تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ڳالهائي ٿي

ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هي تاريخي ڪتاب اصل ۾ سائين جي ايم سيد جو پاڪستاني ڪورٽ لاء عدالتي بيان آهي جيڪو سنڌ ڪيس جي نالي سان انگريزيء ۾ به ڇپيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو احساس ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ سان ڪيڏا وڏا ڪلور ٿيندا رهيا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 6861
  • 2762
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ ڳالهائي ٿي

21

مون کي اهو دورو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ 8 آگسٽ، 1972ع تي مون کي گرفتار ڪري پنهنجي سن واري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ حڪم ڪڍيو ويو ته آئون ڪنهن به ماڻهو سان نه ملي سگهان ٿو، نه ڳالهائي سگهان ٿو ۽ نه خط و ڪتابت ڪري سگهان ٿو. سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي طرفان 15 آگسٽ، 1972ع تي منهنجي گرفتاريءَ جي ڪارڻن جو طويل چٺو ليٽر جي صورت ۾ مون کي موڪليو ويو. هتي آئون ان گرفتاريءَ جي حڪمنامي ۽ گرفتاريءَ جي ڪارڻن واري ليٽر جا متن پيش ڪريان ٿو.
نمبر: 8207
حڪومت سنڌ
هوم ڊپارٽمينٽ
ڪراچي : 15-8-1972ع
گرفتاري جا ڪارڻ
توهان، مسٽر جي ايم سيد ولد محمد شاه، ويٺل ڳوٺ سن، ضلعو دادو، صدر جيئ سنڌ محاذ کي حڪم ڪجي ٿو ته اوهان کي صوبائي سنڌ حڪومت جي قاعدي 32 (1) جي ڪلاز (ب) ۽ ڊفينس آف پاڪستان رولز جي قاعدي 213 موجب، 8 آگسٽ 1972ع جي آرڊر نمبر 8207 موجب ڇهن مهينن لاءِ نظربند ڪيو ويو آهي، ته جيئن اوهان کي روڪي سگهجي ته اوهان پاڪستان جي سالميت ۽ سنڌ صوبي جي امن امان وارين حالتن کي وڌيڪ خراب نه بنائي سگهو. اوهان جي گرفتاريءَ جا سبب ۽ ڪارڻ هيٺيان آهن.
(1) جڏهن نون ۽ پراڻن سنڌين جا تعلقات، ٻوليءَ واري تنازعي سبب ڪشيده بڻيل هئا، تڏهن توهان سنڌ ۾ مختلق هنڌن جو دورو ڪيو ۽ اهڙيون تقريرون ڪيون، جيڪي نون ۽ پراڻن سنڌين جي وچ ۾ نفرت جا احساس وڌائڻ جو ڪارڻ بنجي رهيون هيون.
(2) توهان 31-7-1972ع تي پنهنجي ڪراچيءَ واري رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪئي، جيڪا 1-8-1972ع جي روزانه ڊان ۾ شايع ٿي آهي، ان ۾ اوهان اردو ڳالهائيندڙن تي الزام هنيو آهي ته انهن نه پاڪستان جي تخليق کي تسليم ڪيو آهي ۽ نه ئي اُهي سنڌ سان سچا آهن.
(3) مٿي ڄاڻايل پريس ڪانفرنس ۾ ذڪر ڪيل مسئلي (جيڪو ڊان ۾ ڇپيو آهي) بابت اوهان صدر پاڪستان جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي خلاف بي بنياد ۽ غلط بيانيءَ تي ٻڌل الزام هنيو آهي ته هُن سنڌ ـ دشمنن جا هٿ مضبوط ڪيا آهن، جيڪي سنڌ صوبي جي استحصال ۾ شريڪ آهن.
(4) مٿي ڄاڻايل پريس ڪانفرنس ۾ اوهان صدر پاڪستان ڀُٽي خلاف هڪ بي بنياد الزام هنيو آهي ته هُن اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏنو آهي.
