تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ڳالهائي ٿي

ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هي تاريخي ڪتاب اصل ۾ سائين جي ايم سيد جو پاڪستاني ڪورٽ لاء عدالتي بيان آهي جيڪو سنڌ ڪيس جي نالي سان انگريزيء ۾ به ڇپيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو احساس ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ سان ڪيڏا وڏا ڪلور ٿيندا رهيا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 6861
  • 2762
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ ڳالهائي ٿي

19

1972ع جي شروع ۾ مون سن ۾ پنهنجي سالگره ملهائي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان سوين قومي ڪارڪن ۽ هزارين ماڻهون شريڪ ٿيا، جن جي موجودگيءَ ۾ مون پنهنجي صدارتي تقرير ۾ بچيل ملڪ کي بچائڻ ۽ ان جي آئيني جوڙجڪ لاءِ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر پاڪستان ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڪي تجويزون پيش ڪيون. ان تقرير ۾ مون چيو ته :
“گذريل سال پاڪستان لاءِ نحس ثابت ٿيو. اليڪشن کان پوءِ اميد هئي ته حڪومت جون واڳون عوام جي حوالي ٿينديون، پر ائين نه ٿيو ته. اڪثريتيءَ پارٽيءَ کي واڳ ڏيڻ جي عيوض 25 مارچ 1971ع تي ملٽريءَ سڌو قدم کڻي حالتون نازڪ بنائي ڇڏيون. سڄا سارا نو مهينا بنگال ۾ سول وار جاري رهي، لکين ماڻهو قتل ٿيا ۽ ڪروڙ کن ماڻهن ملڪ ڇڏي وڃي ڀارت ۾ پناهه ورتي. 3 ڊسمبر 1971ع تي جنگ مغربي پاڪستان طرف به ڇڪجي آئي. 6 ڊسمبر تي ڀارت، بنگال جي عوامي ليگ حڪومت کي تسليم ڪندي، کليو کلايو پاڪستان تي لشڪر موڪلي حملو ڪيو. نيٺ 16 ڊسمبر 1971ع تي تيرهن ڏينهن جي جنگ کان پوءِ پاڪستاني فوجون بنگال ۾ هٿيار ڦٽا ڪري پيش پيون.
جنهن بعد ڀارت طرفان يڪ طرفو جنگ بند ڪرڻ جو اعلان ٿيو. اُن جي جواب ۾ پاڪستان حڪومت به جنگ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اُن جي رد عمل ۾ جنرل يحى خان خلاف سخت مخالفت پيدا ٿي. ان کان مجبور ٿي، هن سندس عهدي تان استعيفى ڏئي ذوالفقار علي ڀٽي کي 20 ڊسمبر 1971ع تي پنهنجي جاءِ تي صدر نامزد ڪيو. 22 ڊسمبر 1971ع تي آزاد بنگلاديش حڪومت ڍاڪا ۾ داخل ٿي، حڪومت جون واڳون سنڀاليون. اُن سموريءَ ڪارگذاريءَ ڪري نتيجو اهو نڪتو ته بنگال ساڍا 7 ڪروڙ ماڻهن سميت پاڪستان کان جُدا ٿي ويو.
آئون اهو سمورو عرصو نظر بند هوس. ڪيترا منهنجا دوست به جيلن ۾ هئا. مون کي اُن سموري عرصي ۾ پڙهڻ، لکڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ لاءِ چڱو وقت مليو، جنهن سبب معلومات ۾ اضافو ٿيڻ ڪري پنهنجا تاثرات قلمبند ڪري سگهيو آهيا.
نئين صدر همت کان ڪم وٺي هڪ طرف اسان کي آزاد ڪيو، ٻئي طرف 8 جنوري 1972ع تي شيخ مجيب الرحمان کي آزاد ڪري ڍاڪا وڃڻ لاءِ اجاز ڏني، جتي هن 10 جنوري تي وڃي حڪومت جون واڳون سنڀاليون.
نئين صدر حڪومت جون واڳون اُن وقت ورتيون آهن، جڏهن پاڪستان جي سامهون ڪيئي مسئلا ۽ مشڪلاتون درپيش آهن. جنگ ۾ شڪست اچڻ ڪري هڪ لک کن سپاهي (فوجي) نظر بند آهن. ملڪ کي اربها رپين جو نقصان رسيو آهي. مغربي پاڪستان مان به ڪجهه حصا ڀارت جي هٿ هيٺ ويل آهن. فوجون سرحد تي آهن. مارشل لا هٽائڻ ۽ صوبن ۾ حڪومت بحال ڪرڻ جو مطالبو ٿي رهيو آهي. آئين ٺاهڻ، بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ، ڀارت ۽ افغانستان سان تعلقات قائم ڪرڻ ۽ عوام جي غربت دور ڪرڻ جا مسئلا حل طلب آهن.
