو ڪچو چٺو پيش ڪريان ٿو، ته جيئن منهنجي قوم، ان جي اهل دانش طبقن ۽ سموريءَ دنيا کي خبر پوي ته هڪ اهڙيءَ قوم، جنهن هزارن سالن تائين تهذيب، تمدن ۽ امن جي روشن نقشن و نگار ذريعي دنيا جي ثقافتي امامت پئي ڪئي آهي، ان کي ويهين صديءَ جي پڄاڻيءَ تي ڪهڙي نه مڪر، فريب، ٺڳيءَ ۽ وحشياڻي طاقت جي ذريعي غلام رکيو پيو وڃي ۽ ان قوم ۾ اهڙا به ڪي سائين سنواريا موجود آهن، جيڪي بلڪل يو پي جي مسلم جاگيردارن جي سُنت تي عمل ڪندي، قومي غلاميءَ کي سنڌ لاءِ اڪسير سمجهي، ان جي تبليغ فخر سان ڪندا وتن ٿا. شايد اسان جي بدقسمتين مان هڪ اها به آهي ته اسان جا ڪي ماڻهو آزاديءَ کان نفرت ۽ غلاميءَ سان محبت ڪن ٿا. پر گهٽ ۾ گهٽ تاريخ جي هن موڙ تي آءُ سنڌ جي روح جي آواز جي حقيقي ترجماني ڪندي، انهن غلامي پسندن سان پنهنجي بيزاريءَ جو اعلان ڪريان ٿو. جيڪڏهن آءُ ائين نه ڪريان ته سنڌ جي روح جي ازلي آواز جو منڪر ليکبس.
جناب والا!
هتي آءُ هيءَ وضاحت ضروري ٿو سمجهان ته سنڌو ديش جو هڪ جاگرافيائي ڍانچو آهي، جنهن ۾ درياهه، ٻيلا، ڍنڍون، پهاڙ، ريگستان ۽ سرسبز ميدان آهن، سو تاريخ جي مختلف دورن ۾ گهٽبو ۽ وڌندو رهيو آهي، ۽ پڻ ڪڏهن آزاد ته ڪڏهن غلام رهندو آيو آهي. پر منهنجيءَ نظر ۾ ان جو هڪ صاف، شفاف، پاڪيزه، زندگيءَ جي امنگ سان سرشار ۽ سرڪش روح به آهي، جنهن تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ غلامي نه قبولي آهي، نه ذلتن تي راضي رهيو آهي، ڪنهن موت کان مات نه ٿيو آهي؛ بارها ان کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪهڻ جا جتن ڪيا ويا ۽ جهڪائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ويا؛ پر اهو موهن جي دڙي جي دراوڙ جي آخري دانهن جي روپ ۾ پڙاڏو بنجي، سنڌ جي فضائن ۾ سانوڻ جي ڪڪر وانگر ڀٽڪندو رهيو آهي. ان گاهي ماهي پنهنجين خصوصيتن جو اظهار ڪڏهن ڏاهر جي روپ ۾، ڪڏهن دودي سومري جي رنگ ۾، ڪڏهن دريا خان جي صورت ۾، ڪڏهن مخدوم بلاول جي شڪل ۾، ڪڏهن شاهه حيدر سنائيءَ جي جلوي ۾ ته ڪڏهن شاهه عنايت شهيد جي همت ۽ حوصلي ۾ پئي ڪيو آهي. آءُ محسوس ڪريان ٿو ته سنڌ جو اهو تاريخي روح، مون ۾ واسو ڪري ويو آهي ۽ اهو پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچڻ چاهي ٿو.، جيڪو يقينن سنڌ جي جاگرافيائي، قومي، سياسي، اقتصادي، ڪلچرل اخلاقي خوبصورتي ۽ آزادي ئي آهي.
انهيءَ روح جي تڙپ ۽ بيقراريءَ مونکي ننڍپڻ ۾ ئي مجبور ڪيو ته آءُ سرزمين سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجون صلاحيتون ۽ توانايون صَرف ڪريان ۽ هن ننڍي کنڊ ۾ منهنجي سياسي جدوجهد خواهه ڪهڙي ئي پليٽفارم تان ٿي هجي. ان جو مرڪزي نقطو سنڌ ۽ سڌ جي آزادي ئي رهي آهي.
منهنجي سياسي ڪارگذارين ۽ جدوجهد جو جيڪو داستان هاڻي آءُ بيان ڪندس، ان کي مٿينءَ روشنيءَ ۾ ٻُڌڻ گُهرجي:
جناب والا!