(5) اوهان ٺٽي ۾ سيد قادر ڏني شاهه جي اوطاق تي جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن جي ميٽنگ کي 1-8-1972ع تي منجهند وقت خطاب ڪندي، پراڻن سنڌين کي هٿيارن گڏ ڪرڻ تي اُڀاريو آهي ته جيئن اُهي غير سنڌين سان مقابلو ڪري سگهن.
(6) ان ساڳيءَ تقرير ۾ توهان صدر پاڪستان تي بي بنياد الزام هنيو آهي ته هيءُ پنجابي کان ڊڄي ۽ سندن هٿن ۾ کيڏي، سنڌين کي پنهنجن حقن کان محروم ڪري رهيو آهي.
(7) ان ساڳئي ڏينهن يعني 1-8-1972ع تي اوهان ميرپور بٺوري (ضلعي ٺٽي) ويا ۽ فداحسين شاهه جي اوطاق تي جيئي سنڌ محاذ جي ميڙ کي خطاب ڪيو، جتي توهان جي ساٿيءَ حفيظ قريشي، ميڙ ۾ تقرير ڪندي سنڌين کي جوش ڏياريو ته هٿيار ۽ ماڻهو، خونريزيءَ لاءِ گڏ ڪريو. ساڳيءَ ميٽنگ ۾ تقرير ڪندي توهان حفيظ قريشي جي مشوري تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ واضح ڪيو ته پاڪستان جو ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي قيام غلطي هئي.
(8) 1-8-1972ع تي 5 ۽ 6 وڳي جي وچ ۾ شام جو اوهان، اٽڪل 600 ۽ 700 ماڻهن جي عام ميڙ کي سجاول ڪلب (ضلع ٺٽي) ۾خطاب ڪيو ۽ ماڻهن کي اُڀاريو ته مهاجرن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃو، ڇو ته انهن اوهان جا حق غضب ڪيا آهن.
(9) اوهان 2-8-1972ع تي ميرواهه پُل بدين ويجهو هڪ عوامي ميڙ ۾ تقرير ڪندي فوج تي ٿيندڙ وسيع خرچ تي تنقيد ڪئي ۽ اُن کي اجايو خرچ قرار ڏنو. گڏوگڏ اوهان اعتماد سان اهو ٻڌايو ته سن کي ٻن صوبن ۾ ورهايو پيو وڃي ۽ بهارين کي اصل سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ لاءِ آندو پيو وڃي.
(10) 2-8-1972ع تي اوهان تلهار (ضلعي حيدرآباد) ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ڏجاڻيءَ جي اندازاً ساڍي چئين وڳي صدارت ڪئي ۽ ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته لکين بگهڙ، مهاجرن جي روپ ۾ سنڌ تي مسلط ڪيا ويا آهن. جن سنڌين جا حق ڦٻايا آهن.
(11) 3-8-1972ع تي اٽڪل ساڍي يارنهن وڳي صبح جو غلام رسول ڀرڳڙيءَ جي بنگلي (حيدرآباد) ۾ هڪ گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي اوهان ڊڪليئر ڪيو ته سنڌ ۾ هر ماڻهو جيئي سنڌ هلچل جو حامي آهي ۽ اوهان الزام هنيو ته مهاجر بي وفاقسم جا ماڻهو (Cunning type of people) آهن، ۽ سنڌين کي ساڻن وڙهڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي.
(12) ساڳيءَ تاريخ 3-8-1972ع تي ٽنڊي الهيار(حيدرآباد ضلعي) ۾ اٽڪل ساڍي نائين وڳي شام جو غلام رسول شاهه جي بنگلي تي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي، اوهان حڪومت تي بي بنياد الزام مڙهيو ته حڪومت اردو جي تعليم، لازمي طرح مڙهي سنڌي زبان جوبنيادي حق ماريو آهي ۽ بهارين کي سنڌ ۾ آڻي، اصل سنڌين ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، ان ڪري سنڌين کي خبردار ٿيڻ گهرجي.
(13) ساڳيءَ ميٽنگ ۾ اوهان بيان ڪيو ته پاڪستان جو صدر سنڌ جي حقن کان روگرداني ڪري رهيو آهي، ڇو ته هُو مهاجرن کان ڊڄي ٿو.
