3
اڳتي الهه بخش ڪن معمولي ڳالهين تان انهي مسودي تان ڦري ويو ۽ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ سان گڏ هن ڪانگريس ۽ آزاد هندو گروپ جي مدد سان پنهنجي حڪومت برقرار رکي، ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ گورنر جي مدد سان مسلم ميمبرن کي پاڻ ملائڻ واري پاليسي به جاري رکندو آيو، : ڇو ته هن کي مسلمان ميمبرن جي پرڪارن جي خبر هئي ته اهي اصول جا نه، پر پنهنجي غرضن جا غلام هئا. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مون اسيمبليءَ ۾ بجيٽ جي موقعي تي الهه بخش حڪومت جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي ته ان وقت ان رٿ جي حمايت 12 ڄڻن ڪئي، پر جڏهن ووٽ ورتا ويا ته ان وقت صرف ستن ميمبرن ووٽ ڏنا ــ ۽ خود مسلم ليگ پارلياميني پارٽي ليڊرُ سر غلام حسين هدايت الله ۽ ڊپٽي ليڊر مير بنده علي به وزارتون وٺي الهه بخش وزارت ۾ شامل ٿي ويا. حالانڪه غلام حسين ئي هو، جنهن اها رٿ اسپيڪر کي موڪلي هئي. ان صورتحال مون کي مجبور ڪيو ته آءُ ڪنهن طاقتور آل انڊيا جماعت جو سهارو وٺي سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجهه ڪري سگهان. انهيءَ جذبي هيٺ آءُ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيس.
هتي ٿورو وقت آءُ توهان جو وٺڻ چاهيان ٿو ته جيئن توهان کي منهنجي سياست عقيدي جي بنياد ٻڌائڻ جي تڪليف ڏيان. آءُ صحيح سياست کي ايمان جو جذبو ٿو سمجهان، جنهن جي ذريعي انسان ذات جي حقيقي خدمت ڪري خُدا جي خوشنودي ۽ روح جي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي. جيسيتائين ان کي ڪي فرد يا جماعتون سندس اصلي مقصد لاءِ ڪتب آڻين ٿا، ان وقت تائين منهنجي مدد ۽ همدردي ساڻن رهي ٿي، پر جڏهن به مون کي معلوم ٿئي ٿو ته سياست کي ڪن طبقاتي يا شخصي مفادن لاءِ ڪتب آندو پيو وڃي ۽ ان مان عوام جي مفادن کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي، يا ان (سياست) جو بنياد مساوات ۽ انصاف تي نه آهي، ته انهيءَ وقت اهڙي نظام جو مقابلو ڪرڻ مون لاءِ ضروري ٿيو پوي.
هتي منهنجي ٻئي رفيقِ ڪار مسٽر جمشيد نسروانجي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ حڪمت عمليءَ جو اختلاف به بيان ڪريان ٿو.
جمشيد نسروانجيءَ جو خيال هو ته حال ڪيترو به برو هجي، پر ان کي بدلائڻ لاءِ ان وقت تائين ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.، جيسين تائين ان جي عيوض بهتر مستقبل حاصل ٿيڻ جو يقين نه هجي. اهو هڪ خاص سياسي مسلڪ آهي، ڪيترا تجربيڪار ۽ مخلص ڪارڪن انهيءَ اصول جا پابند رهيا آهن. ليڪن آءُ ان خيال جو هئس ۽ اڃان تائين آهيان ته جيڪڏهن حال ٺيڪ نه آهي، ته ان کي بدلائڻ ضروري آهي، مستقبل پاڻهي ئي پنهنجو پاڻ ٺيڪ ڪندو. گويا ڪه غير شعوري طرح ئي صحيح، مون شاهه ولي الله جي انهيءَ نقطي نظر جي حمايت ڪئي ته “فڪ ڪُل نظام” (سڀئي غلط نظام ٽوڙيو.)
