4
“جناب صدر!
هن لينڊ روينيو ڪوڊ جي درستيءَ (جاگيرداري بل) جي موقعي تي جڏهن مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ ۽ منهنجي وچ ۾ اختلاف راءِ ٿي پيو آهي؛ آءُ ضروري ٿو سمجهان ته هن بيان رستي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريان. آءُ هر ڪنهن وقت اهڙي اختلاف راءِ ظاهر ڪرڻ جو ضرور نه سمجهندو آهيان، ليڪن هيءُ اهڙو مسئلو آهي، جنهن ۾ اختلاف ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ۽ غلط فهميءَ کي دور ڪرڻ ۽ پنهنجي پوزيشن پبلڪ اڳيان صاف ڪرڻ لاءِ هن بيان رستي ان اختلاف جا ڪرڻ پيش ٿو ڪريان. هيءُ پارٽيءَ جي ڪثرت راءِ ۽ منهنجي ضمير جو اختلاف آهي ۽ پارٽي به اها جنهن کي مون سمجهي سوچي ملڪ ۽ قوم جي ڀلي جي حصول خاطر ذريعو ڪري قبول ڪيو آهي. اهڙا موقعا انهيءَ ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ تمام نازڪ هوندا آهن، جنهن ماڻهوءَ جي ساري سياست روحاني ترقي حاصل ڪرڻ جو ذريعو هوندي آهي.
جناب من! اهو ظاهر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان ته منهنجي سياسي عقيدن جو تعلق طاقت، عزت، شهرت يا واندڪائيءَ جي حاصل ڪرڻ سان نه آهي، پر اها هڪ شخص طرفان انسانيت جي ترقيءَ ۽ بهبود لاءِ بي لوث خدمت ڪرڻ جي جدوجهد آهي، جماعتون، ان جا قاعدا ۽ پابنديون، شخصي دوستيون ۽ انهن جا لاڳاپا سڀ مون وٽ انهيءَ اعلى مقصد حاصل ڪرڻ جا ذريعا آهن ۽ نه بذات خود مقصد آهن. جڏهن مقصدن ۽ ذريعن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿئي ٿو، تڏهن مون لاءِ نهايت نازڪ حالتون پيدا ٿين ٿيون.
سائين! اسلامي فلسفي کي مون طريقئه راهه ڪري اختيار ڪيو آهي، جنهن ذريعي آءُ سمجهان ٿو ته زمين تي عدل، سک ۽ سلامتيءَ جو عالم پيدا ڪري سگهبو. مسلم ليگ جماعت پاڻ تي انهيءَ عقيدي ۾ اعتقاد رکندڙ مسلمانن کي منظم ڪرڻ جو ذمو کڻڻ سان اسلام جي اصولن پٽاندڙ انسان ذات جي فلاح ۽ بهبوديءَ جي جوابداري سر تي کنئي آهي. آءُ مسلم ليگ ۾ شامل ئي انهن جذبات تحت ٿيس. اهو صحيح آهي ته جماعتون شخصن جو مجموعو آهن، انهن جي اڪثريت ۾ اعلى خيالن ۽ عملن جي ڪمزورين، وقتي حالتن ۽ ضرورتن کي مدنظر رکندي معيار هيٺ ڪرڻو پوي ٿو. ليڪن جن ماڻهن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد مٿي بيان ڪيل اعلى اصولن مطابق مقرر ڪيو آهي، انهن لاءِ ڏاڍو مشڪل ٿيو پوي ته قبول ڪيل اصولن جي برخلاف وقتي مصلحتن خاطر حق جي رستي کي ڇڏي ناحق اڳيان ڪنڌ نوائين. اڄ آءُ پاڻ کي هڪ طرف ضابطي جي پابنديءَ ۽ ٻئي طرف پنهنجي ضمير جي آواز جي ڪشمڪش ۾ ڦاٿل ٿو ڏسان. جيڪڏهن مسلم ليگ جو مقصد مساوات، اخوت ۽ عدل آهي، جي اسلامي قانون آهن ۽ جن واسطي پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته آءُ سمجهي نه ٿو سگهان ته ڇو منهنجا مسلم ليگي دوست انهن اصولن کي قربان ڪري، ان سسٽم کي قائم رکڻ گهرن ٿا، جو اسلامي اصولن جي عين برخلاف آهي. جاگيرون قديم زماني جي جابرانه دستور جو ڀاڱو آهن، جي جنگي، انتظامي خدمتن جي عيوض ۾ قبيلن جي سرگروهن کي يا شاهي خاندان جي فردن کي گذرمعاش لاءِ ڏنيون ويون هيون. هن سسٽم جي ڪري ئي غريب ۽ شاهوڪار ۽ ڏاڍي ۽ هيڻي جو بنياد پيو ۽ طبقاتي اختلاف برپا ٿيا، جي اسلامي اصولِ مساوات جي بر خلاف آهن. آءُ سمجهي نه ٿو سگهان ته انصاف جي اصولن پٽاندڙ هن جمهوريت جي زماني ۾ هڪ ڏينهن به هن طريقي کي قائم رکڻ نه گهرجي. آءُ سمجهان ٿو ته اسان اڃان انگريزي حڪومت جا ماتحت آهيون، جا طبقاتي تفاوت جي حامي ۽ ان جي محافظ آهي. تنهنڪري جيڪڏهن هن وقت جاگيرن کي صفا ختم نه ٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ انهن جو ظلم جي زنجيرن کي ضرور ڍرو ڪري ڇڏيون (آفرين آفرين جا آواز).