(14) مٿي بيان ڪيل ساڳيءَ ميٽنگ ۾ ٽنڊي الهيار ۾ توهان چيو آهي ته سنڌين هميشه ڌارين کي ڌڪي ڪڍيو آهي ۽ بقائي اصلح جو نظريو موجوده حالت ۾ اها تقاضا ڪري ٿو ته اصل سنڌي نون سنڌين کان پلاند وٺن ۽ هن دنيا تي ڪا به اهڙي طاقت نه آهي، جيڪا مهاجرن کي وڌيڪ عرصو سنڌ ۾ ٽڪڻ ڏئي ۽ آخر ۾ توهان چيو ته اوهان کي مري وڃڻ کپي، پر سنڌ مهاجرن کي نه ڏيڻ گهرجي.
(15) 3-8-1972ع تي صبح جو ساڍي يارهين وڳي ڌاري توهان سچائي منزل ميرپور خاص تي جيئي سنڌ محاذ جي گڏجاڻيءَ ۾تقرير ڪئي ۽ پڌرو ڪيو ته توهانکي اهو پيغام ڏيڻ آيو آهيان ته سنڌ کي آزاد صوبو بنايو وڃي.
(16) 4-8-1972 تي سانگهڙ ۾ هڪ عوامي ميڙ ۾ تقرير ڪندي، اوهان صدر پاڪستان تي زور ڀريو ته اندرا گانڌيءَ جا هٿ مضبوط ڪري ۽ اقوام متحده ۾ آواز اٿاري ته سمورن مهاجرن کي پاڪستان مان ڀارت موڪليو وڃي، ڇاڪاڻ ته اردو ڳالهائيندڙ، سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ لاءِ آندا ويا آهن.
(17) 4-8-1972ع تي ساڍي ڇهين وڳي توهان نوابشاهه ۾ هڪ گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي الزام هنيو ته اردو ڳالهائيندڙ، جيڪي پناهگير آهن، هڪ سازش هيٺ آيا آهن ته جيئن پاڪستان ۾ فاشسٽ طرز حڪومت ڪجي ۽ اوهان مرحوم لياقت علي خان تي الزام هنيو ته اُن سنڌ کي يو. پي ۾ بدلائڻ جي سازش ڪئي هئي.
(18) ساڳئي ڏينهن ۽ تاريخ تي اوهان نوابشاهه ۾ گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي، ڪوڙو ۽ بي بنياد الزام هڻندي، اشتعال پکيڙيو ته مهاجرن اصل سنڌين کي قتل ڪيو آهي، سندن اکيون ڪڍيون آهن، سندن زبانو وڍيون آهن، ان ڪري سنڌي خاموش نه ويهندا ۽ اُن جو ضرور پلاند وٺندا. توهان ساڳيءَ گڏجاڻيءَ ۾ موجود ماڻهن کي اُڀاريو ته هٿيار گڏ ڪريو ۽ پاڻ کي سنڌي مهاجر جهيڙي لاءِ تيار ڪيو، جيڪو اوهان جي چوڻ موجب 14 ۽ 15 آگسٽ 1972ع تي ٿيندو.
توهان جون مٿيون تقريرون ۽ بي بنياد بيان اهڙا عمل آهن، جن وسيلي :
(الف) اوهان پاڪستان جي هٿياربند فوج خلاف ڳالهائي، انهن جي فرائض ۾ دخل اندازي ڪئي آهي.
(ب) اوهان نفرت پيدا ڪئي آهي ۽ جوش ڏياريو آهي، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف، پاڪستان جي قانون موجب، خاص ڪري سنڌ صوبي ۾.
(ت) توهان شهرين، خاص ڪري اصل ۽ نون سنڌين جي وچ ۾ نفرت ۽ دشمنيءَ وارا جذبا پيدا ڪيا آهن.
(ث) توهان عوام ۽ عوام جي مختلف حصن ۾ خون ۽ ڏهڪاءُ واري فضا پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بنيا آهيو.
