تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ڳالهائي ٿي

ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هي تاريخي ڪتاب اصل ۾ سائين جي ايم سيد جو پاڪستاني ڪورٽ لاء عدالتي بيان آهي جيڪو سنڌ ڪيس جي نالي سان انگريزيء ۾ به ڇپيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو احساس ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ سان ڪيڏا وڏا ڪلور ٿيندا رهيا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 6861
  • 2762
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ ڳالهائي ٿي

8

قائداعظم جڏهن ڪراچيءَ کان روانو ٿي ويو، تڏهن صوبه سنڌ مسلم ليگ جي پرزيڊنٽ نئين بورڊ جي ميمبرن سان صلاح مصلحت ڪرڻ بعد اميدوارن کان درخواستون گهرايون ۽ اميدوارن جي چونڊ بابت سرشتو مقرر ڪيو. حقيقت ۾ نئون بورڊ انهيءَ بنياد تي ٺاهيو ويو هو ته پنهنجو ڪم غير جانبداريءَ سان بجا آڻيندو ۽ پارٽي بازيءَ جا سڀ خيال ترڪ ڪري ڇڏيندو. مگر قائداعظم جي رواني ٿي وڃڻ شرط نئين بورڊ ۾ آندل صاحبن پنهنجون پارٽيبازيون اڳي کان به وڌيڪ تيزيءَ سان شروع ڪري ڏنيون، جنهن بابت مختصر حقيقتون بيان ڪرڻ ڪافي ٿينديون.
مير غلام علي خان نئين بورڊ تي جڏهن مقرر ٿيو، تڏهن هن صاحب اهي سرگرميون هڪدم شروع ڪيون ۽ نئين اسيمبليءَ اندر پنهنجي طاقت وڌائڻ جي ارادي سان هن پنهنجا شخصي ماڻهو اسيمبليءَ ۾ چونڊائڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڏني. ٻي ڏينهن تي هو صاحب پير الاهي بخش جي جاءِ تي سر غلام حسين هدايت الله ۽ ٻين صاحبن سان گڏيو، جتي اميداورن جي چونڊ بابت هنن پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪري هڪ فيصلو ڪيو، جنهن موجب هنن شهمير خان ڪاڇيءَ کي صوبه سنڌ مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ خلاف اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ مدد ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيو. انهيءَ مجلس ۾ هالن جو مخدوم صاحب به هنن صاحبن سان شريڪ هو، جنهن کي وري اشارو ڪيائون ته پريزيڊنٽ جي تڪ ۾ جيڪي به مخدوم صاحب جا مريد آهن، تن کي مخدوم صاحب خط لکي موڪلي ته هو پريزيڊنٽ جي مخالف جي مدد ڪن. هيءَ حقيقت جناب قائداعظم کي اگسٽ واري مهيني ۾ اڃا جڏهن ڪراچيءَ ۾ هو، تڏهن پيش ڪئي ويئي هئي.
هنن صاحبن وڌيڪ اها تجويز ڪئي ته صوبائي ليگ جي ڪن مکيه ميمبرن جي برخلاف پنهنجا ماڻهو بيهارين، ڇاڪاڻ ته هو سندن هم خيال نه هئا. انهيءَ تجويز جي مدنظر هالن جي مخدوم صاحب، مير غلام علي خان ٽالپر، پير الاهي بخش ۽ خان بهادر کهڙي خط لکي روانا ڪيا ۽ اڃا نئين پارليامينٽري بورڊ پنهنجي ڪاروائي شروع ئي ڪا نه ڪئي هئي ته پنهنجي ماڻهن جي تائيد لاءِ اپاءَ ورتائون. هن سلسلي ۾ مير غلام علي خان ٽالپر خاص طرح سان نواب شاهه وڃي اتي سيد خير شاهه جي مخالف، جي فائدي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، جيتوڻيڪ سيد خير شاهه پاڻ به صوبائي مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ جو ميمبر هو.
خانبهادر محمد ايوب کهڙو وري سيٺ يوسف هارون کي پاڻ سان وٺي سنڌ جي گشت تي ويو، جتي هن عام جلسن ۾ سيٺ يوسف ۽ قاضي فضل الله جي حمايت ۾ تقريرون ڪيون ۽ سيٺ يوسف جي مدد لاءِ ماڻهن کي خط لکي موڪليا ۽ تارون ڪيون، حالانڪه اميدوارن جي چونڊ جو سوال اڃا صوبائي پارليامينٽري بورڊ خواهه مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي ويچار هيٺ آيو ئي ڪو نه هو.
مير غلام علي خان وري بلوچن جي جلسي ۾ عام اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ڪراچي شهر جي لياريءَ واري تڪ لاءِ ڪنهن بلوچ اميدوار کي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ نه ملي ته آءُ مسلم ليگ مان نڪري هليو ويندس.
مسٽر جي ايم سيد جي برخلاف جيڪو منصوبو رٿيو ويو هو، تنهن ۾ پير الاهي بخش به شامل رهيو. تنهن کان سواءِ ڀٽي پارٽي ۽ کهڙي پارٽيءَ جي وچ ۾ اختلافن وڌائڻ سان گڏ هن خانبهادر مولابخش سان به ساز باز رکي، شڪارپور تڪ ۾ لوڪلبورڊ جي وارڊن ۾ تبديل ڪرائي ته جيئن اسيمبلي اليڪشن ۾ خانبهادر مولابخش جي طاقت وڌيڪ مضبوط ٿئي.
اهڙيءَ طرح سر غلام حسين پنهنجي عهدي جي زور تي خان بهادر مولا بخش کي، سکر ضلعي ۾ اهي آفيسر بدلي ڪري رکي ڏنا، جن لاءِ خان بهادر پاڻ طلب ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح مير غلام علي خان ٽالپر جي مقصدن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پڻ مير صاحب کي سر غلام حسين مدد ڪئي ۽ نئين پارليامينٽري بورڊ مقرر ٿيڻ کان پوءِ به هن صاحب پنهنجي طريقه عمل ۾ تبديلي ڪانه آندي ۽ ساڳيءَ طرح پارٽيبازيءَ جي لحاظ سان مخفي ميٽنگن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو.
هنن چئن صاحبن جي انهن سرگرمين ڪري اميدوارن کي لازمي طور شبها پيدا ٿيا. جنهن ڪري ڪائونسل جي 25 ميمبرن مجبور ٿي، پهرين آڪٽوبر 1945ع تي لکيل درخواست پيش ڪري مطالبو ڪيو ته ڪائونسل جي فوري ميٽنگ سڏائي، مٿيون حقيقتون ان جي سامهون پيش ڪيون وڃن. ڪائونسل جي ايترن ميمبرن جي لکيل درخواست جي آڌار تي، جنهن ۾ سخت الزام رکيا ويا هئا، صوبائي پارليامينٽري بورڊ جي ميٽنگ صوبائي پريزيڊنٽ مهمل ڪئي. مگر ميٽنگ مهمل ٿي وڃڻ بعد هنن چئن صاحبن وري وڃي خانبهادر کهڙي جي بنگلي تي ويهي پنهنجي ميٽنگ هلائي ۽ جيڪي اصول اميدوارن جي چونڊ لاءِ اڳي منظور ڪيا ويا هئا، تن کي نظرانداز ڪري، ڪن پنهنجن ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنائون. جن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح ٽڪيٽ ڏني ويئي، تن مان ڪي صاحب ته مسلم ليگ جا ٻي آني وارا ميمبر به ڪين هئا. تنهن کان سواءِ انهن صاحبن هڪ گڏيل بيان صوبائي مسلم ليگ پريزيڊنٽ جي برخلاف اخبار ۾ پڻ شايع ڪرايو، جنهن ۾ هنن جي اها مراد رکيل هئي ته مسلم ليگ جي شان جي گهٽتائي ٿئي. 2 آڪٽوبر 1945ع جي ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ هيءُ بيان هن طرح سان شايع ٿيو :
“سر غلام حسين هدايت الله، خان بهادر غلام علي خان ٽالپر، پير الاهي بخش ۽ خان بهادر کهڙي هيءُ گڏيل بيان اخبار ۾ شايع ڪرايو آهي :
“اڄ جيڪو بيان جي ايم سيد شايع ڪيو آهي، سو پڙهي اسان کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. اهو بيان مسٽر جي ايم سيد انهن ماڻهن جي اشاري تي ڏنو آهي جيڪي کيس نڪ ۾ نوڙي وجهي هلائي رهيا آهن. مسٽر سيد انهيءَ ڪري ڪاوڙيو آهي جو ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ سندس دل گهرين، مان ڪن کي بورڊ جي گهڻن ميمبرن ٽڪيٽ ڏيڻ مناسب نه سمجهيو، ڇاڪاڻ ته هو انهيءَ ٽڪيٽ جي لائق نه هئا ۽ کين چونڊ ۾ ڪاميابيءَ جي اميد بلڪل ڪا نه آهي. اسان انهن اميدوارن جي چونڊ لاءِ زور رکي رهيا آهيون، جيڪي لائق آهن ۽ جن کي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي واجبي اميد آهي.