ملڪ جي آئنده سلامتي، ترقيءَ ۽ تعمير جو مدار انهن سوالن جي خاطر خواه نموني حل ڪرڻ تي آهي. جيتري قدر مون ان مسئلي تي غور ڪيو آهي، آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته پاڪستان جي انتشار، افراتفريءَ ۽ موجوده پست حالت جا هيٺيان ڪارڻ آهن :
(1) مسلمانن جي جداگانه قوم جو نظريو : دنيا ۾ ڪٿي به مذهبي بنياد تي قوم جو وجود تسليم ٿيل نظر نه ايندو. هندستان ۾ ڪن عارضي اختلافن جي پيدا ٿيڻ سبب مسلم اقليتن ۽ پنجاب جي مستقل مفاد ۾ مسلمانن اهو نظريو ايجاد ڪري، سامراجي خيال جي انگريز آفيسرن معرفت ملڪ جي ورهاست ڪرائي.
پاڪستان جي بانيءَ، ان نظريي جي دائمي طور ڪتب آڻڻ کي نقصان ڪار ڄاڻي. 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبليءَ پهرين نشست ۾ ان کي رد ڪري ڇڏيو. ليڪن هو گهڻو وقت زنده نه رهيو. بعد ۾ مذڪوره بالا گروه، سندن اقتدار ۽ استحصال کي قائم رکڻ خاطر ان کي ڪتب آڻيندو رهيو آهي. ان نظريي ۾ اعتماد رکڻ ڪري، ملڪ کي هيٺين مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿيڻو پيو آهي.
(الف) بنگال، سنڌ، بلوچستان ۽ پختون ايراضيءَ جي هزارها سالن جي قديم قومن جي وجود کان انڪار ڪرڻو پوي ٿو.
(ب) جنهن ڪري اتي جي قومن جي زبانن، ڪلچرن، سياسي ۽ اقتصادي مفادن ۽ وطنن کي نقصان پهچي ٿو.
(ث) مستقل مفاد اُن نظرئي جي آڙ وٺي مذهبي نظام حڪومت، ڀارت دشمني ۽ علائقن جي حڪومتن جا نعرا لڳائي عوام جو توجهه حقيقي مسئلن کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سياست ملڪ کي نفرت جي بنياد تي هلايو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ون يونٽ ٺاهي وئي. جنهن سبب اولهه پاڪستان جي صوبن ۾ رد عمل پيدا ٿي، صوبائي عصبيت زور ورتو. انهيءَ ڪري بنگال الڳ ٿي ويو. انهيءَ وجهه ڪري پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۾ عوامي نمائندن جون حڪومتون اقتدار ۾ اڃان تائين اچي نه سگهيون آهن.
نئين صدر صاحب اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جون حالتون نهايت گنڀير آهن، تنهن ڪري ملڪ جي ساري پاليسيءَ تي از سر نو غور ڪندو. ان ڪري هر هڪ شهريءَ جو فرض آهي ته کيس اهڙي نئين پاليسي مرتب ڪرڻ لاءِ مشورا پيش ڪري. ان نقطئه نگاه کان آئون به ڪي تجويزون پيش ڪريان ٿو، جي سندس ۽ عوام جي ويچار هيٺ اچڻ گهرجن.
وقت آيو آهي ته گذشته 24 سالن جي تجربن مان فائدو وٺي اسان بنيادي تبڊيليون آڻيون. ان مان سڀ کان وڏي تبديلي مسلمانن جي جداگانه نظرئي کي خبر آباد چئي، پاڪستان کي پنجن قومن جو وطن تسليم ڪرڻو آهي. جنهن صورت ۾ هر هڪ قوم کي خوداراديءَ جو حق رهي ٿو ته ان بنياد تي جيڪڏهن اهلِ بنگال آزاد ٿي جدا رهڻ گهرن ٿا ته سندن اهڙي تقاضا کي صحيح سمجهي بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ گهرجي.
مغربي پاڪستان جي باقي چئن قومن جي رياستن کي اندروني طور مڪمل خودمختياري ڏئي، سندن باهمي سمجهوتي سان هڪ فيڊريشن ٺاهجي، جنهن ۾ مرڪزي حڪومت کي صرف 3 کاتا سپرد ڪيا وڃن. دفاع، خارجي معاملات ۽ ڪرنسي. باقي سڀ کاتا علائقائي رياستن جي حوالي رهڻ ڏجن. ٻي صورت ۾ پاڪستان جو اندروني انتشار ختم ٿي، ملڪ جو مستحڪم ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي.