(ج) اوهان اشتعال ۽ جوش واري صرتحال پيدا ڪري، آرمس ائڪٽ 1878 ۽ ايڪسپلوروز ائڪٽ 1884 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هي تقريرون، بيان ۽ عمل، جيئن مٿي ڄاڻائجي چڪا، حڪومت سنڌ جي نظر ۾ سنڌ صوبي جي امن ڀرين حالتن ۽ پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرناڪ آهن.
(غلام جيلاني) T.PK.C.S.P
سيڪريٽري حڪومت سنڌ،
هوم ڊپارٽمينٽ.

ان حڪم نامي ۾ گرفتاري جا جيڪي سبب ڄاڻايا ويا آهن، سي پاڪستان بيوروڪريسيءَ جي شاطر ذهن جي فتنه پردا پيداوار آهن، ڇو ته مون پنهنجي دوري ۾ ڪٿي به ماڻهن کي وڙهڻ، هٿيار کڻڻ يا رتوڇاڻ ڪرڻ جي ترغيب نه ڏني هئي ـ ڇو ته آئون عدم تشدد (اهنسا) جو پيروڪار رهيو آهيان ۽ تشدد کي انساني مسئلن جو حل ڪو نه ٿو سمجهان. منهنجون نگاهون تاريخ ۾ ايترا ته لاش ۽ خونريزيون ڏسي چڪيون آهن، جو هاڻي وڌيڪ ڪُٺل ماڻهن جا لاش ۽ رت جون نديون ڏسڻ گوارائي نه ٿيون ڪن. البته مون اهو ضرور چيو هو ته پاڪستان جو موجوده حڪمران، پنجابين ۽ پناهگيرن وٽ يرغمال بنيل آهي، اُن ڪري سنڌين کي ڪو به فائدو پهچائي نه ٿو سگهي ۽ پڻ هُو ملٽريءَ جو آندل آهي ۽ ملڪ جي پيداوار کي بي دريغ ملٽري تي خرچ ڪري رهيو آهي، جيڪو سراسر بي فائدي آهي. ان ڪري جو ملٽري ملڪ جو بچاءُ ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام وئي آهي ۽ انهيءَ ملٽريءَ جي نااهليءَ سبب 1971 ۾ وڏو نقصان وري به سنڌ کي ئي برداشت ڪرڻو پيو، جو اُن جو هڪڙو ضلعو ذري گهٽ ٻه حصا ڀارتي فوج جي قبضي ۾ هلي ويو هو ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته زمين جي جنهن ٽُڪري تي متحارب فوجون داخل ٿينديون آهن، اُتي نه صرف انساني حياتين جا چراغ گل ٿيندا آهن، پر اُتي جي دولت لٽجڻ سان گڏوگڏ تهَذيب ۽ عصمت جا آبگينا به ڀور ڀور ٿيندا آهن ـ ۽ انهن ڪارروين سبب لکين ٿري ماڻهو پنهنجو سڀڪجهه لٽائي هڪڙا مذهبي لحاظ سان ڀارت هليا ويا ۽ ٻيا سنڌ جي نهري علائقن ڏانهن لڏي آيا ـ ته جيڪا فوج، جنگ جي وقت ۾ پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جو دفاع نه ڪري سگهي، اُن تي لاتعداد خرچ اجايو آهي. پر ڀٽو صاحب اهو خرچ ڪرڻ لاءِ ان ڪري مجبور آهي، جو سندس اقتدار جي ڪُرسي، فوجي سولجرن جي سنگينن جي سهاري تي بيٺل آهي. تنهن ڪري هو سنڌ جا وسيلا، سنڌ جي ماڻهن تي خرچ ڪرڻ بدران آرميءَ تي خرچ ڪري رهيو آهي ـ ۽ اسان هاڻي نه رڳو پاڪستان جي اسيمبلين، حڪمرانن ۽ بيوروڪريسيءَ مان مايوس آهيون، پر ان جي آرميءَ مان به مڪمل طرح مايوس آهيون. اُن ڪري “اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي” جي مصداق پنهنجي ملڪ “سنڌو ديش” کي آزاد ڪرائڻ لاءِ منظم ۽ متحد ٿيون.