منهنجي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان ترت ئي پوءِ هڪ اهڙي واقعي جنم ورتو، جنهن سموري سنڌ جي صدين کان قائم ايڪتا ۽ وحدت واري ديوار ۾ ڏار وجهي ڇڏيا ۽ صوفي ۽ ساڌن جي سنڌ فريقيپرستيءَ جي باهه ۾ وڪوڙجي وئي ـ جنهن باهه اڳتي هلي سموريءَ سنڌ جي محبت ۽ ٻڌي واري چمن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ 1947ع ۾ ئي برصغير ورهائجي ويو.
هتي دکدائڪ حقيقت هي آهي ته ورهاڱي جي نتيجي ۾ بنگال ۽ پنجاب جي زمين ورهائي وئي، پر سنڌي قوم ورهائجي وئي ۽ اسان جي قوم جو وڏو حصو پنهنجا اباڻا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيو ۽ اهو اهڙو حصو هو، جنهن نه رڳو سنڌ جي مادي خوشحاليءَ ۾ زبردست حصو ورتو هو، پر ان جي تهذيبي، لساني ۽ فڪري خوشحاليءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ان ۾ نه رڳو شاهه، سچل ۽ ساميءَ جا عقيدت مند هئا، پر شاهه، سچل ۽ ساميءَ شارح ۽ سندن ڪلام سهيڙيندڙ به هئا، جئين ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، لالچند امر ڏنو مل، جيٺ مل پرسرام، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ۽ پي ايل واسواڻي وغيره. اهو واقعو جنهن سنڌ ۾ هيڏو جهنجهٽ ۽ زلزلو پيدا ڪيو، سو مسجد منزل گاهه واري واقعي جي نالي سان مشهور آهي.
ان واقعي جو پس منظر هن ريت آهي ته سکر ۾ هڪ ڦٽل جاءِ هئي، جنهن کي مسلمانن “منزل گاهه مسجد” جي نالي سان سڏيو ٿي. انهيءَ جاءِ جو قبضو مسلمانن جي حوالي ڪرڻ لاءِ شڪارپور ۽ سکر جي مسلمانن وفدن جي صورت ۾ الله بخش سومري ( وزير اعلى سنڌ) تي زور رکيو ته اها جاءِ مسجد آهي ۽ مسلمانن جي حوالي ڪئي وڃي. الهه بخش وفدن جي ملاقات کان پوءِ جميعة العلماءِ سنڌ جي ڪن عالمن کي سرزمين جو جائزو وٺڻ لاءِ مقرر ڪيو ته ان جاءِ جي شرعي حيثيت جي باري ۾ کيس رپورٽ ڪن. مولوين ان جاءِ جي مسجد هجڻ جي تصديق ڪئي ان تي هندن اعتراض ورتو ته ان جاءِ جي سامهون درياءَ جي ٻيٽ ۾ ساڌ ٻيلي جو مندر آهي، جتي هندو استريون زيارت لاءِ اچن ٿيون ۽ مسلمان مسجد مان انهن کي گهوريندا، جيڪا اسان جي لاءِ ناقابل برداشت ڳالهه آهي ۽ پڻ انهن مسلمانن کان عورتن ياترن لاءِ خطرو آهي. هڪ طرف اهو ثابت ٿي چڪو هو ته اها جاءِ مسجد آهي ۽ ٻئي طرف جئين ته الهه بخش وزارت ڪانگريس ۽ هندو آزاد گروپ جي ميمبرن آڌار تي هلي رهي هئي، انهن جو دٻاءُ هو ته اها جاءِ مسلمانن جي تحويل ۾ نه ڏني وڃي. انڪري الهه بخش جاءِ جي باري ۾ ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيو.