1915ع ۾ جڏهن پهرين مهاڀاري جنگ پنهنجي عروج تي هئي، ان وقت مون سنڌي پرائمري تعليم ختم ڪري، انگريزي ۽ پارسي تعليم پڙهڻ شروع ڪئي ۽ منهنجي شعور دنيا کي نئين نظر سان ڏسڻ شروع ڪيو. مون کي نظر آيو تو ته دنيا جي سامهون مکيه ٽي مسئلا ڪَر کنيون بيٺا آهن:
1. غريبي، 2. بدامني ۽ 3. خوف _ ۽ دنيا جا وڏا وڏا فلاسافر، ڏاها ۽ دانشور انهن مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪري رهيا آهن. جيتريقدر مون غور ڪيو ته مون کي انهن ٽنهي مسئلن جا هي ڪارڻ نظر آيا :
غريبيءَ لاءِ ڌارين جي غلامي، فيوڊل نظام ۽ سرامائيداري سرشتو مکيه سبب هئا.
جهالت لاءِ خانه بدوش زندگي، شهري زندگيءَ ۽ سهولتن جي عدم موجودگي ۽ تعليمي وسيلن جي اڻاٺ ۽ مهانگائي مکيه سبب هئا.
بدامنيءَ ۽ خوف لاءِ عالمي سطح تي خونخوار ۽ وحشيانه عالمي جنگ ۽ مقامي سطح تي انتظامي زندگيءَ جي بي ترتيبي، وهم پرست ۽ انڌي عقيدي پرستي، جانورن، چورن ۽ ڏاڍين قوتن جي حملن جا خطرا مکيه سبب هئا.
جئين ته اهو وقت پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي عروج جو هو، جنهن ۾ ڪيتريون خونريزيون ٿي رهيون هيون ۽ انساني حياتي، جانورن جي حياتيءَ کان به سستي ٿي چڪي هئي. جنگ ۾ هونئن به جياپي کان موت تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ بهادر اهو ڪوٺيو ويندو آهي، جيڪو گهڻن کي جياري نه پر ماري، اهوئي حال ان وقت هو ـــ ۽ اسان سنڌ جا ماڻهو، جيڪي ان وقت انتظامي طرح زبردستيءَ سان هندستان جو حصو بنايا ويا هئاسون ۽ هندستان سان گڏ انگريزن جا غلام هئاسون ۽ ان هندستان کي، هندستان جي مرضيءَ کان سواءِ جنگ جي باهه ۾ ڌڪيو ويو هو. پوءِ به انگريزن برصغير جي ماڻهن سان جنگ ۾ مدد ڪرڻ جي عيوض ڪيترائي وعدا ڪيا هئا. جن ۾ اهو وعدو سرِ فهرست هو ته غلام ملڪن کي آزاد ڪيو ويندو، جن ۾ هندستان به شامل هو. مسلمانن کي دلاسو اهو ڏنو ويو هو ته تُرڪيءَ سان جنگ جي باوجود سندن پاڪ جين (مقاماتِ مقدسه) کي نقصان نه پهچايو ويندو ۽ انهن کي آزاد ڪيو ويندو.
1918ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي پوري ٿي. يورپ ۾ ننڍيون قومون ۽ ملڪ آزاد ڪيا ويا. ليڪن ايشيا ۽ آفريڪا ۾ موجود ملڪن کي آزاد نه ڪيو ويو، اُلٽو نين ورهاستن ۽ معاهدن ذريعي غلام ملڪن کي وڌيڪ مضبوط ۽ سگهاري سامراجي تسلط هيٺ قابو ڪيو ويو. هندستاني مسلمان، جيڪي مذهن جي اثر هيٺ هئا، تن کي جڏهن خبر پئي ته تُرڪن جي شهنشاهيءَ کي ختم ڪري، ان جي ماتحت ملڪن کي ورهائي، يونانين، انگريزن ۽ فرينچن جي قبضي ۾ ڏنو ويو آهي ۽ مقاماتِ مقدسه وارن ملڪن کي ترڪن جي قبضي مان ڇڏائي، اتحادين پنهنجي قبضي ۾ ورتو آهي ۽ پڻ هندستان کي به آزاد ٿيڻ کان لنوايو ويو آهي، ته ان تي هڪ طرف مسلمانن ۾ وڏو هيجان پيدا ٿيو ته ٻئي طرف سڄي هندستان ۾ انگريز سامراجين جي مخالفت جو طوفان شروع ٿيو.
