6
ڇا افغانستان پنهنجيءَ آزاديءَ تان دستبردار ٿي، هندستان جي زرخيزيءَ مان فائدي وٺڻ خاطر ان سان ملي وڃڻ لاءِ تيار ٿيندو؟
ان ڪري، پاڪستاني (آزاد) رياستن لاءِ اقتصادي پستيءَ جو ڊپ پيدا ڪرڻ بي معنى ڳالهه آهي. مون کي اميد آهي ته اسان جا هندو ڀائر، جيڪي آزاديءَ جي حصول خاطر هر طرح جون قربانيون ڏئي رهيا آهن، اهي ملڪي حالتن کي مدنظر رکندي “مسلم ليگ جي (1940ع واري) لاهور واري ٺهراءَ” موجب مسلمانن کي سندن اڪثريت وارن صوبن ۾ “آزاد رياستن” ڏيڻ جو اصول قبول ڪري، هندستان جي سياست کي سُلجهائي، آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ رستو صاف ڪندا.
جناب صدر! آءُ پنهنجي تقرير ختم ڪرڻ کان اڳ هڪ اتفاقي واقعي جو هتي ذڪر ڪندس. اڄ 3 مارچ، هندستان جي عظيم هستي مهاتما گانڌيءَ جي “ورت” (روزي) ختم ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جنهن ساري زندگي هندو مسلم اتحاد کي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد پئي ڪئي آهي. مون کي اميد آهي ته مهاتما کي هيترين ڪوششن کان پوءِ محسوس ٿيو هوندو ته ملڪ جي پست حاليءَ جي ڪري “وحدت هندستان” (United India) پيدا ٿيڻ جو آسرو نه آهي، جيستائين ڪِ ڪجهه عرصي گھذرڻ کان پوءِ ان لاءِ حالتون سازگار ٿين.
هندستان کي ڌارين جي غلاميءَ کان آزادي ۽ سامراجي حڪومت کان نجات تڏهن ئي حاصل ٿي سگهندي، جڏهن مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ مسلمانن جي جدا آزاد حڪومتن بپا ڪرڻ جو اصول قبول ڪيو ويندو. هر اُها ڪوشش، جيڪا باهمي سمجهوتي کان سواءِ سڌو انگريزن سان مسئلي حل ڪرڻ ذريعي ڪئي ويندي، سا معاملي کي درست ڪرڻ بدران پاڻ بگاڙيندي ۽ ملڪ ۾ انگريزي سامراجي حڪومت جي عرصي کي گهٽائڻ بدران وڌائڻ جو باعث بنجندي”.
[پڙهي ڏسو: سنڌ اسيمبليءَ جي ڪاروائي، 3 مارچ 1943ع ].
هن ٺهراءَ کي اجلاس ۾ موجود جملي حاضر مسلمان ميمبرن جي تائيد حاصل هئي. خانبهادر الهه بخش ڪراچيءَ ۾ ڪو نه هو، ٻن هندو وزيرن ۽ هڪ ان جي پارليامينٽري سيڪريٽريءَ مخالفت ڪئي، آزاد هندو گروپ جا ميمبر احتجاج طور اسيمبلي ڇڏي ٻاهر هليا ويا.
هتي هيءَ ڳالهه واضح ڪندو هلان ته سر حاجي عبدالله هارون جي وفات سبب سنڌ مسلم ليگ جون واڳون. خانبهادر ايوب کهڙي ائڪٽنگ صدر جي هٿ ۾ آيون. جڏهن خانبهادر کهڙو روينيو وزير ٿيو، ان وقت اسان مان جيڪي مسلم ليگ ۾ ترقي پسند ڪارڪن هئا، تن مسلم ليگ کي عوام جي مفادن جي رکپال ۽ صحيح نمائنده جماعت بنائڻ گهريو ٿي ۽ چاهيو ٿي ته ليگ جي ڪاروباري نظام کي وزارت جي اثر ۽ ضابطي کان آزاد رکڻ لازمي هو ۽ مسلم ليگ وزيرن کي جماعت جي ماتحت رهي ڪم ڪرڻو هو. پر خانبهادر کهڙو اسان جي ان راءِ جي ابتڙ قائم مقام صدر جي حيثيت ۾ وزارت سان گڏ هو. ان عرصي ۾ مسلم ليگ جي چونڊن (1943) جو جيئن وقت نزديڪ ايندو ويو، تيئن ترقي پسند ۽ قدامت پسند گروپ ۾ رساڪشي شروع ٿي وئي، ترقي پسند گروهه شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪري رهيو هو. انهن اختلافن جي نبيري لاءِ اسان 23 اپريل 1943ع تي آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي دهليءَ واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويا سون ۽ وزارت جي عوام مخالف ڪمن جي شڪايت ڪي سون، پر جناح صاحب شڪايتن تي ڌيان نه ڏنو ۽ ان مسئلي تي سنڌ ۾ اچي صورتحال جو جائزو وٺڻ جو واعدو ڪيائين.
اتان سنڌ موٽڻ کان پوءِ هڪ وڏو تاريخي سانهو، الهه بخش سومري جي شهادت، عمل ۾ آيو، جنهن سڄيءَ سنڌ سان گڏ مون کي تمام وڏو صدمون رسايو. اسان جا مرحوم سان سياسي مسئلن تان ڪافي اختلاف هئا، پر هيءُ سنڌ جو محب وطن سياستدان ۽ سچو سپوت هو، پر اسان سندس زندگيءَ ۾ کيس صحيح طرح ڪو نه سڃاتو. شهيد الهه بخش مضبوط ارادي جو مالڪ، قابل سياستدان ۽ سچو دوست هو. 1942ع ۾ ڪئٽ انڊيا تحريڪ دوران سنڌ ۽ پوري برصغير ۾ انگريز جي دٻاءَ ۽ تشدد واري پاليسين خلاف الهه بخش احتجاج طور پنهنجا لقب، خانبهادري ۽ او.بي.اي (Order of British Empire) جا انگريزن کي 26 سيپٽمبر 1942ع تي، وائسراءِ کي هڪ خط لکي واپس ڪيا. جنهن تان کيس ڊسمس ڪري، سر غلام حسين جي هٿ هيٺ نئين مسلم ليگ وزارت کي وجود ۾ آندو ويو هو.