الهه بخش جي انهيءَ گومگو واريءَ پاليسيءَ کان تنگ ٿي، پوءِ ساڳيا وفد سنڌ مسلم ليگ جي صدر حاجي عبدالله هارون وٽ آيا ته اهو مسئلو مسلم ليگ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺڻ گهرجي. حاجي عبدالله هارون انهيءَ مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ جي صوبائي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي سڏائي. ان ۾ مون ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾ اهو موقف رکيو ته مسلم ليگ جيئن ته هڪ سياسي جماعت آهي، ان کي نج مذهبي مسئلن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان سان هندو مسلم فرقي پرستيءَ ۾ واڌارو ٿيندو ۽ اها ڳالهه سنڌ جي مفادن وٽان ناهي. پر ورڪنگ ڪميٽيءَ جي اڪثريت مسجد جو مسئلو هٿ ۾ کڻڻ جي حق ۾ راءِ ڏني ۽ ان لاءِ ستياگرهه جو پروگرام رٿيو. جنهن ۾ ڀرچونڊيءَ جي پير ميان عبدالرحمان مريدن سميت وڏو حصو ورتو. انهيءَ فساد کي ٽارڻ لاءِ الهه بخش گورنر کان آرڊيننس پاس ڪرايو، جنهن موجب ڪيس هلائڻ کانسواءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي جيل موڪلي سگهيو ٿي. انهيءَ آرڊيننس جي نافذ ٿيڻ کان پوءِ ساڍا 3 هزار کن ماڻهو جيل ۾ بند ڪيا ويا، سمورا ليڊر صاحبان هيسجي ويا ۽ تحريڪ ماٺي ٿيڻ لڳي.
آءُ ڪانگريس ۾ رهڻ واري تجربي ڪري اها توهين سمجهڻ لڳس ته جڏهن تحريڪ هلي چُڪي هجي ته ان کي وچ ۾ ڇڏي ڏيڻ انتهائي هاڃيڪار هو. ان ڪري مون ڪمان سنڀالي، مسجد منزل گاهه تي زوريءَ وڃي قبضو ڪرايو.
الهه بخش سرڪار پوليس موڪلي مسجد زوريءَ خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ماڻهن پوليس جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون.
19 نومبر 1939ع تي سرڪار مون کي ٻين ستياگرهي ليڊرن سان گڏ گرفتار ڪري، وٺي اچي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ بند ڪيو. اسان جي گرفتايءَ کان پوءِ جلد ئي مسجد ۾ ويٺل ستياگرهين کي جيل ۾ موڪلڻ بدران لٺيون هڻائي، ڳوڙها گئس ڪتب آڻي، مسجد جو قبضو سندن هٿن مان ڇڏايو ويو. ساڳئي ڏينهن سنڌ ۾ هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا، جنهن ۾ ڪيتريون بيگناهه جانيو ضايع ٿيون، ڪيتريون ملڪيتون ۽ جائدادون ناس ٿيون ۽ سنڌ جي صاف نالي تي بدناميءَ جو داغ آيو.
مون سان گڏ آغا نظر علي پٺاڻ، ڊاڪٽر محمد ياسين ۽ نعمت الله قريشي به گرفتار ڪيا ويا. ان کان سواءِ ٻين هنڌن تان شيخ واجد علي (شڪارپور)، قاضي فضل الله (لاڙڪاڻو)، آغا غلام نبي پٺاڻ (سلطان ڪوٽ)، پير غلام محمد سرهندي (شڪارپور)، وغيره به گرفتار ڪري جيل پڄايا ويا.
ڪجهه وقت کان پوءِ هندن الهه بخش تي زور آندو ته ٻهراڙين ۾ هندن کي تحفظ ڏنو وڃي، ٻيءَ صورت ۾ سندس حڪومت کي ڊاٺو ويندو. انهيءَ وچ ۾ ٻن مهينن جي نظربنديءَ جو مدو پورو ٿي چڪو هو ۽ 9 جنوري 1940ع تي مون کي حيدرآباد جيل مان آزاد ڪيو ويو. هندن مان ڪن سمجهدار ۽ دورانديش رفيقن به اسان سان ڳالهيون ڪيون، پر الهه بخش وزارت ڊاهڻ کان سواءِ اسان راضي نه ٿياسون، جي هندن جي ڪري الهه بخش اسان کي جيل وڌو هو، انهن ساڳين هندن سان الهه بخش جي وزارت کي ڊاٺو ويو.
