7
“بادشاهه سلامت، نئين پارليامينٽ جي افتتاح وقت تقرير ڪندي پڪو ارادو ظاهر ڪيو آهي ته هندستانين جي صلاح مشوري سان، جلد ۾ جلد کين خودمختيار حڪومت ڏني ويندي. منهنجي لنڊن ۾ رهائش وقت برٽش سرڪار سان ان مسئلي تي مفصل بحث ٿيو آهي. مون اڳيئي اعلان ڪيو آهي ته چونڊون سياري ۾ ڪرايون وينديون. ان کان پوءِ برٽش سرڪار کي اميد آهي ته سمورن صوبن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پارٽيون وزارتي جوابداري قبول ڪنديون.
برٽش سرڪار فيصلو ڪري چڪي آهي ته جلد ۾ جلد آئين ساز اسيمبلي ٺاهي وڃي. هنن مون کي اجازت ڏني آهي ته چونڊن پورين ٿيڻ بعد صوبن جي عيوضين سان مشورو ڪري فيصلو ڪريان ته برٽش سرڪار جي 1942ع واري اعلان ۾ ڏنل تجويزون کين قبول آهن يا نه، يا ڪا ٻي ترميم شده تجويز کين قبول پوندي. هندستاني رياستن جي عيوضين سان به گفتگو ڪئي ويندي ته اُهي ڪهڙي ريت آئين ساز اسيمبليءَ ۾ حصو وٺي سگهندا.
برٽش سرڪار ان عهدنامي تي به غور ڪري رهي آهي، جيڪو هندستان ۽ سرڪار جي وچ ۾ ڪيو ويندو. انهيءَ عرصي اندر هندستان جي حڪومت موجوده طريقي تي هلائي، ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي تعمير جو ڪم جاري رکيو ويندو. هن کان پوءِ هندستان کي بين الاقوامي معاملات ۾ حصو وٺڻو پوندو.
برٽش سرڪار مون کي اجازت ڏني آهي ته اليڪشن مڪمل ٿيڻ بعد سڀني پارٽين جي مڪمل حمايت سان ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ٺاهي، حڪومت جو ڪاروبار هلايان.
نئين برٽش سرڪار پنهنجي آڏو وڏن مسئلن هئڻ جي باوجود سڀ کان پهرين هندستان جو سوال هٿ ۾ کنيو آهي، ان مان سرڪار جي ان مسئلي جي ترت حل بابت نيت ۽ ارادي جو پتو پوي ٿو. هندستان جي آئين ٺاهڻ ۽ ان کي عمل ۾ آڻڻ جو مسئلو نهايت مونجهاري واري ۽ مشڪل نظر پيو اچي. ان جي حل لاءِ سڀني پارٽين جي ٿڌي ويچار ۽ همدرديءَ جي ضرورت آهي. هندستان جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ چونڊون ڪرائڻ ضروري آهن. چونڊن کان پوءِ هندستاني ليڊرن سان گفتگو ڪئي ويندي ته آئين ساز اسيمبليءَ کي ڪهڙي صورت ڏني وڃي. بهترين رستو اهو آهي ته کين موقعو ڏنو وڃي ته پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪن. ان رستي ۾ جيڪي مشڪلاتون درپيش آهن، تن کان برٽش سرڪار ۽ وائسراءِ بخوبي واقف آهن. باوجود ان جي اهي ان کي حل ڪرڻ لاءِ مستقل ارادو ڪري چڪا آهن.”
ساڳئي ڏينهن مسٽر ائٽلي، پرائيم منسٽر انگلنڊ پنهنجي نشري تقرير ۾ پڌرو ڪيوته:
جيتوڻيڪ مون کي معلوم آهي ته “ڪرپس تجويزون” هندستاني پارٽين قبول نه ڪيون آهن، پوءِ به برٽش سرڪار انهن تجويزن جي بنياد تي وڌيڪ قدم کڻڻ جو ارادو رکي ٿي.
آءُ اها خاطري ڏياريان ٿو ته هندستان ۽ انگلنڊ جي وچ ۾ ٿيڻ واري عهدنامي ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه داخل نه ڪئي ويندي، جيڪا هندستان جي مفادن جي خلاف هوندي،
آءُ هندستاني ليڊرن کي اپيل ڪريان ٿو ته سڀيئي پارٽيون گڏجي، باهمي رضامنديءَ سان آئين ٺاهين.”
21 سيپٽمبر 1945ع تي آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ، بمبئيءَ ۾ ٺهراءُ پاس ڪري لارڊ ويل جي اظهار ڪيل تجويزن کي اڻپورو ۽ غيرتسلي بخش قرار ڏيندي ظاهر ڪيو ته مڪمل آزاديءَ کان سواءِ هندستانين کي ڪا به رٿ قبول نه هوندي، هن اجلاس ۾ چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ان کان پوءِ سڀني پارٽين چونڊن ۾ حصي وٺڻ لاءِ تياريون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. ڪانگريس سندن اڪثريت وارن صوبن ۾ نئين سر وزارتن قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي، پر مسلم ليگ ۽ گورنرن طرفان مخالفت ڪرڻ سبب ائين نه ڪيو ويو.
مسلم ليگ پاڪستان جي سوال تي چونڊون لڙڻ گهريون، ان کي مدنظر رکي مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ (جناح صاحب) اهو فيصلو ڪيو ته ايندڙ چونڊن ۾ آزاد خيال، ترقي پسند ۽ وسيع نظر مسلم ليگي ڪارڪنن کي حتي الامڪان ڪثرت تعداد ۾ چونڊجڻ نه ڏجي. ان ڪري هن ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن مسلم ليگ بجليءَ جي ٿنڀي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ حڪم ڪري ته به مسلمانن کي ان کي ووٽ ڏيڻ گهرجي.
هوشيار سياستدانن هوا جو رخ تاڙي ورتو ته انگريزي حڪومت جي مدد مسلم ليگ سان هئڻ ڪري، مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ مسلم ليگ ۾ موجود “جي حضوري” ڪارڪن فائدو حاصل ڪري سگهندا. ان ڪري ڪيترا ڪانگريسي مسلمان، مسلم ليگ ۾ داخل ٿي ويا، جن مان خان عبدالقيوم خان مکيه هو.