هاڻي آءُ هن بل جي تفصيل ۾ ويندس. هن جا مکيه ٻه ڀاڱا آهن. هڪ آهي جاگيرن جي سروي ۽ ٻيو جاگيرن جي زمين تي ڍل بندي. جاگيرن جي سروي جي اصول تي مخالفت ٿي نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ان جي عدم موجودگيءَ ۾ سرڪار کي سال بسال لکها روپين جي ڍل جو نقصان پوي ٿو، جيسين تائين ڍل بنديءَ جو تعلق آهي ته اسان مان گهڻن کي معلوم آهي ته ان ڪري ڪيترن ايماندار جاگيردارن کي فائدو ٿيندو، جو هن وقت هنن کي ڍل جيتري به پيدائش نه ٿي حاصل ٿئي. ليڪن ڪي ظالم ۽ زبردست جاگيردار، جي غريبن جي رت چوسڻ تي هريل آهن، سي ان مان رنج ٿيندا. جاگيردارن جي پوزيشن جاگيري زمين جي هٿان سرڪار جي حقن مطابق آهي. جڏهن سرڪار زمين تان ڍل ٿي وٺي ته ڪو به سبب ڪونه آهي ته جاگيردار بٽئي وٺندا رهن. جاگيردار کي اهو حق سياسي پينشن جي صورت ۾ مليل هو، تنهنڪري هو نقد رقم ملڻ جا حقدار آهن. زمين جي مالڪي يا سنڀال جو هنن کي ڪو به حق نه آهي. هينئر وقت اچي ويو آهي ته ڍل سرڪار سڌو هارين ۽ مخاديمن کان وصول ڪري ۽ جاگيردارن کي صرف پٽيدارن وانگر ڍل جو حصو ڏيڻ گهرجي، جيسيتائين ڪه جاگيرون صفا ختم ڪيون وڃن.
صاحبا! منهنجا ظاهر ڪيل خيال درحقيقت مسلم ليگ جماعت جا حقيقي رايا سمجهڻ گهرجن. ليڪن آءُ اهڙو بخت وارو نه آهيا، جو مسلم ليگي دوستن کي حق سان روشناس ڪرائي سگهان ـ ته به آءُ نااميد نه ٿو ٿيان ۽ صبر سان ڪوشش ڪندو رهندس، جيستائين هنن کي حق ۽ ناحق جي تميز اچي وڃي (تاڙيون)”.
[ ڏسو: سنڌ اسيمبلي پروسيڊنگس 26 مارچ 1941ع ]
هتي عجيب ڳالهه آهي ته جن بلن جي هندو اسيمبلي ميمبرن ۽ الهه بخش وزارت طرفان بار بار مخالفت ٿيڻ ۽ انهن جي پاس ڪرائڻ ۾ مدد نه ڪرڻ ڪري، اسان مسلم ليگ جو سهارو ورتو هو، اها ئي مسلم ليگ، اسان جي بنيادي مقصدن جي مخالفت ڪري رهي هئي، جڏهن ته هندو اسيمبلي ميمبر ۽ الهه بخش، اهو بل اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ تي زور ڏئي رهيا هئا.
تُرت ئي پوءِ مون کي جون 1941ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي نامزد ڪيو ويو، جنهن تي سنڌ مان اڳ ئي ٻيو عيوضي حاجي عبدالله هارون هو. پهريون دفعو آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ 26 آڪٽومبر 1941ع تي دهليءَ ۾ ٿي، جنهن ۾ مون حصو ورتو.
هيءُ پهريون دفعو هو، جو هندستان جي اهم سياسي مسئلن سان منهنجو واسطو پيو هو، جنهن مون ۾ مسلمان عوام جي فلاح ۽ بهبوديءَ خدمت ڪرڻ جون نيون اميدون پيدا ڪيون.
1941ع جو سال جيئن پوري ٿيڻ کي ويجهو ايندو ٿي ويو، تيئن 1939ع ۾ شروع ٿيل ٻين مهاڀاري جنگ جي حالت نازڪ صورت اختيار ڪري ويئي. جپان طرفان اوچتو جنگ ۾ گهڙڻ ۽ ان جي ابتدائي فتحن هندستان تي قابض انگريز سامراجين توڙي هندستانين جي نظر ۾ هندستان جي بچاءَ ۽ حفاظت لاءِ خطرو وڌائي ڇڏيو. ان جو اثر برصغير جي اندروني معاملات تي گهڻو پيو ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ حالتن نازڪ صورت اختيار ڪري ورتي.
1942ع جو سال، سنڌ جي تاريخ ۾ خاص اهميت وارو سال هو، جيڪو تاريخ ۾ سدائين ياد رهندو، هڪ طرف “حُر بغاوت” جي ڪري، انگريزن سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري، سنڌي عوام تي مصيبتن جا پهاڙ ڪيرائي وڌا هئا، ٻئي طرف اپر سنڌ ۾ غير معمولي ٻوڏون آيون، جنهن ڪري پنجن لکن تائين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ڪروڙين روپين جو مالي نقصان ٿي. ٽئي طرف انڊين نيشنل ڪانگريس برطانوي سامراج خلاف “هندستان خالي ڪريو” (Quit India) تحريڪ شروع ڪئي.