اڳتي وڌڻ کان اڳ ۾ هتي آءُ به دستاويز پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، جن مان باوجود انهيءَ فرقي وارانه تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جي، منهنجي ذهني لاڙن جو پتو پوندو. جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ انهن فسادن جي باري ۾ مون هيٺيون بيان جاري ڪيو:
“19 آڪٽوبر 1939ع تي اسان جي گرفتاريءَ کان پوءِ سکر ۽ ان جي آسپاس ۾ جيڪي واقعا رونما ٿيا آهن، سي نهايت دردناڪ آهن. مون کي جيل اندر انهن واقعن جي هندو ۽ مسلمان دوستن کان خبر ملي، پر جيل کان ٻاهر نڪرڻ بعد پاڻ وڌيڪ حقيقتون معلوم ڪري سگهيو آهيان. هن بيان ذريعي جن هندن يا مسلمانن انهن فسادن ۾ سٺو آهي، تن سان همدردي ظاهر ڪريان ٿو، خصوصاً انهن هندو مظلومن سان جن ناحق ۽ بيگناهه نقصان سٺو آهي، هن کان اڳي جيل ۾ هئڻ ڪري ساڻن همدردي ظاهر ڪري نه سگهيو آهيان. ان لاءِ اميد ته سڀئي مون کي معاف ڪندا. جڏهن مون منزل گاهه تحريڪ ۾ هٿ وڌو ته ان وقت مون کي اهڙين خون خرابين پيدا ٿيڻ جو خواب خيال به نه هو. خون، ڌاڙا ۽ باهيون اسان جي اصولن جي برخلاف آهن ۽ اهي نندڻ جي لائق آهن. صوبه سنڌ سياسي دنيا ۾ اڃا سيکڙاٽ آهي، تنهن کي مستقبل جي رهنمائيءَ لاءِ شايد ڪيترن ئي آزمودن مان لنگهڻو آهي. اسان جي گذشته تڪليفن جو مکيه سبب اسان جي بي تجربيڪاري ۽ ڪوتاهه انديشي آهي. قديم وقت کان وٺي هندو ۽ مسلمان، سنڌ ۾ درويشن جي اثر ڪري ٻڌيءَ ۽ محبت ۾ پئي رهيا آهن ۽ آئيندي لاءِ به اسان جي دلي تمنا آهي ته ان اتحاد جو بنياد سنڌ مان پکڙي، ساري هندستان لاءِ مثال ثابت ٿئي. اسان کي واقعي صدمون ٿو پهچي، جڏهن ڏسون ٿا ته سنڌ جي ان مقصد جي راهه ۾ رڪاوٽون پون ٿيون. وقت جي تقاضا آهي ته سنڌ ۾ ٻنهي جانين ۾ دائمي سمجهوتو ۽ صلح سانت قائم رهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته اسان جو صوبو نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. اهڙي وقت ۾ صوبي جي هر هڪ باشند کي اپيل ڪندس ته هو هندو ۽ مسلمانن جي وچ ۾ صلح ۽ دوستي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري، جو اسان سُٺا پاڙيسري ۽ سچا سنڌي ٿي رهون”
(نئين سنڌ لاءِ جدوجهد ـ ص 27 ـ 28 ـ 29)
انهيءَ بيان ڇپجڻ کان اڳ ۾ سنڌ جي برک عالم مايه ناز مفڪر ۽ منهنجي روحاني استاد، علامه آءِ. آءِ قاضيءَ مون کي هڪ خط لکيو، جنهن مان اسان جي گڏيل سوچ جو اظهار ٿئي ٿو، ڇو ته آءُ ذهني ۽ فڪري طرح علامه آءِ. آءِ قاضي کي پنهنجو رهنما سمجهندو هئس. انهيءَ خط جو واسطيدار ٽڪر هن ريت آهي:
“غلام مرتضى لاءِ ته منهنجو روح گهڻيون ڇڪون ٿو ڏئي، پر آءُ مٿس رنج به آهيان، ڇالاءِ پاڻ کي اوجهڙ ۾ وڌائين (يعني مسجد منزل گاهه جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين)
مادرچه خياليم وفلڪ درچه خيال است.