(2) مذهبي نظام حڪومت: هي ڳالهه به خاص ذهن ۾ ويهارڻ جي لائق آهي ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ مذهبي نظام حڪومت مروج ناهي. دنيا جي جديد حالات مطابق ان جي مستقبل ۾ ڪٿي به رائج ٿيڻ جو امڪان ناهي. مٿي ذڪر ڪيل نظرئي ۾ اعتماد رکڻ سبب پاڪستان جي جملي حڪومتن لفظي طرح ان نظرئي موجب نظام ٺاهڻ جا وعدا پئي ڪيا آهن. جنهن صورت ۾ اهڙو نظام قائم ٿيڻ ناممڪن آهي، ان ڪري اُن تي عمل ٿي نه سگهيو آهي. نتيجو هيءُ پئي نڪتو آهي ته حڪومتن جي قول ۽ فعل ۾ تفاوت پئي رهيو آهي. جنهن ڪري رجعت پسند گروهن طرفان حڪومتن خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ پنهنجي قوتن کي زور وٺرائڻ لاءِ اسباب پئي رهيا آهن.
نظر ڪري ڏسبو ته دنيا جي اڪثر حڪومتن جو آئين ۽ نظام سيڪيولر طريقي جو آهي، تنهن ڪري هن ملڪ ۾ جداگانه آئين ۽ نظام قائم ڪرڻ تقريباً ناممڪن پيو نظر اچي. تنهن ڪري بهتر ائين آهي ته صاف ظاهر ڪجي ته اهڙو آئيني نظام قائم ڪري نه سگهبو.
جيڪڏهن هن وقت صاف گوئيءَ کان ڪم نه وٺبو ته ترقي پسند گروهن کي آئينده هلي رجعت پسند طاقت کي منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو. ان ڪري نئين صدر صاحب کي عرض ڪجي ٿو ته ان بابت صاف ذهن کان ڪم وٺي سيڪيولر نظام حڪومت واري پاليسي مرتب ڪري، نه ته اُهي قوتون سندس سوشلزم ۽ عوامي مفاد جي پروگرام ۾ چپي چپي تي مذهب جي نالي ۾ رنڊڪون وجهنديون رهنديون.
(3) فسطائي نظريه سياست: بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ ابتدا کان وٺي مستقل مفاد جي تسلط هئڻ سبب صحيح طور تي جمهوريت ۽ عوامي حڪومت قائم ٿي نه سگهي آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ چونڊ ذريعي آئين ٺهي نه سگهيو آهي. مستقل مفاد طرفان هڪ ٻئي جي حڪومتن کي بدلائڻ جو دستور هلندو رهيو آهي.
ابتدا ۾ ته نالي خاطر چونڊيل ميمبرن جون اسيمبليون هلنديون هيون، پر آهستي ٿي ڊڪٽيٽري راڄ قائم ٿيو، جنهن جو دؤر اڌ کان وڌيڪ عرصي تائين قائم رهيو. اهي ڊڪٽيٽر ڪڏهن ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي (ضابطي واري جمهوريت)، ڪڏهن بنيادي جمهوريت ۽ ڪڏهن مضبوط مرڪز جا نعرا لڳائي، پنهنجي تسلط کي قائم رکندا آيا آهن.
هيءُ پهريون دفعو آهي ته عوام طرفان چونڊيل ميمبرن کي اقتدار هٿ ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. ممڪن آهي اهي طاقتون، جن اڳ جمهوريت بحال ڪرڻ ۾ رنڊڪون وڌيون هيون، وري به ان کي ناڪام بنائين، تنهن ڪري هر هڪ شهريءَ جو فرض آهي ته هن موقعي کي ناڪامياب بنائڻ نه ڏين.
اهو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن اول ۾ صوبائي حڪومتن کي مڪمل اختياري ڏئي، ڪاروبار هلائڻ ڏنو وڃي. تنهن ڪري مرڪزي اسيمبليءَ سڏڻ ۾ دير ٿئي ته پرواه ناهي، پر صوبائي وزارتون جلد ٺاهڻ ڏنيون وڃن. انهيءَ اصول کي مد نظر رکي سنڌ ۽ پنجاب ۾ حڪومت جون واڳون پيپلز پارٽيءَ جي هٿ ۾ هئڻ گهرجن ۽ سرحد ۽ بلوچستان ۾ حڪومتن جون واڳون ڪوئليشن پارٽين جي حوالي ڪرڻ گهرجن، صوبن جا گورنر انهيءَ اصول پٽاندڙ صوبن جي حڪمران پارٽين جا هئڻ گهرجن، ٻيءَ صورت ۾ صوبائي خودمختياري بي معنى ٿي پوندي. ملڪ جو آئين انڊين پاڪستان انڊپينڊنس ائڪٽ مطابق هلايو وڃي. آئنده جو آئين 12 مهينن جي تجربي بعد رياستن جي رضامنديءَ سان پارليامينٽري طرز جو ٺاهيو وڃي، جنهن جي ٺاهڻ لاءِ اڪثريت موجب فيصلا نه ڪيا وڃن، بلڪ هر هڪ صوبي جي رضامنديءَ شامل ڪرڻ گهرجي ۽ مرڪز کي صرف 3 کاتا سپرد ڪيا وڃن. وقت آيو آهي ته صدر صاحب ان طرف غور ڪري ترت فيصلا ڪري، نه ته ممڪن آهي رجعت پسند طبقا وري ان موقعي کي به ناڪام بنائين.