هيءُ سال ٻئي لحاظ کان مون لاءِ انتهائي صدمي جو سبب بڻيو، جو سنڌ مسلم ليگ جي صدر حاجي عبدالله هارون جي اوچتي وفات 27 اپريل 1942ع تي ٿي. آءُ حاجي صاحب جي ايمانداريءَ، وفاداريءَ ۽ شخصي اثر کان متاثر ٿي، مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو هوس. سندس اوچتيءَ وفات سبب مسلم ليگ جي صدر جي چونڊ بابت اختلاف پيدا ٿي پيا. مسلم ليگ جي ڪائونسل اجلاس ۾ مقابلي بازيءَ کي مُفيد نه سمجهي، في الوقت چونڊن کي ملتوي ڪرايو ويو. ان وچ ۾ حاجي صاحب جي جاءِ تي آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي نامزد ڪيو ويو. اسان ان وچ ۾ مرڪزي اسيمبليءَ جي خالي ٿيل تڪ جي چونڊ ۾ يوسف هارون جي ڪاميابيءَ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳي وياسون. الهه بخش طرفان پنهنجي ڀاءُ مولا بخش کي هٿ کڻائڻ سان يوسف هارون بنا مقابلي چونڊجي ويو.
ان عرصي ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ درياهه جي ٻنهي طرفن مارشل لا کي سختيءَ سان لاڳو ڪيو ويو. اسان مارشل لا کي قانوني طرح چئلينج ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو هو، پر جناح صاحب ائين ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي.
هن سڄيءَ صورتحال ۾ حر تحريڪ ۽ ڪئٽ انڊيا تحريڪ سنڌ تي وڏا اثر ڇڏيا، ان ڪري مختصر طرح انهن تي روشني وجهڻ ضروري سمجهان ٿو:
1 ـ تحريڪ
حر تحريڪ ڪافي وقت کان سنڌ ۾ موجود هئي، پر ان کي شهرت ان وقت ملي، جڏهن حُرن جي روحاني پيشوا صبغت الله شاهه ثانيءَ کي انگريزن گرفتار ڪيو. پير صاحب جي گرفتاريءَ کان پوءِ حُرن قانون جي خلاف ورزيءَ ۽ پُر تشدد طريقي سان برطانوي راڄ خلاف جدوجهد شروع ڪئي. جيتوڻيڪ اهڙا دستاويزي ثبوت ملي نه سگهيا آهن، جن تحت يقيني طرح ڪا ڳالهه چئي سگهجي ته حُر تحريڪ جو اصل مقصد ڪهڙو هو، پر پير صاحب جي گرفتاريءَ کان اڳ منهنجي ساڻس ٿيل ملاقات ۾ مون تي هيءَ ڳالهه واضح ٿي وئي هئي ته پير صاحب سنڌ ۾ فرقيواريت جي سخت خلاف هو ۽ هن مسلم ليگ کي مسلمانن جي مفاد لاءِ خطرناڪ سمجهيو ٿي ۽ هن سنڌ مان انگريز راڄ جو مڪمل خاتمو ڪرڻ چاهيوٿي. ان لاءِ هن جي خيال ۾ ننڍي کنڊ جي سڀني انقلابين سان گڏجي ئي جدوجهد مفيد ٿي سگهي ٿي.
هتي آءُ اها گفتگو درج ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪا مُنهنجي ۽ پير صاحب جي وچ ۾ ٿي هئي، ۽ جيڪا سنڌ جي مشهور ليکڪ، مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ، پنهنجي تاريخي ناول “سانگهڙ” ۾ شامل ڪئي آهي:
“پير صبغت الله شاهه ثانيءَ وٽ سنڌ مسلم ليگ جو روح روان جي . ايم . سيد وفد وٺي آيو ته “اوهين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.”
پير صاحب مُرڪي چيو “ڇالاءِ؟”
سيد صاحب چيو “هن لاءِ ته 1940ع جي ٺهراءَ موجب وطن آزاد ڪرائجي.” پير صاحب ٽهڪ ڏئي چيو، “مسلم ليگ ۽ وطن آزاد ڪرائيندي؟ شاهه صاحب! مون ته اوهان کي وڏو سياستدان سمجهيو هو، پر شايد اوهين سياست جي ابجد مان به واقف ڪو نه آهيو.”
سيد صاحب پير صاحب سان بي تڪلف هو، هن مُرڪي چيو: “اوهين شايد مختلف جيلن ۾ رهي، مختلف سياسي قيدين سان ملي، سڄي سياست ازبرياد ڪري ويا آهيو!”
