20
هيءَ حيرت انگيز ڳالهه آهي ته پاڪستان برصغير جي فرقيوارنه مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، پر اُن ٺهڻ شرط “نون فرقيوارانه مسئلن کي جنم ڏنو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان 5 سال پوءِ پهريون دفعو مسلمانن جي مختلف فرقن ۾ اهڙائي ڀيانڪ فساد شروع ٿي ويا، جهڙا گڏيل هندستاني جي آخري وقت ۾ بنگال ۽ آسام ۾ ٿيا هئا. انهن فرقيوارانه فسادن جي جاچ لاءِ پاڪستاني سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جسٽس منير ۽ جسٽس ڪياني جاچ ڪري 378 صفحن تي مشتمل جيڪا تاريخي رپورٽ مرتب ڪئي، تنهن جو حوالو آئون اڳ ۾ ڏئي آيو آهيان، پر هتي دهرائڻ جو مطلب اهو آهي ته اهي فساد ڪرايا ئي خواجه ناظم الدين کي هٽائڻ لاءِ ويا هئا.
اُن کان پوءِ اسان غلام محمد (گورنر جنرل) ۽ اسڪندر مرزا سان پڻ ملڪي يڪجهتيءَ عوامي ڀلائيءَ جي موضوعن تي ڪيترائي دفعا ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان کي معلوم اهو ٿيو ته اهي حڪمران خود آرمي ۽ بيوروڪريسيءَجي ڪنٽرول ۾ هئا، جن (آرمي ۽ بيوروڪريسي) ملڪ کي فتح ٿيل علائقو سمجهي، پنهنجا گهر ڀرڻ ٿي چاهيا. اسڪندر مرزا کان پوءِ ايوب خان آرميءَ جي ذريعي 10 سال پاڪستان جي سياه و سفيد جو مالڪ رهيو ۽ هُو ته خود ون يونٽ جو پاڻ کي خالق سمجهندو هو، اُن ڪري هُن ون يونٽ جي خلاف سوچيندڙن سان ڪنهن به قسم جو رابطو رکڻ ملڪ دشمنيءَ جي برابر ٿي سمجهيو. ايوب خان کان پوءِ صحيح معنى ۾ عوامي چونڊيل ماڻهو ذوالفقار علي ڀٽو هو، جنهن سان تعاون جي سلسلي ۾ آئون پنهنجي 17 جنوري 1972ع واري تقرير پيش ڪري چڪو آهيان ۽ اُن تي سندس رد عمل جو اظهار، جناب جي. اي. رحيم جي خط جي صورت ۾ پڻ مٿي بيان ٿي چڪو آهي. اهو خط 5 فيبروري 1973ع تي ڊپٽي ڪمشنر دادوءَ طرفان مون کي هيءُ ليٽر پهتو:
19 فيبروري 1972ع
جناب شاهه صاحب!
مون کي پاڪستان حڪومت طرفان حڪم مليو آهي ته اوهان کي 22 فيبروري 1972ع تي ساڍي ٻارهين وڳي منجهند جو روالپنڊيءَ ۾ صدر صاحب سان ملڻ لاءِ عرض ڪريان. مهرباني ڪري پنهنجي رضامنديءَ جي خبر ڏيندا ته آئون حڪومت کي اهڙو اطلاع ڪريان.
اوهان جو مخلص
حامد علي ميمڻ،
ڊپٽي ڪمشنر دادو.
مون ان خط جي جواب ۾ کيس هيءَ خط لکيو:
19 فيبروري، 1972،
پيارا حامد علي !
اوهان جو اڄوڪو خط پهتو. آئون صدر صاحب جو نهايت شڪر گذار آهيان، جو هن مون کي 22 فيبروريءَ تي روالپنڊيءَ ۾ ملڻ لاءِ گهرايو آهي.
آئون دعوت کي پنهنجي عزت افزائي سمجهان ٿو ۽ خوشيءَ سان اها دعوت قبول ڪريان ها، پر طبيعت جي بيچاڪائيءَ ۽ وقت ٿوري هئڻ ڪري مون لاءِ مقرر تاريخ تي صدر صاحب سان ملاقات ڪرڻ ناممڪن آهي.
تنهن ڪري اوهان کي عرض آهي ته صدر صاحب کي چوائي موڪليندا ته جيڪڏهن ممڪن هجي ته سنڌ ۾ ملڻ لاءِ ڪو وقت مقرر ڪن. پر جيڪڏهن مستقل قريب ۾ صدر صاحب هن طرف اچڻو نه آهي ته 10 محرم يعني 25 فيبروري 1972ع کان پوءِ ڪا تاريخ رکندؤ ته آئون ان کي خوش آمديد چوندس. هيءُ منهنجو پيغام کيس پهچائيندا.
نيڪ تمنائن سان،
اوهان جو مخلص
جي. ايم. سيد
ان کان پوءِ صدر صاحب طرفان ساڻس روبرو ملڻ لاءِ ملٽري سيڪريٽريءَ جي معرفت تار پهتي ته “ صدر صاحب اوهان سان 5 مارچ تي راولپنڊي ۾ ملاقات ڪرڻ گهري ٿو. اوهان کي عرض آهي ته مهرباني ڪري اچي ملندا.