(اسان ڪهڙي خيال ۾ آهيون ۽ زمانو ڪهڙي خيال ۾)
سنڌ ۾ باقي هيوسين اهو، تنهن به اوندهه جو رستو اختيار ڪيو (يعني منزل گاهه جي تحريڪ ۾ حصو ورتو) ته اسان جو حال ڪهڙو ٿيندو! پنج سؤ مسجدن جي حالت ناگفته بہ آهن سڀ مدرسا مسلمان انسٽيٽيوٽس مسلمانن هٿان برباد ٿيل آهن، باقي منزل گاهه لاءِ ٿيون شهادتون ٿين! منهنجي صلاح وٺڻ جو مون کي ارمان ڪونهي، مگر هيترو ارمان ضرور اٿم ته هميشه واري سهڻي سمجهه کان ڪم نه ورتئه.”
(ساهڙ جا سينگار ص 102 خط نمبر 2)
اهو خط قاضي صاحب 12 جنوري 1940 تي مون کي ڪراچيءَ مان لکيو هو پوءِ جڏهن فسادن جي باري ۾ منهنجو بيان اخبارن ۾ ڇپيو، تڏهن فبروري 1940ع تي مون کي علامه آءِ ـ آءِ قاضيءَ هڪ خط لکيو، جنهن ۾ منهنجي بيان ڏانهن اشارو ڪندي لکي ٿو:
“پيارا مرتضى! آءُ توکي مبارڪ ٿو ڏيان ( انهيءَ بيان تي) تنهنجي روح اڃا پاڪيزگي ۽ صلاحيت نه وڃائي آهي. اها ڪرامت آهي.
يارهن سالن جي محنت کان پوءِ به عوام جي ههڙي حالت ۽ ماحول ۾ دُعا گهر ۽ خيال رک ته ساڳيون حالتون وري پيدا نه ٿين”
هي ڳالهيون هتي بيان ڪرڻ مان منهنجو مقصد آهي ته مسلم ليگ کي مون هڪ طاقتور سياسي جماعت سمجهي، ان جي ذريعي سياسي ڀلائيءَ جو ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي، نه ان کي فرقي پرستيءَ وڌائڻ جو ذريعو سمجهيم ٿي. آءُ اڃا به فرقي پرستيءَ کان پري هئس ۽ منهنجي ڪوشش هئي ته سنڌ جي امن ۽ محبت واريءَ ڌرتيءَ تي ڪابه فرقي پرستيءَ جي باهه نه ڀڙڪي ۽ ان لاءِ اڳتي به مون جدوجهد جاري رکي، جيڪا نئين وزارت (مير بنده علي وزارت) ۾ جاري رهي. ان وزارت ۾ آءُ وزير ٿيس ۽ مون کي تعليم، انڊسٽري، ليبر ۽ فاريسٽ جا کاتا مليا. ان عرصي دوران مون سنڌ جي ڀلائيءَ ۽ بهبود لاءِ هيٺين ڪمن ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي:
1. سنڌ يونيورسٽي لاءِ ڪميشن جو قيام؛
2. سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ جو قيام؛ جنهن اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ جي صورت اختيار ڪئي؛
3. سنڌي ڊڪشنري تيار ڪرڻ لاءِ عالمن جي ڪميٽيءَ جي مقرري.
4. سيڪنڊري ايجوڪيشن کي زور وٺائڻ لاءِ ڪاميٽيءَ جي مقرري، جنهن اڳتي هلي سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ جي صورت اختيار ڪئي.
5. سڀني اسڪولن ۾ سنڌي زبان لازمي مضمون طور پڙهڻ جو حڪم جاري ڪيم؛
6. ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين رستي جي اسڪيم ٺهرايم.