“اسين سياست جي ازبريءَ جي دعوا ته ڪونه ٿا ڪريون، پر جيڪا جماعت سڀڪجهه انگريزن جي مشوري سان ڪري، جنهن ۾ سمورا سر، خانبهادر، وڏيرا ۽ سيٺيون هجن، سان به ڪري آزادي جي دعوا، ته پوءِ ته ڍاڪئون ئي پڪو!” شاهه صاحب سنجيدو ٿي چيو، “ڏسو! اسين ته اسيمبليءَ ۾ به تُرت پاڪستان جي آزاديءَ جو ٺهراءُ بحال ڪرائينداسون”
پير صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو: “بس! اوهان ٺهراءُ بحال ڪرايو ۽ انگريزن اوهان کي آزاد ڏيئي ڇڏي! شاهه صاحب، ياد رکو! انگريز اول ته پاڪستان ڏيندا ئي ڪو نه، پر جي هندو ٺاهه تي نه آيا ته ڪجهه ڏنائون کڻي، ته اهو پاڪستان اهڙو وڍيل ۽ چچريل هوندو، جنهن جي واڳ ڪيترائي ورهيه ته وري به انگريزن جي هٿ ۾ هوندي.”
سيد صاحب ٿورو جوش ۾ اچي چيو: “اسان هنن (انگريزن) کي پنهنجي آزاد وطن ۾ ڪو به دخل ڏيڻ نه ڏينداسون.”
پير صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو، “ ۽ اوهين هوندئو ڪٿي؟ شاهه صاحب! ڀُليل آهيو. وڙهڻ لاءِ اوهين هوندوء ۽ فتح وقت واڳون انهن جي هٿ ۾ هونديون، جي انگريزن جا ازلي غلام هوندا. اوهان کي کير جي مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو. بلڪه شڪ ناهي جو جيل ۾ به رکيا وڃو! جيڪڏهن زندگي آهي ۽ اسان جي پيشنگوئي سچي نڪري ته پوءِ ٻڌائجو ته سياست مان گهڻو ڪير ٿو ڄاڻي، اوهين يا اسين. انشاءَ الله تعالى، اسين ته “وطن يا ڪفن” حاصل ڪنداسون، پر اوهين پيا ڏکين ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا.”
شاهه صاحب چپ ٿي ويو ۽ هو خاموشيءَ سان خدا حافظ ڪري پوئتي روانو ٿيو.”
(حوالو: ناول، سانگهڙ، عثمان ڏيپلائي، ص 100 ـ 101)
بهرحال، پير صاحب جون ڪڙيون ڳالهيون اڪثر اڄ حقيقت ثابت ٿيون آهن. هو سچو ديش ڀڳت، پڪو سامراج دشمن ۽ مذهبي رواداريءَ جو قائل ٿي چڪو هو، باقي “نئين سنڌ” لاءِ سندس ذهن ۾ جيڪڏهن ڪو خاڪو هو، ته به اهو هن اسان تي ظاهر نه ڪيو هو ۽ نه وري وقت هن کي ايترو عرصو زنده ڇڏيو، جو هو اڳتي هلي ظاهر ڪري سگهي ها. پوءِ به اسان جي نظر ۾ هن سنڌ تي ڪنهن به قسم جي ڌارين جي بالادستي پسند نه ٿي ڪئي.
افسوس آهي جو اڄ سندس جاءِ نشين ۽ وڏو پٽ پنهنجي پيءُ جي صفتن کان عاري نظر اچي ٿو۽ انگريزن جي جاءِ نشين پنجابي سامراج جي صفن ۾ ويٺو آهي.
پير صاحب صبغت الله شاهه جي شهادت کان پويءِ حر تحريڪ تي ڪنٽرول ڪرڻ واري ڪابه اخلاقي قوت نه رهي، نتيجي طور اها ڇڙواڳ ماڻهن جي دهشت پسندانه ڪارواين جو مجموعو بنجي وئي ۽ انگريزن انتهائي بيرحميءَ ۽ سفاڪيءَ سان انهن محب وطن، جانباز ۽ سرفروش سنڌي ماڻهن کي پنهنجي مرشد سان محبت هجڻ جي ڏوهه ۾ چٿيو ۽ چيڀاٽيو، سوين ماڻهن کي ڦاسين تي لٽڪايو ويو؛ ڪيترن کي گولين سان اڏايو ويو، عورتن جي بيحرمتي ڪئي وئي، بنا عدالتي فيصلن جي سندس زمينو، ملڪيتون ۽ جائدادون ضبط ڪيون ويون، ڳوٺن مٿان گڏيل ڏنڊ ۽ چٽيون وڌيون ويون، خاص ٽربيونل ۽ مارشل لا ڪورٽون برپا ڪري سوين ماڻهن کي ڳريون سزائون ڏنيون ويون، ڪيترن کي سنڌ کان ٻاهر جلاوطن ڪري، خاص ڪئمپن، جيلن ۽ ڪاري پاڻي ۾ رکيو ويو، هزارين ماڻهن کي جيلن ۾ واڙيو ويو ۽ جيلن ۾ جڳهه نه هئڻ سبب هزارن جي تعداد ۾ مردن، پوڙهن، عورتن ۽ ٻارڙن کي لوڙهن (Consantration camps) ۾ بند ڪيو ويو، جتي سندن کاڌ خوراڪ، معالج ، تعليم ۽ تربيت جو ڪو به انتظام ڪو نه هو. انهيءَ ڪيفيت ۾ اهي حر سرفروش 1951ع تائين رهيا ۽ سرڪاري داروغير به 1951ع تائين انهن جي خلاف جاري رهيو.
حر تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ انگريزن سنڌ ۾ سخت مارشل لا لاڳو ڪيو هو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، ۽ ان مارشل لا جي قدم کي آل انڊيا مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ محمد علي جناح صاحب چئلينج ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي هئي.