ملٽري سيڪريٽري
2 ـ مارچ 1972
اڳتي هلي صدر صاحب ذوالفقار علي ڀٽي مون کان مدد طلب ڪئي ته آئون هندستان ـ پاڪستان جي لاڳاپن سڌارڻ ۾ ساڻس تعاون ڪريان ۽ جواهر لعل نهروءَ جي خاندان تي پنهنجي اثر کي لاڳاپن سڌارڻ لاءِ استعمال ڪريان ۽ ان سلسلي ۾ آئون هندستاني وزيراعظم مادام اندرا گانڌيءَ سان ملاقات ڪريان. مون صدر صاحب سان اهڙو وعدو ڪيو ته برصغير جي لاڳاپن سڌارڻ لاءِ جيڪڏهن منهنجو اثر رسوخ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو ته آئون خوشي سان اهو استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ان سلسلي ۾ وزارت خارجيه اسلام آباد طرفان هيٺين خط و ڪتابت ٿي، جيڪا تاريخ جي رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو :
وزارت خارجه،
اسلام آباد 25 مارچ 1972ع
طرفان : مسٽر برجيس حسن خان PFS
ڊائريڪٽر جنرل )ائڊمنسٽريٽريشن)
No. SSP/84/72
پيارا سيد! مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته اوهان کي اطلاع ڪريان ته اوهان جو سفارتي پاسپورٽ (Diplomatic passport) تيار ٿي ويو آهي ۽ فارين آفيس ۾ پيو آهي. مسٽر امير حيدر شاهه جو پاسپورٽ پڻ تيار آهي.
2 ـ اڃا تائين ٻيءَ ڌر (انڊيا) کان ڪو خاطر خواهه جواب نه پهتو آهي. خط و ڪتابت جو رستو تمام ڦير وارو ۽ دير سان پهچڻ وارو آهي، ان ڪري نياپي (Message) موڪلڻ يا رسڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.
ان ڪري اوهان کي صلاح ڏجي ٿي ته اوهان هن وزارت سان رابطي ۾ رهندا. جڏهن به خاطر خواه جواب مليو ته هڪدم اوهان کي اطلاع ڪيو ويندو.
اوهان جو مخلص
برجيس حسن خان
منسٽري آف فارين افيئرس
اسلام آباد 27 مارچ 1972.
طرفان : برجيس حسن خان PFS
ڊائريڪٽر جنرل (ائڊمنسٽريٽريشن)
No. SSP/84/72
پيارا سيد! منهنجي 25 مارچ جي ساڳئي نمبر واري لکيل خط ۾ ڄاڻايل اوهان جو سفارتي پاسپورٽ نمبر D-003778 ۽ امير حيدر شاهه جو پاسپورٽ نمبرAC-968437 موڪلجي ٿو.
جيئن مون اڳئين خط ۾ بيان ڪيو آهي ته جيئن ئي اسان کي (ڀارت کان) خاطر خواه جواب مليو ته اوهان سان هڪدم رابطي ۾ اينداسون.
سلامن سان اوهان جو مخلص
برجيس حسن خان.
(3)
(تمام تڪڙو)
اسلام آباد
20 اپريل 1972.
طرفان: فارين سيڪريٽري آف پاڪستان
افتخار علي (S.K.P.L)
No. 3433-PS/75/72
پيارا سيد! مون کي فارين سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ نهايت اهم ڪم اهو ڏنو ويو ته صدر صاحب جي حڪم موجب اوهان کي انڊيا حڪومت سان ڳالهين لاءِ سندس خاص ايلچي نامزد ڪيو وڃي. اسان اوهان لاءِ ڪاغذ تيار ڪيا. هڪ سفارتي پاسپورٽ اوهان لاءِ ۽ ٻيو پاسپورٽ اوهان جي فرزند لاءِ تيار ڪري اوهان کي موڪليا ويا، جو پڻ اوهان سان گڏ هلڻو هو.
2 ـ انهيءَ وچ ۾ بدقسمتيءَ سان ڪن تازين حالتن ڪري اسان جون رٿون هيٺ مٿي ٿي ويون. هندستان وارن آڇ ڪئي آهي ته گفتگو آفيسري سطح تي ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ هنن هندستان پرڏيهي کاتي جي پاليسي پلاننگ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين مسٽر ڊي. پي ڌر جو نالو پيش ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ اسان به هڪ آفيسر، آفيشل سطح جي ڳالهين لاءِ نامزد ڪيو آهي. صدر صاحب هن وزارت جي سيڪريٽري جنرل مسٽر عزيز احمد کي ان مقصد لاءِ منتخب ڪيو آهي. آئون تصديق سان اوهان کي ٻڌايان ٿو (جيئن اڄوڪي پريس ۾ پڻ آيو آهي) ته مسٽر ڌر ۽ سندس ساٿين سان ڳالهيون هندستان ۾ نه ٿينديون، جيئن اسان اڳ سوچيو هو.
صدر صاحب مون کي سڌو چيو آهي ته اوهان کي اطلاع ڏيان ته پاڻ اوهان سان جلد ملڻ گهرن ٿا. پاڻ جڏهن ڪراچيءَ ۾ ايندا ته اوهان سان رابطي ۾ ايندا. ٻيءَ حالت ۾ جڏهن لاڙڪاڻي اچن ته کانئن وقت وٺي سگهو ٿا.
اوهان جو مخلص افتخار علي
(4)
(تمام تڪڙو)
اسلام آباد
18 جون 1972
افتخار علي
فارين سيڪريٽري آف پاڪستان
پيارا سيد! صدر صاحب مون کي حڪم ڪيو آهي ته اوهان کي چوان ته پاڻ 28 جون 1973ع تي هندستاني وزيراعظم سان ملاقات لاءِ هڪ وفد وٺي وڃي رهيا آهن. پاڻ نهايت خوشي محسوس ڪندا، جيڪڏهن اوهان اُن وفد ۾ ساڻن گڏجي وڃڻ لاءِ تيار ٿيندا.
جيئن ته صدر صاحب جلد جواب گهرايو آهي، اُن ڪري ڪري آئون نهايت شڪر گذار ٿيندس، جيڪڏهن اوهان جيترو جلد ٿي سگهي، خط جو جواب ڏيندا.