سندس وائسراءِ کي لکيل خط جا ٽڪرا تاريخ جو رڪارڊ هئڻ سبب هتي ڏيان ٿو:
“......... مون فيصلو ڪيو آهي ته برٽش سرڪار کان مليل لقب، ملڪ جي عام راءِ ۽ عقيدن جي مدنظر پاڻ وٽ رکي نه ٿو سگهان ۽ موٽائي ڏيان. هندستاني ملڪي آزاديءَ لاءِ گهڻي وقت کان جدوجهد ڪندا رهيا آهن، موجوده جنگ شروع ٿيڻ بعد اميد هئي ته جن اصولن جي بنياد تي اتحادي قوتون فسطائي حڪومتن سان وڙهي رهيو هيون، انهن جي مدنظر هندستان کي آزادي ڏئي، ان کي جنگ ۾ آزادانه طور حصي وٺڻ جو فخر ڏنو ويندو، پر ائين نه ڪيو ويو.
“اهو منهنجو ايمان آهي ته هندستاني آزادي حاصل ڪرڻ جو حق رکن ٿا. برٽش سرڪار جي بيانن ۽ عمل مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته هو هندستان جي مختلف سياسي پارٽين کي ٺهڻ ۾ رڪاوٽون وجهي، پنهنجو سامراجي تسلط ملڪ تي قائم رکن ٿا. تازو برٽش سرڪار جي وزيراعظم مسٽر ونٽس چرچل جي ديوان عام ۾ ڪبل تقرير هندستان جي باشعور ۽ قومپرست ماڻهن ۾ نهايت نااميدي پيدا ڪئي آهي، ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته انگريز هندستان کي آزاد ڏيڻ جو ڪو به ارادو نه ٿا رکن، ان ڪري آءُ اهڙيءَ حڪومت طرفان ڏنل لقب پاڻ وٽ نٿو رکي سگهان، ۽ موٽائي موڪليان ٿو.”
خانبهادر قومپرست مسلڪ جو سياستدان هو، هن اپريل 1940ع ۾ دهليءَ ۾ “مسلم آزاد ڪانفرنس” جي صدارت ڪندي؟ جيڪي خيال ظاهر ڪيا هئا، اهي تاريخ جو رڪارڊ آهن. ان کان سواءِ سندس مون سان ٿيل ان گفتگوءَ جو ڪجهه حصو هتي ڏيڻ تاريخ جي رڪارڊ جي درستيءَ لاءِ ضروري ٿو سمجهان، جيڪا منهنجي انهن پڇيل سوالن جي جوابن ۾ ٿي هئي، ته:
1. جناح سان سندس ڪهڙا ختلاف آهن؟ 2. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ بابت ڪهڙي راءِ اٿو؟ 3. علامه اقبال جي 1930ع واري خطبي ۽ 1940ع ۾ لاهور ٺهراء بابت اوهان جو ڪهڙو رايو آهي؟
1 : “جناح صاحب جو مسلمانن کي مذهب جي بنياد تي جدا قوم وارو تصور ۽ ان جي آڌار تي ملڪ جي ورهاڱي ڪرڻ وارو سوال مونکي قبول نه هو. اهو نظريو غير اسلامي، فرسوده ۽ دنيا جي موجوده تسليم ڪيل قومي نظرين مطابق صحيح نه هو..... ! ”
2 ..... ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻئي آل انڊيا جماعتون آهن، جيڪي سنڌ جي حالات ۽ حقيقتن کان بي خبر آهن. تنهنڪري انهن ۾ شموليت سنڌ جي جداگانه هستي ۽ مفاد لاء نقصانڪار آهي. سنڌين مس مس محنتون ڪري سنڌ کي بمبئيء کان جدا ڪرايو آهي، وري کين اهڙو قدم نه کڻڻ گهرجي جو سندن خودمختياري ختم ٿي وڃي.
3.... “تون (جي ايم سيد) هينئر سمجهين ٿو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان سنڌ جي سڀني مشقلاتن، مصيبتن ۽ خرابين جو حل حاصل ٿيندو، اهو تنهنجو خيال غلط ۽ ملڪي حقيقتن کان پري آهي. اڳتي هلي توکي معلوم ٿيندو ته اسان جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي شروعات پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوء ٿيندي. ڊاڪٽر شيخ محمد اقبال جي 1930ع واري آل انڊيا مسلم ليگ جي (الهه آباد واري) خطبئه صدارت کي غور سان پڙهندي ته توکي معلوم ٿيندو ته ان موجب سنڌ جي آزادي ختم ڪري، ان کي پنجاب جي تابع بڻائڻو هو. هن وقت هن توکي هندو عامل جي دماغ ۽ هندو سيٺيي جي لوٽ کسوٽ حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، پر اڳتي هلي توکي پنجابي سول سرونٽ، سولجر ۽ يو پي جي دماغ جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ پوء پتو پوندء ته ملڪ جو ورهاڱو مفيد هو يا مضر.”
4. 1940ع جي ٺهراء بابت چيائين “تون خيالي دنيا ۾ رهين ٿو، انڪري سياست عملي جي طريقي کان غير واقف آهين. سياست عملي ۾ واعدن، ٺهرائن ۽ اصولن کي ڪو پڇي ئي ڪونه. تاريخ پڙهي ڏسندين ته توکي معلوم ٿيندو ته مذهبن جا احڪام، حڪومتن جا عهدنامه، طاقت، حقيقتن شخصي ۽ طبقاتي مفاد جي ضرورتن ۽ مڪاني حالات جي گهرجن ۽ تقاضائن پٽاندڙ اڪثر ڪري قربان پي ڪيا ويا آهن......
“اهو پاڪستان جنهن لاء تون رات ڏينهن ڳڻتيءَ ۾ رهين ٿو، سو اڳتي هلي مٿي جو سور ثابت ٿيندءِ. ان مان سنڌي جي آزادي، هندستاني اتحاد ۽ ايشيائي قومن جي امن ۽ ترقي کي خطرو رسندو. ان بدعت جي قيام کان پوءِ وري ان جي پيدا ڪيل خرابين کي دفع ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندءِ!”