سنڌ ۾ اسان جو گروهه ئي هو، جيڪو ساده دلي ۽ اصول پرستيءَ جي ڪري حالتن جو صحيح اندازو نه ڪري، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ (جناح صاحب) جو “جي حضوري” به نه بڻبو ۽ مسلم ليگ ۾ به، پاڪستان خاطر رهندو آيو.
اگسٽ 1945ع جي آخر ڌاري مولانا ابوالڪلام آزاد، مهاتما گانڌيءَ وٽ فرقيوار تصفيي لاءِ هڪ تجويز پيش ڪئي، جنهن جا اهم جزا هيٺيان هئا:
1. يونيٽري فارم حڪومت جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.
2. ملڪ جو ورهاڱو مسلمانن جي مفاد خلاف آهي.
3. مستقبل جو آئين فيڊرل قسم جو هئڻ گهرجي، جنهن ۾ رڳو اهي اهم معاملا مرڪز جي حوالي ڪيا وڃن. جن لاءِ صوبا رضامندي ڏيکارين ۽ صوبن جي “حق خوداراديت” وارو حق قبول ڪيو وڃي.
4. مرڪزي اسيمبليءَ ۽ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل تي هندن ۽ مسلمانن کي ان وقت تائين هڪ جيتري نمائندگي ڏني وڃي، جيستائين فرقيوارنه فضا ختم ٿئي ۽ سياسي پارٽيون اقتصادي ۽ سياسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ لڳن.
5. اهڙو ڪنوينشن قائم ڪيو وڃي، جنهن موجب هندستاني فيڊريشن جو سربراهه (مدارالمهام) واري سان هندو ۽ مسلمان ٿئي. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن مسلمانن کي هڪ دفعو يقين ويهي ويو ته هندن طرفان ڪي به فيصلا مٿن مڙهيا نه ٿا وڃن ته ممڪن آهي ته اهي ورهاڱي جو خيال ڦٽو ڪري ڇڏين ۽ پنهنجو مفاد “متحده هند” ۾ سمجهڻ لڳن. ان ريت هڪ ڀيرو هندستانين کي اختيار مليا ته اڳتي هلي اقصادي، سياسي ۽ طبقاتي مسئلا، فرقيوارانه مسئلن تي حاوي پئجي ويندا.”
ورڪنگ ڪاميٽيءَ، مولانا آزاد جي تجويز بابت ڪهڙو فيصلو ڪيو، ان جي خبر نه آهي، ليڪن سيپٽمبر 1945ع ۾ ورڪنگ ڪميٽيءَ “متحده هند” جي حق ۾ اڳ وانگر ٺهراءُ پاس ڪري، ان ۾ صرف ايترو اضافو ڪيو ته “ڪنهن به صوبي کي مرڪز سان زوريءَ نه ملائبو، ليڪن هڪ مضبوط قومي حڪومت بنائڻ لاءِ هرڪا ڪوشش ڪئي ويندي.” ان سان گڏ مسلم ليگ سان سمجهوتي ڪرڻ جي عيوض مسلم عوام سان سڌا تعلقات قائم ڪرڻ جي فائدي ۾ راءِ پڻ ظاهر ڪئي وئي.
هن سال جي آخر ۾ مرڪزي اسيبمليءَ جون چونڊون ٿي گذريون ۽ نتيجا ظاهر ٿيا. ڪانگريس غير مسلم آباديءَ جو 3. 19 سيڪڙو ووٽ ۽ مسلم ليگ مسلمانن جا 6 . 56 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. جنهن موجب :
ڪانگريس 57، مسلم ليگ 30، آزاد 5، اڪالي سک 2، يورپين 8، ڪل 102 ميمبر چونڊيا.
هتي ڪجهه نظر سنڌ جي حوالي سان وجهڻ ضروري سمجهان ٿو. اسان صوبائي مسلم ليگ کي از سرنو منظم ڪري 3 ـ 4 جون 1945ع تي صوبائي چونڊون ڪرايون هيون ۽ صوبي جو صدر وري به مون کي چونڊيو ويو هو. چونڊ وقت جيڪي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا هئا، تن ۾ مرڪزي ليگ طرفان صوبه سنڌ مسلم ليگ جي معاملن ۾ دست اندازي ۽ اختيار ڪيل روش تي صدائي احتجاج بلند ڪيو ويو هو ۽ مرڪزي پارليامنٽري پارٽيءَ جي صوبي جي هر ڳالهه ۾ دست اندازيءَ کي سنڌ جي مفاد خلاف ڄاڻايو ويو هو.
انهن ڳالهين جي رپورٽ شملي ڪانفرنس کان اڳ مون جناح صاحب کي موڪلي هئي ۽ اتي ڪانفرنس جي مسئلي توڙي مرڪزي مسلم ليگ کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ وارن معاملن تي اسان جي وچ ۾ تلخ ڪلامي به ٿي هئي، پر سنڌ موٽڻ بعد صوبائي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جي حوالي سان “نئون پارليامينٽري بورڊ” چونڊي، ايندڙ اسيمبلين ۾ ترقي پسند ۽ آزاد خيال ميمبر چونڊائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ـ ڇو ته آئين ساز اسيمبلي ٺهڻ واري هئي، ان ۾ اهڙا باصلاحيت ماڻهو چونڊائڻا هئا، جيڪي مستقبل جي بهتر آئين جوڙڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد حڪومت جي واڳ، ڪن ايماندار ماڻهن جي هٿ ۾ اچي. پر ان پارليامينٽري بورڊ تي وزارت گروهه اعتراض ورتو ۽ جناح صاحب کي سنڌ ۾ گهرايو. جنهن مون کي چيو ته “پارليامينٽري بورڊ کي بدلائي، وزارت ڌر کي ان ۾ اڪثريت ڏياريان” مون ان تي مسلم ليگ جي مکيه صوبائي ميمبرن کي گهرائي مشورو ڪيو، جن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي، پر مون ڪجهه سنڌي زميندار ميمبرن جي ڪمزورين کي نظر ۾ رکي، ڪجهه جناح صاحب سان وعدي جي ڌوڪي ۾ اچي کين منٿ ڪري وزارت ڌر کي پارليامينٽري بورڊ ۾ 7 مان 4 ميمبرن ڏيڻ جو ٺهراءُ صوبائي مسلم ليگ کان پاس ڪرائي، اڳ ۾ قائم ڪيل پارليامينٽري بورڊ تبديل ڪرايو. اهڙيءَ طرح پنهنجن هٿن سان صوبائي مسلم ليگ کي وزارت جي ماتحت ڪري ڇڏيم.