مسٽر جي ايم سيد جي ڇاڙتن جي مرضي هئي ته ڪنهن به طرح سان کين مسلم ليگ جي ٽڪيٽ ملي، مگر جڏهن ڏٺائون ته پارليامينٽري بورڊ جي ميمبرن مان گهڻا واجبي رخ اختيار ڪري رهيا آهن ۽ مسلم ليگ کي سيد ٽولي جي اوزار بنائڻ لاءِ تيار نه آهن، تڏهن هنن مسٽر سيد کان هيءَ غلط ۽ بي قاعدي رولنگ ڏياري. هي سڀ ڪجهه مسٽر راشديءَ جي اڳواٽ رٿيل منصوبي موجب ڪيو ويو آهي ۽ هي راشدي اهو آهي جو ليگ جي دشمنن جي اشاري تي مسلم ليگ جماعت اندر فتنو ۽ اختلاف پيدا ڪري رهيو آهي.”
هتي هيءَ ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته اميدوارن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ صوبائي پارليامينٽري بورڊ هيٺيان اصول مقرر ڪيا هئا :
(1) ڪاميابي جو وڌيڪ امڪان (2) مسلم ليگ سان وفاداري ۽ قومي خدمت (3) علمي لياقت (4) جيڪڏهن ٻيون ڳالهيون برابر هجن ته پوءِ جيڪو اميدوار اڳيئي اسيمبلي جو ميمبر هجي، تنهن کي تجيح ڏجي (5) مسلم ليگ جو ڇهه مهينا ميمبر ٿي رهڻ جو شرط، انهيءَ صورت ۾ نظرانداز ڪجي، جڏهن اميدوار ساري هندستان يا ساريءَ سنڌ ۾ مشهوريءَ وارو هجي ۽ سندس سامهون ڪنهن ٻئي اميدوار کي جملي ووٽن جو چوٿون حصو هٿ ڪرڻ جو امڪان به هجي.
وڌيڪ اهو اصول به تسليم ڪيو ويو هو ته جيتريقدر ٿي سگهي بورڊ سڀئي فيصلا يڪراءِ ڪري، مگر جيڪڏهن يڪراءِ فيصلو ٿي نه سگهي ته پوءِ اهو فيصلو بحال سمجهڻ گهرجي، جنهن ۾ بورڊ جي ميمبرن جي وڏي اڪثريت اهو فيصلو ڪري، مگر جيڪڏهن 3 ميمبر هڪ طرف ۽ 4 ميمبر ٻئي طرف ٿين ته پوءِ اهو سوال مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي حوالي ڇڏي ڏجي.
مگر صوبائي پارليامينٽري بورڊ جي پهرين ئي ٻن نشستن ۾ مٿي ذڪر ڪيل اصول نظر انداز ڪيا ويا جن جو مثال (1) خان بهادر غلام محمد اسراڻ (2) مسٽر نبي بخش ڀٽي ۽ (3) الهه ڏني شاهه راشديءَ بابت ٿيل فيصلن مان ملي ٿو.
صوبه ڪائونسل جي ميٽنگ 14 آڪٽوبر 1945ع تي ٿي، جنهن ۾ صوبائي پارليامينٽري بورڊ جي ڪن ميمبرن خلاف بي اعتماديءَ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. انهيءَ ٺهراءَ جي فائدي ۾ 25 ميمبرن ووٽ ڏنو ۽ فقط 5 ميمبرن خلاف ووٽ ڪيو ۽ صوبائي ڪائونسل طرفان هيٺ ڏيکاريل 5 ميمبر مقرر ڪيا ويا ته مرڪزي پارليامينٽري بورڊ کي اميدوارن جي چونڊ جي باري ۾ مشورو ڏين.
(1) مسٽر جي ايم سيد (2) سيد خير شاهه (3) آغا غلام نبي خان پٺاڻ (4) سيد محمد علي شاهه (5) مسٽر غلام مصطفى ڀرڳڙي.
انهيءَ کان ٿورو پوءِ جناب قائداعظم ڪراچيءَ ۾ تشريف فرما ٿيو ۽ جڏهن آءُ ساڻس مليس، تڏهن منهنجي رخ بابت ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي فرمايائين ته آءُ هن حالت کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان ۽ پاڻ هينئر هڪ ٻئي کان الوداع ڪرڻ تي پهچي چڪا آهيون. مون کيس صوبائي ڪائونسل جي رخ کان آگاهه ڪيو، جنهن تي وري ائين فرمايائين ته ڪائونسل کي اهڙيءَ طرح ڍورن وانگر هلڻ ڪو نه ڏبو. قائداعظم جي انهيءَ ارشاد تي آءُ ڪجهه وڌيڪ ڪو نه ڪڇي سگهيس.
ائين برابر آهي ته مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جا ميمبر صاحب ڪراچيءَ ۾ 12 ڏينهن تشريف فرما رهيا، مگر هنن مان اها اميدي هئي ته انهيءَ عرصي اندر هو صاحب صوبائي ڪائونسل جي مقرر ڪيل پنجن عيوضين سان مشورو ڪندا، اميدوار جا گذشته ڪارناما، لياقتون ۽ ڪاميابيءَ جي امڪان جاچڻ بعد پنهنجا فيصلا ڏيندا. مگر هنن صاحبن ائين بلڪل نه ڪيو. هنن صاحبن خاص طرح سان انهن ماڻهن سان صلاح مصلحت ڪئي، جن جي خلاف صوبائي ڪائونسل بي اعتماديءَ جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو ۽ انهن ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون، جن جو بيان ڪافي انداز ۾ مٿي اچي چڪو آهي. درحقيقت مرڪزي پارليامينٽري بورڊ وارن به اهي ئي فيصلا ڏنا آهن، جيڪي صوبائي پارليامينٽري بورڊ جي انهن چئن ميمبرن ڏيڻ گهريا ٿي، جيڪي بورڊ جي ڪاروائي مهمل ٿيڻ بعد خانگي جاءِ تي گڏ ٿي ٽڪيٽون ورهائڻ ويٺا هئا. آئون هيءَ حقيقت خاص طرح قابل ذڪر سمجهان ٿو ته مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جا ميمبر صاحب، اميدوارن جي چونڊ بابت سنڌ جي عام مسلمانن جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ مان هڪ قدم به ٻاهر ڪو نه نڪتا، نڪي وري ڪائونسل جي مقرر ٿيل پنجن عيوضين سان انهيءَ باري ۾ ڪا صلاح ڪيائون ۽ جيڪي سفارشون ڪائونسل طرفان انهن پنجن عيوضين، مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي ميمبرن کي لکي موڪليون، سي جيتوڻيڪ انهيءَ مراد سان ڏنيون ويون هيون ته سڀني ڌرين کي راضي ڪجي، تڏهن به نظر انداز ڪري ڇڏيائون ۽ خاص ڪري جيڪي سفارشون مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي دل پسند چئن صاحبن جي دل وٽان نه هيون، سي رد ڪري ڇڏيائون.