2 ـ “هندستان خالي ڪريو تحريڪ” (Quit India Movement) :
1939ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ شروع ٿيڻ وقت انگريزن هندستان کي ٻي جنگ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ جنگي سرگرمين جي مرڪز ۾ پڻ تبديل ڪيو. اهو سڀ ڪجهه هندستان جي عوام جي مرضي کان سواءِ ڪيو ويو هو. ان تي انڊين نيشنل ڪانگريس سخت احتجاج ڪيو ته هندستان کي جيستائين پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏنو وڃي ۽ ان کي سندس وسيلن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل نه آهي، ان وقت تائين هندستان ڪنهن به جنگي سرگرمي ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. ان سلسلي ۾ انگريزن تي آمريڪي دٻاءُ پيو ته هندستاني ليڊرن سان ڳالهيون ڪيون وڃن. ان سلسلي ۾ برطانيا طرفان ڪي اعلى اختياراتي وفد هندستان آيا ۽ هندستاني ليڊرن سان ڊگهيون ملاقاتون ڪيائون، پر ڪو به نتيجو نڪري نه سگهيو، ڇو ته انگريز هندستانين کي مڪمل اختيار ۽ آزادي ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ انهن کان گهٽ ڪانگريس قبولڻ لاءِ تيار نه هئي. نتيجي طور اگسٽ 1942ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس بمبئيءَ ۾ اها تاريخي قرارداد منظور ڪئي، جنهن کي “ڪئٽ انڊيا ريزوليشن” چيو وڃي ٿو. هتي بهتر آهي ته “ڪئٽ انڊيا ٺهراءُ ” جو متن پيش ڪري پوءِ اڳتي وڌجي:
ڪئٽ انڊيا ٺهراءُ :
انڊين نيشنل ڪانگريس جو اجلاس 7 ـ 8 آگسٽ 1942ع تي بمبئيءَ ۾ گڏ ٿيو، جنهن ۾ ورڪنگ ڪاميٽيءَ هڪ تاريخ ساز ٺهراءُ پاس ڪيو، جنهن “ڪئٽ انڊيا ٺهراءُ” سڏيو ويو. ان جو مڪمل متن هيٺ ڏجي ٿو:
“آل انڊيا ڪانگريس، ورڪنگ ڪاميٽيءَ طرفان 14 جولاءِ 1942ع تي پاس ڪيل ٺهراءُ ۽ ان کانپوءِ پيش آيل واقعات، جنگ جي زور وٺڻ، برٽش سرڪار جي جوابدار ترجمانن جي بيانن ۽ هندستان ۾ ۽ ان کان ٻاهر جي نڪته چينيءَ تي غور ڪرڻ بعد ان ٺهراءُ کي پاس ڪري ٿي ۽ ان راءِ جي آهي ته هندستان جي فائدي ۽ اتحادين جي مقصدن جي حصول لاءِ برٽش حڪومت جو انڊيا مان خاتمو ڪرڻ نهايت ضروري آهي. برٽش سرڪار جو وڌيڪ عرصي لاءِ هندستان ۾ قيام، ملڪ جي بيعزتيءَ ۽ ڪمزوريءَ جو باعث آهي. برٽش حڪومت جو وجود، هندستان کي بچاءَ لاءِ اڻ لائق بنائيندو رهي ٿو ۽ غلام ملڪن جي آزاديءَ جي راهه ۾ رُڪاوٽ آهي.
ڪاميٽيءَ کي رشين ۽ چيني محاذن جي نزاڪت جو احساس آهي ۽ رشين ۽ چيني عوام جي ملڪ جي حفاظت لاءِ سرٽوڙ ڪوشش کي ساراهي ٿي.
جنگ جو وڌندڙ خطرو آزاديءَ لاءِ لڙندڙ مظلوم ملڪن يا ان جي حامين لاءِ هيءَ ڳالهه لازمي ٺهرائي ٿو ته اتحادين جي اختيار ڪيل پاليسيءَ کي غور سان تپاسي ڏسن ته کين مسلسل ناماميابين ۽ تباهين ۾ ڇو مبتال ٿيڻو پيو آهي. ساڳيءَ پاليسيءَ ۽ طريقه ڪار تي هلڻ مان کين ڪو به فائدو رسڻ وارو ڪونه آهي. تجربي مان معلوم ٿي چڪو آهي ته سندن ناڪاميابيءَ جو باعث سندن طريقه ڪار ئي هئو.
اها پاليسي غلام ملڪن جي آزاديءَ لاءِ نه، پر سندن تسلط هيٺ آيل ملڪن تي قبضو مضبوط ڪرڻ لاءِ هلائي وڃي ٿي. ان ۾ سامراجي روايات ۽ طريقي ڪار کي قائم رکڻ جو راز سمايل آهي. سامراجي حڪومتون، غلام قوم جي طاقت وڌائڻ جي عيوض مورڳو بوجو (بار) ۽ مصيبت بنجيو پون.
برٽش سامراج کي ختم ڪري، هندستان کي آزاد ڪرڻ مان اتحادين جي ارادن ۽ نيتن جي پرک پئجي سگهندي.