(4) مستقل مفاد طرفان استحصال : تجربي ۽ تاريخي حقائق جي بنياد تي ڪيترا ماڻهو ان نتيجي تي پهتا آهن ته مسلم اقليت وارن صوبن ۽ پنجاب جي ڪامورن ۽ زميندار طبقي جي مسلم مستقل مفاد طرفان مسلمانن جي جدا قومن جو نظريو ايجاد ٿي، ملڪ جو ورهاڱو ڪرايو ويو. ان جي پويان انهيءَ طبقي جي نئين ملڪ ۾ تسلط ۽ استحصال قائم ڪرڻ جو جذبو مضمر هو. گذريل 24 ساله عرصي جي تاريخ گواهي ڏئي ٿي ته ان ئي گروه نه ملڪ جو آئين ٺاهڻ ڏنو، نه عوامي حڪومت کي وجود ۾ اچڻ ڏنو.
هن وقت مس مس عوامي طرح چونڊيل صدر اقتدار ۾ آيو آهي. سندس پارٽيءَ جي پروگرام ۽ واعدن ڪري مستقل مفاد کي ڪُک ۾ ڪان هوندو. ممڪن آهي هو سندس هٽائڻ لاءِ ڪي طريقا استعمال ڪن. ان ڪري اهو نهايت ضروري آهي ته سندن استحصال ختم ڪرڻ کان اڳ سندن وري اقتدار ۾ اچڻ جا رستا ۽ ذريعا ختم ڪيا وڃن. ڇاڪاڻ ته قومن جي تعمير ۽ ترقي چند مهينن ۾ ڪانه ٿي سگهندي آهي. سوويت يونين ۽ چين جا مثال اسان جي سامهون آهن، جن کي نئين طرز تي تعمير ڪرڻ لاءِ سالن جا سال گذري ويا آهن، پر اڃا تائين سندن ڪم پايه تڪميل تي ڪونه پهتا آهن. انهيءَ لاءِ عرصئه دراز جي ضرورت آهي. تنهن ڪري صدر صاحب کي اهي طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن، جيڪي عوامي دور کي قائم رکڻ لاءِ ڪارائتا ٿين. جيڪڏهن چند سڌارا ڪيائين ۽ ان کان پوءِ هنن کيس هٽائي ڇڏيو ته ساري محنت رائيگان ٿي ويندي. تنهن ڪري بنيادي طرح سان کيس اول ۾ اهي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، جن جي ڪري هنن جو حڪومت تي تسلط ۽ اثر رهي ٿو. منهنجي نظر ۾ اهي ذريعا جيڪي مستقل مفاد کي حڪومتن تي تسلط ۽ اثر ڏين ٿا، سي هيٺيان آهن :
1. مرڪزي حڪومت جي مضبوطي : جنهن ڪري ملٽري ۽ سول سروس وارا ساري نظام حڪومت تي اثر انداز ٿين ٿا.
2. مسلمانن جي جداگانه قوم جو نظريو : جنهن ڪري مختلف علائقائي قومن جي حقن جي پائمالي ڪري، مستقل مفاد، سندن استحصال جاري رکڻ لاءِ منصوبابندي ڪن ٿا.
3. اسلامي نظام حڪومت : جنهن ڪري عوام جو توجهه سندن روزمره جي مسئلن کان هٽائي، عقل جي عيوض جذباتي بنيادن تي رکي مستقل مفادن جي استحصال جاري رکڻ لاءِ ميدان هموار ڪيو وڃي ٿو.
4. ڀروارن ملڪن جي مخالفت: جنهن ڪري هنگامي حالتن جو اظهار ڪري لشڪر وڌائڻ ۽ عوام جي آزادي سلب ڪرڻ لاءِ جواز پيدا ڪيا وڃن ٿا.
انهيءَ ڪري صدر صاحب کي سندس پروگرام کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ پهرين مذڪور بالا چئني سوالن جو فيصلو ڪرڻو پوندو، جيئن “نه هجي بانس نه وڄي بانسري”.
ڀارت سان سمجهوتو، بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ، مغربي پاڪستان جي چئن قومن کي تسليم ڪري انهن کي آزادي ڏيارڻ، مُلن ۽ پيرن جو سياست مان اثر زائل ڪرڻ نهايت ضروري آهي. انهن کي زائل ڪرڻ بعد هو پنج ساله منصوبه بندين ذريعي آهستي آهستي ڪري ملڪ جو ترقي ۽ تعمير ڪري سگهي ٿو. باقي مارشل لا جاري رکي مرڪزي حڪومت مضبوط ڪرڻ، اسلامي نظام حڪومت ۽ مسلمانن جي جدا قوم جي نظريي کي مڃڻ ۽ ڀروارن ملڪن سان دشمني واري پاليسي جاري رکڻ بعد نه سول سروس ۽ ملٽريءَ جو اثر گهٽائي سگهندو ۽ نه کيس عرصئه دراز تائين ڪم ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو ويندو.