پر اسان جنهن صورت ۾ هندو ميمبرن جي مدد سان اقتدار ۾ آيا هئاسون، ان ڪري اُهي ساڳيا بل (قرضن جي معافي، ٽيننسي ايڪٽ ۽ قانون انتقال ايراضي) پاس ڪرائڻ ۽ ٻيا عوامي مفاد جا ڪم ڪرائي نه سگهيا سون. ان ڪري مون جناح صاحب کي ٻڌايو ته اسان اهڙي پوزيشن ۾ آهيون، جو ڪو به ملڪي ڀلائيءَ ۽ بهبود جو ڪم ڪري نه ٿا سگهون. ان کان بهتر آهي ته اسيمبلين ۽ وزارتن جي رساڪشيءَ کان پاسيرو ٿي راءِ عامه کي منظم ڪرڻ جو ڪم ڪجي. جناح صاحب ان تي راضپو ڏيکاريو، مون پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻ کان اڳ ۾ بهتر سمجهيو ته سڀني مسلمان ميمبرن کي گڏي آل پارٽيز حڪومت ٺاهي، پوءِ وزارت تا استعيفا ڏيان ته جيئن اُهي ساڳيا بل سڀني جي مدد سان پاس ٿي سگهن. ان لاءِ مون مولانا ابوالڪلام آزاد کي، جيڪو ان وقت انڊين نيشنل ڪانگريس جو پريزيڊنٽ هو، سنڌ ۾ گهرائي چيو ته ڀلي الهه بخش وزارت ۾ اچي. فيصلو ٿيو ته ڇهن وزيرن تي مشتمل ڪابينه ۾ ٻه وزير الهه بخش گروپ جا، ٻه وزير مسلم ليگ جا ۽ ٻه وزير آزاد هندو گروپ جا، گڏجي آل پارٽيز حڪومت ٺاهيندا. ليڪن مسلمان وزيرن مان ڪو به استعيفا ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿيو. اسان هيءَ مخلوط حڪومت جناح صاحب جي راضپي کان سواءِ پئي ٺاهي. ان کي جڏهن اها خبر پئي ته هن سنڌ مسلم ليگ جي صدر حاجي عبدالله هارون کان حڪم ڪڍرايو ته ان ٺاهه موجب وزارت تان ڪو به استعيفا نه ڏئي. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ انهي ڊسپلين جي پابند هجڻ ڪري استعيفا نه ڏني، کهڙي جو وزارت ۾ هئڻ ضروري سمجهيو ويو. مون جيئن ته مولانا آزاد جي موجودگيءَ ۾ ٿيل ٺاهه دوران وعدو ڪيو هو ته ٻه وزير استعيفا ڏيندا، ان ڪري ان ٺاهه جي پابندي ڪندي، مون وزارت تان استعيفا ڏني ۽ ٻئي ميمبر جي استعيفا لاءِ مولانا آزاد کان هڪ مهيني جي مهلت گهريم.
منهنجي استعيفا ڏيڻ تي مسلم ليگ جي ميمبرن جناح صاحب تي زور رکيو ته جي. ايم. سيد تي ڊسيپلينري ايڪشن کنيو وڃي، جناح صاحب مون تي قدم کڻڻ بدران مون کي گذارش ڪئي ته اوهان وزارت ڇڏي آهي ته هاڻي مسلم ليگ کي منظم ڪري. پوءِ مسلم ليگ آرگنائيزنگ ڪميٽي ٺاهي، مونکي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ مون آغا غلام نبي خان پٺاڻ (سکر)، سيد حسن بخش شاهه (نواب شاهه)، قاضي فضل الله (لاڙڪاڻو)، علي اڪبر شاهه(ميهڙ)، محمد هاشم گزدر (ڪراچي)، صاحبزادو عبدالستار جان سرهندي (حيدرآباد)، فقير محمد مڱريو (مير پور خاص) ۽ ٻيا ميمبر کڻي مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي.