اُن وقت مُون اهو محسوس ڪري ورتو هو ته هاڻي ننڍن ۽ مظلوم صوبن جي ليڊرن کي پنجابي حڪمران، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي، هٿيار طور استعمال ڪندي ۽ عوام کي اُنهن جي آڌار تي محڪوم بنايو ايندي ۽ اهو حربو وڌيڪ خطرناڪ آهي. سنئين سڌي حڪمراني ڪرڻ کان ۽ ڪم ڪڍڻ کان پوءِ اُنهن کي چوسيل ڳني يا استعمال ٿيل جوراب وانگر اڇلائي ڇڏيندي. انهيءَ نقطئه نظر کي سامهون رکندي مون جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ تاريخي خط لکيو. اُن ۾ مون پنهنجو مٿي ڄاڻايل نتيجو پيش ڪيو ۽ اهو پڻ ڄاڻايم ته نيٺ پنجابي ۽ پناهگير مستقل مفاد توکي پنهنجي راهه تان هٽائي ڇڏيندا. اُن ڪري اُنهن جي پوئلڳيءَ ۽ غلاميءَ کان بهتر آهي ته تُون سنڌ جي آزاديءَ ۽ آجپي واري جدوجهد ڏانهن متوجهه ٿيءُ، ڇو ته آزاد ٿيڻ کان پوءِ سنڌ کي ڪيترائي فائدا ٿيندا، اُنهن مان مکيه هي آهن:
(1) مهاجر پنجابي سامراج کان هميشه لاءِ نجات ملندي.
(2) انڪم ٽيڪس، ڪسٽمز، ايڪسائيز ڊيوٽي، سيلز ٽيڪس، مان سنڌ کي 350 ڪروڙ روپيا پيدائش ٿيندي، ٻي پيدائش 50 ڪروڙ ٿي سگهندي، جُملي 400 ڪروڙ بجيٽ مان سنڌ ٿوري وقت اندر نهايت تيزيءَ سان ترقي ڪري ويندي.
(3) سنڌي زبان ۽ ڪلچر تيزيءَ سان عروج حاصل ڪري وٺندا.
(4) سنڌ جا سمورا وسيلا سنڌين جي حوالي ٿيڻ ڪري بيروزگاري قطعاً ختم ٿي ويندي.
(5) سنڌين جو معيار زندگي جلد بلند ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته آباديءَ گهٽ، زمين، ڪارخانا، واپاري ذريعا، نوڪريون ۽ کاڻيون جهجهي تعداد ۾ هئڻ ڪري، سنڌ جلد تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اڳري ٿي ويندي.
(6) سنڌ جي پاڻيءَ کي پنجاب طرفان بند ڪرڻ عيوض سنڌي پنجاب جي مال تي ڳرو محصول وجهي، پنهنجي پاڻيءَ جو عيوضو وٺي سگهندا.
(7) پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪري سگهندا.
(8) جمهوريت، سيڪيولرزم، نيشنلزم ۽ سوشلزم تي هلي، بنگلاديش ۽ ڀارت سان دوستي ڪري سگهندا.
مون کي افسوس آهي ته مُنهنجي ڏنل راين تي هُن صاحب ڪو به توجهه نه ڏنو ۽ نتيجو اُهو ئي نڪتو جيڪو مون کيس ٻڌايو هو. اڳتي هلي محمد خان جوڻيجي، بينظير ڀٽي ۽ غلام مصطفى جتوئيءَ سان به ڀُٽي صاحب کان قدري مختلف، پر اقتدار تان استعمال ڪري اُڇلائڻ واري ساڳي حالت اختيار ڪئي وئي. هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته ڀُٽي کي اقتدار کان محروميءَ سان گڏ حياتيءَ کان به محروم ٿيڻو پيو، پر پويان ٽئي صاحب پنهنجي حياتي بچائي، خيرن سان گهر ڀيڙا ٿيا. ليڪن محسوس ائين ٿو ٿئي ته انهن سائينءَ سوارين، اڃا تائين پنجابين مان آسرو نه لاٿو آهي ۽ تاريخ مان ڪو به سبق نه پرايو آهي. شايد ذاتي لالچ سبق پرائڻ واريءَ اک تي انڌ جا کوپا چاڙهيو ڇڏي، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ائين ٿو نظر اچي. انهن جي سبق نه پرائڻ جي باوجود مُنهنجيءَ راءِ ۾ وڌيڪ پختگي پيدا ٿي آهي ته گڏيل وفاق ۾ نه سنڌ سلامت رهندي ۽ نه سنڌي سلامت رهندا. اُن ڪري آئون 1972ع کان وٺي جيڪا جدوجهد ڪندو آيو آهيان، اُن کي وڌيڪ تيز ۽ همه گير ڪرڻ جو پاڻ وڌيڪ حوصلو پيدا ٿيو اٿم.
