تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ڳالهائي ٿي

ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هي تاريخي ڪتاب اصل ۾ سائين جي ايم سيد جو پاڪستاني ڪورٽ لاء عدالتي بيان آهي جيڪو سنڌ ڪيس جي نالي سان انگريزيء ۾ به ڇپيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو احساس ٿو ٿئي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ سان ڪيڏا وڏا ڪلور ٿيندا رهيا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 6861
  • 2762
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ ڳالهائي ٿي

16

انهيءَ (ون يونٽ واري) عهدنامي جي ڀڃڪڙين جو تفصيلوار وچور آئون اڳ ۾ بيان ڪري آيو آهيان، پر هتي اُن جي هڪ فقري (نمبر 4)، جنهن جو واسطو زمين جي ورهاست ۽ استعمال سان آهي، اُن جي ڪهڙيءَ ريت مٽي پليت ڪئي وئي، اُن تي آئون پنهنجي طرفان ڪجهه چوڻ جي بدران هڪ پنجابي دانشور پروفيسر عزيز الدين جي ڪتاب “کیا ھم اکٹھے رہ سکتے ہیں” مان هڪ اقتباس پيش ڪريان ٿو:

بيراج جون زمينون ۽ غير سنڌي آبادگار

“سکر بيراج جي ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ٺهيل ٻه بيراج يعني ڪوٽڙي بيراج (غلام محمد بيراج) ۽ گڊو بئراج، هي به بئراج پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ٺهيا. انهن جي تعمير جي نتيجي ۾ سنڌ تي زمين جي بک ۾ مبتلا غير سنڌين هڪ دفعو وري يلغار شروع ڪري ڏني. هن دفعي اُن يلغار ۾ سول ۽ فوجي آفيسرن جو تعداد اڳ کان وڌيڪ هو. اهي فوجي ۽ سول آفيسر پنجابي مهاجر يا پختون هئا. شايد ئي ڪوئي جنرل هو، جنهن سنڌ جي مختلف بيراجن تي پنهنجي لاءِ زمين الاٽ نه ڪرائي هجي. انهن ۾ ايوب خان ۽ موسى خان کان وٺي اصغر خان ۽ ٽڪا خان تائين سياسي ۽ غير سياسي (جنرل) آبادگار شامل هئا. ان باري ۾ اسان وٽ جيڪي انگ اکر آهن، سي بلڪل نامڪمل آهن ۽ ڪيترا سال پراڻا آهن. حقيقت جي صحيح تصوير مستقبل جو ڪو اهڙو مصنف ئي پيش ڪري سگهندو، جنهن جي رسائي سموري سرڪاري رڪارڊ تائين هوندي.
. . . . سکر بئراج مان تقريباً 29 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي. هيءَ بئراج ان لحاظ کان سنڌ جو سڀ کان وڏو بئراج آهي. سکر بئراج جي زمين جي ورهاست پاڪستان ٺهڻ کان اڳ شروع ٿي چڪي هئي ۽ 1954ع جي آخر (14 آڪٽوبر 1954ع) ۾ جڏهن ون يونٽ قائم ٿيو، تڏهن صرف 6 لک ايڪڙ زمين باقي بچيل هئي. جڏهن ته ون يونٽ کان اڳ ورهايل 22 لک ايڪڙ زمين جااسان وٽ انگ اکر موجود ڪو نه آهن ته اُها ڪنهن کي ڏني وئي [ نوٽ : اها زمين اڪثر پنجابين کي ڏني وئي ـ جي ايم سيد] ون يونٽ جي ٺهڻ کان پوءِ جي ٽن سالن ۾ الاٽ ٿيندڙ زمين جو گهڻو حصو غير سنڌين کي ڏنو ويو. 1955ع کان 1958ع تائين غير سنڌين 620،52،1 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي، جڏهن ته سنڌين کي 5886،22،1 ايڪڙ زمين ملي. جيئن ته اسان اڳتي هلي ڏسنداسين ته زمين حاصل ڪندڙن ۾ سول ۽ فوجي آفيسر سڀ کان اڳرا هئا ـ اصلي ڦرلٽ 1958ع جي مارشل لا لڳڻ کان پوءِ شروع ٿي. آڪٽوبر 1958ع کان 1962ع جي عرصي دوران هر سؤ ماڻهن مان زمين حاصل ڪندڙ 85 ماڻهو، غير سنڌي هئا. يعني سنڌين کي رڳو 89،7،54 ايڪڙ زمين الاٽ ٿي، جڏهن ته غير سنڌين کي 679،12،2 ايڪڙ زمين ملي . . . . . آمريت جي دور ۾ آفيسر شاهيءَ کي تمام سٺو موقعو مليو ۽ اُنهن ٻنهي هٿن سان ملڪ ۾ ڦرمار ڪئي. 1962ع تائين سکر بئراج جي گهڻو تڻو زمين ڏجي چڪي هئي، ڪل 6 لک ايراضي، جيڪا رهيل هُئي، ان مان 000،67،4 ايڪڙ زمين غير سنڌين کي ۽ اُن جي اڌ کان به گهٽ زمين سنڌين کي ملي.”