ان ڏس ۾ سڄيءَ سنڌ جو تفصيلي گشت ڪري، عوام ۾ بيداري پيدا ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جي ڪم ۾ جنبي ويس. ان گشت ۾ تقريرن ذريعي وزيرن جي ڪمن تي پوري نظر رکڻ لڳاسون ۽ ماڻهن سان ڪيل وعدن جي سرانجاميءَ لاءِ ليگي وزيرن تي زور بار آڻڻ شروع ڪيو سون. جيئن ته مسلم ليگ کي وسيع پيماني تي منظم ڪرڻ ۽ عوام ۾ مرغوب بنائڻ جي جوابداري اسان تي هئي، ان ڪري هڪ سال جي مختصر عرصي اندر محنت ڪري سنڌ مسلم ليگ جي ميمبر شپ 6 هزارن مان وڌائي ٽن لکن تائين آندي وئي، جيڪا سنڌ جي جملي بالغ مرد مسلمانن جي آباديءَ جو 25 سيڪڙو هئي، ابتدائي شاخون 450 تائين وڃي پهتيون. جنهن مان پتو پئجي سگهي ٿو ته اسان مسلم ليگ جو آواز سنڌ جي گوشي گوشي تائين پهچائي ڇڏيو هو. اسان عوام جي اهنجن دور ڪرڻ لاءِ صوبائي آفيس ۾ هڪ صيغو کوليو، جنهن جي ذريعي عوام جون شڪايتون آفيسرن ۽ مسلم ليگي وزيرن تائين پهچائڻ جو انتظام پڻ ڪيو، تنظيمي پروگرام هيٺ سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ ڪانفرنسون سڏائڻ، ڳوٺن جي گشت ڪرڻ، پاڪستان ۽ مسلم ليگ جي اصولن تي لٽريچر ڇپائڻ، پاڪستان ۽ مسلم ليگ ۽ جناح صاحب کي عوام ۾ روشناس ڪرائڻ جا ڪم ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح پاڪستان تحريڪ ۾ منهنجي جذبي ۽ مسلم عوام جي خدمت جي عڪاسي، مسلم ليگ جي ان وسيع تنظيمي گشت دوران ڇپايل پوسٽر مان پئجي سگهي ٿي، جنهن جو نقل هتي پيش ڪريان ٿو:
پوسٽر
مسلم ليگ جي گُهر آهي پاڪستان
پاڪستان جي معنى آهي اسلامي حڪومت.
1. جنهن ۾ قرآن شريف جي اصولن مطابق حڪومت قائم ڪئي ويندي!.
2. جتي سڀني ماڻهن کي سياسي، معاشرتي۽ اقتصادي هڪجهڙائي حاصل هوندي.
3. جنهن ۾ حڪومت هلائڻ جون واڳون سچن ۽ پرهيزگار مسلمانن جي هٿن ۾ هونديون!.
4. جنهن ۾ غير مسلمانن جي حقوق جي خاص طرح حفاظت ڪئي ويندي.
5. جتي حڪومت جو پهريون فرض ملڪ مان غربت، ظلم، بي علمي، طبقاتي مفاد خاطر عوام کي ناجائز طرح ڪتب آڻڻ کي بند ڪرڻ ٿيندو!.
6. جتي جوا، زنا، شرابخوري ۽ وياج خوريءَ جي قانوناً منع هوندي!
7. جنهن ۾ عدل ۽ انصاف پيسن تي نه وڪامندو، پر هر هڪ کي مفت نصيب ٿيندو.
8. جنهن ۾ عزت جو معيار طاقت ۽ پيسي تي نه، پر چڱن اخلاقن تي مقرر ڪيو ويندو!.
غلام مرتضى
چيئرمين: مسلم ليگ آرگنائيزيشن ڪاميٽي
ان کان سواءِ چيئرمين آرگنائيزيشن ڪميٽي، سنڌ پراونشيل مسلم ليگ طرفان هڪ ڪتاب “هندستان جا مسلمان ۽ پاڪستان” نالي ڇپائي، سڄيءَ سنڌ ۾ مفت ۾ ورهايو ويو. هن ڪتاب ۾ پنجاب جي اخبار “ايسٽرن ٽائمز” ۾ 5 جنوري 1940ع، 16 فيبروري 1940ع، 12 اپريل 1940ع ۽ 26 اپريل 1940ع تي شايع ٿيل مضمونن جو ترجمو ڏنو ويو هو.