مسلمانن پنهنجي جوش جي اظهار ۽ ترڪ خلافت سان همدرديءَ لاءِ “خلافت تحريڪ” جو بنياد وڌو ته ٻئي طرف هندستان جي قومي جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس، جيڪا صرف ٺهرائن پاس ڪرڻ ۽ ياداشتن پيش ڪرڻ تائين محدود هئي، سا مهاتما گانڌيءَ جي سائوٿ آفريڪا کان موٽي اچڻ ڪري، هندستاني سياست ۾ وڌيڪ متحرڪ ۽ فعال بنجي وئي، ان غير ملڪي سامراج خلاف عوام ۾ آيل انهيءَ بيپناهه اُپار کي برطانوي سامراج خلاف موثر طريقي سان استعمال ڪرڻ لاءِ گانڌيجيءَ جي ذريعي هندو ــ مسلم اتحاد جو بهترين موقعو سمجهي، اتحاد قائم ڪرايو ويو. انگريزن ان اتحاد ۽ قومي جذبي کي پنهنجي لاءِ خطرناڪ سمجهي، هندستان کي وڌيڪ رعايتون ڏيڻ بدران “رولٽ ايڪٽ” نافذ ڪيو. ان ايڪٽ هيٺ جنگ دوران حڪومت کي مليل اختيارن کي هندوستان سان هميشه لاءِ لاڳو ڪيو ويو. اهڙي ڪاري قانون خلاف سموري هندستان ۾ هندن، مسلمانن، سکن ۽ پارسين گڏجي ڀرپور احتجاج ڪيو. ان احتجاج جي سلسلي ۾ 13 اپريل 1919ع ۾ امرتسر جي جليان والا باغ ۾ هڪ احتجاجي جلسو ٿيو، جنهن تي جنرل ڊاير بنا ڪنهن وارننگ ڏيڻ جي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪرائي، جنهن ۾ سوين ماڻهو مئا ۽ هزارين زخمي ٿيا. انهيءَ قتل عام خلاف سموري هندستان ۾ مخالفت جو بيپناهه سيلاب اچي ويو ۽ ان تحريڪ ۾ سنڌ به ڀرپور نموني شرڪت ڪئي.
آءُ اهو سڀ ڪجهه اکين سان ڏسي رهيو هوس ۽ عُمر جي اهڙي ڏاڪي تي پهچي چڪو هئس، جو اهڙن واقعن کان متاثر ٿيڻ فطري هو ــ ۽ اها هلچل جيڪا ننڍي کنڊ ۾ غير ملڪي سامراج جون پاڙون پٽڻ لاءِ وڏي حوصلي ۽ همت سان گڏيل نموني هلي رهي هئي، ان ۾ پنهنجن جذبن ۽ جدوجهد کي شامل ڪرڻ جي تمنا وڌڻ لڳي هئم. قدرت اهڙو موقعو سگهوئي موجود ڪري ڏنو. 7، 8، 9 فيبروري 1920ع تي پير تراب علي شاهه ۽ جان محمد خان جوڻيجي جي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ “سنڌ خلافت ڪانفرنس” جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت سنڌ جي بزرگ پير رشد الله شاهه جهنڊي واري ڪئي هئي. آءُ به هن اجلاس ۾ مخدوم معين الدين کنيارين واري ۽ سيد اسدالله شاهه ٽکڙائيءَ سان گڏ شريڪ ٿيو هئس. هن اجلاس ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، مولانا شوڪت علي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻيا آيل هئا.
باوجود ننڍيءَ عمر جي، منهنجي سياسي شعور ۾ هن ڪانفرنس وڏو اضافو ڪيو، ۽ اهو اثر قبولي، ان ڪانفرنس کان موٽڻ کان پوءِ سياسي ميدان ۾ پهرئين عملي قدم طور، مون پنهنجي شهر سن ۾، 17 مارچ 1920ع تي خلافت ڪانفرنس جو اجلاس، مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي صدارت هيٺ سڏايو، جتي سنڌ مان ڪيترا اهم قومي اڳواڻ شريڪ ٿيا. انهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر نور محمد، شيخ عبدالعزيز (سکر وارو) شيخ عبدالسلام (ايڊيٽر الوحيد)، شيخ عبدالحق (ايڊيٽر الحق) ۽ مولوي محمد سليمان واعظ (ٿرڙي محبت وارو) ۽ ٻيا شامل هئا، هن ڪانفرنس ۾ ڪيترائي ٺهراءَ پاس ٿيا، ترڪن جي مدد لاءِ چندو گڏ ڪيو ويو ۽ ان موقعي تي ڪيترن ماڻهن انگريزن جي ڪُرسين ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. هيءُ ڪرسين ڇڏڻ جو اعلان “تحريڪ ترڪ موالات” جو حصو هو، جنهن هيٺ ماڻهن سرڪاري لقبن، خطابن، عدالتن ۽ ملازمتن ڇڏڻ جا سڄي برِصغير ۾ اعلان پئي ڪيا. مون هن ڪانفرنس کان ٻه ڏينهن پوءِ 19 مارچ 1920ع تي ترڪن سان ٿيل بي انصافين خلاف ڏينهن ملهائڻ لاءِ سن شهر ۾ مڪمل هڙتال ڪرائي. ان کان پوءِ سنڌ جي مختلف هنڌن تي خلافت تحريڪ جي ٿيندڙ اجلاسن ۾ شريڪ ٿيس. جن ۾ مخدوم بلاول جي درگاهه تي ٿيل اجلاس 26 مارچ 1920ع منهنجيءَ ابتدائي زندگيءَ جو اهم اجلاس هو، جنهن ۾ عمر ۽ قد جي حوالي سان ننڍو هجڻ ڪري، مون ميز تي چڙهي تقرير ڪئي هئي. هن دور ۾ مٿي بيان ٿي آيل ليڊرن کان سواءِ منهنجي مهاتما گانڌيءَ سان سن اسٽيشن ٿي 27 اپريل 1921ع تي ملاقات ٿي هئي. جڏهن هو حيدرآباد کان دادوءَ وڃي رهيو هو. گانڌيجيءَ مختصر ملاقات ۾ مونکي کاڌِي پائڻ جي هدايت ڪئي، ۽ مون واپس ڳوٺ اچڻ بعد ڪپهه وٺي سُٽ ڪتائي، کاڌِيءَ جا ڪپڙا تيار ڪرائي، گانڌيجيءَ جي اثر هيٺ 19 مئي 1921ع کان پائڻ شروع ڪيا.