. . . . . . . پاڪستان ٺهڻ کان ڇهه سال اڳ 1941ع موجوده پير صاحب پاڳاري جي والد پير صبغت الله شاه جي قيادت ۾ سنڌ ۾ حرن انگريزن خلاف جهاد ڪيو هو. انهن هر هنڌ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، خاص طرح ريلوي لائينون سندن ڪاررواين جو نشانو بنيون. انگريز دشمن سرگرمين سبب حرن کي برطانوي حڪومت جي ڏاڍ ۽ ڏمر جو نشانو بڻجڻون پيو. پير صاحب کي بغاوت جي ڏوهه ۾ ڦاسي ڏني وئي ۽ مکي ڍنڍ واري زمين، جتي هُو آبادي ڪرائيندو هو، اُها سرڪار ضبط ڪري ورتي هئي. 1947ع ۾ ملڪ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته پير صاحب جي زمين حر مجاهدن کي واپس ڪئي وڃي ها ۽ وڌيڪ زمين پڻ کين انعام طور ڏني وڃي ها. مگر اُنهن جي زمين سابق فوجين جي بحاليءَ لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي. هي اُهي فوجي هئا، جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ برطانوي سامراج جي مفاد لاءِ وڙهيا هئا. مکي ڍنڍ واري اٽڪل ڏيڍ لک ايڪڙ زمين قريباً اُنهن سامراج دوست فوجين کي مفت ۾ ڏني وئي. زمين جن شرطن سان ڏني وئي، اُن مان ائين معلوم ٿي رهيو هو، ڄڻ اُهي ڪنهن وڏيءَ خدمت جي صلي ۾ کين انعام طور ڏنيو پئي ويون. ملاحظه ڪريو اُهي شرط، جن هيٺ کين اُهي زمينون الاٽ ڪيون ويون هيون.
(1) زمين پنجاهه ريپا في ايڪڙ مالڪاڻن حقن سان ڏني وڃي ٿي. قيمت جو 4/1 حصو اڳواٽ وصول ڪيو ويو ۽ باقي 4/3 حصي جي وصولي پندرهن هڪجيترين قسطن ۾ رکي وئي، جيڪي هر فصل تي وصول ڪيون وينديون (يعني 15 سالن جي مدي ۾)
(2) زمين حاصل ڪندڙ فوجيءَ کي هڪ فصل مفت کڻڻ جي رعايت ڏني وئي.
(3) زمين جي درستيءَ ۾ سڌاري جو ڪم وزارت دفاع جي ذمي هوندو.
(4) اُن علائقي ۾ رستن جي اڏاوت، واهن جي کوٽائي توڙي مزدوريءَ جو خرچ صوبائي حڪومت (سنڌ) کي ڀرڻو هو.
(5) زمين کي سيراب ڪندڙ اڏون يا ڪسون خريدار پنهنجي خرچ تي ٺهرائيندو.
(6) وڏن ڳوٺن ۾ هڪ جڳهه رهائش وغيره لاءِ [چڪڻ جوڙڻ ـ جي سيد) صوبائي حڪومت ٺهرائي ڏيندي ته جيئن الاٽين کي رهڻ ڪرڻ ۽ سامان وغيره جي سهولت ٿئي.