شهيد الهه بخش جي شهادت جي سببن جو پتو پئجي نه سگهيو آهي، ڪن ان کي حُرن جي ڪاروائي قرار ڏنو ته ڪن مسلم ليگ جي انتقامي پاليسيءَ جو نتيجو سڏيو.
تُرت ئي پوءِ جون 1943ع ۾ مون کي سنڌ مسلم ليگ اتفاق راءِ سان جناح صاحب جي موجودگيءَ ۾ صدر چونڊيو، جنهن عهدي تي حاجي صاحب جي وفات کان خانبهادر کهڙو ڪافي وقت تائين قائم مقام صدر جي حيثيت ۾ رهندو پئي آهي. آءُ جيتوڻيڪ مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن هئس، پوءِ به مون ڪافي ڪوشش ڪئي ته اهو ذميواريءَ وارو عهدو قبول نه ڪريان، ان ڪري جو مسلم ليگي وزارت عوام جي ڀلي جو ڪم ڪرڻ بدران عهدن سان چنبڙيو رهڻ پسند ٿي ڪيو ۽ پارٽيءَ جي فيصلن جي ڪا به پوئواري نه ٿي ڪئي. ان جي باوجود جناح صاحب جي اصرار تي مون اهو سنڌ مسلم ليگ جي صدر جو عهدو قبول ڪيو ۽ ڪوشش ڪيم ته جيئن وزيرن کي پارٽيءَ جي ماتحت هلائي سگهجي ۽ مسلم ليگ جي پاليسي رجعت پسندن جي هٿ مان ڪڍي عوام جي خادمن ۽ ترقي پسندن جي هٿن ۾ ڏجي. ان لاءِ مون تمام وڏي ۽ ڊگهي جدوجهد ڪئي. وزارت جي بدعنوانين، بي پرواهين ۽ لاغرضين کان وقت به وقت جناح صاحب کي خطن / رپورٽن رستي ۽ روبرو واقف ڪندو رهيس. پر ڪو به کڙ تيل نه ٿي نڪتو، ڇو ته انهن سڀني بيمارين جي پاڙ ليگ جي هاءِ ڪمان جي ذهنيت ۾ کتل هئي، ان ڪري ڪو به تدارڪ ٿي نه ٿي سگهيو ۽ عام راءِ جمهوري فيصلن ۽ سنڌ جي صوبائي قيادت جي اپيلن ۽ فيصلن جو، ليگ جي هاءِ ڪمان جي آمرانه ذهنيت ڪو به اثر قبول نه ٿي ڪيو. پوءِ به آءُ پنهنجي سر ۽ پنهنجي مخلص دوستن جي ذريعي ليگ کي سڌارڻ ۽ ان ۾ اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيس. مُنهنجي انهيءَ ڪوشش ۽ ليگ جي روش کي ڏسي منهنجي هڪ رفيقِ ڪار پير علي محمد راشديءَ مون 15 نومبر 1943ع تي دهليءَ مان هڪ دردمندانه خط لکيو، جنهن جا ڪجهه ٽڪرا هت درج ڪريان ٿو :
“تون پنهنجي 1938ع جي خيالن تي نظر ڪر ۽ ويچاري ڏس ته 1943ع ۾ به تون انهن ساڳين اعلى مقصدن لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهين، جي انهيءَ وقت تنهنجي اڳيان هئا يا تون انهن ڇهن سالن ۾ اصل اصولن کي ڇڏي پري وڃي پيو آهين؟ تو سياسي زندگي غريبن کي ظالمن جي چنبي کان ڇڏائڻ، مسلمانن جي جماعتي زندگي پاڪ صاف ڪري ترقي ڏيارڻ، ڳوٺاڻن کي قانوني سختين ۽ خرابين کان بچائڻ، ڍلن گهٽائڻ، ڪامورن جي رشوت ۽ رسائيءَ کي بند ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي. انهيءَ وقت جون تحريرون ۽ تقريرون ياد ڪر ۽ پنهنجا هن وقت جا ڪم ۽ ڦلهڙي پاليسيءَ تي به نظر ڪر ته توکي تفاوت معلوم ٿيندو:
اين راهه ڪه مي روي بترکستان است!
[جنهن راه سان تون وڃي پيو، سا ته ترڪستان جي راه آهي]
مون کي معاف ڪجانءِ جيڪڏهن آءُ توکي ياد ڏياران ته ڇهن سالن جي محنتن ۽ جفاڪشيءَ بعد تون ڪٿي وڃي پهتو آهين. ڇا تو پاڻ کي انهن طاقتن ۽ خرابين جو اوزار نه بنايو آهي، جن جي ختم ڪرڻ کي تو پنهنجيءَ حياتيءَ جو مقصد ڪري ورتو هو؟، آخر صوبي جي سياست ۾ تنهنجي موجوده پوزيشن ڪهڙي آهي.