ان زماني ۾ آءُ صغير هئڻ سبب، “ڪورٽ آف وارڊس” جي سنڀال هيٺ هئس. منهنجي خاندان جون زمينون ۽ جائداد ان جي تحويل هيٺ هئا. ۽ مون کي خاندان جي گذر معاش لاءِ ڪورٽ آف وارڊس کان مقرر ٿيل ماهيانو ملندو هو. سرڪار منهنجي خلافت تحريڪ وارين سرگرمين جو سخت نوٽيس ورتو ۽ سنڌ جي ڪمشنر سر ٽامس وٽ مون کي ڪوٽڙيءَ ۾ گهرائي تنبيهه ڪئي وئي ته آءُ هن تحريڪ ۾ حصو نه وٺان، جو اُها انگريزن جي خلاف هئي. انگريز سرڪار ۽ ان جي وفادار ڪامورن کي ذهن نشين ٿيل هو ته اسان جي خاندان جا ڪوٽڙي تعلقي ۽ ڪوهستان (جبل) جي ماڻهن ۽ راڄن سان وڏا واسطا هئا، جن مان ڪيترا ماڻهو هن ڪانفرنس ۾ پڻ اچڻا هئا، جنهن جي مدنظر سرڪار کي خطرو محسوس ٿيو ته متان ڪو فساد يا بغاوت جنم نه وٺي. ان ڪري ڪمشنر مون تي دٻاءُ وڌو ته ان تحريڪ سان لاتعلقي ظاهر ڪريان ، ٻيءَ صورت ۾ مون تي سختي ڪئي ويندي. مون ڪمشنر کي کُتو جواب ڏنو، ۽ پنهنجيون سياسي سرگرميون جاري رکيون. آءُ پنهنجي خاندان ۾ اڪيلو مرد (ٻار) هئس، باقي سڀ عورتون هيون. ڪمشنر هڪ طرف ڪورٽ آف وارڊس طرفان ملندڙ ماهيانو بند ڪرائي ڇڏيو، ٻئي طرف مون کي دڙڪو ڏياري موڪليو ويو ته مون کي زوريءَ بمبيءَ طرف پڙهڻ لاءِ موڪليو ويندو. ان صورتحال پيدا ٿيڻ تي ڪجهه عملدارن سرڪار کي مشورو ڏنو ته هن نوجوان (جي. ايم. سيد) کي سياسي سرگرمين کان باز رکڻ لاءِ سندس زمينون ڪورٽ آف وارڊس جي تحويل مان ڇڏائي، هن جي حوالي ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي سنڀال ۾ مصروف ۽ مشغول رهي ۽ سياسي طرح سرگرم رهي نه سگهي. پر آءُ باوجود انهيءَ دٻاءَ ۽ سازش جي خلافت تحريڪ ۾ جوش ۽ جذبي سان حصو وٺندو رهيس. انهيءَ زماني ۾ هندستان ۾ هندو ــ مسلم اتحاد جي فضا قائم هئي ۽ خلافت، ڪانگريس، جميعة العلماءِ هند ۽ مسلم ليگ جا ساڳين موقعن تي هڪ ئي شهر ۾ اجلاس ٿيندا هئا، جن جو فائدو وٺي مختلف سياسي اڳواڻن سان منهنجون ملاقاتون ٿينديون رهيون. اهڙيءَ طرح آءُ 1924ع تائين خلافت تحريڪ ۾ حصو وٺندو رهيس، جيسين تائين هندو مسلم اختلافن پيدا ٿيڻ ڪري تحريڪ جي اوائلي جوش ۾ ماٺائي اچي وئي.