اوهان جو مخلص
افتخار علي
مون سندس انهيءَ خط جو جيڪو جواب ڏنو، سو هتي پيش ڪريان ٿو، جنهن ۾ مون ساڻس وفد ۾ گڏجي هلڻ کان معذرت ڪئي، ڇو ته ان سٺ ڄڻن جي وفد ۾ مون پنهنجو ڪو به اثرائتو ڪردار نه ڏٺو، اُن ڪري رڳو گهمڻ، ماني کائڻ ۽ صدر جي محفل جي رونق وڌائڻ مناسب نه سمجهيم ۽ شڪريي سان گڏ ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪيم.
حيدر منزل،
126 مسلم ڪالوني، ڪراچي،
19 جون 1972.
پيارا افتخار علي!
آئون صدر صاحب جو نهايت ٿورائتو آهيان، جو هو مون کي 28 جون 1973ع تي هندستان جي وزيراعظم سان ڳالهائڻ لاءِ وفد ۾ وٺي وڃڻ گهري ٿو. آئون هند ـ پاڪ مسئلن جي حل واري مشن ۾ صدر صاحب جي روبرو چيو هو ته منهنجو ساڻس سٺ ڄڻن جي وفد ۾ گڏجي وڃڻ ڪارائتو ۽ سڦل نه ٿيندو. مون هن کي اهو به چيو هو ته جيڪڏهن سندس مرضي هجي ته آئون آزادانه طور وفد کان اڳ يا ان اعلى گڏجاڻي کان پوءِ ان مشن ۾ مدد ڪري سگهان ٿو.
اميد ته خوش و خرم هوندا.
اوهان جو مخلص
جي . ايم . سيد
مون محسوس ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو، پنجاب جي ڪمزور پوزيشن مان فائدو وٺي، مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ جي صلاحيت کان محروم آهي يا شڪست خورده پنجاب کان ايڏو ڊنل آهي، جو ان سلسلي ۾ هو ڪا به ڪاروائي ڪري نه ٿو سگهي ـ ويندي ان حد تائين جو اڪيلي سر منهنجي مادام اندرا گانڌيءَ سان ملڻ جي مسئلي تي به هُو پنجابين کان خوفزده آهي ۽ اهڙي قدم کي هُو پنهنجي اقتدار لاءِ خطرو ٿو سمجهي. اُن ڪري گهڻي ڊيگهه ڪرڻ مناسب نه سمجهي، پنهنجي مشغولين ۾ لڳي ويس. تُرت ٿي پوءِ اهڙو مسئلو پيدا ٿيو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي جي پوزيشن، اسان سنڌ واسين جي سامهون بلڪل ظاهر ڪري ڇڏي ته هُو پنهنجي اقتدار جي بچائڻ خاطر سنڌ جي هر مفاد کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اسان جو مطالبو ۽ موقف پئي رهيو هو ته سنڌيءَ ٻولي کي پاڪستان جي قومي ٻولين مان هڪ ۽ سنڌ جي واحد سرڪار زبان بنائڻ گهرجي. ان مطالبي ڏانهن پاڪستان ٺهڻ کان وٺي صدر ڀٽي جي اقتدار ۾ اچڻ تائين پاڪستان جي ڪنهن به حڪمران توجهه نه پئي ڏنو. پاڪستان ۾ ٻوليءَ جو مسئلو بنا حل ٿيڻ جي هلندو پئي آيو. پاڪستان جن علائقن تي مشتمل هو، تن جي ڪا به هڪ مشترڪه زبان نه هُئي. ان جي باوجود پاڪستاني حڪمرانن اردوءَ کي پاڪستان جي قومي زبان قرار ڏنو. جنهن تان بنگال ۾ 1954ع ۾ فساد ٿيا ۽ شورش ان حد تائين وڌي وئي، جو حڪمرانن مجبور ٿي، بنگاليءَ کي پاڪستان جي اردوءَ سان گڏ ٻي قومي ٻولي قرار ڏنو.
حقيقت ۾ اردو ته پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جي زبان نه هئي، پر بنگال به پوري پاڪستان جي (سواءِ بنگال جي) زبان نه هئي، اسان جو موقف هو ته پاڪستان، جن قدرتي ۽ طبعي علائقن تي مشتمل آهي، تن جي ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي، پر پاڪستاني حڪمرانن، جتي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي استحصال جاري رکيو، اتي هنن سڀني صوبن جو لساني استحصال پڻ جاري رکيو، ۽ زبان جو مسئلو جيئن جو تيئن رهيو. ڀُٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ سان جتي ٻن مسئلن جو حل جي اُميد پيدا ٿي هئي، اتي اها اُميد پڻ پيدا ٿي هُئي ته هُن جو واسطو جيئن ته هڪ مظلوم سنڌي قوم ۽ سرزمين سنڌ سان آهي، اُن ڪري هُو سنڌين جي ديرينه مطالبي ته“سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ بنايو ـ کي به حل ڪندو. پر هُن اهو مسئلو آئيني ۽ قانوني طرح سموري ملڪ جي سطح تي حل ڪرڻ بدران پنهنجي سؤٽ ۽ سنڌ جي وزير اعلى ممتاز علي ڀٽي جي معرفت سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ اڌو گابرو ٻوليءَ جو بل پيش ڪرايو، جنهن ۾ صرف اهو ڄاڻايل هو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي صوبائي ٻولي ٿيندي. اُن ۾ اها به صراحت ۽ وضاحت نه هُئي ته آيا سنڌي سرڪار ۽ دفتري زبان به هوندي يا نه. حالانڪه سنڌي ٻوليءَ جو اهو دفتري ۽ سرڪاري استحقاق انگريزن جي دور کان وٺي هلندو پئي آيو ۽ بل پيش ٿيڻ تائين قائم هو، ان لاءِ تاريخي دليل ۽ ثبوت موجود آهن :
1978ع ۾ سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان 5 سال پوءِ، بمبئي پرڳڻي جي گورنر سر جارج ڪلارڪ هڪ حڪم نامو ڪڍي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري ٻولي بنايو هو. حڪم نامي ۾ هن طرح لکيل هو.