جڏهن مرڪزي پارليامينٽري بورڊ سڀئي فيصلا پنهنجي مرضيءَ موجب ڪري ڇڏيا، تڏهن مون کي قائداعظم جي خدمت ۾ سڏائي سوال ڪيو ويو ته جيڪي به فيصلا پارليامينٽري بورڊ ڪري ڇڏيا آهن. سي توهان تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيو؟ جيئن ته مون کي انهن فيصلن بابت ڪا به خبر ڪا نه هئي، تنهنڪري مون اهڙي وعدي ڏيڻ کان مجبوري ظاهر ڪئي ۽ ائين ڪرڻ لاءِ مون کي فقط صوبائي ڪائونسل جي اڪثريت جي راءِ جو سبب هو، جنهن جي ڪاميابيءَ جي جوابداري پاڻ تي هموار ڪرڻ لاءِ راضي نه آهيان. ان بعد مون کي بند ٿيل لفافو هٿ ۾ ڏنو ويو. جنهن ۾ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جا فيصلا داخل ڪيل هئا.
هيءُ آهي مختصر احوال انهن واقعن جو، جيڪي هينئر ٿي چڪا آهن. هاڻي سوال هيءُ آهي ته جيڪي فيصلا مرڪزي پارليامينٽري بورڊ ڪيا آهن، سي عام مسلمانن جي قابل قبول آهن ۽ جيڪڏهن اهي چونڊيل اميدوار ايندڙ اسيمبليءَ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي آيا ته سنڌ جون موجوده حالتون، جن جي خلاف سنڌ جا عام مسلمان هميشه نالان رهندا آيا آهن، تن کي سڌارڻ جي ڪا اميد ٿيندي؟ انهيءَ بابت آءُ چاهيان ٿو ته پهريائين سنڌ جي عام مسلمانن جو رايو معلوم ڪريان ۽ انهيءَ بعد جيڪو به رخ مون کي واجبي نظر ايندو، تنهن بابت ٿوري وقت ۾ وري پڌرائي ڪندس.”
(هي بيان جدا چوپڙيءَ جي صورت ۾ پاڪستان پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ ۾ به چپيو هو.)
هيءُ صرف جدا ٿيڻ ڪو نه هو، پر ان ۾ پوري مقابلي جو سامان سمايل هو. اهڙيءَ طرح صوبائي مسلم ليگ طرفان اميدوار بيهاري، اسان اليڪشن جي ڪم ۾ مشغول ٿي وياسون. ان وچ ۾ اسان ۽ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي وچ ۾ سمجهوتي جون گهڻيون ئي ڪوششون ٿيون. پنجاب مسلم ليگ جي ليڊرن به ڪوششون ڪيون، پر سڀ ناڪام ٿيون. مون کي سڄي هندستان مان تارون ۽ خط، دوستن، مسلم ليگ ورڪرن ۽ نوجوان ڪارڪنن طرفان پهتا، سڀني منهنجي اخلاص ۽ صداقت جي ساراهه ڪري، اهو تسليم ڪيو ٿي ته اسان حق تي آهيون ۽ هاءِ ڪمانڊ جي زيادتي آهي. پر آخر ۾ وري عرض ڪيل هو ته مسلم قوم جو مفاد خاطر آءُ بنا شرط جي هاءِ ڪمانڊ جي اڳيان پيش پوان.
نامينيشن پيپر ڀرائڻ کان اڳ، نوابزادي لياقت علي خان ۽ قاضي عيسى خان سنڌ اچي مون سان سمجهوتو ڪيو، پر جڏهن آءُ نامينيشن پيپر ڀرڻ لاءِ دادؤَ ويس ته اتي مون کي معلوم ٿيو ته هنن، باقي رهيل چئن ترقي پسند گروهه جي ميمبرن کي مرڪزي ليگ طرفان ڏنل ٽڪيٽون به رڪ ڪري ڇڏيون، ۽ ترقي پسند گروهه مان صرف منهنجي ئي هڪ ٽڪيٽ قائم رکيائون.
مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي هن قدم اسان جي جُدائيءَ کي مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ مون آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۽ ڪاميٽي آف ائڪشن جي ميمبرين تان استعيفا ڏني ۽ پنهنجي مليل ٽڪيٽ تان به هٿ کڻي، هڪ بيان 26 ڊسمبر 1945ع تي اخبارن کي جاري ڪيم، جنهن جو مڪمل متن هيٺ ڏجي ٿو :
“افسوس جو نيٺ ائين ئي ٿيو، جيئن اسان کي انديشو هو ۽ جن ماڻهن جي هٿ ۾ مسلم ليگ جون واڳون آهن، تن جي رجعت پسند ليڊريءَ بابت جيڪي به خطرا مون محسوس ٿي ڪيا، سي صحيح ثابت ٿيا. سنڌ اسيمبلي لاءِ جيڪي به اميدوار آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي پارليامينٽري بورڊ چونڊيا آهن، تن مان جيڪو به ترقي پسند عنصر هو، سو سمورو خارج ڪيو ويو آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ جن چئن اميدوارن کي ٽڪيٽون مليون هيون، سي چارئي پڻ ٽڪيٽ کان محروم ڪيا ويا آهن ـ حالانڪ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي چيئرمين نوابزادي لياقت علي خان وعدو ڪيو هو ته انهن چئن ڄڻن خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويندو. اها ڳالهه صاف معنى رکي ٿي ته آءُ انهيءَ وعدي ملڻ کان پوءِ 19 تاريخ تي جڏهن ڪراچي، مان روانو ٿي ويس، تنهن کان پوءِ مرڪز وارن پنهنجي ڏنل وعدي جي خلاف اهو قدم کنيو ۽ اهڙي پڌرائي 20 تاريخ جي شام جو ظاهر ڪئي.
جيتوڻيڪ مون کي ذاتي خبر هئي ۽ پورو يقين هو ته مرڪز طرفان جيڪي اميدوار سنڌ اسيمبليءَ لاءِ چونڊيا ويا آهن، سي سڀئي انهن ماڻهن جي مرضيءَ موجب چونڊيا ويا آهن، جيڪي مسلم ليگ کي پنهنجي ذاتي غرضن ۽ شخصي فائدن لاءِ استعمال ڪرڻ گهرن ٿا، تڏهن به مٿي ذڪر ڪيل وعدي جي آڌار تي انهن چونڊيل اميدوارن کي قبول ڪرڻ لاءِ راضي ٿيس. تنهن کان سواءِ مون کي اها به اميد هئي ته منهنجو اهو قدم مسلم ليگ اندر اتحاد قائم رکڻ جو سبب ٿيندو. مگر مرڪز وارن جيڪو فيصلو 20 تاريخ تي ظاهر ڪيو، تنهن تي مون کي نهايت عجب ۽ افسوس ٿيو، جو مون ڏٺو ته هنن مون کي ڌوڪو ڏيئي، هنن چئن ڄڻن جون ٽڪيٽون کسي، انهن جي عيوض اهڙن ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون، جن مان ڪي ته مسلم ليگ ۾ داخل به نه ٿيا آهن يا جن وٽان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ لاءِ درخواست به ڪانه آيل هئي! مرڪز وارن جو اهو فيصلو ڪيتري قدر غيرموزون آهي، تنهن جو اندازو هن هڪڙيءَ حقيقت مان ئي ڪري سگهجي ٿو، جو مسٽر محمد علي شاهه جهڙي لائق شخص جي خلاف مسلم ليگ ٽڪيٽ اهڙي ماڻهوءَ کي ڏني وئي آهي، جنهن کي بدمعاشيءَ جي قلم هيٺ اڳ به سزائون مليل آهن ۽ اڄ به مٿس بدمعاشيءَ جي قلم هيٺ ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي.
مرڪزن وارن سان منهنجا اختلاف وڌي ڪيئن هن منزل تي پهتا آهن، تنهن بابت پنهنجي مسلمان ڀائرن کي آءُ هن وقت آگاهه ڪرڻ مناسب ٿو ڄاڻان. سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته اڳي آءُ ڪانگريس ۾ هوندو هوس. مگر جيئن ته ڪانگريس جي آل انڊيا پاليسيءَ جي مدنظر سنڌ جي بهتريءَ ۽ بهبوديءَ کي وساري، ڪانگريس وارا سنڌ جي حڪومت ۽ ڪاروبار ۾ وري وري دست اندازي ڪندا رهيا ٿي، تنهنڪري ڪانگريس کي ڇڏي آءُ ۽ منهنجا دوست مسلم ليگ ۾ شامل ٿياسين ۽ ائين ڪرڻ سان اسان کي اها اميد هئي ته سنڌ جي عام مسلمانن کي سرمايه دارن ۽ عملدارن جي دست وبُرد کان بچائي، آزاد هندستان ۾ آزاد پاڪستان قائم ڪرڻ جو مقصد وڌيڪ آسانيءَ ۽ آزاديءَ سان حاصل ڪري سگهنداسين.