جناب والا !
مون مڪمل مايوس ٿيڻ کان پوءِ، جيڪا سنڌوديش جي آزاديءَ جي جدوجهد شروع ڪئي آهي، اُن جدوجهد جي سلسلي ۾ مون آزادي حاصل ڪرڻ تائين پاڪستاني حڪمرانن طرفان هر سنڌ دشمن ڪارروائيءَ، عمل ۽ فيصلي جي ڀرپور طريقي سان مزاحمت پئي ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ منهنجي نظر ۾ ڀُٽي صاحب طرفان سڀ کان وڏي سنڌ دشمنيءَ واري عمل 1973ع وارو وفاقي طرز جو آئين نافذ ڪرڻ هو.
(i) اِن آئين سنڌين کي هڪ قوم طور ختم ڪري پاڪستاني وفاق جي هيٺ ننڍڙي وحدت (اِڪائي) قرار ڏنو.
(ii) ان آئين سنڌ ۾ ڌار آبادڪاري لاءِ قانوني طرح وسيع ميدان مهيا ڪري ڏنو، جنهن ڪري پنجابي پٺاڻ، بهاري، هندستاني، برمي، افغاني ويندي آفريقي ملڪن جهڙوڪ، ڪينيا، يوگنڊا وغيره مان ڏتڙيل هندستاني مسلمان به سنڌ جو رُخ ڪرڻ لڳا.
(iii) اِن آئين سنڌ اسيمبليءَ کان اُهي اختيار به کسي ورتا، جيڪي برطانوي هند ۾ 1935ع جي ائڪٽ ۽ انڊپينڊنٽس ائڪٽ 1947ع ۾ کيس مليل هئا.
ان ڪري، سنڌي پاڪستان ۾ مڪمل طرح هڪ ٿورائيءَ واري محڪوم يونٽ ۾ تبديل ٿي ويا ۽ سنڌ اسيمبلي مرڪزي حڪومت جي مداخلت جي آماجگاه بنجي وئي.
هتي آئون 1973ع جي آئين جي تفصيلوار نقصانن جي فهرست پيش نه پيو ڪريان ۽ نه ئي ايترو وقت آهي، جو ويهي اُن جي تفصيلات تي بحث ڪجي، پر ايترو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته انهيءَ آئين، سنڌين کي آئيني توڻي سياسي، اقتصادي، تهذيبي ۽ لساني طور پوريءَ ريت پنجاب پناهگير مستقل مفاد جو غلام بنائي ڇڏيو. اُن ڪري، اهڙي آئين جي مزاحمت ڪرڻ مون پنهنجو فرض سمجهيو ۽ قومي ڪارڪنن کي چيم ته اُهي پنهنجون سموريون صلاحيتون اُن آئين جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪرڻ ۾ صرف ڪن. ان ڏس ۾ 28 اپريل 1973ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اُن وقت جي وائيس چانسلر طرفان آئين جي جوڙيندڙ مسٽر عبدالحفيظ پيرازادي کي اعزازي طرح جڏهن ڊاڪٽر آف لا جي ڊگري ڏني پئي وئي، اُن وقت قومي ڪارڪنن ۽ نوجوان شاگردن طرفان زبردست احتجاج ٿيو، جيڪو تاريخ جو رڪارڊ آهي.
اهڙي طريقي سان جڏهن به سنڌ دشمن ڪارروايون ٿينديون رهيون، مون پنهنجي وس، وت ۽ تنظيمي طاقت آهر انهن جي مزاحمت ۽ مخالفت پئي ڪئي آهي.