ڪرسي مرابَدِه و کفش برسربزن
[ڪرسي ڏئي، مٿي تي موچڙا هڻندا رهو]
تو کي ان پوزيشن ۾ ان مراد سان رکيو ويو آهي ته هو پنهنجا راڱا ڪندا رهن ۽ تون عوام وٽ سندن گيت ڳائي، کين طاقت ۾ رکندو اچين ۽ هو تنهنجن 1938ع جي مقصدن ۽ مرادن تي پاڻي ڦيري ڇڏين، رشوتون وٺن ۽ طرح طرح جا برا ڪم ڪن ۽ تون هنن کي پناهه ڏين. ماڻهن اڳيان انهن جي عيبن کولڻ ۽ اپٽار ڪرڻ بدران انهن جي پرده پوشي ڪري کين قوم جو خادم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرين. اهو سڀ مسلمانن جي اتحاد ۽ اتفاق جي نالي ۽ پاڪستان جي پڙدي ۾ ٿي رهيو آهي. ڄڻ ته اسلام جو حڪم آهي ته ان جي نالي ۾ جماعتون ٺاهي، کين بڇڙائيءَ جو اڏو ڪري، ڪتب آڻجي. ان تجويز موجب ته خود اسلام کي چورن جي جاءِ پناهه بنائي ڪتب آندو ٿو وڃي. منهنجي بي ايماني ٿيندي، جيڪڏهن توکي صاف چئي نه ٻڌايان ته جڏهن تنهنجي ساري ڪوشش تي نظر ٿو ڪريان ته مون کي ڊپ وٺيو وڃي ته هن وقت اهي ڪوششون مسلمان عوام جي فائدي بدران انهن جي دشمنن کي زور وٺائڻ لاءِ ڪتب اچي رهيون آهن تون پنهنجن اصولن کان هيٺ ڪري پيو آهين. جيڪڏهن مسلم ليگ اسان جي حقن جو رکپال اهڙن ماڻهن (وزيرن) کي ڪرڻ واري آهي، جي عوام جا دشمن آهن، ته پوءِ اسان جي زندگيءَ ۾ سڌاري جي اميد رکڻ اجائي آهي. اسان جا پويان نسل اسان کي اصول پرستن جي آڙ ۾ ٺڳ ۽ بيوقوف ڪري سمجهندا، جن هڪ طرف وڏيو ڳالهيو ڪيون ته ٻئي طرف انهن جي پاڙ پٽڻ لاءِ اسباب پيدا ڪيا. جيڪڏهن پاڪستان سٺي شيءِ آهي ته اهو برائيءَ جي وسيلي هٿ اچي نه سگهندو. چڱائي برائيءَ جي وسيلي هٿ اچي نه سگهندي. منهنجي توکي نماڻي صلاح آهي ته جيڪڏهن تو ۾ 1938ع وارن اعلى مقصدن تي هلڻ جي طاقت نه رهي آهي ته ڪم از ڪم تون پاڻ کي انهن جي زبون ڪرڻ جو ذريعو نه بناءِ. توکي هر ڳالهه 1938ع واري مقرر ڪيل سياسي معيار مطابق ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪا به ڳالهه ان معيار کان هيٺ هجي، تنهن جو مڙس ٿي مقابلو ڪرڻ گهرجيئي، پوءِ کڻي ٻيا سڀ رفيق تو کي ان مقابلي ۾ ڇڏي وڃن ۽ تون اڪيلو رهجي وڃين. جيڪڏهن زمانو تنهنجي اعلى اصولن ۾ رنڊڪ وجهي ته ان سان به لڙڻ گهرجيئي. رواجي ماڻهو ( پوءِ کڻي هن وقت ڪهڙي به درجي تي هجن) سال ٻن ۾ پاڻهي مٽجي ويندا.
اگر غم لشڪرِ انگيزو خونِ عاشقان ريزد،
من و ساقي بهم سازيم که بنيادش براند ازيم.
جيڪڏهن ڏک جو لشڪر حملو ڪري، عاشقن جو رت وهائي،
پر جي ساقيءَ جو مون سان ساٿ هجي ته ان جا بنياد ڊاهي ڇڏيون.
مون تنهنجي گذريل ٻن سالن جي سموري سياسي ڪارگذاريءَ تي نظر ڊوڙائي آهي ته اها هڪ عجيب مٿائينءَ تان هيٺ ڪري رهي آهي. تو هڪ انقلابي ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي علمبردار جي درجي تان لهي رشوتخور ۽ رجعت پسند طبقي جو پاڻ کي اوزار بنايو آهي. پنهنجي نئين رنگين لباسِ پريزيڊنسيءَ تي ڀُلجي نه وڃ! غور ڪري ڏس ته پتو پوندئي ته اڳي جنهن شيءَ جو مقابلو ٿي ڪيئه، هاڻ تون ان کي اسلام جي نالي مدد ڪندو ٿو وتين.
يا به آن شورا شورِي يا به اين بي نمکي.
هاڻ توکي هنن ڪفن چورن پنهنجيءَ جماعت جو نالي خاطر سردار کڻي مقرر ڪيو آهي. هنن ڇا وڃايو. تنهنجي ضمير خريد ڪرڻ لاءِ اها ٿوري قيمت ڏيڻ ڪا مشڪل ڳالهه ڪا نه هين. مون کي اڄ ڪلهه عجب لڳي ٿو ته ڪيئن نه تنهنجي ضمير مٿان بي سمجهيءَ جو پردو چڙهي ويو آهي. ٿوري وقت کان مون کي هڪ مهلڪ دل جي بيماري ٿي آهي، شايد آءُ ڪنهن وقت مري وڃان. ان ڪري هيءُ خط لکيو اٿم ته پنهنجيءَ دل جا بخار، جي گهڻي وقت کان مون کي ستائيندا رهن ٿا، تن کي جهڪو ڪريان. آءُ تو کي صرف هيءُ چوندس ته جنهن رستي تان تون وڃين رهيو آهين، تون به دلشڪستو ٿي شايد مري وڃين ۽ تنهنجيءَ قبر تي هيءُ ڪتبو هوندو ته:
“هن جڳهه تي اهو انسان رکيل آهي، جنهن شر جي ذريعي خير کي هٿ ڪرڻ گهريو ٿي. جنهن جي ابتدا انقلابي هئي ته ان جي انتها رجعت پسندي هئي. جنهن جي، ملڪ جي معاملي ۾ جدوجهدن، چٽائيءَ عيوض گهمراهي پيدا ڪئي”.
هيءُ خط منهنجي هڪ پراڻي رفيق پير علي محمد راشديءَ جو هيو، جيڪو 28 سالن کان منهنجو ساٿي هو، جنهن مسلم ليگ جي پاليسين کي چڱي طرح سمجهي، مون کي تنبيهه ڪي هئي ۽ ان تنبيهه مون تي ڪافي اثر به وڌو. پر اڃان به منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته آءُ جماعت کي درست ڪري ويندس ۽ ان کي صحيح معنى ۾ عوام جي خدمتگار جماعت بنائيندس، ان ڪري مون ان خط کي ان وقت گهربل اهميت نه ڏني ۽ پنهنجي تنظيمي ڪم ۾ لڳو رهيس. سگهوئي پوءِ آل انڊيا مسلم ليگ جو آخري اجلاس، ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايوسين، ڪيترن مهينن جي مسلسل ڪوشش کان پوءِ هن اجلاس کي شايان شان نموني سان ڪري سگهيا سون ۽ حقيقت هيءَ آهي ته سنڌين پنهنجي روايتي مهمان نوازيءَ جو ان موقعي تي ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ اجلاس انتظامي طرح انتهائي ڪامياب ويو. مسلم ليگ جو آل انڊيا مسلم ليگ جي حيثيت ۾ اهو آخري اجلاس هو، ان کان پوءِ ان جو ڪو به ساليانو اجلاس نه ٿيو.