“اسان کي سرڪاري لکپڙهه واسطي ملڪي ٻولي يعني سنڌيءَ کي رائج ڪرڻ گهرجي. آئون نٿو سمجهي سگهان ته ڪهڙيءَ ريت اسان جا روينيو ۽ عدالتي آفيسر ڪاميابيءَ سان ڌار ٻوليءَ جهڙوڪ فارسي يا انگريزيءَ ۾ لکپڙهه هلائي سگهندا. تنهنڪري 18 مهينن جو مُدو اهڙن ملازمن کي ڏنو وڃي، جنهن ۾ هُو سڀ سنڌيءَ ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪن، گرامر ۽ لغت ڇپرائڻ جو ڪم به ترت ڪيو وڃي.”
1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر هڪ اطلاع نامو ڪڍي، سرڪاري عملدارن کي هدايت ڪئي ته اُهي سڀ سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن ۽ ان ۾ ڄاڻايل هو ته:
(الف) آئيندي سڀ سرڪاري لکپڙهه سنڌيءَ ۾ هلي
(ب) يوپي ۽ ٻيا پرڏيهي آفيسر سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن.
(ت) سنڌي اسڪول کُلن.
ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڊائريڪٽرن جو 1953ع ۾ يڪراءِ فيصلو، سنڌي زبان کي سنڌ صوبي جي دفتري ۽ عدالتي ٻولي بنائڻ جي حق ۾ هو.
سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ دفتري زبان بنائڻ لاءِ سنڌ جي ڪمشنر 25 مارچ 1857 تي سنڌ جي ڪليڪٽرن ڏانهن حڪمنامو موڪليو ته سنڌي روينيو ۽ عدالتن ۾ عام استعمال ڪئي وڃي. نتيجي طور سنڌ جي ڪليڪٽرن (ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور) ۽ سياسي ناظم اپر سنڌ، ڪمشنر سنڌ کي 3 ڊسمبر 1957ع تي اطلاع ڪيو ته “سنڌي مڪمل طور عدالتي ۽ روينيو دفتر جي زبان ٿي چڪي آهي” ۽ ڪمشنر 28 ڊسمبر 1858ع تي بمبئي سرڪار کي اطلاع موڪليو ته سنڌ صوبي ۾ سنڌيءَ کي دفتريءَ ۽ حساب ڪتاب جي ٻولي بنايو ويو آهي.”
اهو سلسلو 13 آگسٽ 1947ع تائين قائم هو ۽ پاڪستان ۾ پڻ هن ٻوليءَ واري بل پاس ٿيڻ واري ڏينهن تائين به سنڌي ٻوليءَ جي ساڳي حيثيت برقرار هئي. ٻئي طرف 1947ع جي آزاديءَ واري ائڪٽ، 1956ع توڙي 1962ع وارن دستورن ۾ سنڌيءَ بابت ڪجهه به لکيل نه آهي، پر اُن حالت ۾ سنڌيءَ جي حيثيت ۽ مرتبي تي ڪو به اثر ڪو نه پيو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌي سنڌ اندر عدالتي ۽ دفتري ٻولي هُئي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيوارو فيصلو قائم هو.
هن اڌو گابرو بل پاس ٿيڻ سان سنڌين جو مڪمل مطالبو ته پورو نه ٿيو، پر ان جو صرف هڪ حصو پورو ٿيو. هن بل پاس ٿيڻ شرط اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ اُن بل جي خلاف زبردست فساد ۽ فتنو پيدا ڪيو. نتيجي طور سنڌ ۾ “لساني فساد” باهه وانگر ڀڙڪي اُٿيا ۽ حڪومت پنهنجي سڀني وسيلن جي باوجود سنڌي ماڻهن کي شهرن ۾ تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. فسادن کي ٿڌي ڪرڻ ڀٽي صاحب، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي نمائنده ماڻهن کي اسلام آباد ۾ گهرايو. مون کي به دعوت ڏني وئي، پر مون وڃڻ کان انڪار ڪيو. اُن ڪري ته اها گڏجاڻي، جيڪڏهن فسادن تي ڪنڙول ڪرڻ لاءِ سڏائي وڃي ها ته مون کي وڃڻ تي ڪو به اعتراض نه ٿئي ها، پر هيءَ گڏجاڻي سنڌ اسيمبليءَ جي اڪثريت سان پاس ٿيل بل کي تبديل ڪرڻ لاءِ سڏائي پئي وئي. اُن لاءِ مون ٽيليگرام رستي صدر صاحب کي اطلاع ڪيو ته “ اسيمبليءَ جي پاس ٿيل بل کي توهان اڻ چونڊيل ماڻهن وسيلي تبديل ڪرائڻ گهرو ٿا، ان ڪري آئون اهڙي غير جمهوري عمل ۾ شريڪ نه ٿيندس ۽ مون کي ان قسم جي غير جمهوري عمل تي سخت اعتراض آهي. اهو ڪٿان جو انصاف آهي جو چند غنڊن آڏو جُهڪي، اسيمبليءَ جو اڪثريتي پاس ڪيل بل رد ڪيو وڃي. اُن ڪري آئون گڏجاڻي ۾ شرڪت کان انڪار ڪريا ٿو ۽ پنهنجو احتجاج، هن ٽيلگرام رستي اوهان آڏو نه، پر تاريخ جي صفحن ۾ رڪارڊ ڪرائڻ چاهيان ٿو ” وغيره.