هندستان جي آزادي، رشيا ۽ آفريڪا جي رهاڪن ۾ اميد ۽ اتساهه پيدا ڪري سگهي ٿي، ان ڪري برٽش حڪومت جو خاتمو موجوده وقت جو اهم مسئلو آهي. ان تي ئي جنگ جي مستقبل جو مدار رهي ٿو. ان مان آزاديءَ ۽ جمهوريت جي ڪاميابيءَ جو پتو پئجي سگهي ٿو. آزاد هندستان، سندس وسيع وسائل سان نازي ازم، فاشزم ۽ سامراجيت کان آزاديءَ جو ضامن بنجي سگهي ٿو. ان جي آزادي نه رڳو جنگ جي قسمت کي بدلائيندي، بلڪ جملي مظلوم ۽ مقهور انسانن ۾ اتحادين جي پٺڀرائيءَ لاءِ رغبت پيدا ڪندي ۽ اتحادين کي دنيا جي اخلاقي ۽ روحاني رهبريءَ جو لائق بنائيندي. هندستان جي غلامي، برٽش سامراج جو نشانو بنجي، اتحادين لاءِ بدناميءَ جو داغ بنيو بيٺي آهي.
اتحادين جي موجوده مصيبت اهو امر لازمي ڪري ڇڏي ته برٽش تسلط کان هندستان کي آزاد ڪيو وڃي. ٺلها مستقبل جا وعدا ۽ دلاسا موجوده تباهيءَ کي درست ڪري نه ٿا سگهن، نه ڪو عوام جي دلين تي سٺو نفسياتي اثر پيدا ڪري سگهن ٿا. رڳو آزاديءَ جو حصول ئي لکها ماڻهن ۾ قوت ۽ اتساهه پيدا ڪرائي، جنگ جو نقشو بدلائي سگهي ٿو.
تنهنڪري، هيءَ آل انڊيا ڪاميٽي پوري زور سان گهر ڪري ٿي ته برٽش حڪومت هندستان مان نڪري وڃي. هندستان جي آزاديءَ جي اعلان کان پوءِ هڪ عارضي حڪومت قائم ڪئي ويندي ۽ آزاد هندستان اتحادين جو مددگار ٿي رهندو. ساڻن گڏ مشڪلاتن ۽ آزمودن ۾ آزاديءَ جي جدوجهد لاءِ ڀاڱي ڀائيوار ٿي رهندو. عارضي حڪومت مل جي مکيه گروهن جي مدد سان ٺاهي ويندي. اها سڀني پارٽين جي گڏيل حڪومت هوندي، ان جا ابتدائي مقصد هندستان جو بچاءُ ۽ حملي آورن جو هٿيارن ۽ اهنسا جي ذريعن سان اتحادين سان گڏجي مقابلو ڪرڻ ۽ هارين ۽ مزدورن جي بهتري هوندي.
عارضي حڪومت آئين ساز اسيمبلي لاءِ تجويز رٿي، هندستان جو آئين جملي پارٽين جي رضامنديءَ سان تيار ڪندي. اهو ڪانگريس جي نقطه نگاهه وارو آئين فيڊرل سسٽم جو، صوبن کي گهڻي آٽو نامي (خودمختياري) وارو هوندو.
اتحادين ۽ هندستان جي وچ ۾ مستقبل جا تعلقات آزاد ملڪن جي باهمي مفادن جي بنياد تي قائم ڪيا ويندا.
هندستان جي آزادي، ان کي ٻاهرين حملن جي مقابلي ڪرڻ جو لائق بنائيندي ۽ ٻاهرئين تسلط کان ايشيائي قومن جي آزاديءَ جو پيش خيمو ثابت ٿيندي.
ڪاميٽيءَ جو وڌيڪ اهو رايو آهي ته برما، ملايا، انڊو چائنا، ڊچ انڊيز، ايران ۽ عراق کي به لازمي طور آزادي ملڻ گهرجي. اها ڳالهه به صاف ڪرڻ گهرجي ته انهن مان جي ملڪ هيئنر جپانين جي تسلط هيٺ آيل آهن، تن کي وري ڪنهن به صورت ۾ سامراجي طاقتن جي حوالي نه ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ اسان جو بنيادي واسطو هندستان جي آزاديء ۽ بچاء سان آهي، ليڪن ڪاميٽيءَ جي راء ۾ دنيا جي مستقل امن، سلامتيء ۽ ترقيء جي تقاضا اها آهي ته دنيا جي آزاد قومن ۽ ملڪن جي هڪ بين الاقوامي فيڊريشن ٺاهي وڃي، جيڪا سندن اختلافي مسئلا حل ڪندي رهي. اها دنيا جي فيڊريشن، منجهس شامل ٿيل قومن جي بيروني حملن، استحصال، هڪ قوم جي ٻئي قوم مٿان تسلط جي حفاظت ڪندي، قومي اقليتن جي بچاء جي ضمانت ڏيندي، پٺتي پيل ايراضين جي ترقيء لاء ڪوشش ڪندي ۽ دنيا جا جملي وسائل گڏي، انسان ذات جي ترقيء لاء ڪتب آڻڻ جي ڪوشش ڪندي.