مسلم ليگ نواب بهادر يار جنگ جي تقريرن سان زندهه هئي ۽ انهيءَ وقت کان ٿورو پوءِ ئي نواب صاحب انتقال ڪري ويو، ۽ ان سان آل انڊيا مسلم ليگ جي ڄڻ پڄاڻي ٿي وئي.
انهيءَ اجلاس ۾ هڪ ڪاميٽي، ڪاميٽي آف ائڪشن نالي سان مقرر ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻين سان گڏ مون کي به کنيو ويو. ان ڪاميٽيءَ جو چيئرمين نواب اسماعيل خان هو، جڏهن ته سيڪريٽري لياقت علي خان کي مقرر ڪيو ويو ۽ ميمبرن ۾ آءُ، نواب افتخار حسين ممدوٽ، سيٺ عبدالستار مدراس وارو ۽ قاضي محمد عيسى هئاسون. ان ڪميٽيءَ 2 فيبروري 1944ع تي گڏجاڻي ڪري، ٻي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، جنهن تي هندستان جا ڪيترائي عالم ۽ سياستدان مقرر ڪيا ويا جن ۾ چوڌري خليق الزمان، مولانا عبدالوهاب، جمال ميان فرنگي محلي، مولانا عبدالحامد بدايون، سيد حاجي علي اڪبر شاهه، مولانا غلام مرشد صاحب خطيب جامع مسجد لاهور، علامه آءِ.آءِ قاضي، راجا صاحب محمود آباد، مولانا اڪرم خان آف بينگال شامل هئا. ان ڪميٽيءَ جو ڪم هو ته جاچ ڪري ٻڌائي ته مسلمانن ۾ سچو اسلامي روح ڪيئن پيدا ڪجي ۽ مسلم سوسائٽيءَ کي غير اسلامي رواجن ۽ اٿرات کان ڪيئن آجو ڪري سگهجي. ان ڪميٽيءَ جو ڪنوينر مون کي مقرر ڪيو وي. مون هڪ سوالنامون ۽ خط طيار تيار ڪري، هندستان جي گوشي گوشي ۾ صوبائي مسلم ليگن معرفت سوين بهترين عالمن ڏانهن موڪليا. سوال نامي جو متن هيءُ هو:
سوال نامو
مسلم فيلسوفن، عالمن ۽ مفڪرن کان جن نقطن تي روشني ۽ رهبريءَ جي ضرورت آهي، سي هيٺيان آهن:
ڪهڙن طريقن، بنيادن ۽ اصولن تي اسلام احڪامن ۽ روايات کي نظر ۾ رکي، مسلمانن جي سماجي، سياسي، اقتصادي زندگي تبديل ڪري سگهبي، تنهن لاءِ مهرباني ڪري هيٺين سوالن جا مفصل جواب ڏيو:
(الف) اهڙي تجويز ڏيو، جنهن مطابق مسلمانن جي مختلف فرقن جي عقائد کي گڏي، کين منظم ڪري هڪ پليٽ فارم تي آڻي، متحده قوم بنائي سگهجي.
(ب) مسلم سوسائٽيءَ کي ترقي پذير ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ اسلامي اصولن کي نظر ۾ رکي، هڪ اقتصادي منصوبي جي تجويز ڏيو.
(ت) جڏهين هندستاني مسلمانن کي جدا قومي رياست حاصل ٿئي ته ان ۾ معاشري جي تبديلِ حالات جي مدنظر، مذهب ۽ سياست کي گڏي هلائڻ جي ڪا تجويز ذهن ۾ اٿو؟ جي ها، ته اها ممڪن العمل ٿي سگهندي؟
(ث) اسلامي اصولن ۽ روايتن کي نظر ۾ رکي ڪا سماجي، ڪلچرل ۽ تعليمي بهتريءَ لاءِ اسڪيم پيش ڪري سگهو ٿا يا نه؟ جي ها، ته اها ڏيو.
(ج) مسلمانن جي موجوده مختلف فرقن، طبقن، نقطه نگاهن، جذبات، تعصبات ۽ مستقل مفاد کي نظر ۾ رکي، سندن مذهبي ذريعن کي هڪ مرڪزي نظام هيٺ آڻڻ لاءِ اهڙي تجويز ڏيو، جا اختلاف جو باعث نه بنجي.
انهن اهم عالمن ۽ فاضلن مان ڪجهه هي هئا :
(1) هزهائينس سر آغا خان، خواجه فرقي اسماعليه جو اڳواڻ.
(2) سيدنا سيف الدين طاهر، بوهرا فرقي اسماعليه جو اڳواڻ.
(3) علامه عنايت الله خان مشرقي، خاڪسار تحريڪ جو اڳواڻ.
(4) مولانا ابوالڪلام آزاد
(5) خواجه حسن نظامي.
(6) مولانا حسين احمد مدني.
(7) مختلف ڪاليجن ۾ فلسفي جا مسلم پروفيسر.
(8) ڪاميٽيءَ جا ميمبر.
(9) مکيه عربي مدرسن جا مهتمم ۽ جامع مسجدن جا خطيب.
جواب ۾ هندستان جي مختلف حصن مان ڪيتريون ئي ڪارائتيون ڳالهيون مون کي موصول ٿيون، پر اهي اُتي ئي رهجي ويون، ڇو ته ليگ ۾ اهڙين شين جي گنجائشئي ڪٿي هئي. اها ته اقتدار پرستن جو اسلام جي نالي ۾، مستقل مفادن جو انبوهه هئي، ان ڪري انهن ڳالهين تي ويچارڻ ۽ انهن مطابق اسلامي معاشري جي تعمير خود سندن گروهي ۽ طبقاتي مفادن جي خلاف هو.