5. ڀروارن ملڪن سان دشمني : پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي جملي حڪومتن جي پاليسي ڀارت ۽ افغانستان جي دشمنيءَ جي آڌار تي رٿيل رهي آهي. انهيءَ پاليسي سبب لشڪر وڌائڻ ضروري سمجهيو ويو ۽ ان لاءِ ٻاهرين سامراجي طاقتن کان مدد حاصل ڪرڻ واسطي عهدناما ڪيا ويا. انهيءَ ڪري ٽي جنگيون ڪرڻيون پيون. لشڪر وڌائڻ سبب ملٽريءَ کي سياست ۾ دست اندازيءَ ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿيو ۽ ڊڪٽيٽري نظام قائم ٿيو. جيڪڏهن ان مسئلي جي تهه ۾ وڃبو ته ملڪي سياست کي نفرت جي بنياد تي تعمير ڪرڻ ان جو مکيه ڪارڻ آهي.
پاڪستان کي قائم ڪرڻ لاءِ امن جي ضرورت آهي. اهو تڏهن حاصل ٿي سگهندو. جڏهن ان جا تعلقات ڀروارن ملڪن سان دوستاڻه هجن. مستقل مفاد ڪڏهن به نه چاهيندا ته پاڪستان جي موجوده دشمنيءَ واري پاليسي ختم ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ان ڪري ئي هنگامي حالتن جي عذر تي هو پنهنجو اقتدار ۽ استحصال قائم رکي سگهن ٿا.
اهي چند سوال آهن، جن جو خاطر خواه حل پاڪستان کي موجوده گنڀير حالتن مان ڪڍي سگهي ٿو.
سنڌ جي دانشور طبقي لاءِ مون چند تجويزون رٿيون آهن، جيڪڏهن هو ان تي عمل ڪندا ته ملڪ جا گهڻا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهندا.
1. مذڪور بالا پنجن اصولن جي تشريح ڪري، ذهني تبديلي آڻڻ لاءِ مون ڪي خيال قلم بند ڪيا آهن، انهن کان واقفيت حاصل ڪن.
2. صدر جي نالي چند معروضات پيش ڪري، انهيءَ بنياد تي عام راءِ پيدا ڪن.
3. مخلص ڪارڪنن تي مشتمل “خدامِ سنڌ” جا جٿا تيار ڪن.
منهنجي سمجهه موجب نئين صدر جي هٿ هيٺ عوام کي آخري موقعو مليو آهي ته ملڪي مسئلن کي حل ڪرائين، نه ته پاڪستان پرزا پرزا ٿي ويندو.
جيئن ته صدر جي چؤ طرف ڪئين ماڻهو ڦريا بيٺا آهن. ان ڪري مؤثر تجويزون ان تائين پهچائڻ لاءِ عوامي آواز پيدا ڪرڻو پوندو.”
جيتوڻيڪ بنگال جي الڳ ٿي وڃڻ سان آباديءَ ۽ طاقت جو سمورو توازن پنجاب جي حق ۾ هليو ويو هو، جنهن ئي پنجاب پاڪستان جي 24 ساله تاريخ ۾ پنهنجي فوجي ۽ سول بيورو ڪريسيءَ ذريعي بنگال سميت ٻين صوبن کي ڦريو، لٽيو ۽ چٿيو چيڀاٽيو هو، ان کان ڪنهن چڱائيءَ جي اُميد رکڻ ۽ انصاف جي توقع رکڻ “ٻٻرن کان ٻير گهرڻ” جي برابر هو، پر جيئن ته ان وقت پنجاب شڪست خورده هو، اُن جا هزارين فوجي سپاهي هندستان وٽ قيد هئا، اُن جو ڪافي علائقو هندستان جي قبضي ۾ هو، اُن ڪري مون سمجهيو ٿي ته هاڻي شايد پنجاب جي عسڪري ذهني برتريءَ ۾ ڪا تبديلي آئي هوندي ۽ هُو ٻين صوبن سان برابريءَ ۽ برادريءَ جي بنياد تي معاملو طئي ڪرڻ لاءِ تيار هجي. اُن ڪري ئي آخري دفعو مون گڏجي رهڻ لاءِ تقرير ۾ پيش ڪيل تجويزون، صدر پاڪستان (ذوالفقار علي ڀٽي) ڏانهن ڏياري موڪليون هيون، ته جيئن هُو هن علائقي مان بحران ختم ڪرڻ لاءِ ڪو آئيني سرشتو لاڳو ڪري، جنهن مان مظلوم قومون ۽ صوبا مطمئن ٿي سگهن. پر انصاف، رواداريءَ، برابريءَ ۽ برادريءَ واريون صفتون پاڪستاني حڪمرانن جي سرِشت ۽ طبعيت مان ائين غائب هيون، جيئن ڍڳيءَ جا مٿيان ڏند، ان ڪري هُنن بجاءِ اُنهن تجويزن تي عمل ڪرڻ جي، مون کي هڪ تهديدي ۽ تنبيهي خط لکيو، جيڪو هتي پيش ڪريان ٿو.