1924ع ۾ تُرڪن، “خلافت” کي پنهنجي مصيبتن جو ڪارڻ سمجهي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هندستان ۾ به هيءَ تحريڪ پنهنجو جوش وڃائي ويٺي.
اُن جي نتيجي ۾ سياسي ڪارڪنن جو ڌيان ايجيٽيشن کان ڦري، مانٽيگو چيلمسفورڊ رفارمس هيٺ آئيني ۽ قانوني رستي، تبديلي آڻڻ ڏانهن مائل ٿيو. ان ڪري، مون پڻ سياست کي سماجي تبديليءَ ۽ سڌارن جو ذريعو سمجهي، 1925ع ۾ ڪراچي لوڪل بورڊ جي وائس پريزيڊنٽ ۽ تعلقي مانجهند لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ چونڊجڻ بعد، عوامي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا. ٽن سالن کان پوءِ 1928ع ۾ آءُ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊجي ويس، هيءُ اهو وقت هو، جڏهن انگريز سرڪار، هندستان جي حالتن ڄااڻڻ لاءِ “سر جان سائيمن” جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ڪميشن موڪلي، جيڪا “سائيمن ڪميشن” سڏي ٿي، ۽ ان ۾ هڪ به هندستاني (هندو توڙي مسلمان) ميمبر شامل نه هو. ان ڪري ڪانگريس مسلم ليگ جي هڪ ڌڙي “سائيمن ڪميشن” جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. آءُ ان وقت ڪانگريس ۾ شامل ٿي چڪو هئس، ان ڪري سنڌ ۾ اسان ڪانگريسين ۽ پراڻين خلافتن “سائيمن ڪميشن” جو بائيڪاٽ ڪرايو، ۽ جتي جتي سائيمن ڪميشن جا ميمبر ويا ٿي. اتي عوام ڪارا جهنڊا کڻي “سائيمن واپس وڃ ! ” (Simon! Go back) جا نعرا هنيا ٿي.
سنڌ مان بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي جيڪي ميمبير چونڊيل هئا. اهي زميندار ڪلاس مان هئا، جن کي پنهنجا شخصي ۽ گروهي مفاد عزيز هئا، ان ڪري انهن سائيمن ڪميشن سان تعاون ڪيو.
انهيءَ عرصي (1928) ڌاري، سنڌ ۾، سنڌ جي بمبئي پرڳڻي کان آزاديءَ جي تحريڪ هلي، ۽ ان تحريڪ جون ٽي اهم ڪانفرنسون، هڪ ڪراچيءَ ۾، ٻي حيدرآباد ۾ ۽ ٽين ڪراچيءَ ۾ ٿيون. جن ۾ انگن اکرن ۽ دليلن سان ڀرپور قراردادن وسيلي، برطانوي سامراج کان مطالبا ڪيا ويا هئا ته سنڌ، تاريخ جي هر دور ۾ هند کان الڳ ملڪ رهيو آهي، ان ڪري ان جو بمبئيءَ سان قانوني طرح ڳانڍاپو، غير فطري، غير تاريخي ۽ غير اخلاقي قدم آهي. انهن ڪانفرنسن ۾ جن مکيه ماڻهن حصو ورتو هو، تن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد ايوب کهڙو، علي محمد راشدي، ڄيٺمل پرسرام، مير محمد بلوچ، جمشيد نسروانجي ميهتا، رستم خورشيد سڌوا، آءُ ۽ ڪجهه ٻيا شامل هئا سون.
هتي هڪ ڳالهه آءُ اوهان جي ڌيان تي آڻڻ چاهيان ٿو ته انگريزن 1843ع ۾ سنڌ جي آزاد حڪومت تي هڪ خونخوار جنگ کان پوءِ فتح حاصل ڪئي هئي، ۽ آزاد سنڌ کي انگريزن جي غلاميءَ ۾ تبديل ٿيڻو پيو هو، پر پوءِ به سنڌ هڪ الڳ حيثيت ۾ چئن سالن تائين جُدا گورنر سر چارلس نيپيئر جي هٿ هيٺ رهي، سندس گورنريءَ جي مدي ختم ٿيڻ کان پوءِ انگريزن انتظامي سهوليت خاطر سنڌ کي 1848ع ۾ بمبئيءَ صوبي جو حصو بنائي ڇڏيو، انهيءَ غير فطري ڳانڍاپي ۽ لاڳاپي جي خاتمي لاءِ جيڪا جدوجهد هلي پئي، تنهن کي اسان “بمبئيءَ کان سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ” چئون ٿا.