مٿين شرطن موجب نه رڳو انگريزن خلاف وڙهندڙ (حرن) جو زمينون کانئن کسي، غير سنڌي فوجين حوالي ڪيون ويون، پر اٽلندو فوجين جي آباديءَ جو سمورو خرچ به مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت جي سر تي وڌو ويو. ان دوران حُر جماعت مطالبو ڪيو ته مکي ڍنڍ جي زمين اصلي مالڪن کي موٽائي ڏني وڃي. آخر ڪار 1957ع ۾ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو ته حرن کي به آباد ڪيو وڃي ۽ بجاءِ ان جي جو کين سندن “A” ڪلاس زمين واپس ڪئي وڃي، کين ٻئي هنڌ “C” (سي ڪلاس) زمين الاٽ ڪئي وئي، جيڪا بنهه خراب حالت ۾ هئي. اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ۾ 18 جنوري 1957ع تي غلام مصطفى ڀرڳڙيءَ، خزاني جي وزير کان پڇيو : “ڇا، حڪومت انهيءَ“C” ٽائيپ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟” ته نواب افتخار حسين خان ممدوٽ جواب ڏنو ته “حڪومت جو اهو ڪم ڪونهي ته غير آباد زمينون آباد ڪندي وتي.” اُن تي سوال ڪيو ويو ته “ڇافوجين کي ڏنل زمين غير ملڪي امداد سان آباد نه ڪئي وئي آهي؟” ته حڪومت طرفان جواب ڏنو ويو ته “غير ملڪي امداد فوجين کي ملي هئي ۽ زمين آباد ڪرڻ لاءِ جيڪا مشينري آئي هئي، اُها به فوجين کي ڏني وئي هئي، اُن جي سول انتظاميا سان ڪو به واسطو نه آهي.”
انهيءَ طريقي سان سنڌ جي زمين جو زرخيز حصو صوبائي حڪومت جي خرچ تي يعني سنڌي عوام جي ٽيڪسن مان آباد ڪيو ويو ۽ اُن ۾ ڪجهه مرڪز طرفان غير ملڪي امداد به شامل هئي، جيڪا وياج سميت سجھي ملڪ کي واپس به ڪرڻي هئي. سنڌ جي تمام سٺي زمين آباديءَ لائق بنائي فوجين جي حوالي ڪئي وئي ۽ اصل وارثن کي غير آباد زمين مٿي ۾ هنئي وئي.
فوج ۾ سدائين پنجاب جي واضع اڪثريت رهي آهي. مکي ڍنڍ جي علائقي واري زمين يا سنڌ جي ٻين بيراجن واري زمين انهن ئي پنجابي فوجين حاصل ڪئي. مقامي آباديءَ کان زمين کسي وئي ۽ پنجاب کان اهڙا بااثر ماڻهو آڻي آباد ڪيا ويا، جن جو واسطو آفيسر شاهيءَ سان هو. اهي طاقت جي نشي ۾ مست هئا. پنجاب سان واسطو رکندڙ اُهي ماڻهو، پنجاب ۾ پنهنجن ماڻهن سان جيڪو رويو روا رکيو اچن ٿا، اُن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُهي سنڌي عوام سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هوندا. اُنهن ماڻهن نه رڳو ناجائز طريقن سان زمينون حاصل ڪيون، پر اُنهن کي سرڪاري خرچ تي آباد ڪيو. اُنهن ماڻهن ي چَڪ (ڳوٺ) بجلي سان روشن ٿيا ۽ پڪن رستن جو ڄار سندن زمين ۽ ڳوٺن تائين وڇايو ويو. سندن زمينون سڄو سال نهري پاڻيءَ سان سيراب ٿينديون رهيون، سندن علائقن جي ويجهو کنڊ جا ڪارخانه قائم ڪيا ويا، ته جيئن اُهي آرام سان پنهنجو ڪمند پُڄائي سگهن. کين قرض جون سهولتون ڏنيون ويون، جنهن مان هو ٽريڪٽر وغيره خريد ڪري ۽ ڀاڻ ۽ ٻج وقت سر وٺي پئي سگهيا. سندن چڪن ٻاهران سنڌي آباد هئا، پر سندن گهرن ۾تيل جا ڏيئا [گاسليٽ جون بتيون] پئي ٻريا. زمين آباد ڪرڻ لاءِ سرڪاري مدد حاصل نه هئن. رستا ڪچا هئا ۽ نهرن جو پاڻي ڇماهي هو، ڇاڪاڻ ته سندن ڪو هم قوم ماڻهو آفيسر شاهيءَ ۾ موجود نه هو. ان ڪري کين نه قرض جي سهولت حاصل هئي ۽ نه ئي اُهي وقت تي ڀاڻ ۽ ٻج حاصل ڪري سگهيا ٿي. اُنهن سمورين تخليقي صلاحيتن جي باوجود، جيڪي سنڌين ۾ موجود هيون، خارجي حالتون ناسازگار هئڻ سبب اهي سنڌي گهڻي عرصي تائين ترقي ڪري نه سگهيا ۽ پوئتي پيل زندگي گذارڻ تي کين مجبور ڪيو ويو. سنڌين کي هر قدم تي پنجاب مان آيل اهڙن ماڻهن سان معاشي ڊوڙ ۾ مقابلو ڪرڻو پيو ٿي، جتي سندن (سنڌين جون) ڄنگهون اڳي ئي ٻڌل هيون. پوليس آفيسر پنجابي هو، اسسٽنٽ ڪمشنر پنجابي ۽ ڊپٽي ڪمشنر پنجابي، مرڪزي حڪومت سان واسطو رکندڙ مختلف کاتن جا عملدار به پنجابي ۽ پنجابين کان سواءِ جيڪڏهن ٻيا ڪي عملدار هئا به ته اُهي مهاجر هئا. ون يونٽ جي قيام کان پوءِ هر شيءِ جو مرڪز پنجاب ٿي ويو. انتظامي معاملا، نوڪريون، انصاف، مطلب ته هر ڳالهه لاءِ سنڌ لاهور ۾ لڙڪيل هئي.