مسلم ليگ لاءِ اسان هر طرح سان جانفشاني ڪئي ۽ انهيءَ اعلى مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان هر ڪنهن قسم جي قرباني ڪئي ته جيئن سنڌ جي عام مسلمانن جي ڀلي جو ڪم ٿي سهگي، مگر اسان جي اها اميد اجائي ثابت ٿي. اسان ڏٺو ته مسلم ليگ جي نالي ۾ اسان کان عام مسلمانن جي بهتريءَ جي ڪم وٺڻ عيوض اسان کي مجبور ڪيو ويو ته مسلم سرمائيدارن ۽ وڏن لقبن وارن جو ۽ انگريزي عملدارن جي دادلن جو تسلط قائم رهي ۽ هندو سرمائيدارن ۽ رت چوسيندڙن کان ڇڏائي، عام غريب مسلمانن کي وري مسلم سرمائيدارن جي غلاميءَ ۾ ڦاسايو وڃي يعني ته جيتريقدر عام غريب مسلمان جو تعلق آهي، تن جي حالت ساڳي اڳئين وانگر ابتر رهي ۽ انهن غريبن جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ کي بلڪل وساري ڇڏجي اسان جي اختلاف جا مکيه سبب هي رهيا آهن :
(1) اسان کي وقت بوقت ائين حڪم ڏيڻ ۾ آيو آهي ته آل انڊيا وارن جي ڦرندڙگهرندڙ، مبهم ۽ غير واضح پاليسيءَ جي مدنظر سنڌ جي عام غريبن جي ڀلي کي وساري ويهي رهون. حالانڪه آل انڊيا مسلم ليگ جي پاليسي انهن مسلم ليڊرن جي هٿ ۾ ۽ اثر هيٺ آهي. جيڪي مسلم اقليت وارن پرڳڻن جا باشندا آهن. اسان جا اهي دوست دعوى اها ڪندا رهن ٿا ته اسان مسلمانن کي هندن جي غلاميءَ کان بچائڻ گهرون ٿا، مگر دراصل هو گهرن ٿا ته سنڌ جو پرڳڻو ۽ ٻيا مسلم اڪثريت وارا پرڳڻا، سندن اثر ۽ تسلط هيٺ رهن ۽ مرڪز جون واڳون پنهنجي وس رکڻ واسطي هو سنڌ ۾ نه فقط رجعت پسند طاقتن کي همٿائين ٿا، پر سنڌ جي عوام کي انهن طاقتن جو شڪار بنائڻ لاءِ هو پنهنجي حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺن ٿا.
(2) خرابيءَ ۽ رشوتخوريءَ جون طاقتون جن سنڌ ۾ باهه ٻاري ڇڏي آهي، انهن کان مسلم ليگ جماعت کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪوشش وٺڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي ۽ انهيءَ بدران پاڻ اهڙين خراب طاقتن کي سنڌ ۾ زور وٺائڻ جو ڪو به موقعو ڇڏيو نٿو وڃي ۽ عام غريب مسلمانن جي خدمت لاءِ جيڪي به اپاءَ ورتا وڃن ٿا تن کي بي تحاشا بي اثر ڪيو ٿو وڃي. انهن ڪوتاهين کان عام ماڻهن کي بيخبر رکڻ لاءِ فقط هندو قوم خلاف نفرت ۽ حقارت جا واڄٽ ٿا وڃن. انهيءَ پاليسيءَ سبب اسان عام مسلمانن جي خدمت کان محروم رهجي ويا آهيون ۽ جيئن ته فقط نوابن ۽ جاگيردارن ۽ ٻين اهڙين سرمائيدارن جي طاقت کي همٿايو پيو وڃي، حالانڪه اهڙن ماڻهن کي انگريزن جي مقابلي ڪرڻ جي نڪا همت آهي، نڪا اهليت آهي، تنهنڪري انگريزن کان پنهنجي وطن جي آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد کان به اسان کي روڪيو ٿو وڃي ۽ ٻئي طرف مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي اختلافن ۾ هر روز اضافو ٿيندو ٿو رهي. جنهنڪري نه فقط پاڪستان ۽ هندستان جي آزاديءَ ۾ رڪاوٽ رهندي ٿي اچي، مگر مشرق جا ٻيا ملڪ پڻ جيڪي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. تن جي آزاديءَ ۾ پڻ مشڪلاتون قائم رهنديون ٿيو اچن.
(3) جيڪي اسان ۾ دولتمند ۽ سرمائيدار آهن، تن جي طاقت کي قائم رکڻ لاءِ مرڪز وارا وڌيڪ ائين چاهين ٿا ته صوبائي اسيمبلين اندر اهڙا مردار ماڻهو چونڊجي اچن، جيئن هندستان جي آئيندي حڪومت جو دستور العمل ٺاهڻ واريءَ مجلس ۾ اهڙا جاهل، اڻ پڙهيل، خود غرض ۽ غريبن جو رت چوسڻ وارا ماڻهو چونڊجي وڃن ته پاڪستان قائم ڪرڻ کان پوءِ به انهن سرمائيدارن ۽ ستمڪارن جي طاقت محفوظ رهي. يعني صوبائي اسيمبلين لاءِ مرڪز طرفان اهڙي قسم جا اميدوار بيهاريا ويا آهن، جن جي فطرت خواهه دماغ ۾ سندن ذاتي فائدي کان سواءِ خدا جي خلق جي خوشنودي خواهه سياسي شعور جهڙي ڳالهه سمائجي نٿي سگهي. مسلمانن جي جمهوري اتحاد جي نالي ۾ اسان کان اها تقاضا ڪئي ٿي وڃي ته سرمائيدارن جي طاقت کي قائم رکڻ لاءِ سڀ ڪجهه درگزر ڪري ڇڏيون! جڏهن اسان مان ڪو به ماڻهو کانئن اهو سوال ٿو ڪري ته فقط خان بهادر ۽ نواب بهادرن سردارن ۽ سرمائيدارن جي فائدي لاءِ اسان کي پاڪستان حاصل ڪرڻو آهي ڇا؟ تڏهن اسان کي ڌمڪائي حڪم ڏنو ٿو وڃي ته جيستائين پاڪستان حاصل ٿي وڃي، تيستائين اهڙا ڏکيا سوال اسان کان نه پڇو اهڙي طرح جيڪڏهن سوال اٿارجي ٿو ته پاڪستان جي حڪومت ۾ ڪهڙن ماڻهن جو ڀلو ٿيندو ته اسان کي خاموش رهڻ لاءِ چيو ۽، اسلام جي دشمن سڏيو ٿو وڃي مسلم ليگ جا سرمائيدار ليڊر تمام چالاڪ ماڻهو آهن، جن کي ايمانداريءَ ۽ صداقت جو قطرو ڪونهي. جيڪڏهن سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ سنڌ جي نادار ۽ بدحال هارين جي حق لاءِ آواز اٿاري ته خود انهيءَ کي به قاعده شڪني ۾ آڻي نظر بند ڪري ڇڏڻ کان سنڌ جي مسلم ليگ جا معتبر عهديدار عار نٿا ڪن جيڪڏهن سندن مخالفن کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪو به بڇڙي ۾ بڇڙو ظالمانه طريقو هنن کي خيال ۾ اچي ٿو ته اهڙي طريقي کان ڪم وٺڻ ۾ کين ڪو به حياءُ ڪو نه ٿو ٿئي ۽ پوءِ به مرڪز طرفان اسان کي حڪم ملندو ٿو رهي ته اهڙن ماڻهن ۾ ڀروسو رکي، سندن طاقت وڌائڻ ۾ مدد ڪندا رهون. درحقيقت آل انڊيا مسلم ليگ کان ڇڄي ڌار ٿيڻ جو سبب گهڻي وقت کان پيدا ٿيل هو، مگر سنڌ اندر اسان هميشه اها ڪوشش پئي ڪئي ته ڪو عزت ۽ شان ڀريو ٺاهه وارو سمجهوتو پيدا ٿي پوي، مگر مون کي افسوس آهي جو هينئر مون لاءِ ثابت ٿي چڪو آهي ته جنهن اتحاد جا واسطا اسان کي وڌا ويندا هئا، تنهن اتحاد کان هو ڇرڪن ٿا. هينئر ظاهر ٿي چڪو آهي ته جڏهن نوابزادي لياقت علي خان ۽ قاضي عيسى مون سان، زبان سان واعدو ٿي ڪيو، تڏهن کين دل ۾ ڪا ٻي ڳالهه هئي، ڇاڪاڻ ته هنن مسلم ليگ جا سڀ قانون ۽ قواعد، اصول ۽ مقاصد بلڪل وساري سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ کي نظر انداز ڪري پنهنجا ڪم ڪاريون سندن ڇاڙتن جي سپرد ڪري ڇڏيا آهن ۽ اها روش مون جهڙي خادم سان اختيار ڪئي اٿن، جنهن ڪيترا دفعا سنڌ جي عام مسلمانن جي طعني ۽ تنبيهه کي سر تي وسائي، آل انڊيا مسلم ليگ وارن جو شان برقرار رکيو آهي. اهڙين حالتن هيٺ مون کي گهڻي ڏک سان هيٺ ڏيکاريل طرح قدم کڻڻ جو فيصلو ڪرڻو پيو آهي :
(1) جيڪا ٽڪيٽ سنڌ اسيمبليءَ لاءِ مرڪز طرفان مون کي عنايت ٿي آهي، سا آءُ واپس ٿو ڪريان ته منهنجي مخالفن کي ڀلي جيئن وڻي تيئن انهيءَ ٽڪيٽ مان فائدو وٺن. حقيقت اها آهي ته انهن يارن اڳيئي منهنجي خلاف ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڇاڙتا بڇي ڇڏيا آهن ۽ انهيءَ ڪري منهنجي مرضي نه آهي ته سندن انهيءَ ڪارروائيءَ ۾ ڪا به رنڊڪ يا رڪاوٽ باقي رهي.