سال جي آخر ۾ جڏهن ٽڪيٽن ڏيڻ جو وقت آيو ته وزيرن پنهنجن ڇاڙتن کي ٽڪيٽون ڏيڻ شروع ڪيون، جنهن تي صوبائي مسلم ليگ بغاوت ڪئي. وزيرن وري جناح صاحب کي گهرايو، جنهن اسان کي چيو ته “ٽڪيٽن ڏيڻ جو ڪم مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي حوالي ڪريو.”
هاڻي اسان جو مسلم ليگ جي مرڪزي ليڊرن، خصوصاً مرڪزي هاءِ ڪمانڊ يعني جناح صاحب تان اعتماد کڄڻ لڳو هو، ان ڪري مون جناح صاحب جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته مون ائين ڪرڻ کي عوام جي حق سان غداري تصور ٿي ڪيو، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان سنڌ جو مستقبل آل انڊيا مفادن تي قربان ڪرڻو ٿي پيو، سو به ان وقت جڏهن ملڪ جي تاريخ ۾ مستقبل کي درست ڪرڻ جو اميدون برثواب ٿيڻ کي اچي ويجهو ٿيون هجن. ان کان سواءِ مسلم ليگ ۾ شامل سمورن ترقي پسند ڪارڪنن جو اڳواڻ آءُ هئس ۽ هنن ليگ اندر اڻٿڪ محنت ڪئي هئي، انهيءَ اميد سان عوام جي بيداري، ليگ کي اڳين ماحول مان ڪڍي نئون رنگ ڏيندي ۽ ساڳيون پراڻيون حالتون وري دهرايون نه وينديون.
مون ان بعد 14 آڪٽوبر 1945ع تي صوبائي مسلم ليگ ڪائونسل جو اجلاس سڏايو ، جيڪو وڏي جوش واري ماحول ۾ گڏ ٿيو. جنهن ۾ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ کي اپيل ڪئي وئي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جون ٽڪيٽون صوبائي ڪائونسل طرفان مقرر ڪيل پنجن ڄڻن (جي ايم سيد، خير شاهه، آغا غلام نبي پٺاڻ، سيد محمد علي شاهه ۽ رئيس غلام مصطفى ڀرڳڙيءَ) جي مشوري سان ڏنيون وڃن.
جڏهن جناح صاحب ڪراچيءَ ۾ سر غلام حسين جي بنگلي تي اچي مهمان ٿيو ۽ کيس صوبائي مسلم ليگ ڪائونسل جي ٺهراءَ کان مون واقف ڪيو ته هن انتهائي ڪاوڙ ۾ اچي چيو ته “ڪائونسل جا ميمبر بي جوابدار ماڻهن جو ميڙ هئا، جن جو انهن ڳالهين سان ڪو به واسطو ڪونه هو، ان ڪري هاڻ جدا ٿيڻ جي حد کي اچي پهتا آهيون.”
هاڻي منهنجي لاءِ فيصلي جي گهڙي اچي پهتي هئي، ڪجهه وقت کان آءُ ٻن ٻيڙين جي وچ ۾ پئي هليس ۽ دل تي گهڻو مونجهارو ۽ بار هو. هڪ طرف اهو شخص هو، جنهن کي ڪنهن وقت قائداعظم ۽ مسلمانن جي مستقبل جو علمبردار سمجهندو هوس ۽ جنهن جي هڪ دفعي قتل ٿيڻ جي غلط خبر ٻڌي، رئندي غش ٿيڻ جي ويجهو وڃي هوس؛ ۽ ٻئي طرف منهنجي سنڌو ديش سان محبت هئي، جنهن ۾ جائو نپنو هوس؛ جتي منهنجي ويهن پيڙهين جو قبرستان هو؛ جنهن جي آزاديءَ ڀلائيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هزارين درويشن ۽ سورهين پنهنجون زندگيون صرف ڪيو هيون ۽ جنهن ملڪ جو سچار، سادن، بي زبان، مظلوم ۽ غريب رهواسين جي ڀلائيءَ ۽ بهتري منهنجي ساري سياسي زندگيءَ جو بنياد ۽ اساس هئي.
ان ڪشمڪش دوران مون تي واضح طرح ذهن نشين ٿي ويو ته مون کي هڪ شيءِ کي ضرور ڇڏڻو پوندو.
جناح جي آمرانه ۽ فرعون صفت گفتگوءَ بعد اختلاف ۽ بغاوت ڪرڻ منهنجو فرض هو. هتي هيءُ واضح ڪرڻ گهران ٿو ته هي اختلاف ٻن وڏين شخصتين جي وچ ۾ نه هو (جيئن ڪن ماڻهن جو خيال آهي) جن پنهنجي خودسريءَ موجب هلڻ گهريو ٿي، پر هي اڻٽر مقابلو ٻن سياسي نقطه نگاهن ۽ نظرين جي وچ ۾ هو. آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر جي سڄي نگاهه، آسماني بلنديءَ تي هئي، جنهن وٽ صوبائي ڳالهين ۽ سنڌ جي مفادن جي ڪا اهميت ڪا نه هئي. هن کي پنهنجي پلئن موجب رڳو حڪم ڪرڻو هو ۽ ٻين کي مڃڻو هو. پر آءُ سنڌ جي سرزمين جو رهاڪو هوس، مڪاني مصيبتن، مشڪلاتن ۽ عوام امنگن جو گهرو احساس هوم. تجربي جي بنياد تي ان راءِ تي پڄي چڪو هوس ته ڪا به شاندار عمارت پڪيءَ پيڙهه کان سواءِ پائدار نه ٿي سگهندي.
مون جناح جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪندي، کيس کُتو جواب ڏنو، ان تي جناح صاحب ٿڌي دماغ ۽ حڪمي لهجي سان مون کي چيو ته “انهيءَ انڪار جي نتيجن جو توکي احساس آهي؟ مسٽر سيد! توکي صلاح ڏيندس ته معاملي تي وري به خيال ڪري جواب ڏي!”