هتي آءُ پنهنجيءَ قوم، ان جي دانشورن ۽ نئين مجاهد نسل جي سامهون هيءُ اعتراف ڪرڻ ٿو چاهيان ته اُن وقت سياسي شعور جي گهٽتائي، تجربي جي کوٽ ۽ آل انڊيا مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڳچيءَ تائين ڦاٿل هئڻ ڪري، اسان پنهنجي ديس جي مڪمل آزادي جي گُهر ڪرڻ بدران ان کي هندستان جي هڪ خودمختيار صوبي بنائڻ جي گُهر ڪئي، ۽ تحريڪ هلائي. حالانڪه جنهن صورت ۾ انگريزن اسان جي آزاد ملڪ تي حملو ڪري، ان کي غلام بنايو هو، ان صورت ۾ اسان کي پنهنجي ديس جي مڪمل آزاديءَ جي تحريڪ هلائڻ کپندي هئي.
هتي اهو سمجهڻ جي غلطي نه ڪئي وڃي ته سنڌ به شايد برصغير جي ڏيهي رياستن وانگر هڪڙي رياست هئي، جنهن جي ڪنهن سردار بغاوت ڪري، ان کي پوري برِصغير کان ڪٽي، پنهنجي ڪا ڌار حڪومت قائم ڪئي هئي، جيئن حيدرآباد دکن، ميسور، جوڌپور، جهوناڳڙهه ۽ گائيڪوااڙ وغيره. اهي رياستون فطري ۽ تاريخي طرح هندستان جو حصو هيون، پر سنڌ جي نوعيت انهن کان قطعي مختلف هئي ۽ اها تاريخ جي طويل سفر ۾ “هند” جي متوازي “سنڌ” جي نالي سان سلطنت رهند پئي آئي هئي، ۽ ان وقت جڏهن بمبئي پرڳڻي کان سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ هلي رهي هئي، تڏهن خانبهادر کهڙي، هڪ ڪتاب “سفرنگس آف سنڌ” (Sufferings of Sindh) لکي، ان ۾ سنڌ جي ان تاريخي حيثيت جا حوالا ڏنا هئا ۽ ان جي قديم ملڪ واريءَ حيثيت جو ذڪر ڪيو هو.
آءُ اڳ ۾ چئي آيو آهيان ته سنڌ مان بمبئي ڪائونسل تي چونڊيل زميندار ڪلاس جا ماڻهو “سائيمن ڪميشن” جي فائدي ۾ هئا ۽ ان سام مڪمل سهڪار ڪيائون ٿي: ان ڪري “سائيمن ڪميشن” هڪ صوبائي ڪميٽي، مسٽر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ مقرر ڪئي هئي، جنهن ۾ بمبئي ڪائونسل جي ڪجهه ميمبرن کي کنيو ويو هو. انهيءَ ڪاميٽيءَ جي صدر، شاهنواز ڀُٽي، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ خلاف راءِ ڏني، پر سيد ميران شاهه، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي حق ۾ نوٽ هنيو هو.
اهو ئي وقت هو، جڏهن سباش چندر بوس ۽ ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، سنڌ جي دوري تي آيا، ۽ مون سندن وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کين ڪراچيءَ ۾ دعوت ڪئي. جيڪا ڳالهه، انگريز سرڪار کي پسند نه آئي ته سنڌ جي زميندار ۽ سيد گهراڻي جو هڪ فرد “جي حضوري سياست” تي هلڻ بدران ننڍي کنڊ جي آتش بجان انقلابي ليڊرن سان پنهنجا لاڳاپا وڌائي رهيو آهي. اها ڳالهه انگريز سامراج جي مزاج ۽ طريقئه ڪار لاءِ ڏاڍي چڙ ڏياريندڙ هئي. وقت جيئن جيئن گذرندو ٿي ويو ۽ تاريخ جو ڦيٿو ڏاڍيءَ تيزيءَ سان اڳتي وڌي، مون کي سامراجي حڪمرانن ۽ سندن انتظامي ڍانچي کان پري ڪري، محب وطن هندستاني ليڊرن سان ويجهو ڪندو ٿي وي. انهيءَ سلسلي ۾ مون کي انگريز حڪمرانن سان هڪ ٻيو ٽڪر کائڻو پيو، جنهن ويتر اسان جا رستا الڳ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ رستو اهو هو ته ذاتي عزت، شهرت ۽ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمرانن جي چاپلوسي، خوشامد ۽ جي حضوري ڪجي ۽ سلامت رهجي، ۽ ٻيو رستو اهو هو ته هر صورت ۾ پنهنجي ماڻهن جي خوشحاليءَ، عزت ۽ آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد ڪجي؛ ۽ ان سلسلي ۾ جيڪا به مصيبت ۽ سرڪار جو عذاب ۽ ڏمر