اهڙي ورلڊ فيڊريشن برپا ٿيڻ بعد سڀني ملڪن ۾ هٿيارن جو گهٽائڻ ممڪن ٿي پوندو ۽ هر قوم کي جدا ڪري بري ۽ هوائي فوج رکڻ جي ضرورت نه رهندي. هر هڪ قوم کي بيروني حملي کان بچائن لاء هڪ بين الاقوامي فوج رکيل هوندي. آزاد هندستان خوشيء سان اهڙي ورلڊ فيڊريشن ۾ ٻين قومن سان برابريءَ (هڪجهڙائي) جي درجي تي شامل ٿي، بين الاقوامي مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ حصو وٺندو.
ان فيڊريشن ۾ جملي اهڙين قومن کي شامل ڪرڻ جي اجازت هوندي، جيڪي ان جي مقصدن ۾ ويساهه رکندڙ هونديون.
موجوده جنگ جي حالت ۾ اهڙي فيڊريشن لازمي طرح اتحادين سان شروع ٿيندي. اهڙي قسم جو قدم کڻن نه رڳو جنگ جي حالت تي اثر اناز ٿيندو، بلڪه مستقبل جي امن لاء به ڪارآمد ثابت ٿيندو.
ڪاميٽي افسوس سان محسوس ڪري ٿي ته باوجود جنگ جي خطرناڪ نتيجن جي، ڪي ٿوريون حڪومتون فيڊريشن ٺاهڻ واسطي تيار ڏسجن ٿيون.
برطانيه سرڪار طرفان هندستان جي آزاديء جي مخالفت ۾ غلط پروپيگنڊه مان سندن نيت جو پتو پوي ٿو.
اسان اهو صاف ظاهر ڪيو آهي ته اها اسان جي آزادي، چين ۽ روس جي بچاء لاء ضروري آهي. ڪميٽي منتظر آهي ته ڪنهن به صورت ۾ چين ۽ رشيا جي دفاع تي بار نه وجهي، جن جي آزادي اسان قيمتي سمجهون ٿا. ڪانگريس، اتحادين جي حفاظتي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ نه ٿي گهري.
ورڪنگ ڪاميٽيء کي ارمان آهي ته سندس برطانيه ۽ اتحادين کي ڪيل اپيل طرف ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو آهي. ٻاهرين دنيا جي نڪته چينيءَ مان پتو پوي ٿو ته هنن کي هندستان جي تقاضائن بابت پوري واقفيت ناهي، بلڪه انهيءَ مان هڪ حد تائين آزاديءَ خلاف دشمنيء جو مظاهرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن مان سندن قومي برتري ۽ اقتدار جي جهلڪ نظر اچي رهي آهي.
آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي وري به آخري طرح دنيا جي آزاديءَ کي مدنظر رکندي، برٽش سرڪار ۽ اتحادين کي اپيل ڪري ٿي ته سموري مسئلي تي نئين سر غور ڪن.
ڪاميٽيءَ جي راءِ ۾ هر قوم کي سامراجي ۽ آمرانه حڪومت کان آزادي حاصل ڪرڻ جو پورو اختيار آهي. برٽش حڪومت هندستان ۾ انساني آزاديءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بنيل آهي، تنهنڪري ڪاميٽي فيصلو ڪري ٿي ته هندستان جي آزاديءَ وٺڻ لاءِ ساري ملڪ اندر اهنسا (عدم تشدد) جي طريقي تي جدوجهد شروع ڪئي وڃي. ان لاءِ گذريل 22 سالن کان عدم تشدد ذريعي ملڪ جي حاصل ڪيل طاقت کي استعمال ڪيو ويندو. اها جدوجهد مهاتما گانڌيءَ جي اڳواڻي ۾ شروع ڪئي ويندي.
ڪاميٽي هندستانين کي به اپيل ڪري ٿي ته آزاديءَ جي راهه ۾ تڪيلفن ۽ مشڪلاتن برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ۽ متحد ٿي مهاتما گانڌيءَ جي رهبريءَ هيٺ سندس حڪمن جي پوئواري ڪندا رهن. کين هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هن ساري هلچل جو بنياد اهنسا (عدم تشدد) آهي. شايد ڪو وقت اهڙو به اچي، جو اڳواڻن لاءِ اهو ممڪن نه ٿئي ته هدايت ناما جاري ڪري عوام تائين پهچائي سگهن ۽ ڪابه ڪانگريس ڪاميٽي قائم رهي نه سگهي. اهڙيءَ حالت ۾ هر ستياگرهي مرد ۽ عورت کي اختيار آهي ته هن وقت جاري ڪيل حڪمن ۽ اصولن کي نظر ۾ رکندي، پاڻمرادو ڪم ڪندا رهن. ان وقت هر آزاديءَ جو خواهشمند ۽ جدوجهد ڪندڙ هندستاني پنهنجو رهبر پاڻ ٿي، آزاديءَ جي منزل تي پهچڻ لاءِ آرام وٺڻ کان سواءِ ڪٺن رستا طئي ڪندو رهي.
آخر ۾ ڪاميٽي هيءُ ظاهر ڪرڻ گهري ٿي ته هن جدوجهد شروع ڪرڻ مان سندس مقصد ڪانگريس لاءِ طاقت حاصل ڪرڻ نه آهي، جڏهن به کين حڪومت هٿ ايندي ته سڀني هندستانين جي حوالي ڪئي ويندي.”
ٺهراءُ پيش ڪندڙ : جواهر لعل نهرو.
تائيد ڪندڙ : سردار ولڀ ڀائي پٽيل.