مون کيس ورندي ڏني ته “آءُ انهيءَ معاملي تي گذريل ٻن سالن کان غور ڪندو رهيو آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته ڇا ڪري رهيو آهيان. منهنجي پهرين جوابداري صوبي جي جماعت سان آهي ۽ انهيءَ جي اجازت کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو فيصلو مڃي نه ٿو سگهان.”
منهنجي ان انڪار کي جناح پنهنجي حڪم جي انحرافي ۽ مسلم ليگ ضابطي جي ڀڃڪڙي سمجهي، ۽ وري به هڪ دفعو ساري معاملي تي فڪر ڪرڻ ۽ ان مان نڪرندڙ اگرن نتيجن تي غور ڪرڻ لاءِ مون کي چيو. سندس همدردانه صلاح لاءِ شڪر گذاري ڪندي کيس چيم ته “گذريل ملاقات کان وٺي جڏهين توهان جدا ٿيڻ کي ويجهو اچڻ جو اشارو ڏنو هو، مون ان مسئلي تي پئي ويچاريو آهي ۽ آخر ان راءِ تي پهتو آهيان ته صوبائي ڪائونسل جي فيصلي جو انحراف نٿو ڪري سگهان ۽ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي يڪطرفي فيصلي کي قبول ڪرڻ مون لاءِ مشڪل آهي.”
منهنجي سياسي زندگيءَ لاءِ اها هڪ نازڪ گهڙي هئي، جنهن جا اگرا نتيجا آءُ چڱيءَ طرح محسوس ڪري ٿي سگهيس. جنهن وقت آءُ مسلمانن جي وڏي ليڊر سان هن فيصلي جي گهڙيءَ ۾ منهن مقابل ٿيو هوس، خوددار ۽ ايماندار جي حيثيت ۾ مون لاءِ ٻيو رستو ئي ڪو نه بچيو هو. هاءِ ڪمانڊ کان جدا ٿيڻ جي گهڙي اچي مٿان بيٺي هئي، صرف آخري موڪلاڻي ڪرڻي هئي، سا ڪئي وئي.
جناح صاحب جي نظر ۾ صوبه سنڌ مسلم ليگ، آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ هئڻ ڪري اُنهيءَ جي ماتحت هئي ۽ ان کي ڪا به آزادانه هستي نه هئي. آءُ سنڌ لاءِ اها پوزيشن قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئس. اهڙيءَ حالت ۾ صوبائي مسلم ليگ کي مرڪز کان جدا ڪرڻ بهتر سمجهيم، بنسبت ان جي ته مرڪز جي پُڇ ۾ اٽڪي اندروني آزادي ختم ڪري ڇڏجي ۽ ان طرح سان سنڌ جي مستقبل لاءِ ترقيءَ ۽ بهتريءَ جا سڀ خواب بنا تعمير جي رهجي وڃن. هاڻ ته صاف ظاهر ٿي چڪو هو ته جدا ٿيڻ جو وقت سچ پچ نزديڪ اچي پهتو هو.
هيءَ ليگ جي مرڪزي پريزيڊنٽ سان منهنجي آخري ملاقات، مون لاءِ آزمائش ۽ امتحان جو وقت هو. پريزيڊنٽ جو رعب ۽ شان، سندس زبردست جماعت، لکين پوئلڳ ۽ انهن جي گڏيل طاقت منهنجي سامهون هئي. جيڪڏهن سندس اڳيان سر نمايان ها ته ڪيترن شخصي فائدن ۽ عارضي ڪاميابيءَ جي اميد هئي، پر اهو سڀ ضمير ۽ خودداريءِ کي وڪڻي پوءِ ڪريان ها. لکين عوام جون مصيبتون ۽ ترقي پسند گروهه جون ڪيل لاڳيتيون محنتون، منهنجي اکين اڳيان پئي ڦريون. اهي ڇا چوندا؟ پويان نسل ڪهڙي راءِ ڏيندا ته سنڌين ۾ ڪو به اهڙو ڪو نه هو، جو سنڌ جي شان برقرار رکڻ لاءِ مشڪلاتن جو مقابلو ڪري ها؟
مون کي خبر هئي ته ڪهڙين زيردست طاقتن جو مقابلو ڪري رهيو هوس. ته صرف جماعت جي ليڊر ۽ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ، ان جي مددگارن ۽ ساري آل انڊيا مسلم ليگ جو غُصو پاڻ تي کڻي رهيو هيس، گڏوگڏ لکين مسلم عوام جي به ڪاوڙ کڻي رهيو هوس. پر آءُ اهو سڀ ڪجهه سهڻ لاءِ تيار ٿي ويس. جناح صاحب مون لاءِ صرف ٻه رستا ڇڏيا هئا، بنا شرط جي بيعت ڪريان يا جُدا ٿيان. مون جُدا ٿيڻ قبوليو.
جناح صاحب آخري ڀيرو وارننگ طور مون ڏي ليگ هاءِ ڪمانڊ جي چونڊيل اميدوارن جي لسٽ ڏياري موڪلي ۽ حڪم ڪيو ته آءُ سندن مدد ڪريان. جنهن کان مون انڪار ڪيو ۽ بهتر سمجهيم ته هڪ بيان پريس ۾ ڪڍي عوام آڏو پنهنجو نقطه نگاهه پيش ڪريان. ان لاءِ 28 آڪٽوبر 1945ع تي هڪ طويل بيان جاري ڪيم، جنهن ۾ مون سر غلام حسين وزارت سان اختلافن جي بنياد، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي ان نسبت روش، وزيرن مان ڪيترن جون گذشته روايات ۽ سندن ايدڙ اليڪشن جي سلسلي ۾ سازشون ۽ منصوبا، هاءِ ڪمانڊ جي رجعت پسند طبقي لاءِ کُليل طرفداريءَ ۽ صوبه مسلم ليگ ۽ عام راءِ جي خلاف واضع طور حقيقتون بيان ڪيو هيون. ان بيان جو متن (نقل ڪاپيءَ جي صورت ۾) هتي پيش ڪجي ٿو.