وزير صدارتي امور حڪومت پاڪستان
5 فيبروري 1972،
جناب جي ايم سيد

حڪومت جي ڌيان تي آندو ويو آهي ته اوهان 17 جنوري 1972ع تي سن، ضلعي دادوءَ ۾ پنهنجي سالگره جي تقريب ۾ تقرير ڪندي، هيٺيون ڳالهيون ڪيون آهن.
1. (i) “ٻه قومي نظريو” عارضي نوعيت جو هو ۽ اوهان ان ۾ اعتماد نٿا رکو.
(ii) اها ڳالهه تسليم ڪئي وڃي ته پاڪستان جي پنجن صوبن جا رهاڪو، پنجن مختلف قومن سان واسطو رکندڙ آهن ۽ انهن کي پنجن رياستن جي ڪنفيڊريشن ۾ آندو وڃي.
(iii) اوهان پنهنجي مقصد جي حصول لاءِ “خدامِ سنڌ” نالي هڪ تنظيم وسيلي هلچل شروع ڪرڻ وارا آهيو، جيڪا ٻٽي مقصد: عوامي راءِ تيار ڪرڻ ۽ گوريلا جنگ جي تربيت ڏيڻ جو ڪم ڪندي:
2. گورنمينٽ کي اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته توهان جي جاءِ تي ۽ اوهان جي سرپرستيءَ ۾ ڪن ٻين مقررن پنهنجي تقريرن ۾ “سنڌ جي آزاديءَ” لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ ان مقصد واسطي گوريلا جنگ وڙهڻ لاءِ عوام کي اُڀاريو. حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ويو ته جيڪڏهن اُن ڪا به مداخلت ڪئي ته اُن جو هٿيارن جي طاقت سان مقابلو ڪيو ويندو ۽ جيڪي تحريڪ جي راهه ۾ رڪاوٽ بنبا، انهن جي رت سان سنڌو درياهه جو پاڻي ڳاڙهو ٿي ويندو.
3. ان ڏس ۾ اوهان جو ڌيان ڇڪائيندي ٻڌائجي ٿو ته پاڪستان ۾ اهڙا به قانون موجود آهن ته جيڪو ماڻهو ملڪ جي يڪجهتيءَ ۽ سالميت خلاف ڳالهائي، ڪوشش ڪري يا تشدد پکيڙي ته اُن کي سخت سزا ڏني وڃي.
4. آئون هاڻي اوهان کان پُڇان ٿو ته مون کي اطلاع ڪندا ته آيا مٿي بيان ڪيل رپورٽ درست آهي، يا پاڻ اوهان ان موقعي تي مذڪوره تقرير ڪندڙ مقررن سان گڏ هئا !

اوهان جو مخلص
جي. اي. رحيم.

ان خط جو اُنهن حالتن آهر مون تفيصلي جواب حڪومت کي موڪلي ڏنو، جنهن ۾ مون ڄاڻايو ته هن وقت آئون بچيل ملڪ ۽ ان جي صدر لاءِ ڪو به مسئلو ۽ مونجهارو پيدا ڪرڻ نه ٿو چاهيان ۽ عوام کي گهرجي ته اهي هن آخري موقعي مان فائدو وٺي، پنهنجا حق ۽ اختيار حاصل ڪن، ڇو ته شايد تاريخ کين وري اهڙو موقعو نه ڏئي.