هاڻي آئون صوبائي مسلم ليگ جي سياست جي اختلافن ۾ وڪوڙجي ويو هوس، ڇو ته منهنجو پراڻو رفيقِ ڪار ۽ بهترين سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌي مسلم ليگ جي افعالن کان بد دل ٿي، ان جي بنيادي ميمبر شپ تان استعيفا ڏئي ويو هو. هاڻي مخلص ۽ ترقي پسند ڪارڪنن جي رهنمائيءَ جو سمورو بار مون تي اچي پيو. هوڏانهن وزارت ۽ اسيمبليءَ جا ميمبر پنهنجي من مستين ۽ عوام دشمنيءَ جي ڪمن ۾ رڌل رهيا ۽ 1944ع جو سمورو سال مون تنظيمي ڪم ۾ صرف ڪيو. پر آءُ ڪا به بهتري پيدا نه ڪري سگهيس ۽ نه ئي منهنجي بار بار جي ياد دهانين تي ليگ جي هاءِ ڪمانڊ ڪو ڌيان ئي ڏنو. پر پوءِ به مون مسلم ليگ مان هٿ ڪڍڻ مناسب نه ڄاتو، ڇو ته مون سمجهيو ٿي ته منهنجي نڪري وڃڻ سان سنڌ مسلم ليگ بلڪل ئي مفاد پرستن ۽ عوام دشمنن جي ٻانهي بنجي ويندي، جنهن کي جهڙيءَ طرح هو چاهيندا، استعمال ڪندا رهندا. ان ساري عرصي ۾، ليگ ۾ جيڪي ڪجهه وهيو واپرايو ٿي ۽ ان لاءِ مون جيڪا جدوجهد ڪئي ٿي، ان ۾ هڪ طرف مون کي سنڌ جي مخلص ۽ بي لوث ڪارڪنن جو تعاون حاصل هو ته ٻئي طرف سموري برصغير مان ترقي پسند ۽ مخلص ڪارڪنن جو سهڪار ۽ حوصلي افزائي پڻ ملندي رهي ٿي، ان ڪري آءُ نااميد نه ٿيو هوس.
صوبه سنڌ مسلم ليگ ۽ وزارت جا اختلاف چوٽ چڙهي چُڪا هئا، آئون ناتجربيڪاريءَ ۽ سادگيءَ سبب انهيءَ اثر هيٺ رهندو آيس ته جناح صاحب کي جيڪڏهن روبرو ڳالهين جو پتو پوندو ته هو حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ ضرور قدم کڻندو. ان ڪري هر ٽن مهينن بعد صوبائي مسلم ليگ طرفان ٽماهي رپورٽ ذريعي آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر جناح صاحب کي مڪاني حقيقتن کان واقف ڪندو آيس. ان وچ ۾ 25 جولاءِ 1944ع تي لاهور ۾ جناح سان سنڌ اسيمبلي پارٽيءَ ۽ صوبائي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جو هڪ وفد ملڻ لاءِ آيو. مون کي وقت وٺي ڏيڻ لاءِ چيو ويو. جناح صاحب ساڻن ملڻ کان انڪار ڪيو ۽ مون کي چيائين ته “سندن نقطه نگاهه معلوم ڪري، تون اچي مون وٽ پيش ڪر.” جنهن ڪري مجبور ٿي، وفد جي ترجماني مون کي ڪرڻي پئي. مون کيس تفصيلي طرح وزارت جي شڪايتن کان آگاهه ڪيو، پر هن چيو ته “جنگ جو زمانو آهي، سنڌ جو وزيراعلى انگريزن وٽ پسند پيل آهي ۽ هن وقت مسلم ليگ وزارتون، انگريز عملدارن جي مدد سان هلي رهيون آهين، ان ڪري حالتن کي آڏو رکي اوهان کي وزيرن جا اهڙا ڪارناما برداشت ڪرڻا آهن، ۽ وزارت صرف مرڪزي هاءِ ڪمانڊ (جناح) وٽ جوابدار آهي، ان ڪري صوبائي مسلم ليگ کي اسيمبلي پارٽين جي وزارتي ڪاروبار ۾ دست اندازي نه ڪرڻ کپي ۽ هر حالت ۾ وزارت کي قائم رکڻ گهرجي!!”
ان تي مون کيس چيو ته “ آءُ اها حيثيت قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان، نه صوبائي مسلم ليگ جي اڪثريت ۽ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ جو باغيرت گروهه اها ڳالهه قبول ڪندو.” ان تي ڪاوڙجي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته “آءُ اهڙي گفتگو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان.” ان تي مون کيس چيو ته “سنڌ مان مسلم ليگ جو وفد ۽ آءُ اوهان وٽ صوبي جو ڪيس ان اميد تي پيش ڪرڻ آيا هئا سون ته مسلم ليگ جي وڏي ۾ وڏي جج سامهون پنهنجو نقطه نگاهه پيش ڪري انصاف حاصل ڪنداسون، پر مون کي افسوس سان ظاهر ڪرڻو پوي ٿو ته هتي اچڻ کان پوءِ مون کي اهو معلوم ٿيو آهي ته مون سنڌ (صوبي) جو ڪيس هڪ منصف مزاج جج جي سامهون ڪو نه پيش ڪيو آهي، پر سر غلام حسين جي ڊفينس ڪائونسل اڳيان پيش ڪيو آهي”. ان تي جناح ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته “مسلم ليگ جي مرڪزي صدر آڏو اهڙي گستاخانه گفتگوءَ لاءِ معافي وٺ”. جنهن جي وٺڻ کان مون انڪار ڪيو ۽ هو ڪاوڙجي ڪمري ۾ هليو ويو. اها ڳالهه مون وفد سان ڪئي، جن تمام گهڻي ناراضگي ڏيکاري ۽ مسلم ليگ ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويا، پر مون کين ائين ڪرڻ نه ڏنو. ڇو ته سمجهيم ته اها تڪڙ، اصل مقصد (پاڪستان) کي نقصان رسائيندي.