مُنهنجي اُن ٽيلگرام جي باوجود ڀُٽي صاحب، سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ٻوليءَ واري بل، جنهن ۾ “سنڌي” صوبائي ٻولي قرار ڏنل هُئي، کي 8 جولاءِ 1972ع تي گورنر سنڌ کي چئي، هڪ آرڊينينس ذريعي تبديل ڪري، سنڌ کي “ٻه زباني صوبو” قرار ڏنو، جنهن موجب “اردو ۽ سنڌي زبانون” ٻئي سنڌ صوبي جون سرڪاري زبانون قرار ڏنيو ويون ـ اها سنڌي زبان سان سراسر زيادتي هُئي، ڇو ته جيتوڻيڪ هن کان اڳ اردو، حڪمرانن پاران قومي زبان طور اسان تي مڙهيل هُئي، پر سنڌ جي سرڪاري زبان نه هُئي ۽ سنڌ جي سرڪاري، عدالتي ۽ دفتري زبان صرف سنڌي هُئي. هن آرڊينينس لاڳو ڪرڻ سان خود سول ڪورٽس رولز 1954ع جي قائدي 4/33 جي به ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، جنهن ۾ سنڌ چيف ڪورٽ، واضح لفظن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي عدالتي ٻولي جي حيثيت سان قبوليو هو. فقري 4/33 ۾ ڄاڻايل آهي ته.
“ هر هڪ دعوى، جيڪا ضلعي يا ماتحت عدالت ۾ داخل ڪئي وڃي ۽ اُن جي رقم پنج هزار يا اُن کان مٿي آهي ته انگريزي يا سنڌيءَ ۾ لکي وڃي ۽ سنڌيءَ جي حالت ۾ انگريزي نقل شامل ڪيو ويندو.”
قاعدي نمبر 82 ۾ آهي ته : “ڪارروائي، عدالتي ٻوليءَ سنڌي ۾ هلائي ويندي يا جيڪڏهن قانون اجازت ڏئي ته انگريزيءَ ۾ قاعدو نمبر 98 نوٽس ۽ سمن بابت آهي ۽ ان ۾ عدالتي ٻولي سنڌي ٻولي ڏيکاريل آهي. ان کان سواءِ سنڌ سول سروس ڪلاسيفڪيشن قاعدي1952ع جي قاعدي نمبر 101 موجب هر غير سنڌي ملازم کي ملازمت ۾ گهڙڻ کان هڪ دم پوءِ ٻن سالن اندر سنڌي ٻولي جو امتحان پاس ڪرڻو هو. قاعدي 101 ۾ ڄاڻايل آهي ته :
“سڀ گزيٽيڊ ۽ نان گزيٽيڊ آفيسر نوڪري حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻن سالن اندر سروس ڪميشن جي نگرانيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو امتحال پاس ڪندا. مقرر ڪيل مدت ۾ امتحان پاس نه ڪرڻ جي حالت ۾ هنن جي نوڪري ختم ڪئي ويندي. پر خاص حالتن ۾ سنڌ سرڪار اُها مُدت وڌائي سگهي ٿي، پر وڌايل مدت دوران اُهو ملازم نه اضافي جو حقدار هوندو ۽ نه ترقي وٺي سگهندو.
پر گورنر سنڌ جي آرڊينينس ذريعي ترميم ٿيل هن ٻوليءَ واري بل موجب اردو دانن کي سنڌي سکڻ کان 12 سالن جي مهلت ڏني وئي. انگريزن سنڌي سکڻ لاءِ 1851ع ۾ ملازمن کي 18 مهينا مهلت ڏني هُئي، ون يونٽ کان اڳ واري پاڪستاني سرڪار هن کي صرف ٻه سال ڏنا هئا، پر ڀٽي صاحب آرڊينينس ذريعي 25 سال سنڌ ۾ رهڻ کان پوءِ به اردو دانن کي سنڌي سکڻ لاءِ 12 سالن جي مهلت ڏئي ڇڏي.
ڀٽي صاحب نه رڳو اردو دانن کي ٻولي سکڻ جي معاملي ۾ اها سهولت ڏني، پر انتظاميا ۾ پڻ اهڙي قسم جي تبديلي ڪرڻ جو اصول قبول ڪيو ته جڪڏهن وزيراعلى سنڌي ڳالهائيندڙ هوندو ته گورنر اردو ڳالهائيندڙ هوندو. اهڙيءَ طرح ضلعي جي عملدارن مان ڊپٽي ڪمشنر جيڪڏهن سنڌي ڳالهائيندڙ هوندو ته ايس پي اردو ڳالهائيندڙن مان رکيو ويندو ۽ اهڙيءَ ريت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن به اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ برابر ميمبرن تي مشتمل هجڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اِن فيصلي سان اسان کي خبر پئي ته سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ماڻهو، پاڪستان جي اعلى ترين عهدي تي پهچڻ جي باوجود، پنجابين ۽ پناهگيرن وٽ مجبور آهي ۽ هُو پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ سنڌ جي فائدي خاطر ڪو به ڪم يا قانون رائج ڪري ئي نه ٿو سگهي. سنڌين جي آئيني جدوجهد ۾ ڀٽي صاحب جو پاڪستان جي اقتدار اعلى تي پهچڻ نقطه، عروج هو، پر اُن اقتداري منصب تي پهچڻ جي باوجود هُو پنجابي بناهگير ملٽري ۽ سول بيورو ڪريسيءَ وٽ غلام ئي ٿي رهڻو هو. اُن ڪري هو پنهنجي مادرِ وطن سنڌ سان صرف غداري ئي ڪري سگهيو ٿي، جنهن جي عيوض کيس “ چنيسر واري پڳ” ملي سگهي ٿي.