(2) آءُ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۽ ائڪشن ڪاميٽيءَ تان استعيفا ٿو ڏيان.
(3) جيستائين آل انڊيا مسلم ليگ تي موجوده قسم جا رجعت پسند ليڊر برسر اقتدار رهندا، تيستائين سنڌ صوبه مسلم ليگ خود مختيار ۽ آزاد جماعت ٿي ڪم ڪندي رهندي.
(4) مرڪزي پارليامينٽري بورڊ طرفان جيڪي به ٽڪيٽون سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن لاءِ ڏينو ويون آهن، تن کي سنڌ صوبه مسلم ليگ طرفان قائم رکڻ يا ڦيرائڻ يا رد ڪرڻ يا واپس وٺڻ يا انهن جي عيوض ٻيون ٽڪيٽون ڏيڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا.

مٿي ظاهر ڪيل فيصلي موجب مون اڄ آل انڊيا مسلم ليگ ڏانهن خط لکي موڪليا آهن ته آءُ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۽ ائڪشن ڪاميٽيءَ جي ميمبريءَ تان استعيفا ڏيان ٿو ۽ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ وارن جيڪا ٽڪيٽ مون کي سنڌ اسيمبليءَ لاءِ ڏني آهي، اها واپس ڪريان ٿو.
سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن لاءِ آءُ اعلان ٿو ڪريان ته هيٺ ڏيکاريل تڪن مان سنڌ صوبه مسلم ليگ طرفان هيٺ ڏيکاريل اميدوار بيهاريا ويا آهن :
نالو تڪ جو نالو سنڌ صوبه مسلم ليگ طرفان مقرر ڪيل اميدوار جو
(1) نواب شاهه آنريبل سيد محمد علي شاهه.
(2) نواب شاهه اولهه سيد حسن بخش شاهه.
(3) نواب شاهه اوڀر سيد خير شاهه.
(4) نواب شاهه اتر اولهه پير قربان علي شاهه.
(5) حيدرآباد اتر پير بقادار شاهه.
(6) حيدرآباد ڏکڻ پير عالي شاهه.
(7) حيدرآباد اوڀر مخدوم پير غلام نبي.
(8) ٿرپارڪر اولهه مسٽر غلام مصطفى ڀرڳڙي.
(9) ٿرپارڪر اتر سيد غلام حيدر شاهه.
(10) دادو ڏکڻ جي . ايم . سيد.
(11) ڪراچي اوڀر پير غلام حيدر شاهه.
(12) سنڌ زميندار ۽ جاگيردار مسٽر غلام رسول ڀرڳڙي.
وڌيڪ نالا پڻ عنقريب ظاهر ڪيا ويندا.
مرڪزي مسلم ليگ جي موجوده پاليسيءَ ۽ طريقي کان مجبور ٿي، سنڌ صوبه مسلم ليگ کي الڳ ڪرڻ لاءِ هيءُ فيصلو جيڪو مون ڪيو آهي، تنهن جيڪو ڏک ۽ درد مون کي پهچايو آهي، سو آءُ پنهنجي عام مسلمان ڀائرن کان هرگز لڪائي نٿو سگهان. مرڪز وارن جي روش سنڌ صوبه مسلم ليگ سان خواهه ٻين مسلم اڪثريت وارن پرڳڻن سان گهڻو ڪري ساڳي رهي آهي. جنهن موجب هو سرمائيدارن تي پنهنجي عنايت جي نظر رکي، بي زبان عام غريب مسلمانن تي کين سوار رهڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ وڏن لقبن ۽ ملڪيتن، زمينن جي مالڪن، عهدن ۽ وزارتن جي شائقن، خود غرضن ۽ غريبن جي رت چوسڻ ۽ انهن تي ظلم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. آءُ بخوبي ڄاڻان ٿو انهن جي طاقت بلڪل زبردست طاقت آهي. مگر جيتريقدر مون کي طاقت آهي، اوتري قدر آءُ انهيءَ پاليسيءَ جي پردي ۾ جيڪي آهن، تن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، پوءِ ڀلي مون کي انهيءَ لاءَ ڪيتري به قرباني ڪرڻي پوي. مون کي يقين آهي ته هن نيڪ ڪم ۾ عام غريب مسلمانن جي همدردي ۽ دلي دعا مون سان مددگار رهندي. جنهنڪري مون کي پورو ويساهه آهي ته خدا تعالى مون کي نيٺ ڪاميابي عطا فرمائيندو. جيتوڻيڪ ممڪن آهي ته وچ ۾ مون کي ڪيتريون مشڪلاتون ۽ رنڊڪون درپيش اچن. جيئن ته هيءُ قدم، جيڪو مون کنيو آهي، سو آءُ ايمانداريءَ سان صحيح ۽ حق تي سمجهان ٿو، تنهنڪري مون کي اها به تسلي آهي ته الله تعالى هميشه حق جي حمايت ڪندو آهي ۽ مون کي به سندس حمايت حاصل ٿيندي. آمين”.
مورخه 26 ڊسمبر 1945ع
منهنجي ان بيان کان پوءِ مسلم ليگ هاءِ ڪمان جي طرفان ظاهر ڪيو ويو ته منهنجي برخلاف انتظامي قدم کڻي، مون کي مسلم ليگ مان خارج ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت مسلم ليگ هائي ڪمانڊ جيڪي انتهائي جابرانه طريقا اختيار ڪيا، تن جو اسان کي اڳ تجربو نه هو. هنن غنڊن جو هڪ ٽولو موڪلي، صوبائي مسلم ليگ جي آفيس تي زوريءَ قبضو ڪرڻ گهريو. پر اسان موٽ ۾ ساڳيو طريقو اختيار نه ڪيو، ڇو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ فسادن ڪرائڻ لاءِ تيار نه هئاسون. سندن اهڙن قدمن مان خبر پئي ٿي ته نوابن، جاگيردارن ۽ لقب بردارن جي ڪشتيءَ کي ترقي پسند سوچ رکندڙن مان ڪيڏو نه خطرو محسوس ٿي رهيو هو. پر اسان ڪو به غير جمهوري طريقو اختيار نه ڪيو. بلڪه شرافت سان صرف عوام کي بيدار ڪري حق ۽ ناحق کي سڃارائڻ جو رستو اختيار ڪيو، ڇو ته اسان جو سنڌي عوام (هارين ۽ مزدورن) جي پنهنجي مفاد لاءِ آخر بيدار ٿي مقابلي ڪرڻ ۾ ڪامل ايمان هو. اسان کي يقين هو ته عوام عارضي طرح ٺڳجي يا گمراهه ٿي سگهي ٿو، کين هيسائي به سگهجي ٿو، پر ڪڏهن نه ڪڏهن ستل شير ننڊ مان ضرور جاڳندو.