انهن ئي حالتن ۾ مٿان 1945ع جو سال اچي پهتو. ٻي مهاڀاري لڙائي ختم ٿي. برٽش سرڪار پاران وائسراءِ هند لارڊ ويل کي هندستان جي ليڊر سان سمجهوتي ڪرائڻ ۽ هندستان ۾ عارضي حڪومت ٺاهڻ جا اختيار ڏنا ويا ۽ هن 25 جون 1945ع تي شملي ۾ هندستاني ليڊرن جي ڪانفرنس سڏائي. ان کان اڳ ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا باندي ميمبر، 15 جون 1945ع تي آزاد ڪيا ويا هئا ۽ وائسراءِ هند لارڊ ويل 14 جون 1945ع تي هڪ بيان جاري ڪيو هو، جنهن جا اهم ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا :
“هندستانين کي نئين آئين ٺاهڻ واسطي سمجهوتي اچڻ لاءِ سڏ ڏيڻ واسطي برٽش سرڪار تمام منتظر آهي. برٽش سرڪار پنهنجي طرفان هندستانين تي ڪوبه آئين مڙهڻ نه ٿي گهري ۽ اها (سرڪار) هندستان جي مکيه جاتين ۾ سمجهوتن ٿيڻ کان سواءِ آئين ۾ ڪابه تبديلي آڻڻ جو ارادو نه ٿي رکي. مٿي ذڪر ڪيل راين جي باوجود عارضي وقت لاءِ ڪي تجويزون مکيه پارٽين جي قبولڻ لاءِ پيش ڪري، جنگ جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪم آڻڻ چاهي ٿي.
برٽش سرڪار جي رٿ آهي ته وائسراءِ هند پنهنجي ائگزيڪيوٽو ڪائونسل نئين سر مرتب ڪري، جنهن ۾ هندستان جي مکيه پارٽين مان هندن ۽ مسلمانن کي هڪ جيترا نمائندا ڏنا ويندا. ان سلسلي ۾ وائسراءِ سڀني سياسي پارٽين جي ڪانفرنس سڏائي، سندن مشوري سان ايگزيڪيوٽو ڪائونسل تي نمائندن جي چونڊ ڪندو. اهي سڀئي ميمبر، وائسراءِ ۽ ڪمانڊر انچيف کان سواءِ، سڀ هندستاني هوندا وغيره.”
ان سلسلي ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ پنهنجي پنهنجي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جون گڏجاڻيون شملي ۾ سڏايون. مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر هئڻ سبب مون کي به شملي وڃڻو پيو. آءُ صلاح مصلحت لاءِ سنڌ مان پاڻ سان علي محمد شاهه راشدي، يوسف هارون، هاشم گزدر ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي به پاڻ سان وٺي ويس.
25 جون تي شملي ڪانفرنس ۾ هيٺين اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي:
1. مولانا ابوالڪلام آزاد ________ پريزيڊنٽ، انڊين نيشنل ڪانگريس
2. پي ـ اين ـ بيئنر جي ________ نيشنلسٽ پارٽي.
3. ڀلوڀائي ڊيسائي ________ ليڊر، ڪانگريس اسيمبلي پارٽي.
4. سر غلام حسين هدايت الله ________وزيراعلى سنڌ.
5. مسٽر حسين امام ________ ليڊر، مسلم ڪائونسل اسٽيٽ پارٽي.
6. محمد علي جناح ________ پريزيڊنٽ، آل انڊيا مسلم ليگ.
7. نوابزاده لياقت علي خان ________ ڊپٽي ليڊر مسلم ليگ، اسيمبلي پارٽي.
8. سر خضر حيات ٽوانه ________ وزير اعلى پنجاب.
9. بي ـ جي کير ________ اڳوڻو وزيراعلى بمبئي.
10. ج ـ ايس موتي لعل ________ انڊين نيشنل ڪانگريس.
11. خواجه ناظم الدين ________ اڳوڻو وزيراعلى بنگال.
12. پنڊت جي . بي پنت ________ اڳوڻو وزيراعلى گڏيل علائقا.
13. مهاراجا پارلڪنڊي ________ اڳوڻو وزير اعلى اوڙيسا.
14. راجا گوپال آچاريا ________ اڳوڻو وزير اعلى مدراس.
15. مسٽر هينري رچرڊس ________ ليڊر، يورپين گروپ .
16. سر سيد محمد سعدالله ________ وزير اعلى آسام .
17. ڊاڪٽر خانصاحب ________ وزير اعلى سرحد.
18. مسٽر آر . ايس شڪلا ________ وزير اعلى سينٽرل علائقا.
19. ماستر نارا سنگهه ________ ليڊر، اڪالي دل (سک گروهه) .
20. مسٽر ايس ـ ڪي سنها ________ اڳوڻو وزير اعلى صوبه بهار.
21. اين ـ جي شوراج ________ ليڊر، شيڊيو لڪاسٽ .
ان ڪانفرنس جون ڪيتريون ئي ويهڪون ٿيون. جن ۾ برٽش سرڪار پاران رٿ پيش ڪئي وئي ته هندستان جي مڪمل آزادي ۽ آزاد هندستان لاءِ نئين آئين ساز اسيمبليءَ جي چونڊ تائين هڪ عبوري حڪومت قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ ليگ ۽ ڪانگريس جي هڪ جيتري نمائندگي هجي ۽ باقي ميمبر اڇوتن، يورپين وغيره مان کنيا وڃن.