انهيءَ ڳالهه اسان کي پاڪستان ۾ آئيني طرح اسيمبلين جي ذريعي واحد وفاقي سرشتي ۾ قومي ۽ صوبائي حق حاصل ڪرڻ کان مڪمل مايوس ڪري ڇڏيو ۽ “ ماڻهو جڏهن مڪمل مايوس ٿي ويندو آهي، اُن وقت مڪمل تبديلي چاهيندو آهي”
ـ اهڙيءَ ريت اسان به مڪمل طرح مايوس ٿي چُڪا هئاسون. اُن ڪري اسان هن نظام ۽ ڏانچي کان سنڌ جي مڪمل آزادي يعني “سنڌوديش” جي قيام لاءِ عوام کي تيار ڪرڻ جو پروگرام ظاهر ڪيو ۽ ان تي ڪاربند ٿي، سنڌي عوام سان رابطي رکڻ جو فيصلو ڪيو سون.
اُن سلسلي ۾ سڀ کان پهرين سنڌي قوم کي، تازي مڙهيل “ٻوليءَ واري آرڊينينس” جي نقصان کان واقف ڪرڻ لاءِ مون سنڌ متحده محاذ جي ميمبرن، عهديدارن ۽ همخيال قومي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن ۽ شاگردن جو هڪ اجلاس، پنهنجي ڪراچيءَ واري رهائشگاهه، حيدر منزل تي 18 جون 1972ع تي سڏائي، پراڻي “سنڌ متحده محاذ” ۽ “جيئي سنڌ نوجوان محاذ” کي ملائي “جيئي سنڌ محاذ” نالي نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ اُن جي ئي جهنڊي ۽ بينر هيٺ آئينده جي جدوجهد هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ان سلسلي ۾ 31 جولاءِ 1972ع تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاهه، حيدر منزل تي مون هڪ پريس ڪانفرنس ڪوٺائي، اُن ذريعي سنڌ جي دوري جو پروگرام ۽ مقصد واضح ڪيو. اُها پريس ڪانفرنس هتي پيش ڪري رهيو آهيان.
پريس ڪانفرنس
“سنڌ گهڻي عرصي کان وٺي مستقل مفاد قوتن جي هٿان استحصال جو شڪار رهي آهي. هن دفعي سنڌ کي اهڙي حالات ۾ پهچايو ويو آهي، جو هن کي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪرڻي پوندي.
مون کي وڏي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ کي مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ پاڪستان جي حدن اندر صحيح مقام ڏيڻ جي عيوض اهي ڪوشش ڪيون پيون وڃن ته جيئن سنڌ جي جاگرافيائي وحدانيت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کيس هڪ تاريخي ڪاري رات ۾ ڌڪيو وڃي.
تازين حالتن مان آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته موجوده حڪومت ۽ سنڌ وطن جا ويري، سنڌ خلاف هڪ جامع سازش ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي چڪا آهن. سندن مقصد سنڌ کي هڪ چالاڪ ۽ مسلسل طريقي سان هڪ وڏو ڇيهو رسائڻ آهي.
آئون اهو پنهنجو فرض ٿو سمجهان ته سنڌوديش جي ماڻهن کي سندن وجود خلاف خطرن کان نه صرف آگاهه ڪريان، پر کين ڪنهن مؤثر احتياط ڪرڻ لاءِ واٽون ڏسيان. آئون اُن سان گڏوگڏ سنڌ جي ويرين کي ٻڌائڻ ٿو گهران ته ڪنهن به حالت ۾ سندن سنڌ دشمن سازشن کي عملي جامو پهرائڻ نه ڏنو ويندو.
مون هميشه چيو آهي ته اردو سامراجي طبقي، نه پاڪستان جي حقيقي مقصد کي تسليم ڪيو آهي ۽ نه ئي سنڌ ڌرتي ۽ ان جي رهاڪن، جن کي لڳاتار 25 سال پئي پاليو آهي، سان وفادار ٿيڻ چاهين ٿا. سندن اُن ذهن ۽ “ترڪ وطن” حرڪتن ئي بنگلاديش کي اسان کان جدا ڪيو. جيڪڏهن هو پنهنجي اردو زبان کي پاڪستان جي واحد قومي زبان بنائڻ واري غير فطري تقاضا کي بنگلاديش جي ماڻهن مٿان نه مڙهين ها ته جيڪر بنگال جي ڌرتيءَ تي بنگال جي ماڻهن جو خون نه وهي ها ۽ نه ئي بنگال جُدا ٿئي ها.
بدقسمتيءَ سان انهن ساڳين ئي عنصرن پنهنجن غير انساني ارادن جو نشانو سنڌ کي بنايو آهي. تازو زبان جي مسئلي تي ٿيل فساد نه صرف غير فطري پر مجرمانه هئا. بل ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه موجود نه هئي، جاکين اهڙين حرڪتن ڪرڻ لاءِ بهانو ٿي سگهي ٿي. سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ٿيل بل هڪ ڪاغذ جي ٽڪري تي ناڪافي سٽن کان وڌيڪ ڪجهه به نه هو، جنهن کي سنڌ اسيمبليءَ جي 62 ميمبرن مان 51 ميمبرن اڪثريت سان پاس ڪي ويو هو.
سنڌ جي ماڻهن جي تاريخي تقاضا هئي ته موجوده حڪومت سنڌي زبان کي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان وارو تاريخي حق وٺي ڏيندي. ليڪن اسان جي تعجب جي حد نه رهي، جو اُهو بل، جو ڪمزور ۽ مڪمل طرح ناڪافي هو، سو به هنن کان سٺو نه ٿيو ۽ هنن سنڌ جي جائز ۽ ڊگهي جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ غنڊا گرديءَ جو سهارو ورتو. اُن کان وڌيڪ تعجب خيز ڳالهه اها هئي ته انهن ساڳين عناصرن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ به سنڌي قوم جي ماڻهن مٿان طرح طرح جا حملا ڪيا. سنڌ کي ايڏي وڏي نقصان پهچائڻ کان پوءِ به کين تسڪين حاصل نه ٿي ۽ هو سنڌ کي وڌيڪ زخم پهچائڻ لاءِ پنهنجي “غنڊا گرديءَ” کي جائز قرار ڏيندا رهن ٿا.