سيد غلام مرتضى شاهه، صدر، صوبه سنڌ مسلم ليگ جوبيان
(جيڪو 29 آڪٽوبر 1945ع تي اخبارن ۾ شايع ٿيو)
موجوده حالتون : 27 آڪٽوبر 1945ع تي جناب قائداعظم طرفان مڪاني اخبارن ۾جيڪو بيان شايع ٿيو، تنهن مون لاءِ اهڙي مجبوري پيدا ڪئي آهي، جو آئون بادلِ ناخواسته هي چند حقيقتون محض هن مقصد سان عوام جي اڳيارن پيش ڪريان ٿو، ته جيئن هر ڪو ماڻهو صحيح حالتن کان واقف ٿئي ـ ڇاڪاڻ ته عنقريب جيڪي چونڊون ٿيڻ واريون آهين، سي ايتريقدر ته اهيت واريون آهن، جو هڪ طرف هندستان جي ڏهن، ڪروڙ مسلمانن جي مستقبل جو انهن سان واسطو آهي، ته ٻئي طرف صوبه سنڌ جي باشندن جي بهتريءَ ۽ برابري جو سمورو دارو مدار پڻ انهن ئي چونڊن تي آهي. جيڪڏهن انهن ٻن مسئلن متعلق ڪا به غلط فهمي يا غلط راءِ پيدا ٿيندي ته ان جو نتيجو نهايت ئي اگرو نڪرندو. انڪري ئي سنڌ جي موجوده سياسي حالتن بابت عام ماڻهن اڳيان صحيح معلومات پيش ڪرڻ لاءِ آئون پاڻ کي مجبور سمجهان.
مسلم ليگ جي مقصدن سان اسان جي وابستگي :
پنهنجي بيان شروع ڪرڻ کان اڳ آءُ ضرور ٿو سمجهان ته هيءَ حقيقت هر ڪنهن کي پوريءَ وضاحت ۽ صفائيءَ سان سمجهڻ گهرجي ته جيتريقدر آل انڊيا مسلم ليگ جي نصب العين، خواهه ان جي مقصد جو واسطو آهي، يا سندس هيءَ دعوى ته هندستان جي ڏهن ڪروڙ مسلمانن جي نمائندگيءَ جو سمورو حق کيس ئي حاصل آهي، تن بابت آل انڊيا مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان منهنجو خواهه اهي ماڻهو، جن جي نمائندگي ڪرڻ جو مون کي حق آهي، تن جو ڪو به اختلاف ڪو نه آهي. انهن مقصدن حاصل ڪرڻ، خواهه انهيءَ دعوى جي سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪا به جدو جهد ڪرڻي آهي، تنهن ۾ آل انڊيا مسلم ليگ سان اسين آخر تائين پوري طرح ٻڌل آهيون ۽ ان سلسلي ۾ اسين هر ڪنهن قسم جي قرباني ۽ جانفشاني ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
مگر جيتريقدر هنن چونڊن جو صوبه سنڌ سان واسطو آهي، اوتريقدر حالتن جو صحيح اندازو لڳائڻ لاءِ ضروري آهي ته اهي حقيقتون بيان ڪجن، جيڪي موجوده حالتن پيدا ڪرڻ جو سبب بنيون آهن:
سنڌ جون حالتون : جيڪي ماڻهو سنڌ جي حالتن کان ٿورو به واقف آهن، سي هيءَ حقيقت تسليم ڪندا ته 1938ع ۾ جيڪي چونڊون ٿيون هيون، تن ۾ سنڌ اسيمبليءَ اندر گهڻو ڪري اهڙا ماڻهو چونڊجي آيا هئا، جي عام ماڻهن جي ڀلائيءَ، سرڪاري ڪاروبار جي پاڪيزگيءَ، سياسي اخلاق، وزارت جي مضبوطيءَ ۽ مسلم ليگ سان وفاداريءَ جي نقطهءِ نگاهه کان غير موزون هئا.
اها ڳالهه مون لاءِ ڪا نئين ڪانه آهي ۽ نه وري اها ڳالهه آءُ هن ڪري هينئر محسوس ڪرڻ لڳو آهيان، جو مرڪزي پارليامينٽري بورڊ، جن ماڻهن کي هنن چونڊن لاءِ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ ڏني آهي، تن ۾ منهنجا ڪي خاص ماڻهو نظر انداز ڪيا ويا آهن، مگر حقيقت هيءَ آهي ته گذريل اٺن ورهين اندر اسان جيڪي به ڪوششون ڪيون آهن، سي ثابت ٿيو ڪن ته انهيءَ سموري عرصي اندر سنڌ جي موجوده حالتن تي نه فقط آءُ، مگر سنڌ جو هر هڪ خير خواهه پنهنجي دل جو خون پيئندا رهيا آهيون.
گذريل مارچ ۾ جيڪو خط مون جناب قائداعظم جي خدمت ۾ عرض رکيو هو، تنهن مان آءُ هڪڙو ٽڪرو ظاهر ڪريان ٿو، جنهن مان فقط سنڌ جي موجوده حالتن جي تصوير جا ڪي حصا صاف نظر ايندا، مگر هيءُ به ثابت ٿيندو ته جيڪا شڪايت اسين هينئر ڪري رهيا آهيون، يا جيڪا بي قراري اسان ۾ پيدا ٿيل آهي، اها ڪا ٿوري وقت کان يا ڪن شخصي سببن سان واسطو هرگز نٿي رکي.
رشوتخوري، ظلم ۽ زوري : “هيءَ حقيقت ثابت ٿي چڪي آهي ته سنڌ جي موجوده وزارت سنڌ جي ماڻهن لاءِ وبال آهي ۽ هڪ مجسم خرابي ۽ ناقابل برداشت جنجال آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ کي انهي حقيقت کان انڪار هجي ته آءُ خود مسلم ليگ طرفان ان باري ۾ تحقيقات ڪرڻ لاءِ عرض ڪندس. اها ڳالهه سنڌ جي بدبختيءَ جو سبب آهي جو مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ طرفان جيڪي به ماڻهو سنڌ ۾ اچن ٿا، سي ڪڏهن به سنڌ جي اندرين ڀاڱن ۾ ڪو نه ويا آهن ۽ وزارت بابت ماڻهن جا ڪهڙا رايا آهن، تنهن باري ۾ ڪو به ويچار ڪونه ڪيو اٿن. هو فقط ڪراچي ۾ اچي رهندا آهن ۽ سندس تحقيقات جو دائرو صرف ڪراچيءَ تائين ئي محدود رهندو آهي.