انهيءَ موقعي تي مون کي مسٽر آصف علي ۽ پنڊت پنت ٻڌايو ته، جناح، انگريزن جي چُرچ تي عبوري حڪومت جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيو آهي. جيئن ته انگريزن جي راءِ آهي ته ان عبوري حڪومت ۾ پنج ميمبر ڪانگريس جا ۽ پنج ميمبر مسلم ليگ جا نامزد ڪرڻا آهن، پر جناح صاحب جو ان ڳالهه تي ضد آهي ته ڪانگريس پنهنجن ميمبرن ۾ ڪنهن به مسلمان کي شامل نه ڪري، ڇو ته اها صرف هندن جي نمائنده جماعت آهي ۽ مسلمان ميمبر جيڪي به نامزد ٿيندا، اهي پنج ئي مسلم ليگ جا مقرر ڪيل هوندا، ڇو ته مسلم ليگ، مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت آهي. جيتوڻيڪ ان وقت سرحد، پنجاب ۽ بنگال صوبن ۾ مسلم ليگ جي حڪومت نه هئي، پوءِ جناح صاحب پنهنجي ضد تي برقرار هو. هنن ٻنهي (آصف علي ۽ پنڊت پنت) جو چوڻ هو ته جناح صاحب جو اهوشرط بي واجبي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪانگريس هندستان جي قومي جماعت آهي، جنهن جو پريزيڊنٽ به هڪ مسلمان (ابوالڪلام آزاد) آهي. ان صورت ۾ جيڪڏهن ٺاهه نه ٿيندو ته هندستان جي آزاد مستقبل کي نقصان رسندو. ڪانفرنس هلڻ وارو اهو سمورو وقت آءُ شملي ۾ هوس ۽ جناح صاحب نالي ماتر ورڪنگ ڪاميٽيءَ سان صلاح ڪندو هو، پر وائسراءِ ۽ سندس وچ ۾، ۽ ڪانگريس ۽ سندس وچ ۾ جيڪي ڪجهه وهندو واپرندو هو، ان کان ورڪنگ ڪاميٽي قطعاً بيخبر هوندو هئي.
نواب اسماعيل خان، چوڌري خليق الزمان ۽ راجا صاحب محمود آباد اڳ ۾ جناح صاحب سان ڳالهائي چڪا هئا، پر هو راضي ٿيڻ وارو نه هو. پر جڏهن مون به ساڳي ڳالهه کيس چئي ته “ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڳالهيون ناڪام ٿي رهيون آهي، ڪانگريسي سمجهوتي لاءِ تيار آهن، پر اوهان تيار نه آهيو. اسان جو ان ڳالهه سان واسطو نه هئڻ گهرجي ته ڪانگريسي ميمبر مسلمان آهن يا هندو، ڇو ته اهو ڪانگريس جو اندروني مسئلو آهي” ـ ته ان تي جناح صاحب ڪاوڙجي چيو ته “آءُ ثابت ڪرڻ ٿو چاهيان ته ڪانگريس هندو جماعت آهي.”
اسان جي گفتگوءَ دوران نوابزاده لياقت علي خان اچي نڪتو، جنهن کي جناح چيو ته “راجا صاحب ۽ هي (جي ايم سيد) هڪ ٻئي جي پٺيان اچي، مون کي ڪانگريس سان سمجهوتي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا، جيڪا ڳالهه مونکي پسند نه آهي.” ان تي نواب زادي کيس چيو ته “سيد صاحب جو رُخ پاليسي ناقابلِ برداشت ٿيندا ٿا وڃن.” مٿان وري غلام حسين هدايت الله به کيس اچي دانهن ڏني. ان تي جناح صاحب مونکي ڳاڙهو ٿي چيو ته “سيد! تنهنجو رويو هاڻي برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي. بهتر آهي ته پاڻ کي جُدا ٿيڻ گهرجي.”
بهرحال جناح بضد رهيو، اسان جي ڳالهه نه مڃيائين ۽ سمجهوتي کي ناڪام بنائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو. جڏهن ته اسان هندستان جو مستقبل، ڪانگريس ۽ ليگ سمجهوتي تي مدار رکندڙ سمجهيو ٿي.
انهيءَ ساڳئي ڏينهن صبح جو، آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي هئي، جنهن ۾ صوبائي مسلم ليگن جا اختيار گهٽائي، مرڪزي آل انڊيا مسلم ليگ کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ مون مرڪزي مسلم ليگ کي گهڻن اختيارن ڏيڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اها ڳالهه صوبائي حقِ خوداختياريءَ خلاف آهي، جنهن لاءِ اسان وڙهي رهيا آهيون. ان ڪري اهو فيصلو اسان مڃڻ لاءِ تيار نه ٿينداسون. ۽ جيڪڏهن زوريءَ اها پاليسي اسان تي مڙهي وئي ته اسان جُدا ٿي وينداسون. لياقت علي خان، جناح کي ان سڄيءَ ڪاروائيءَ کان واقف ڪيو. جنهن تي ئي جناح ترش لهجي ۾ مون کي چيو هو ته “سيد! هاڻي پاڻ جُدا ٿيڻ جي رستي تي اچي پهتا آهيون.” مون ان تي کيس وراڻيو هو ته “جيڪڏهن اها ئي ڳالهه آهي ته ان لاءِ آءُ به تيار آهيان.”
اهڙيءَ ريت اسان جا اختلاف وڌندا ويا، پر ان وقت ساده دل ۽ ناتجربيڪار هئڻ سبب مسلم ليگ کان جدا ٿيڻ جو فيصلو نه ڪري سگهياسون، نه ته مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿيڻ لاءِ پاڻ کي جوابدار ٺهرائڻ جو ارمان نه ٿئي ها.
اهڙيءَ طرح شملا ڪانفرنس جناح صاحب جي هٺ ڌرميءَ ۽ انگريز نواز پاليسيءَ سبب ناڪامياب ٿي. مولانا ابوالڪلام آزاد، آل انڊيا ڪانگريس جي صدر جي حيثيت ۾ ان وقت بيان ڏنو هو ته “ ڪانفرنس جي ناڪاميابيءَ جي جوابدار مسلم ليگ هئي. جناح صاحب سمورن مسلمان ميمبرن جي نامزدگيءَ جو حق مسلم ليگ لاءِ گهريو ٿي. جيڪڏهن ڪانگريس سندس اها گُهر قبول ڪري ها ته ان موجب اها غير مسلم جماعت شمار ٿئي ها، جيڪا ڳالهه ڪانگريس جي 50 ساله روايات جي خلاف هئي. هو پاڻ مسلمان آهي ۽ ڪانگريس ۾ رهي ڪري، هو اها ڳالهه قبولڻ لاءِ تيار نه هو.”
ان ڪانفرنس جي ناڪاميابيءَ کان پوءِ اهم ڳالهه اها ٿي ته انگلينڊ ۾ نيون چونڊون ٿيون. جن ۾ مسٽر ونٽسن چرچل جي ٽوري پارٽي هارائي وئي ۽ ان جي جاءِ تي مسٽر ائٽلي جي قيادت ۾ ليبر پارٽي اقتدار ۾ آئي.