ان مان اندازو لڳايو ته مون شروع کان وٺي انهيءَ وقت تائين اها ڪوشش پئي ڪئي آهي ته ڏکڻ ايشيا جي هن علائقي ۾، جنهن کي پاڪستان چيو ٿي ويو، “قوميتن ۽ صوبن” جي شناخت ۽ اختيار بحال رکندي، گڏيل جوڙجڪي سرشتو لاڳو ڪيو وڃي، پر منهنجيءَ اهڙيءَ مخلصانه تجويز کي نه رڳو 1972ع ۾ ٺڪرايو ويو، پر اهڙي قسم جون تجويزون ۽ سهڪار جون آڇون پاڪستان ٺهڻ شرط مون حڪمرانن کي وقت به وقت پيش پئي ڪيون. انهن سڀني کي انتهائي حقارت ۽ مغروريءَ سان ٺڪرايو ويو هو. اڪثر منهنجي لاءِ چيو ويندو آهي ته مُون هر حڪومت جي مخالفت جو ٺيڪو کنيو آهي. آخر آئون به هڪ سياسي انسان آهيان، منهنجو مٿو ته نه ڦريو آهي، جو هر حڪومت جي بي بنياد مخالفت ڪندو وتان، پر جيئن ته هڪ سياسي سنڌي انسان جي حيثيت ۾ منهنجو واسطو هن سرزمينِ سنڌ ۽ اُن جي قديم تهذيب جي مالڪ قوم سان هو، اُن ڪري مُون جتي به پنهنجيءَ قوم تي جبر ۽ تهذيب تي وار ٿيندي ڏٺو ته پنهنجيءَ قوم ۽ تهذيب جي مدافعت منهنجو قومي، اخلاقي ۽ سياسي فرض ۽ تاريخ سنڌ ۽ اُن جي شهيدن طرفان سپُرد ڪيل فرض هو ـ ۽ ان فرض ۽ قرض جو ادا ڪرڻ منهنجي لاءِ پنهنجيءَ حياتيءَ برابر هو. پوءِ به آئون هن قوم ۽ تهذيب کي بچائڻ لاءِ پاڪستاني حڪمرانن کي وقت به وقت تعاون ۽ سهڪار جي آڇ ڪندو پئي رهيس. اُن سلسلي ۾ سڀ کان پهرين مون ۽ منهنجي سياسي رفيق شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، پاڪستان جي پهرين وزيراعظم، لياقت علي خان کي1947ع ۾ هيٺيون خط لکيو هو :

پيارا وزيراعظم!

“اوهان جي 20 سيپٽمبر 1947ع تي لاهور واري تقرير ۾ هيٺين اپيل ڪيل آهي:
“مصيبتون قومن تي اڪثر اينديون آهن، اسان هر طرح جي ڪوشش ڪري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. اسان جي اڳيان صرف پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ جو سوال نه آهي، پر برِ اعظم هندستان ۾ اسلام جو شان دوباره اعلى ڪرڻ آهي. اهو تڏهن حاصل ٿي سگهندو، جڏهن اسان سڀئي پاڪستان جي خدمت لاءِ آماده ٿي وڃون. اسان کي هر هڪ مسلمان جي خدمت جي ضرورت آهي، خواه اها خدمت شخصي حيثيت ۾ يا جماعتي حيثيت ۾ ملي. آئون هر هڪ مسلمان کي دعوت ٿو ڏيان ته اسان سان پاڪستان جي مشڪلاتن دور ڪرڻ ۾ مدد ڪري”
ڊان، 21 سيپٽمبر 1947ع.
هيسين تائين اوهان جو خطاب، مدد لاءِ صرف مسلم ليگ پارٽيءَ طرف پئي رهيو آهي. پر هاڻي جڏهين اوهان جي اپيل جو دائرو وسيع ٿي، پارٽيءَ جي حدن کان ٻاهر نڪتو آهي ته اسان شخصي طرح ۽ جماعت جي طرف کان پنهنجون خدمتون ۽ وسائل بنا ڪنهن پس و پيش جي پوريءَ سچائيءَ سان اوهان جي سپرد ٿا ڪريون. اهو اوهان تي ڇڏيل آهي ته توهان جي تقرير جي بيان ڪيل مقصدن لاءِ اسان جي خدمتن کي ڪهڙي نموني به ڪتب آڻيو. اوهان گهرندا ته پنهنجي دوستن ۽ گڏجي ڪم ڪندڙن جي لسٽ به اوهان کي موڪلي ڏبي. اسان کي اُميد آهي ته هيءَ اسان جي عقيدت ڀري آڇ قبول ڪئي ويندي.
اوهان جا مخلص
شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي. ايم. سيد.

اسان اخبارن ذريعي خط سان گڏ هيءُ به صاف ڄاڻايو ته هيءَ آڇ عهدي وغيره جي لالچ تي ڪانه ڪيل آيل آهي. اها صرف وزيراعظم جي اپيل جي جواب ۾ پاڻ کي ملڪ جي خادمن جي لسٽ ۾ داخل ڪرائڻ جي نيت سان ڪيل هئي، پر هنن انگريزن جي جاءِ نشينن ۽ بنا محنت جي بڻيل نون حاڪمن کي ايڏو فخر دماغ ۾ ويٺل هو، جو خط جي پهچ به ڪانه موڪليائون. اهڙيءَ طرح نوابزادي لياقت علي خان کي هڪ ٻيو خط 22 جون 1951ع تي موڪليو، پر اُن جو به ساڳيو حشر ٿيو:
حيدر منزل،
ڪراچي.
22 جون 1951

پيارا نواب صاحب.
هيءُ خط ان ماڻهوءَ طرفان آهي، جنهن سياسي ميدان ۾ ڪجهه عرصو اوهان جي ويجهو گذاريو آهي ۽ پنهنجي مرضيءَ سان پورا پنج سال اوهان کان الڳ به رهيو.