اسان چونڊ ۾ (جيڪي 21 جنوري 1946ع تي ٿيون) مسلم ليگ جي ٿاڦيل اميدوارن سان سڌي مقابلي ۾ 16 اميدوار بيهاريا. رجعت پسندن اسان جي خلاف مذهب جي نالي کي گهڻو استعمال ڪيو ۽ ائين ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن جي ايم سيد ۽ ان جا ساٿي ڪامياب ٿيا ته اسلام کي شڪست اچي ويندي. شهرن مان ڀاڙي تي مبلغ ڳوٺن ۾ ڪاهي پيا ۽ اسان کي اسلام جو دشمن ۽ هندن جو ڇاڙتو سڏيو ويو. اسان به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مسلم ليگ وزارت ۽ سندن حامين جا ڪارناما پڌرا ڪيا. مخالف ڌر سنڌ جي تعليم يافته مسلم طبقي کي اخبارن رستي غلط پروپيگنڊا ذريعي ڪافي گمراهه ڪيو. اهڙيءَ طرح مذهب جي استعمال، پيسي، اثر رسوخ ۽ غلط طريقن جي استعمال سبب اسان جا صرف چار اميدوار ڪامياب ٿي سگهيا ۽ حاجي مولابخش سومري جي آزاد گروپ جا 3 ميمبر چونڊيا. ٻنهي ڌرين جي اتحاد بعد مون کي ليڊر ۽ حاجي مولابخش کي ڊپٽي ليڊر چونڊيو ويو. چونڊن جي پوزيشن هن ريت هئي:
مسلم ليگ 27، ڪانگريس 21، اسان ۽ آزاد گروپ 7، مزدور ليڊر 1
اسان ڪانگريس ۽ مزدور ميمبر کي پاڻ سان ملائي ڪوليشن ٺاهي، ان ريت اسان جملي 29 ميمبر ٿيا سون ۽ گڏجي حڪومت ٺاهي سگهياسون ٿي. پر سنڌ جي ڀلي خاطر اسان مناسب سمجهيو ٿي ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ سمجهوتي سان ڪارائتي ۽ مضبوط وزارت ٺهي سگهندي. ان لاءِ هر ممڪن مدد لاءِ تيار هئاسون. مسلم ليگ جي ٿاڦيل صدر محمد هاشم گزدر، پهرين اسان جي گروهه ۽ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي وچ ۾ حڪومت ٺاهڻ نسبت سمجهوتي جي ڪوشش ڪئي، بعد ۾ ابوالڪلام آزاد ۽ سردار پٽيل سان، سندن سنڌ آمد جي موقعي تي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ سمجهوتي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ارادي سان ته سنڌ اندر فرقيوار مسئلي جو خاطر خواهه حل نڪري اچي. اسان به ان سلسلي ۾ هر ممڪن مدد ۽ سهڪار جو يقين ڏيکاريو، جنهن جو ثبوت مسٽر گزدر جي اسيمبليءَ اندر ڪيل تقريرن مان ملي سگهندو. اسان مسلم ليگ، ڪانگريس سمجهوتي ٿيڻ جي صورت ۾ وزارت کان ٻاهر رهڻ لاءِ تيار هئاسون، پر سر غلام حسين ان لاءِ ذهني طرح تيار نه هو. کيس مسلمان قوم جو نام نهاد اتحاد جي نالي ۾ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي مدد ۽ تعاون حاصل هو. هن ڪرائي جي مبلغن ذريعي نه رڳو اسان جي خلاف اسلام دشمنيءَ وغيره جا لقب ڏيارائي ـ پروپيگنڊا ڪرائي، پر مسلم ليگ جي ٿاڦيل پريزيڊنٽ کي به نه بخشيو ۽ ان کي غنڊا موڪلي ڌمڪايو.
اسان ڪانگريس سان ڪوئليشن جي حيثيت ۾، مسلم ليگ کان اڪثريت ۾ هئاسون وزارت ٺاهي سگهياسون ٿي. سنڌ جي نئين گورنر سر فرانسز موڊي مون کي گهرايو. مون سندس آڏو اسيمبليءَ ۾ پارٽين جي سچي تصوير پيش ڪئي، پر هن مون کي مسلم ليگ ۾ داخل ٿيل لاءِ چيو. سندس راءِ هئي ته اسان ليگ کان ٻاهر رهي، مسلمانن جي اتحاد کي نقصان پئي پهچايو. مون کي انگريز گورنر جي اهڙيءَ گفتگوءَ تي حيرت ۽ عجب لڳو ته هن پنهنجي فرض ادائيءَ بدران مسلم ليگ جو سرپرست بنجي، مون کي منٿ پي ڪئي. منهنجي انڪار بعد، اسان جي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن گورنر باوجود اقليت ۾ هجڻ جي سر غلام حسين کي گهرائي، يورپين ميمبرن جي مدد ڏياري، مسلم ليگ جي وزارت ٺهرائي. اتي اسان لاءِ اها ڳالهه سمجهڻ مشڪل نه هئي ته خود جناح صاحب ڇو ترقي پسند گروهه تي هن (ابن الوقت) گروهه کي ترجيح ڏئي رهيو هو.
اسان اسيمبليءَ ۾ بجيٽ سيشن وقت وزارت خلاف بي اعتباريءَ (عدم اعتماد) جي ووٽ جو نوٽيس ڏنو. ان تي ليگ وارن هڪ نئون طريقو اختيار ڪيو، جو اسيمبليءَ هلندي قاضي مجتبى (جيڪو ڪميونسٽ مشهور هو، پر هن وقت هارون خاندان جي اثر سبب مسلم ليگ جي دامن ۾ اچي لڪو هو) کي منهنجي دروازي تي مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال تي ويهاريو ويو. ان کان سواءِ عيدگاهه ميدان (ڪراچيءَ) ۾ هر رات اسان جي خلاف ماڻهن کي اشتعال ڏياريندڙ تقريرون ڪرائي نفرت ڦهلائي پئي وئي.
جڏهن اسيمبليءَ جو سيشن، بجيٽ پاس ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو، تڏهن اسان جي پارٽيءَ وزارت خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪئي. اسيمبليءَ ۾ بحث هلندي، مون پنهنجي پارٽي پوزيشن جي صفائيءَ لاءِ هيٺين تقرير ڪئي :
“ هن ڳالهه کان ڪو به انڪار ڪري نه سگهندو ته مون پاڻ کي مسلم ليگ مان پئي شمار ڪيو آهي. درحقيقت سنڌ ۾ مسلم ليگ کي زور وٺائڻ ۾ منهنجو گهڻو حصو آهي. جيڪڏهن مون کي مجبور ڪري هن حالت ۾ آندو ويو آهي ته اها جوابداري انهن جي ڪلهن تي آهي، جن گذشته اليڪشن ۾ ترقي پسند گروهه کي مسلم ليگ مان خارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن منهنجي ترقي پسند گروهه جي ميمبرن کي هڪ هڪ ڪري خارج ڪيو ويو، تڏهن مون احتجاج طور مسلم ليگ ٽڪيٽ ڇڏي ڏني ۽ اهو منهنجو قدم ناقابلِ معافي گناهه سمجهي، مون کي مسلم ليگ مان خارج ڪيو ويو.
اليڪشن دوران اسان جي خلاف هر قسم جي غلط پروپيگنڊا ڪئي وئي. اسان کي اسلام ۽ مسلم قوم جو دشمن سڏيو ويو ۽ چيو ويو ته اسان پاڻ کي هندن وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي. پر باوجود ان جي چونڊن پوري ٿيڻ کان پوءِ اسان هر ان شخص کي، جنهن اسان کي بدنام ڪيو هو يا نقصان پهچايو هو، معاف ڪرڻ ۽ اڳيون ڳالهيون وسارڻ لاءِ تيار هئاسون. پر اسان کي چيو ويو ته بناشرط شروط جي پيش پئو، ڄڻ ته اسان کان وڏو گناهه سرزد ٿيو هو ـ ۽ جن اسان کي مجبور ڪري مسلم ليگ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اسان جي برخلاف هرڪا مخالفت ڪئي، سي پاڪ ۽ صاف هئا.