ان قرارداد پاس ٿيڻ شرط ئي وسيع پيماني تي ڪانگريس جي خلاف ڪاروائي شروع ٿي وئي ۽ ڪانگريس جي روح روان مهاتما گانڌي ۽ ڪانگريس جي پريزيڊنٽ مولانا ابوالڪلام آزاد سميت ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا سمورا ميمبر، سواءِ راج گوپال آچاريا جي گرفتار ڪيا ويا. نتيجي طور ملڪ ۾ وسيع پيماني تي ڀڃ ڊاهه ۽ قتل و غارت جون ڪاروايون شروع ٿي ويون اها تحريڪ جيڪا اهنسا (عدم تشدد) تي ٻڌل هئي، سا تشدد ۾ تبديل ٿي وئي، انگريزن به انهيءَ تشدد کي ڀرپور تشدد سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اها تحريڪ دٻجڻ بدران ڏينهون ڏينهن زور وٺندي وئي. سنڌ به پاڻ کي ان تحريڪ کان الڳ نه رکيو، پر ڀرپور طريقي سان ان ۾ حصو ورتو.
“ڪئٽ انڊيا ٺهراءُ” پاس ٿيڻ کان پوءِ جناح انگريزن سان ملي، ان قراداد کي انگريزن خلاف نه، پر مسلمانن جي خلاف ڪانگريس جي سازش سان تعمير ڪيو. انهيءَ لاءِ هن 16 اگسٽ 1942ع تي بمبئيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس سڏايو، جنهن ۾ ڪانگريس طرفان پاس ڪيل مٿئين ٺهراءَ جي باري ۾ غور ويچار ڪرڻو هو. ان اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سنڌ مان آءُ، ايوب کهڙو ۽ يوسف هارون بمبئيءَ پهتاسون. جتي يوسف هارون چيو ته نواب بهادر يار جنگ بمبئيءَ آيل آهي ۽ سندس خواهش آهي ته جي ـ ايم ـ سيد سان ڪن مسئلن تي ڳالهائي، ان تي آءُ، کهڙو ۽ يوسف هارون، گرين هوٽل بمبئي (جيڪا هن وقت تاج محل هوٽل جو حصو آهي) ۾ ساڻس مليا سون. اتي نواب صاحب اسان کي چيو ته “سڀئي ڪانگريسي اڳواڻ جيل ۾ هليا ويا آهن، صرف راج گوپال آچاريائي ٻاهر آهي. ڪانگريسي اڳواڻن کي مسٽر وي ـ پي مينن (سيڪريٽري وائسراءِ سينٽرل سيڪريٽريٽ) کان معلوم ٿي آهي ته جناح صاحب وائسراءِ سان ملي، ساڻس وعدو ڪيو آهي ته هو (جناح) مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ کان اهڙو ٺهراءُ پاس ڪرائيندو ته “ڪئٽ انڊيا تحريڪ” اصل ۾ انگريزن جي نه، پر مسلمانن جي خلاف آهي.”
نواب صاحب جو خيال هو ته اهڙو ٺهراءُ، انگريزن جي فائدي ۾ مسلمانن لاءَ سخت هاڃيڪار ٿيندو، ان ڪري مسٽر سيد! اوهان اهڙو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ نه ڏيندا، ڇو ته اهڙو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ هن وقت سخت غير مناسب ٿيندو. هن اهو به چيو ته ڪانگريس وارا اوهان سان ڳالهائڻ گهرن ٿا. ان لاءِ جيئن ته ڪانگريس جا مرد ليڊر جيلن ۾ آهن، ان ڪري مسز ڪرشنا هاٿيسنگهه، مردولا سارا ٻائي ۽ خورشيد
ٻائي دادا ڀائي نوروز جي توهان سان ملڻ چاهين ٿيون. اوهان کي اُنهن سان ملڻ گهرجي.
اسان نواب صاحب جو مشورو قبول ڪري، ڪانگريس جي انهن ليڊي ليڊرن سان ملڻ قبول ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن مردولا سارا ٻائيءَ طرفان ڏنل لنچ تي گڏ ٿياسون. اتي هنن اسان کي چيو ته مسلم ليگ جو مطالبو ته “مسلمانن کي سندن اڪثريت واران صوبن ۾ آزاد ۽ خودمختيار حڪومتون ملن”، ڪانگريس قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ۽ ٻيا به جيڪي شرط آهن، سي به قبول ڪيا ويندا. اهڙي خاطري جناح صاحب راج گوپال آچاريا سان ملي حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ممڪن ٿئي ته گانڌي جيءَ سان ملي اهڙو يقين وٺي سگهي ٿو. ان لاءِ توهان ايترو ڪري ته جناح صاحب، وائسراءِ جي چوڻ تي جيڪو ٺهراءُ، ڪانگريس جي تحريڪ جي خلاف مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ پاس ڪرائڻ چاهي ٿو، ان کي روڪايو وڃي. اسان هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جوو ساڻن وعدو ڪيو. باوجود ڪانگريس سان اختلافن جي مون هڪ ترقي پسند مسلمان جي حيثيت ۾ محسوس ڪيو ته ڌارين سرڪار جنهن طرح ماڻهن جي جذبهءِ آزاديءَ کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سا ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ سمجهوتي بعد ههڙيءَ طرح عوام کي هيسائڻ جي جرئت نه ڪري سگهندي.