نازل ٿئي، تنهن کي حوصلي سان برداشت ڪجي. مون پويون رستو اختيار ڪيو ۽ لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊجڻ بعد مون ڪراچي ضلعي جو طوفاني دورو شروع ڪيو، ٽيهارو کن ميٽنگون سڏايم، جن ۾ برصغير جي نقشي (جنهن ۾ سنڌ به شامل هئي) کي هار پارايم، کاڌيءَ جا ڪپڙا پائي، کاڌي پهرڻ جو پرچار ڪيم؛ ان سان گڏوگڏ ننڍي کنڊ مان سامراج کي تڙي ڪڍڻ لاءِ تقريرون پڻ ڪيم. منهنجي انهيءَ دوري تي مسٽر گبسن، ڪليڪٽر ڪراچي (جنهن کي قانوني طرح ڪراچي لوڪلبورڊ جي ڪمن جي نگرانيءَ جو اختيار هو) مون کي چوائي موڪليو ته: “تنهنجو هي ڳوٺ سڌار هلچل جو پروگرام نه، پر ڪانگريس جي تحريڪ جو حصو آهي. تون لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾، ڪانگريس جي هلچل نٿو هلائي سگهين. ان ڪري اهو دورو هڪدم بند ڪر.” انهيءَ منع جي باوجود مون پنهنجي رفيق مولوي عبدالڪريم چشتيءَ، جيٺمل پرسرام، حاتم عليءَ ۽ ٻين سان گڏ دورو جاري رکيو، منهنجي انهيءَ عمل، ڪليڪٽر ڪراچي، مسٽر گبسن کي مخالف مان ڦيرائي منهنجو دشمن بنائي ڇڏيو. مٿان ترت ئي هڪ ٻيو واقعو ٿيو، جنهن ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو، ٿي هيئن ته بمبئي سرڪار ڪراچي لوڪل بورڊ تي زور رکيو ته جنهن صورت ۾ ڪراچي لوڪل بورڊ، بمبئي سرڪار کان گرانٽ وصول ڪري ٿو، ان ڪري لوڪلبورڊ کي هڪ ڪواليفائيڊ انجنيئر رکڻ کپي. ان تي مون محمد هاشم گزدر کي انجنيئر طور مقرر ڪرايو، جڏهن ته ڪليڪٽر ڪراچيءَ جي مرضي سندس پي ــ اي ــ ڊي ــ سلوا جي عزيز، هڪ ڪرسچن کي رکائڻ جي هئي. ڪليڪٽر سان انهيءَ معاملي ۾ لوڪلبورڊ جو چيف آفيسر قاضي عبدالرحمان به گڏ هو (قاضي عبدالرحمان ڪجهه وقت اڳ اخبار “الوحيد” جو ايڊيٽر هو ۽ ڪانگريس هلچل ۾ حصي وٺڻ سبب سزا به کائي چڪو هو ۽ انهن خدمتن جي عيوض اسان کيس چيف آفيسر مقرر ڪرايو هو. پر بعد ۾ هو خريد ٿي، مسٽر گبسن جو ماڻهو ٿي هلڻ لڳو هو). منهنجي انهيءَ عمل تي ڪليڪٽر ڪراچي ڪاوڙجي، لوڪلبورڊ جي گرانٽ بمبئي سرڪار کان بند ڪرائي ڇڏي ۽ مون کي دڙڪا ڏياريا ويا ته “تو جيڪڏهن لوڪل بورڊ ۾ سياست کي ملوث ڪيو ته توکي نقصان پهچندو.”
واضع رهي ته حيدرآباد، ڪراچي ۽ شڪارپور جون ميونسپالٽيون اڳيئي سرڪار جي هٿن مان نڪري چڪيون هيون ۽ هاڻي جيڪڏهن ڪراچي لوڪلبورڊ به انگريزن جي هٿن مان هلي ويو ٿي ته هنن لاءِ وڏي صدمي جي ڳالهه هئي.
منهنجي ان دوري جي اثر زائل ڪرڻ لاءِ ڪليڪٽر ڪراچي مسٽر گبسن، قاضي عبدالرحمان کي حڪم ڪيو ته “جي ايم سيد ضلعي اندر جن جن جاين تي ڪانگريس جي پرچار ڪري آيو آهي، تون اتي وڃي سيد ۽ ڪانگريس جي مخالفت ۾ ۽ انگريزن جي حمايت ۾ تقريرون ڪر. سرڪار جو سمورو عملو، مختيار ڪار، تپيدار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر تنهنجي مدد ڪندا.” هن صاحب حڪم جي تعميل ڪئي. آءُ ضلعي لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ هو، چيف آفيس منهنجو ماتحت ٿي ڪري، منهنجي مخالفت ڪري رهيو هو، انهيءَ تي سنڌ جي قومپرست اڳواڻ، جميعة العلماءِ هند جي سنڌي رهنما، حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ، اخبارن ۾ قاضي عبدالرحمان جي نالي هيٺيون کليل خط شايع ڪرايو:
“قاضي صاحب! توکي ڊسٽرڪ لوڪلبورڊ جو تنخوادار نوڪر هئڻ ڪري، هيءُ ذليل طريقو انگريزن جي دلاليءَ جو اختيار نه ڪرڻ گهربو هو.