پر اسان جي حيرانيءَ جي حد نه رهي. جو جناب ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي صدارت بچائڻ خاطر وڃي سنڌ جي ويرين ۽ ٻين مستقل مفاد سان گڏيو آهي، جن جو مقصد سنڌ کي استحصال جو شڪار بنائڻ آهي.
آئون پنهنجي وطنين (سنڌين) کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته موجوده پاس ٿيل آرڊينينس، جيڪو صدر ڀٽي جي هدايتن تي سنڌ جي گورنر جاري ڪيو آهي، اُن سنڌ جي ماڻهن جي حقن واري جدوجهد کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي ۽ اسان سنڌين جون ڪيتريون قيمتي جانيون ورتيون آهن.
هن آرڊينينس ذريعي سنڌ کي ٻن ٻولين وارو صوبو بنايو ويو آهي، جو ڪو به غيرتمند سنڌي برداشت نه ڪندو. هن آرڊينينس ۾ صدر ذوالفقار علي ڀٽي، اردو سامراجين کي اُها راهه خلقي ڏني آهي، جنهن کي هُو ڪراچي کي سنڌ کان علحده ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا.
صدر ڀٽي جا چند بيان اردو سامراجين کي سندن ڊگهي سنڌ دشمن سازشن کان باز رکڻ کان قاصر آهن. اهو صرف منهنجو تجربو نه آهي، پر گذريل چند ڏينهن کان حڪومت ۽ اردو سامراجي ٽولي درميان ٿيل عهدنامن ۽ آرڊينينس بابت اشفاق حسين قريشيءَ ۽ شاهه فريد الحق جا وضاحتي بيان منهنجي تجزئي کي ٽيڪو ڏين ٿا.
ٻئي طرف مسٽر ڀٽي طرفان انهن بيانن خلاف ڪنهن به ترديد جو نه اچڻ اسان جي شڪن کي صحيح ثابت ڪري ٿو ۽ ظاهر ٿي رهيو آهي ته هو صاحب به پنهنجي مادرِ وطن جي ويرين سان شريڪ آهي.
انهن واقعات هڪ اهڙي روايت ٺاهي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ اندر خودمختياري سنڌ اسيمبليءَ وٽ، نه پر چند هٿ ٺوڪين غنڊن جي هٿ ۾ آهي. هيءُ آرڊينينس سنڌ اسيمبليءَ، جيڪا خود صدر صاحب جي پنهنجي پارٽي (پيپلز پارٽي) جي اڪثريت جي ٺهيل آهي، جي منهن تي هڪ چماٽ آهي.
ڀُٽي صاحب اُنهن انتشار پسند اڳيان جهڪندي، سنڌ وطن جي ماڻهن سان غداري ڪئي آهي. هن پنهنجي صدارت بچائڻ لاءِ ڪيڏي نه وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. اُها صدارت کيس وڌ ۾ وڌٻه مهينا به هلائڻ نه ڏيندا.
اردو سامراجي، جيڪي پنهنجي اڳوڻي مادر وطن سان قطع تعلقات ڪري سگهن ٿا، جيڪي 25 سال مسلسل پاليندڙ محسنن سان غداري ڪري سگهن ٿا، اهي ڪنهن فرد واحد سان وفادار ٿي نه ٿا سگهن.
آئون ڏسي رهيو آهيان ته مستقبل ۾ سنڌ تي وڏا عذاب اچڻ وارا آهن ۽ اُهي اُن وقت ايندا، جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ بنگلاديش تسليم ڪرڻ واري معاملي کي آندو ويندو. آئون سمجهان ٿو ته صدر ڀٽو ڪي اهڙا قدم کڻندو، جيئن رجعت پسندن کي راضي ڪري، بنگلاديش بابت ووٽ وٺي سگهي.
آئون سنڌ جي ماڻهن جي قوت ۾ ويساهه رکندي، اهڙن عنصرن کي آگاهه ڪرڻ گهران ٿو ته جيڪڏهن ڪابه اهڙي ڳالهه، ڪنهن به ڪنڊ ۾ رٿي وئي ته ان کي هڪدم روڪيو ويندو.
صدر ڀٽي جون موجوده پاليسيون ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿيون ته هُو اردو سامراجين کي خوش ڪرڻ ۽ سندن ساٿ وٺڻ خاطر مناسب قدم کڻڻ وارو آهي، جيئن صدر ڀُٽي تازين حالتن ۾ چند غنڊن آڏو جهڪي، پنهنجي ڪمزور هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. اُن ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي، هُو انتشار جو سهارو وٺي، هن مان ڪو به ڪم ڪڍي سگهن ٿا.
اسان هن کان اڳ به 23 جولاءِ 1972ع تي جيئي سنڌ محاذ واري گڏجاڻيءَ ۾ ٺهرائن ذريعي آگاهه ڪيو هو ته مستقبل قريب ۾ اُهي عناصر بنگلاديش مان بهارين کي گهرائڻ واري تحريڪ هلائڻ چاهين ٿا ته جيئن هُو سنڌ اندر اصل سنڌين کي اقليت ۾ بنائي سنڌ جا حاڪم ٿي ويهن. مون کي ته شڪ آهي ته صدر ڀُٽي ڪٿي اهڙي ٺهراءُ تي ساڻن سمجهوتو نه ڪيو هجي. سنڌين اڳيئي اردو سامرجين هٿان گهڻا زخم کاڌا آهن ۽ هُو ڪنهن به صورت ۾ بهارين کي هتي اچڻ نه ڏيندا. آئون ايمانداريءَ سان اِها تجويز ڏيان ٿو ته سنڌين کي ايترو سوڙهو نه ڪيو وڃي، جو اڳتي هلي تباهه ڪن نتيجا نڪرن.