تنهن هوندي به اسان جڏهن ڏٺو ته اسان جي گروهه ۾ صرف چار ميمبر آهن، تڏهن مون هڪ بيان رستي مکيه پارٽين ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کي پاڻ ۾ ملي، ايماندار ۽ سنڌ جي ڀلي لاءِ دلچسپي رکندڙ وزارت ٺاهڻ جي اپيل ڪئي ۽ ان ڪم ۾ کين مدد ڪرڻ جو وعدو ڪيم. پر آفيشل مسلم ليگ، ڪانگريس ۽ اسان مان ڪنهن سان وزارت ٺاهڻ واسطي ڪا به پچار ڪا نه ڪئي. مسلم ليگ پارٽيءَ جي انهيءَ رويي ڪري اسان لاءِ ٻيو ڪو به طريقو ڪو نه بچيو، سواءِ هن جي ته باقي پارٽيون پاڻ ۾ ٺاهه ڪري آئين کي سسپينڊ ٿيڻ کان بچائين. ڪوئليشن پارٽي ٺاهڻ وقت مون بيان ڪڍي صاف ظاهر ڪيو هو ته آءُ مسلم ليگ جي بنيادي اصولن جو مڃيندڙ آهيان ۽ انهيءَ وقت جيڪي چيو هوم، ان تي اڄ به قائم آهيان. آنريبل مسٽر گزدر تڏهن ڪوشش ڪئي، جڏهن ڪوئليشن پارٽي منهنجي ليڊريءَ هيٺ اڳ ۾ ٺهي چڪي هئي. انهيءَ وقت صرف آل پارٽي وزارت ٺهي سگهي ها، جنهن جو ليڊر اتفاق راءِ يا ڪثرت راءِ سان چونڊجي ها. پر مسلم ليگ وارن ڪا به تجويز قبول نه ڪئي، جنهن جا سبب کين معلوم به هوندا. ان کان پوءِ موجوده وزارت ٺهي ۽ باوجود ان جي، جو اسيمبلي ميمبرن جي يورپين ميمبرن کان سواءِ گهڻائي مون سان هئي ۽ هن وقت به آهي.
اهو صحيح آهي ته وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ سر غلام حسين رڳو ڪانگريس پارٽيءَ کي دعوت ڏني ته کيس ٻه هندو وزير چونڊي ڏئي وزارت ۾ شامل ٿئي، پر هڪ جهونو ۽ تجربيڪار سياستدان هجڻ جي صورت ۾ کيس معلوم هئڻ گهربو هو ته جڏهن ڪانگريس اسان جي گروپ ۽ قومپرست مسلم گروپ (حاجي مولابخش سومري وارن) سان ڪوئليشن ڪري چڪي هئي ته ان حالت ۾ ائين ڪري نه ٿي سگهيا. اسان يا ڪانگريس پارٽي مسلم ليگ وزارت کي موجوده صورت ۾ مدد ڪري نه ٿا سگهون، جيستائين ان کي بدلائي سڀني جي رضامندي موجب نه ٺاهيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ آءُ “هائوس” کي تازي خبر ٻڌائڻ گهران ٿو، جا مون کي دير سان پهتل آهي.
جڏهن بي اعتماديءَ جو ٺهراءُ پهرئين ڏينهن پيش ٿيو هو ته ڪن وزارت ڌر جي ميمبرن ۽ هڪ يورپين ميمبر اسان جي پارٽيءَ کي اپيل ڪئي هئي ته صوبي جي ڀلائيءَ خاطر اسان کي ڪنهن ٺاهه تي اچڻ گهرجي. ان ڳالهه کي مدنظر رکي پارٽيءَ جي صلاح سان آءُ سر غلام حسين مسلم ليگ پارٽيءَ جي ليڊر ۽ خانبهادر کهڙي مسلم ليگ پارٽيءَ جي ڊپٽي ليڊر، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ کي هڪ تار ڪئي ته صوبي ۽ مسلم قوم جي مفاد خاطر مون (جي ايم سيد) تان ۽ منهنجي گروپ جي ميمبرن تان مسلم ليگ ۾ داخل ٿيڻ جي بندش لاٿي وڃي. مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ وٽان جيڪا تار هنن کي جواب ۾ پهتي آهي، تنهن مان مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي ذليل ذهنيت جو پتو پئجي سگهي ٿو، ڇا انهيءَ ذهنيت سان هو مسلمانن ۾ اتحاد آڻي سگهندا؟
هو ڪانگريس يا مها سڀا ( جي پاڪستان جي کُليو کُلايو برخلاف آهن) سان ڪوئليشن ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر اسان جي خيالن ۽ اخلاق وارن ماڻهن سان، جي سندن خونِ جگر آهيون، اتحاد ڪرڻ جي برخلاف آهن، جي مون کي مڪاني ليگ وارن کان مليون آهن :
1 ـ تار جناح صاحب کان، سنڌ پريمئر جي نالي :
“ تنهنجي تار پهتي، منهنجي نظر ۾ سيد ۽ ٻين تان بندش لاهي نه ٿي سگهجي. هنن کي معافي وٺڻ گهرجي ۽ بنا شرط شروط جي پش پوڻ گهرجي. ڪو به شرط يا گفتگو سيد سان ڪري نه ٿي سگهجي، جيستائين هو دشمنن جي ڪئمپ ۾ آهي”. ـ “جناح”
2 ـ تار نوابزادو لياقت علي خان کان مسٽر غلام حسين ڏي :
تنهنجي ۽ کهڙي جي گڏيل تار پهتي. سيد کي ضرور بنا شرط شروط جي پيش پوڻ گهرجي ۽ هن کي ليگ جي ضابطي ۽ فيصلي جي انحرافي ڪرڻ بابت معافي وٺڻ گهرجي ۽ مستقبل ۾ وفاداريءَ جو انجام ڪرڻ گهرجي، تنهن کان پوءِ سندس بندش لاهڻ جي سوال تي غور ڪيو ويندو. ـ لياقت علي
هي آهي رويو، جنهن سان مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ وارا مسلمانن ۾ اتحاد آڻڻ جا خواهان آهن ۽ اسان مان اميد رکي ٿي وڃي ته مسلم ليگ وزارت جي مدد ڪريون. ليگ پارٽيءَ جون اخبارون مون کي يا منهنجي گروپ کي بدنام ڪرڻ لاءِ جيڪي وڻين سو ڪن، پر پبلڪ (عوام) کي معلوم هجڻ گهرجي ته مون کي يا منهنجي گروپ مان ڪنهن کي به عهدي حاصل ڪرڻ جي خواهش نه آهي.
آءُ صرف ايترو پڇڻ ٿو گهران ته سنڌ ۾ ملڪ جي ڀلي لاءِ بي رشوت وزارت ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ڏوهه آهي ڇا؟
آءُ طاقت هٿ ڪرڻ جي پٺيان نه آهيان، منهنجو، ماضيءَ جو رڪارڊ ان لاءِ شاهد آهي. پبلڪ کي وڌيڪ تسلي ڏيڻ جي ضرورت نه آهي. اسان مخالفت نه ڪنداسون، جيڪڏهن مسلم ليگ پاڻ مان ئي هن وزارت کي بدلائي، عوام جي ڀلي لاءِ ڪا سٺي وزارت ٺاهي، مسلم ليگ جي اصولن ۾ اعتقاد رکڻ جي معنى اها نه آهي ته مسلم ليگ جي نالي ۾ هر ڪا ڳالهه قبول ڪجي، پوءِ کڻي اها ملڪ لاءِ نقصان واري هجي. آءُ سرڪاري عملي مان رشوت ۽ رسائي ڪڍي، بدامني دور ڪرڻ، فرقيوار اتحاد پيدا ڪرڻ ۽ عوام جي اقتصادي ۽ تعليمي ترقيءَ جي فائدي ۾ آهيان.