مون کي پورو يقين آهي ته غلط فهمين دور ڪرڻ واسطي توضيحي ڳالهيون يا بحث مباحثا، پاڻ کان وڌيڪ با اختيار ماڻهن جي دلين مان ڪدورتون ڪڍي صاف ڪرڻ ۾ سوڀارا ڪو نه ٿيندا آهن. مان پنهنجي عهدي تان استعفى ڏئي گوشئه گمنامي اختيار ڪئي ۽ منهنجي دوستن احبابن به ائين ڪيو. ان جو ڪارڻ اهو هو ته اسان پنهنجي انفرادي سوچ جا مالڪ هئاسون.
هاڻي صورتحال نئين ٿي وئي آهي ۽ عام چونڊون سر مٿان اچي بيٺيون آهن. اخبارن ۾ اسان جي مستقبل جي سياسي ارادن ۽ ميدانِ عمل متعلق غلط خيال آراين ۽ غلط بيانين جي ڀرمار لڳي پئي آهي. عام طور تي آءُ انهن قياس آراين ڏانهن ڪن به ڪونه ڌريان، پر هاڻ سنڌ جا ڪجهه سياستدان، اسان جي گڏيل سياسي مخالفت کان ڊڄي، پنهنجي شخصي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ اهي اخلاق سوز حرڪتون ڪري رهيا آهن. ٻين جمهوري طور ترقي يافته ملڪن جون اقتدار واريون ڌريون جيڪر اهڙيءَ سياسي مخالفت جي ڀليءَ ڀت آجيان ڪن ها. منهنجي لاءِ اهو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته گهاگهه سياستدانن جون اهڙيون ڪريل حرڪتون عوام ۽ ان سان گڏ اوهان جهڙن مٿئين طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪيتريءَ حد تائين ڪامياب وڃن ٿيون. مون کي ڳڻتي فقط هن ڳالهه جي آهي ته منهنجون اهي ايماندارانه ڪوششون پاڻ جهڙن ساٿي سياستدانن ۽ اوهان جهڙن اڳواڻن جون غلط فهميون دور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويون. مون کي اها ڪل ڪا نه آهي ته هنن ورهين جي وٿيءَ اوهان جي خيالن ۾ ڪو مثبت ڦيرو آندو آهي الائي نه. پر ان هوندي به منهنجي اندر ۾ اوهان سان ملڻ لاءِ هڪ اجهل خواهش ڪر موڙي اٿي آهي. جيڪڏهن اوهان گهڻ پاسائن ممڪن ڪارين ۽ مشغولين ۽ ملڪي سياست مان ڪجهه وقت بچائي ملاقات ڪرڻ لاءِ مون کي وقت ڏيندو ته نئين سياسي جوڙ جڪ (Set up) بابت مان پنهنجو موجوده نقطئه نظر پيش ڪرڻ ۾ شايد ڪامياب ٿي وڃان.
اوهان گهڻن سياستدانن کان وڌيڪ هن اهم ڳالهه کي سمجهي سگهو ٿا ته سنڌ جي سياست جي باري ۾ منهنجو انوکو نقطئه نظر آهي، جنهن لاءِ گهڻو ڀوڳيو به آٿم،. اها هڪ حقيقت آهي ته اڳي يا هاڻي، مرڪزي سياست يا حڪمت عمليءَ جي نقطئه نگاهه کان منهنجي ۽ هاءِ ڪمانڊ جي جي وچ ۾ سياسي نقطه نظر جي ناتي سان ڪو خاص فرق به موجود ڪونه آهي. اسان جي ملڪ ۾ صوبائي سياست عام شهري جي روز مره جي زندگيءَ تي وڏو اثر دخل رکي ٿي. ان حقيقت جي ناتي سان مون کي پنهنجو منفرد نظريو آهي، جنهن جو اظهار وقت بوقت با اختيار ماڻهن سان ڪندو رهيو آهيان، خير، مان پنهنجي خيال تي اڏول ۽ مستحڪم آهيان ۽ سنڌ جي معاملي ۾ منهنجو هيءُ نظريو هن نئين ملڪ پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ڪو هاڃيڪار ثابت ڪو نه ٿيندو. پر ان جي برعڪس سندس خوشحالي ۽ امن آشتيءَ واسطي مددگار ثابت ٿيندو.
مان اوهان سان ملاقات ڪرڻ واسطي پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. مون کي پوري پڪ آهي ته وقت ڪڍي مون کي ملاقات جو شرف بخشيندا. هن ملاقات مان اسان ٻنهي کي هڪ ٻئي جي نقطئه نظر کي پرکڻ جو سٺو موقعو ملندو. اهو ڪم عام ماڻهوءَ جي گڏيل مفادن سان واسطو رکي ٿو، جنهن کي اسان ٻنهي دل جي گهراين سان چاهيو آهي ۽ اهائي هن ملڪ جي سچي خدمت ٿيندي.

اوهان جون مهربانيون
اوهان جو مخلص
جي. ايم. سيد