مون کي اهو ٻڌي تمام گهڻو صدمو رسيو آهي ته موجوده حڪومت غريب بنگالي سرڪاري ڪامورن توڙي ٻين شهرين کي سندن خواهش جي اظهار (بنگلاديش وڃڻ جي اظهار) ڪرڻ جي جُرم ۾ نوڪرين مان خارج ڪري پگهارون بند ڪري، ڪاري وحشت ۽ ظلم جو شڪار بنايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح جا ڪيترا مضمون ۽ خط شايع ڪيا ويا آهن. سندن پگهارن بند ٿيڻ ۽ ويجهڙائيءَ ۾ وطن وري وڃڻ جي امڪانن جي غيرموجودگيءَ ۾ کين عليل ۽ رحم جوڳين حالتن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.
هيءَ دنيا جي تاريخ ۾ هڪ قسم جو الميو ثابت ٿيندو. جيڪڏهن کين زندگي گذارڻ لاءِ وسائل مهيا نه ڪيا ويا ته هو بک افلاس جو نشانو بڻجي ويندا.
آئون گهر ڪريان ٿو ته موجوده حڪومت کي اهڙن ستايلن انسانن لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گهرجن. هيءُ انساني مسئلو آهي، جيڪڏهن اهو حل نه ڪيو ويو ته ٻاهرين ملڪن اندر توڙي ڀروارن ساٿين سامهون ذلت ۽ بدناميءَ جو ڪارڻ بنبو. اڳيئي گذريل سال دوران بنگال وارن واقعن ۽ بربريت اسان کي ڪافي خوار ڪيو آهي ۽ اسان وڌيڪ خواري برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون.
آئون اعتماد سان چوڻ چاهيان ٿو ته سنڌي قوم هاڻي جهالت جي اونداهين راتين مان نڪري رهي آهي ۽ وقت اچي ويو آهي ته هو پنهنجي خلاف سٽجندڙ سازشن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا. کين هاڻي “غداريءَ وارن نعرن” سان گمراهه ڪري نٿو سگهجي. اسين ڪافي ڀوڳي چڪا آهيون.
نئين دور جو صبح هن موهن جي دڙي جي پراڻي ڌرتيءَ تي اڀري چڪو آهي. سنڌي زبان جي واحد سرڪاري زبان هجڻ وارو مقام اسان جو حق آهي. اڄ يا سڀاڻ اسان اِهو حق ضرور وٺي رهنداسون.
هاڻ اسان سان وڌيڪ دغا ممڪن نه آهي. سنڌ اندر نئين صوبي بنائڻ واري سازش کي پوري قوت سان روڪيو ويندو. اسين پنهنجي پاڪ ڌرتيءَ تي ڪو به اسرائيل يا محمد پور ۽ ميرپور (بنگال ۾ بهارين جون ٻه آباديون) برداشت نه ڪنداسون. هيءَ صوفين جي ڌرتي آهي.
آئون سڀاڻي سنڌ جي دوري تي وڃي رهيو آهيان. منهنجو مقصد سنڌ جي ماڻهن کي سندن خلاف ٿيندڙ سازشن کان آگاه ڪرڻ آهي. ممڪ آهي ته موجوده حڪومت انهن حقيقتن کان خائف ٿي، منهنجي اُن دوري جي راهه ۾ رڪاوٺتون کڙيون ڪري. پر مون کي اهڙين رڪاوٽن جي ڪا به پرواه نه آهي، جيڪڏهن مون سان ڪو به اهڙو واقعو پيش آيو ته هيءُ سچ جو جهنڊو منهنجن ساٿين جي هٿن تائين پهچي ويندو ۽ هُو اُن جهنڊي جي وقار ۽ بلنديءَ خاطر آخري دم تائين جدوجهد ڪندا رهندا.”
ان کان پوءِ پهرين آگسٽ 1972ع تي مون سنڌ جو دورو شروع ڪيو ۽ ماڻهن کي پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ ۽ منظم ۽ متحده ٿيڻ جي تلقين ڪندو رهيس ۽ اهو پڻ واضح ڪيم ته پاڪستان جي ڍانچي ۾ رهندي نه سندن حياتيون سلامت آهن، نه ٻولي، نه تهذيب، نه اقتصادي ۽ نه سياسي حق محفوظ آهن، کڻي جو پاڪستان جو حڪمران نالي خاطر سنڌي ئي ڇو نه هجي. ان ڪري توهان کي “سنڌوديش” جي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ان دوري ۾ مُون پوريءَ ريت وفاق ۽ وفاقي ڍانچي کان بيزاريءَ ۽ مايوسيءَ جو اظهار ڪيو، ڇو ته ڪافي تجربي کان پوءِ خاص ڪري بنگال جي علحدگيءَ اهو ثابت ڪيو ته پاڪستاني حڪمران ڪنهن به صورت ۾ ننڍن ۽ مظلوم صوبن کي عزت جوڳو مقام ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. اهڙو اظهار آئون هن دوري ۽ لساني فسادن کان اڳ ۾ 4 مارچ 1972ع ۾ حيدرآباد اندر هڪ وڏي عام جلسي ۾ ڪري چڪو هئس ۽ سنڌين جي آئيندي جدوجهد جو محور ۽ مرڪز “سنڌوديش” کي قرار ڏنو هئم ۽ هيءُ دور پڻ انهيءَ سلسلي جي ڪڙي هو.