حقيقت ۾ 1973ع کان پوءِ واري عرصو گهڻو ڪري نظر بند ئي رهيو آهيان، مون کي پوريءَ ريت ماڻهن سان رابطي ڪرڻ، تنظيم ڪاري ڪرڻ ۽ پنهنجن خيالن کي نشر و اشاعت وسيلي پڌرو ڪرڻ کان مڪمل طرح روڪيو ويو. اهو عرصو سنڌ ۾ وڏن طوفانن، تبديلن ۽ حاڪمن طرفان پنهنجي من پسند فيصلن، نظرين ۽ ٽوڙ ڦوڙ واري عمل کي تيز ڪرڻ وارو رهيو آهي. حڪمرانن ۽ سندن ادارن ذوالفقار علي ڀٽي کي اقتدار تان لاهي، ڦاسيءَ تي ٽنگيو. ٻئي طرف اُن جي ردعمل کي روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ مارشل لا جي سخت ضابطن کي عمل ۾ آڻيندي، سنڌ ۾ فوجي ڇانوڻين ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جو ڄار وڇائي، سنڌي ماڻهن کي مڪمل طرح مفلوج ۽ هراسان بنائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. سنڌ جي نوجوانن کي نفسياتي ۽ جذباتي طرح بي ست ۽ هيڻو بڻائڻ لاءِ نه رڳو جيلن ۾ بند ڪيو ويو، پر ڪن کي ٽارچر سيلن ۾ سخت اذيتون ڏئي سندن حوصلن ۽ همتن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڦٽڪن هڻڻ وقت ڪنهن به انساني، اخلاقي ۽ قانوني معيار کي مد نظر نه رکيو ويو، عمر ۽ جنس جو به فرق نه ڏٺو ويو. اهو سڀڪجهه سنڌوديش جي قومي آزاديءَ جي جي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪيو ويو. پر جڏهن نوجوانن ۽ قومي ڪارڪنن جي همت ٽٽڻ، جهڪڻ ۽ پست ٿيڻ کان انڪار ڪيو، ته سنڌ جي ڳوٺن، روڊن ۽ يونيورسٽين ۾ ملٽري ۽ رينجرس، ايف سي ۽ پوليس ذريعي نوجوانن جي قافلن، ماڻهن جي جلوسن، تعليمي ادارن جي ڪلاس رومن تي وحشيانه فائرنگون ڪري، سوين شاگرد، عام ڳوٺاڻا ۽ قومي ڪارڪن شهيد ڪيا ويا. رياستي جبر جو بدترين ۽ ڀيانڪ روپ اسان جي سنڌ جي ڳوٺن ۾ ايم.آر.ڊي جي نا عاقبت انديش ليڊرن طرفان، ڳوٺاڻن ماڻهن کي رستن ۽ روڊن تي آڻڻ وقت ڏسڻ ۾ آيو ـ جڏهن رستن تي قرآن شريف پڙهندڙ ماڻهن تي ٽئنڪون چاڙهيون ويون، ڳوٺن تي هوائي جهازن سان بمباري ڪرائي وئي، ڳوٺن کي باهيون ڏنيو ويون ۽ عورتن جي جلوسن تي به فائرنگ ڪئي وئي.
آئون جيتوڻيڪ ايم.آر.ڊي ۾ شامل نه هُئس ۽ نه ئي مون ايم.آر.ڊي جي ليڊرن جي موقف ۽ تحريڪ کي سنڌ لاءِ فائديمند سمجهيو ٿي، اُن جي باوجود سنڌي ماڻهن جو اهو قتل عام آئون برداشت ڪري نه سگهيس، مون عالمي ادارن مثال طور: اقوام متحده ۽ ايمنسٽِ انٽرنيشنل کي ٽيليگرامس ذريعي اپيل ڪئي ته اُهي سنڌ جي معاملي ۾ غفلت نه ڪن، پر پنهنجو انساني فرض سمجهي، مداخلت ڪن ۽ سنڌ ۾ انساني ڪوس بند ڪرائين. انهيءَ موقعي تي مُون هندستان جي وزيراعظم مادام اندرا گانڌيءَ کي پڻ خط موڪليو ته اُها پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري، سنڌي ماڻهن جو قتل عام بند ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اُن تي اندرا گانڌيءَ پارليامينٽ ۾ سنڌ جي مسئلي تي پنهنجي تشويش جو اظهار ڪيو هو.