وزارت جا افعال : “ وزارت بابت مختصر حقيقت هيءَ آهي ته وزارت ۾ خرابي گهر ڪري وئي آهي ۽ نه فقط وڏن عهدن وارا ماڻهو انهيءَ خرابيءَ ۾ مبتلا آهن، پر انهن وڏن ماڻهن جا افعال ڏسي، ننڍا ڪامورا به رشوتخوريءَ جي مرض ۾ گرفتار آهن. جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي جو سرڪاري ڪاروبار هلائيندڙن جي وڌندڙ حرص کي پوري ڪرڻ خاطر هر سال عام ماڻهن جا لکين رپيا ضايع ٿيندا رهن ٿا. انهيءَ رشوتخوريءَ مان جيڪي ٻيون خرابيون پيدا ٿين ٿيون، انهن جي ذڪر ڪرڻ جي ضرورت ڪا نه آهي. ڳوٺن مان امن امان، عدل انصاف ۽ سک ۽ آرام لڏي ويا آهن. آءُ ته ايترو به چوندس ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ۽ خاص ڪري مسلمان بلڪل نڌڻڪا ٿي چڪا آهن ۽ هنن لاءِ جنسي قيامت برپا ٿي چڪي آهي. سنڌ ۾ اناج تي ڪنٽرول وجهي جيڪا سنڊيڪيٽ قائم ڪئي وئي آهي، تنهن سنڌ جي آبادگارن ۾ سخت ناراضگي پيدا ڪئي آهي. حالانڪ ڳرين ڍلن سبب هو اڳ ۾ ئي ڪافي پيڙجي چڪا آهن. مسلم ليگ طرفان سنڌ جي عوام کي اسان جيڪي وعدا ڏنا هئا ۽ ساڻن اقرار ڪيا هئا، انهن جي بلڪل ابتڙ عمل ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري عوام اسان کي ڪاوڙ ۽ ڌڪار سان ڏسي رهيا آهن. سرڪار پنهنجن ڪامورن جي باري ۾ جيڪا ڪمزور پاليسي اختيار ڪئي آهي، تنهن ڪامورن کي ڇتو ڪري ۽ ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو آهي، جنهن ڪري ماڻهو ائين ٿا سمجهن ته قوم جي عيوضين جي حڪومت بدران سنڌ جي مٿان ڪنهن قديم زماني جو ڪو مست حاڪم حڪومت هلائي رهيو آهي.
مطلب ته هن وزارت اهڙا ڪم ڪيا آهن، جو جيڪي به ماڻهو سندس حمايتي آهن، سي پاڻ شرمسار آهن ۽ مسلم ليگ جنهن جي نالي سان هيءَ وزارت مشهور ٿي رهي آهي، سا به عام ماڻهن ۾ بدنام ٿي رهي آهي.
منهنجو عرض هيءُ آهي ته مسلم ليگ وزارت جو جيڪو اثر عوام تي پيدا ٿي رهيو آهي، سو به مسلم ليگ خيال ۾ نه آڻي ۽ عوام جي بهتري لاءِ وزارت ڇا ڪري ٿي يا ڇا نٿي ڪري، سو نقطو به مسلم ليگ ڌيان ۾ نه آڻي، پر فقط هن ڳالهه ڏانهن ڏسي ته اڳتي هلي سنڌ جي اندر مسلم ليگ ڪيتريقدر مقبول ٿي سگهندي؟ ته جيڪر مسلم ليگ ههڙيءَ وزارت کي هڪ منٽ به وڌيڪ قائم رکڻ گوارا نه ڪري!
اوهان صاحب، خواهه مرڪزي پارليمنٽري بورڊ ۽ ٻين جماعتن کي (جن جو اوهان صاحبن ذڪر ڪيو آهي) آءُ هر وقت هن ضرورت ڏانهن متوجهه ڪندو رهيو آهيان ته سنڌ جي موجوده حالتن کي سڌارڻ ۽ سنڌ جي عام ماڻهن سان انصاف ٿيڻ لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته وزارت جي رشوتخوريءَ، ظلم ۽ زوريءَ کان هتي جا عام ماڻهو بلڪل تنگ اچي چڪا آهن. انهيءَ باري ۾ مون ڪيترائي دفعا روبرو خواهه لکيت ۾ اوهان صاحبن کي شخصي طرح استدعائون به ڪيون آهن. مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽيءَ خواهه مجلس عمل ۽ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ اڳيان پڻ مون اهڙيون التجائون ڪيو آهن.
هاڻي تازو به نواب محمد اسماعيل خانصاحب ۽ چوڌري خليق الزمان صاحب جڏهن هت آيل هئا، تڏهن مون هنن صاحبن اڳيان به سڀ ضروري حقيقتون رکيون هيون. جيڪڏهن هنن ٻن سالن جي عرصي اندر به اهي سڀيئي صاحب سنڌ جي حالتن سڌارڻ ۽ عام ماڻهن جي اهنجن ايذائن دور ڪرڻ لاءِ خواهه پرڳڻي جي عام ماڻهن ۽ چند خود غرض ۽ رشوت خور فردن جي ٽولي جي وچ ۾ ڪنهن فيصلي تي پهچڻ لاءِ ڪو به قدم کڻي نه سگهيا آهن ته ان لاءِ آئون جوابدار ٿي نٿو سگهان. مرڪز وٽان اهڙي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ شخصي طرح نه فقط آئون ڪوشش ڪندو رهيو آهيان، مگر صوبائي ڪائونسل ۽ ورڪنگ ڪميٽيءَ به گذريل ٻن سالن ۾ هڪ طرف وزارت کي ۽ ٻئي طرف مرڪزي، ليگ کي زوردار استدعائون ڪيون آهن ته سنڌ ۾ پيدا ٿيل حالت تي دوباره غور ڪيو وڃي، اهڙي حالت ۾ ائين ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته جيڪو قدم اسان ٻن سالن جي متواتر التجائن کان پوءِ کنيو آهي، سو ڪنهن اوچتي وهم سببان يا سازش ڪرڻ جي ارادي سان کنيو ويو آهي؟ منهنجو خواهه مسلم ليگ جي ٻين ميمبرن مان گهڻن جو، عقيدو پئي رهيو آهي ته مسلم ليگ جي عزت تڏهن وڌي سگهي ٿي ، جڏهن عارضي ۽ مصنوعي وسيلن سان تسلى حاصل ڪرڻ عيوض، عام مسلمانن جي ڀلي ۽ بهتريءَ خاطر سرڪاري ڪاروبار فقط ڪن اخلاقي اصولن تي هلايو ويندو. بهرحال منهنجو اهو عقيدو نه اڳي هو ۽ نه هينئر آهي ته ههڙي وزارت قائم رکڻ ۽ ان نموني سنڌ جي عام مسلمانن جي مفاد کي نظر انداز ڪرڻ سان، مسلم ليگ جي عزت ۾ اضافو هرگز نه ٿي سگهندو. مسلم ليگ جي عزت حقيقي معنى ۾ تڏهن ئي وڌي سگهندي، جڏهن عام ماڻهن ۾ سچ پچ مقبول ۽ عزت جي لائق ٿيندي. هن صوبي ۾ اهڙي وزارت کي قائم رکڻ مسلم ليگ جي عزت خواهه عام ماڻهن ۾ سندس مقبوليت لاءِ سخت نقصاندهه آهي.”