ٺهلي جماعت جي نالي کان مون کي اهي ڳالهيون وڌيڪ پياريون آهن. منهنجي، مسلم ليگ مان ڪڍڻ، بدناميءَ ۽ سختيءَ جي طريقن سان مون کي منهنجي اختيار ڪيل رستي کان هٽائي نه ٿو سگهجي.
منهنجو ضمير صاف آهي، آءُ ڪڏهن به سنڌ ۽ ان جي عوام جي خدمت ڪرڻ کان نه گسندس. آءُ مسلم ليگ مان خوشيءَ سان ڪونه نڪتو آهيان، مون کي مسلم ليگ مان زبردستيءَ خارج ڪيو ويو آهي.
آءُ اهو چوڻ کان رهي نه ٿو سگهان، ته ڪو به ايماندار، خودار ۽ بااصول ماڻهو حق جي رستي کان زبردستيءَ ۽ دڙڪن سان ڦيرائي نه ٿو سگهجي.
جيڪڏهن مسلم ليگي، جيڪي چون ٿا، ان ۾ سچا آهن ۽ اگر کين جماعت جي عزت ۽ احترام آهي (جنهن لاءِ مون به گهڻو پتوڙيو آهي ۽ اڃا تائين احترام اٿم ـ) ته انهن کي يڪدم وزارت ۾ تبديلي آڻي ـ نااهل ۽ بي ايمان وزير ڪڍي، ايماندار ماڻهن جي وزارت ٺاهڻ گهرجي. پوءِ منهنجو ساڻن جهڳڙو نه رهندو، پر جيڪڏهن هو عهدن جي لالچ خاطر مسلم ليگ ۾ آيا آهن ته پوءِ ڀلي ان کي چنبڙيا پيا هجن ۽ جيترو وقت رهي سگهن، اوترو رهن اهڙيءَ حالت ۾ هو مون کان مدد جي ڪا به اميد رکي نه ٿا سگهن، انهن حالتن هيٺ منهنجي لاءِ ڪو به رستو ڪونهي، سواءِ ان جي ته هن وزارت برخلاف پيش ڪيل بي اعتماديءَ جي ووٽ جي تائيد ڪريان.”
بي اعتماديءَ جو ٺهراءُ ڪامياب نه ٿيو. وزارت جي طرف، يورپين ميمبرن جي ووٽن سميت 30 ووٽ ٿيا ۽ اسان جي طرف 29 ٿيا. پر سيشن جي پوري ٿيڻ کان ٿورو اڳ ميربنده علي خان ٽالپر مسلم ليگ وزارت جي خلاف بيان ڪڍي، ٻئي ڏينهن وزارت جي خلاف ڪُتر جي رٿ تي ووٽ ڪيو. اهڙيءَ طرح مير غلام عليءَ جي ووٽ تي غلام حسين جي وزارت کي شڪست آئي، پر گورنر سر غلام حسين کان استعيفا وٺڻ بدران مير بنده علي ٽالپر کي پنهنجو سيڪريٽري موڪلي، کيس گهرائي، وزير بنائي حال وزارت کي ڊهڻ کان بچائي ورتو. اهڙيءَ ريت هڪ طرف اسان سان مسلم ليگ هائي ڪمانڊ جا رويا اصولي مخالفت وقت ڪهڙا هئا ته ٻي طرف مسلم ليگ جي خلاف بيان ڏيندڙ ۽ ڦرڻن گهرڻن ماڻهن کي وزارت جا انعام ڏنا ٿي ويا. شايد مسلم ليگ ليڊرن جي دستور موجب سزا ۽ ضبطي جي پابندي رڳو اصول پرست ۽ ترقي پسندن لاءِ هئي، پر سندن هم جنس رجعت پسند هر پُڇاڻي کان آجا هئا ۽ کين هر ڪُڌي فعل ڪرڻ جي اجازت هئي.
انهيءَ وقت (24 مارچ 1946ع ڌاري) برٽش سرڪار جي “ڪئبينٽ مشن” هندستان (دهليءَ) پهتي. هيءَ مشن ان لاءِ آئي هئي ته هندستان کي آزادي ڪهڙيءَ ريت ڏجي. ان لاءِ گڏيل سمجهوتي سان عارضي انتظامن جو بندوبست ڪرڻو هو. مون کي پڻ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪانگريس ـ ڪوئليشن پارٽيءَ جي مخالف ليڊر جي حيثيت ۾ دهليءَ گهرايو ويو. 2 اپريل 1946ع تي مون ڪئبينٽ مشن اڳيان پنهنجي گروپ جو آل انڊيا سوالن تي نقطه نگاهه پيش ڪيو. اسان هر هڪ رياست لاءِ حق خوداردي ۽ انهن جي مڪمل خودمختاريءَ جي گهر ڪئي. اسان کي ان تجويز ۾ هندستان جي سياسي مسئلي جو صحيح حل ۽ وڌندڙ فرقيوار ڇڪتاڻ جي روڪڻ لاءِ اڪيلو علاج ڏسڻ ۾ آيو. آءُ هتي وضاحت ڪريان ته جيتوڻيڪ مسلم ليگ هائي ڪمانڊ سان منهنجا اختلاف هئا، پر مسلم ليگ جي بنيادي مقصد “پاڪستان” جو مخالف نه هئس. ان ڪري مون ڪئبينٽ مشن آڏو پاڪستان جي حمايت ڪئي، پر منهجي تجويز ۾ مسلم ليگ جي تجويز کان هيءَ تفاوت هو ته “آزاد هندستان ۾ آزاد پاڪستان بنايو وڃي، جنهن ۾ صوبن (رياستن) کي مڪمل خودمختياري ڏيڻ جو اصول قبول ڪيو وڃي ـ” ان جي معنى اها نڪتي ٿي ته مسلم اڪثريت وارن صوبن ۽ هندو اڪثريت وارن صوبن جون ٻه فيڊريشنون بنايون وڃن، جيڪي ڪن خاص معاملن لاءِ ڪنفيڊريشن ۾ هڪ جيتري تعداد جي ميمبرن ۽ وزيرن سان شامل ٿي، ڪاروبار هلائين، اها تجويز ذري گهٽ ڪئبينٽ مشن جي تجويز ڪيل “ريجنل پلئن” سان مشابهت رکندڙ هئي.
ڪئبينٽ مشن سان 3 اپريل 1946ع تي مولانا ابوالڪلام آزاد ملاقات ڪئي. هن جي راءِ ۾ هندستان جي آزاديءَ هڪ آئين ساز اسيمبليءَ ۽ حال مرڪز ۾ عارضي حڪومت قائم ڪرڻ جون تجويزون شامل هيون. هن جي راءِ موجب ڪانگريس، هندستان جي ورهاڱي جي هر حالت ۾ خلاف هئي ۽ مستقبل لاءِ هڪ فيڊرل حڪومت جي حق ۾ هئي، جنهن کي صرف بچاءَ، خارجي معاملات ۽ آمدورفت جي ذريعن جا کاتا پاڻ وٽ رکڻا هئا.
مهاتما گانڌيءَ شخصي حيثيت ۾ ڪئبينٽ مشن سان ملاقات ڪري، پاڪستان جي سوال کي ڌوڪو قرار ڏنو. هن جي نظر ۾ ٻه ـ قومي نظريو ملڪ لاءِ هاڃيڪار هو. هن اها راءِ رکي ته پهرين هندستاني سرڪار ٺاهڻ جو موقعو جناح کي ڏنو وڃي ۽ ان جي نه ٺاهڻ جي صورت ۾ ڪانگريس کي وزارت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
جناح صاحب 4 اپريل 1946ع تي ڪئبينٽ مشن سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته موجوده حالتن ۾ ملڪ جي ورهاڱي کان سواءِ ٻيو ڪو به حل نه آهي. پاڪستان جي اصول قبول ڪرڻ بعد ٻئي ڪنهن ٺاهه لاءِ سوچي سگهجي ٿو.
لبرل ليگ جي اڳواڻن سرتيج بهادر سپرو ۽ مسٽر ايم ـ آر ـ جيڪر، تُرت عارضي حڪومت ٺاهڻ تي زور ڏنو ۽ انديشو ڏيکاريو ته ورهاڱي جي صورت ۾ وڏا نقصان ٿيندا.