ايم. آر. ڊي جي قتل عام کان پوءِ به حڪمرانن جي رت پياڪ طبيعت مطمئن نه ٿي ۽ هنن 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌي شاگردن جي بسن جي قافلي تي “ٽوڙي ڦاٽڪ” (لڳ مانجهند، ضلعي دادو) وٽ حملو ڪري، 5 شاگردن کي شهيد ۽ سون کي زخمي ۽ گرفتار ڪيو. اِن اندوهناڪ واقعي تي به پاڪستاني حڪمرانن کي ڪو به ارمان ۽ افسوس ڪو نه ٿيو، رهندو اهڙين ڪاررواين ڪندڙن کي انعام ۽ ٻِلا ڏيا ويا. پر مون تي انهن واقعن جيڪو اثر ڪيو، اُن جو اظهار مون پنهنجي پراڻي سياسي رفيق ۽ برصغير جي آزاديءَ جي عظيم مجاهد، خان عبدالغفار خان جي سامهون، پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي 17 جنوري 1986ع تي سن ۾ هن ريت ڪيو :
جناب والا!
جسماني طرح پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ منهنجي ديس کي زنجيرن ۾ سوگهو ڪري ٻڌل رکيو ويو آهي. آئون 24 سالن کن قيد ۽ نظربند آهيان. ڪوڙا، گوليون، ڦاسيون ۽ ٻيون اذيتون اسان جو مقدر بنجي ويون آهن. منهنجيءَ قوم جي بهادر پُٽن ۽ غيرتمندن نياڻين کي پنهنجي عمرين جو هڪ بهترين حصو جيل خانن ۽ اذيت گاهن ۾ گذارڻو پيو آهي. منهنجي تحريڪ جي بهادر فرزندن کي فوجي درندن منهنجي اکين آڏو گولين جي بک بنايو ۽ کين ڌاڙيل ۽ چور جي لقبن سان نوازيو. اڄ به سنڌ جا فرزند جيلن ۾ سڙي رهيا آهن. سموري پاڪستان جا سياسي قيدي آزاد ڪيا ويا آهن، پر اُن آزاديءَ جي سج مُون لاءِ منهنجي ڌرتيءَ جي فرزندن لاءِ اڃا اُڀريو نه آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌي قوم جي گهرن تي جهازن ذريعي بمباري ڪئي وئي ۽ ڳوٺن ۽ فصلن کي باهيون لڳايون ويون، معصوم ٻارن ۽ عورتن کي هفتن تائين پاڻيءَ خوراڪ کان محروم رکيو ويو، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندڙ ماڻهن جي مٿان پوليس ۽ فوج جون ٽرڪون چاڙهيون ويون. ان صورتحال ۾ اسان محسوس ڪريون ٿا ته اسان جا ڀائر نه پر ڪو غير ملڪي ۽ غير قومي سامراج حڪومت ڪري رهيو آهي.”
انهيءَ جلسي ۾ خان بادشاهه به ان ڳالهه سان سهمت ٿيو ته آزاديءَ کان سواءِ قومن جي نجات جو ڪو به رستو ڪونهي ۽ اتي موجود مسٽر ممتاز علي ڀٽي هزارين ماڻهن کان هٿ مٿي کڻائي، سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ واسطي منهنجي خيالن جي تائيد ڪرائي.
چوڻ جو مطلب هيءُ آهي ته جن خيالن جي اظهار ڪرڻ تي موجوده ڪيس تيار ڪيو ويو آهي، اهي خيال آئون 1972ع کان وٺي باقاعدي پنهنجي پارٽيءَ جي پروگرام طور ظهار ڪندو اچان ٿو ۽ اهي منهنجا سوچيل سمجهيل خيال آهن، نه ڪي وقتي وجدان يا هيجان جو نتيجو آهن.