جنهن وزارت ڏانهن مون مٿي ذڪر ڪيل خط ۾ اشارو ڪيو هو، سا سنڌ اسيمبليءَ جي اڪثر ميمبرن جو آئينو هئي ۽ انهيءَ ڪري جيڪي حقيقتون وزارت سان لاڳو هيون، سي اهڙن اسيمبلي ميمبرن سان وڌيڪ لاڳو هيون، جن جي حمايت سان اها وزارت قائم رهي هئي.
انهن صاحبن مان ڪي صاحب، نه فقط سرڪاري ڪاروباري جي خراب ٿيڻ لاءِ جوابدار هئا، مگر انهن جيڪو رخ مسلم ليگ ڏانهن اختيار ڪيو هو، سو به اهڙوئي افسوسناڪ هو، ڇاڪاڻ ته هو شخصي سهولتن ۽ ذاتي غرضن لاءِ ڪڏهن مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي رهيا هئا ته ڪڏهن مسلم ليگ ڇڏي هليا ٿي ويا. هت آئون فقط انهن چند مکيه ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ ڪافي ٿو سمجهان، جن کي مرڪزي پارليامينٽري بورڊ پنهنجي حمايت ۽ تائيد جي لائق سمجهيو آهي. سنڌ جو موجوده وزيراعلى ظم، سر غلام حسين، سن 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ٻئي سال هو مسلم ليگ مان نڪري ويو. نه فقط ايترو پر مسلم ليگ ۽ پاڪستان جي خلاف بيان به جاري ڪندو رهيو. وري سال 1942ع ۾ جڏهن مرحوم مسٽر الله بخش کي سنڌ جو گورنر، ڊسمس ڪري وزير اعلى ظم جي عهدي تان برطرف ڪيو، تڏهن سر غلام حسين ڏٺو ته مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ کيس وري وزيراعلى عظم ٿيڻ جو ڪو به آسرو ڪو نه آهي. ان وقت هو مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيو. سر غلام حسين مسلم ليگي هئڻ جي باوجود خان بهادر مولابخش کي، شڪارپور واري تڪ مان نه فقط ڪامياب ڪرايو، پر کيس وزارت ۾ شريڪ ڪري روينيو وزير به ڪيائين ۽ وري کيس وزات مان تڏهن ڪڍيائين جڏهن اسان سندس شرط مڃيا. اهڙيءَ طرح خانبهادر مير غلام علي خان ٽالپر ۽ پير الاهي بخش صاحب به جيڪو عرصو مسلم ليگ سان واسطيدار رهيا آهن، تنهن ۾ هو ڪڏهن مسلم ليگ کي ٿڏيندا رهيا آهن ته ڪڏهن ان کي چنبڙندا رهيا آهن. هيءِ ڳالهه سنڌ جي عام ماڻهن کان مخفي نه آهي ته جڏهن حيدرآباد جي هندن طرفان مير صاحب کي فقط ضلع لوڪلبورڊ جي پريزيڊنسيءَ جي آڇ ٿي، تڏهن مير صاحب ان خسيس لالچ تي مسلم ليگ کي ڇڏي هليو ويو.
هتي هيءَ ڳالهه وڏي معنى واري آهي، جو مرڪزي پارليامينٽري بورڊ وارن مٿي ذڪر ڪيل صاحبن کي نه فقط مسلم ليگ جي ٽڪيٽ عطا ڪرڻ فرمائي آهي، پر انهن جي قديم، خواهه جديد حمايتن سان به ساڳي نوازش ڪرڻ فرمائي آهي. انهن صاحبن مان ڪي ته اهڙا به آهن، جي مسلم ليگ جا ٻن آنن وارا رواجي ميمبر به نه آهن، ڪي فقط هڪ مهيني کان مسلم ليگ ۾ آيل آهن، ڪن مسلم ليگ سان هميشه ڌوڪي بازي ۽ مخالفت پئي ڪئي آهي، ڪي پنهنجن تڪن اندر به عوام ۾ ناراضپو پيدا ڪري چڪا آهن ۽ ڪي ته بلڪل اڻپڙهيل يا نالي ماتر تعليم يافته آهن، ۽ عجب اهو آهي جو اهڙن ماڻهن جي مقابلي ۾ اهي ماڻهو نظر اندز ڪيا ويا آهن جي شروع کان وٺي پنهنجيءَ قومي جماعت سان سچا، وفادار ۽ ثابت قدم پئي رهيا آهن يا مسلم ليگ کي مدد ڪندا رهيا آهن يا وڏيءَ علمي لياقت وارا ۽ عوام ۾ پيارا آهن. جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ لاءِ اميدوار مٿي ذڪر ڪيل قسم جا ماڻهو چونڊيا ويندا ته ان جو نتيجو آخر ڇا نڪرندو، سا ڳالهه ڪنهن بيان جي محتاج نه آهي.
هاڻي آئون انهن حقيقتن جو ذڪر ڪندس، جن جو صوبائي پارليامينٽري بورڊ جي مقرر ٿيڻ ۽ وري ان جي رد ٿيڻ سان واسطو آهي، جنهن ڏانهن جناب قائداعظم پنهنجي بيان ۾ اشارو فرمايو آهي.