توکي ياد هوندو ته جڏهين تون قومي تحريڪ ۾ ڪم ڪندي جيل ۾ ويو هئين ته مون جهڙي خاموش طبع شاعر به تنهنجي تعريف ۾ ڪيترو شعر چيو هو، جنهن ۾ مون تنهنجي ساراهه سان گڏ توکي صبر جي تلقين به ڪئي هئي. اڄ تنهنجي هن ڦڙتيءَ تي شعر نٿو لکان، پر پنهنجي جذبات جو اظهار نثر ذريعي ڪريان ٿو:
پيارا قاضي صاحب! تون بورڊ جو تنخواهه دارملازم آهين، تنهنڪري اهڙين حرڪتن کان باز اچ! توکي انگريزن جي طرفداريءَ ۽ سياسي ڪمن ۾ حصو وٺڻو هجي ته پوءِ اهو ڪم ڪر. سرڪار توکي انهن ميٽينگن ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني آهي ڇا؟ توکي خبر آهي ته سيد غلام مرتضى شاهه پريزيڊنٽ ضلع لوڪل بورڊ (جو آنرري قومي ڪم ڪندڙ هو). جڏهين سنڌ ڳوٺ سڌار هلچل لاءِ گشت ڪري تقريرون ڪيون ته تنهنجي آقا انگريز عملدارن ان جي مخالفت ڪئي پئي. ايتريقدر ويا جو گشت جي ڀتي ڀاڙي واپس ڪرڻ ۽ بورڊ طرفان منظور ڪيل جلسن جي خرچ ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن لاءِ عام ماڻهو ائين چئي رهيا هئا ته تنهنجي سازش هئي، ڇا، اسڪولن ۾ جلسا ڪري انگريزن جي ساراهه ۾ قصيدا ڳارائڻ تنهنجي فرائض ۾ داخل آهي؟ ڇا ٻين لوڪل بورڊن جا چيف آفيسر بي ائين ڪن ٿا؟ ڇا اهي امن سڀا جون ميٽنگون ڪرڻ لاءِ توکي لوڪلبورڊ کان تنخواهه ملي ٿي؟ تو پريزيڊنٽ کان اجازت نه ورتي آهي جيڪڏهن توکي قومپرستن طرفان انگريزن جي مخالفت تي درد ٿئي ٿو ته پوءِ موڪل وٺي، وڃي سرڪاري خرچ تي اهي حرڪتون ڪر. آءُ عام ماڻهن کي صلاح ڏيندس ته هو قاضيءَ کي سندس ميٽنگن ۾ بلاخوف جي چئي ڏين ته اهو ڪم ٺيڪ نه آهي، پر جي هو عملدارن جي سختيءَ ۽ انتقام کان خائف هجن ته ميٽنگن ۾ نه وڃن، کين معلوم هئڻ گهرجي ته چيف آفيسر سندن حاڪم نه آهي، پر پگهاردار نوڪر آهي.”
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 20 جولاءِ 1930ع
اسان جو اهو تڪرار هلندڙ ئي هو ۽ لوڪلبورڊ جي گرانٽ بند ئي هئي، جو سنڌ مان بمبئي ڪائونسل جي مکيه ميمبرن ــ ميران محمد شاهه، خانبهادر غلام نبي شاهه، شاهنواز ڀٽي ۽ الهه بخش سومري وغيره بمبئي سرڪار وٽ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري، نه رڳو لوڪلبورڊ جي بند ٿيل گرانٽ جاري ڪرائي، پر مسٽر گزدر کي به بحال ڪرايو، ڇو ته اهي ماڻو خود مختلف ضلعن جي لوڪل بورڊن جا پريزيڊنٽ هئا ۽ انهن جي مفاد وٽان اها ڳالهه هئي، ته ڪليڪٽرن جي دست اندازي گهٽ ۾ گهٽ ٿئي. ان ڪري هنن منهنجي مدد ڪئي ۽ مون پنهنجو ڳوٺ سڌار ۽ سماج سڌار پروگرام وڌيڪ جوش ۽ جذبي سام ماڻهن تائين پهچائڻ شروع ڪيو.