هن باري ۾ هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي ته نين چونڊن جي اعلان ٿيڻ کان اڳ اسان جڏهن به سنڌ جي موجوده حالتن بابت شڪايت جو آواز اٿاريندا هئاسون، تڏهن مرڪز مسلم ليگ طرفان اسان کي اهو دلاسو ڏنو ويندو هو ته جڏهن نيون چونڊون ٿينديون، تڏهن سنڌ اسيمبليءَ لاءِ اهڙا سٺا ماڻهو چونڊيا ويندا، جي موجوده خامين ۽ خرابين کي درست ڪري سگهن. جنهن جو مطلب هيءَ هو ته نين چونڊن لاءِ اهڙا اميدوار منتخب ڪيا ويندا، جي اڳوڻن ميمبرن کان بهتر هوندا. انهيءَ اميد جي بنياد تي جون 1945ع ۾ صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل پنهنجي سالانه ميٽنگ ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب صوبائي پارليامينٽري بورڊ تي ميمبر مقرر ڪيا، جن بابت ڪائونسل کي يقين هو ته مرڪزي اسيمبليءَ خواهه سنڌ اسيمبليءَ لاءِ هو موزون اميدوار چونڊيندا. مگر ان کان پوءِ ڇا ٿيو، تنهن جو سمورو احوال 10 آڪٽوبر 1945ع تي جيڪو خط صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جي مقرر ڪيل پنجن عيوضين مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي چيئرمن ڏانهن لکيو هو، تنهن جي هيٺ ڏنل اقتباس مان معلوم ٿيندو.
“گذريل اگسٽ 1945ع ۾ جڏهن قائداعظم ڪراچيءَ ۾ تشريف فرما ٿيو هو، تڏهن خان بهادر مير غلام علي خان ٽالپر، خانبهادر محمد ايوب خان کهڙو ۽ سندن دوستن اها حجت اٿاري هئي ته جيڪو پارليامينٽري بورڊ صوبي جي ڪائونسل مقرر ڪيو آهي، سو اسان کي ان لاءِ ناپسند آهي، جو ان بورڊ ۾ انهن ماڻهن جي اڪثريت آهي، جن جي صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل ۾ اڪثريت آهي. تنهنڪري اسان کي به ان بورڊ ۾ صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جي اڪثريت وارن جيترو حق ڏنو وڃي. ان کان اڳ خانبهادر مير غلام علي خان ٽالپر پنهنجي خطن ۽ بيانن ذريعي ۽ خانبهادر محمد ايوب خان کهڙي زباني گفتگوءَ جي وسيلي صوبه سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ ۾ نه فقط پنهنجا هڪ جيترا ميمبر هٿ ڪرڻ لاءِ، مگر پنهنجي اڪثريت قائم ڪرڻ لاءِ هاءِ گهوڙا مچائي ڏني هئي، خانبهادر مير غلام علي خان وري بلوچ پارٽيءَ جي نالي ۾ پنهنجن اميدوارن بيهارڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ انهن هٿان مسلم ليگ اميدوارن جي مخالفت ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي هئي. هنن اختلافن بابت ڪراچي ۾ جناب قائداعظم جي تشريف آوريءَ تائين صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جي مراد اها هئي ته جنهن صورت ۾ مسلم ليگ اميدوارن جي ڪاميابيءَ جي جوابداري صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل تي آهي، تنهن صورت ۾ صوبائي پارليامينٽري بورڊ تي اهي ئي ماڻهو هئڻ گهرجن، جيڪي مسلم ليگ طرفان مناسب ۽ موزون ماڻهو چونڊي، کين ڪامياب بنائي سگهن.
ڪائونسل جي راءِ حقيقت ۾ هيءَ هئي ته جيڪڏهن صوبائي پارليامينٽري بورڊ تي مختلف ۽ متضاد ڌرين جا ماڻهو مقرر ڪيا ويندا ته نتيجو هيءُ نڪرندو جو انتخاب جو ڪم خاطر خواهه نموني سان نه هلي سگهندو ۽ جيڪو مکيه مقصد حاصل ڪرڻو آهي يعني مسلم ليگ طرفان مقرر ٿيل اميدوار موزون هجن ۽ اهي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي اچن، سو مقصد به حاصل ڪو نه ٿي سگهندو. تنهنڪري جڏهن جناب قائداعظم ڪراچيءَ ۾ تشريف فرما ٿيو، تڏهن مٿيون حقيقتون سندس خدمت ۾ پيش ڪيون ويون. جنهن تي اها راءِ اظهار فرمايائين ته جيڪي نوان قانون ٺاهيا ويا آهن، تن جي مدنظر صوبه سنڌ پارليامينٽري بورڊ کي وري نئين سر ٺاهيو وڃي ۽ ساڳئي وقت مير غلام علي خان ٽالپر ۽ خانبهادر کهڙي ۽ ٻين صاحبن جي مرضي به مٿي ذڪر ڪيل نموني رکي وڃي. مگر هنن صاحبن جي خواهش اها هئي ته انهيءَ بورڊ تي کين ڪائونسل جي عيوضين کان زياده عيوضي ڏنا وڃن. انهيءَ تي جناب قائداعظم کي صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جي اڪثريت جي راءِ کان آگاهه ڪري انهن مشڪلاتن طرف اشارو ڪيو ويو، جيڪي نئينءَ طرح صوبائي پارليامينٽري بورڊ کي مٿي ذڪر ڪيل نموني سان ڦيرائڻ ڪري پيدا ٿيڻ واريون هيون. مگر قائداعظم جي روبرو هنن صاحب اهو ويساهه ڏنو ته نئون بورڊ اميداورن کي چونڊڻ وقت پنهنجا فرائض بي طرفداريءَ ۽ منصفاڻي نموني ۾ سرانجام ڪندو. تنهن ڪري 16 سيپٽمبر 1945ع تي صوبه سنڌ ڪائونسل پنهنجي ٺهراءَ موجب نئون بورڊ ٺاهيو، جنهن ۾ ڪائونسل طرفان (1) مير غلام علي خان ٽالپر (2) پير الاهي بخش عيوضي رکيا ويا ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي مسلم ليگ پارٽيءَ طرفان خان بهادر محمد ايوب کهڙو عيوضي رکيو ويو. اهڙيءَ طرح اهو نئون بورڊ مصالحتي اصول جي بنياد تي قائم ڪيو ويو.