انهن حالتن ڪري سنڌ ۾ پنجاب خلاف نفرت ۽ شديد ردعمل ٿيڻ فطري ڳالهه هئي. حيرت ته انهيءَ ڳالهه تي آهي ته انهيءَ ردعمل پيدا ٿيڻ ۾ ايتري دير ڪيئن لڳي!
ڪوٽڙي بئراج : هيءُ سنڌ جو ٻيو نمبر بئراج آهي. 1956ع ۾ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هن بيراج مان نڪرندڙ واهن رستي حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي ساڍا 6 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي. جون 1958ع ۾ زمين جي استعمال لاءِ هڪ ڪميٽي “لينڊ يوٽيلائيزيشن ڪميٽي” نالي جوڙي وئي، جنهن ۾ مرڪزي حڪومت جي نمائندن کان سواءِ فوج مان به نمائندا کنيا ويا. ان ڪميٽيءَ ۾ مقامي آباديءَ کي ڪا به نمائندگي نه ڏني وئي. رسمي طرح زمين جو وڪرو 1958ع ۾ شروع ڪيو ويو، پر حقيقت ۾ اُن جي الاٽمينٽ ٻه سال اڳ جنرلن کي شروع ڪئي وئي هئي. ون يونٽ جي قيام کان هڪ سال پوءِ تائين اسيمبليءَ ۾ هارين کي زمين ڏيڻ جي باري ۾ سوال پڇبا رهيا، ڇاڪاڻ ته گذريل حڪومت هارين لاءِ ٽي لک ايڪڙ زمين مخصوص ڪئي هئي، ليڪن ڪافي وڏي عرصي تائين هارين کي زمين ڏيڻ جي پاليسي ٺاهي نه وئي هئي. ان مسئلي بابت ڪيترا ڀيرا سوال ڪيا ويا. مثال طور جنوري 1957ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ جيڪي سوال جواب ٿيا، اُهي هيٺينءَ ريت هُئا :
بيگم طاهره اعجاز حسين آغا (ميمبر اسيمبلي) : ڇا وزير آبپاشي ۽ ڊيولپمينٽ صاحب مهرباني ڪري جواب ڏيندو ته :
(1) غلام محمد (ڪوٽڙي) بئراج آبپاشي اسڪيم ڪڏهن پوريءَ ريت ڪم ڪرڻ شروع ڪندي؟
(2) انهيءَ بيراج رستي ڪيترا ايڪڙ زمين آباد ٿيندي؟
(3) حڪومت ان بئراج ما سيراب ٿيندڙ زمين ڪهڙي طريقي سان هارين کي ڏيندي؟
(4) حڪومت اها زمين صرف بي زمين هارين کي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي؟
انهن سوالن جي جواب ۾ واسطيدار وزير قاضي فضل الله جيڪي تفصيل ٻڌايا، انهن مان هڪ جو تعلق الاٽمينٽ سان هو. ٻڌايو ويو ته هڪ لک ايڪڙ زمين فوج وارن لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي، اُن مان 25 هزار ايڪڙن کان مٿي زمين الاٽ ڪئي وئي آهي. وزير صاحب جن الاٽين جا نالا ڏنا، اُهي هن ريت هُئا :
(1) جنرل محمد ايوب خان 247 ايڪڙ
(2) ميجر جنرل موسى 250 ايڪڙ
(3) ميجر جنرل محمد ابرار خان 246 ايڪڙ
(4) برگيڊيئر سيد غواث 246 ايڪڙ
(5) ڪرنل مظفر خان 246 ايڪڙ
(6) ڪرنل حيدر 246 ايڪڙ
وزير موصوف وڌيڪ ٻڌايو ته فوجين کان اڍائي سؤ روپيا في ايڪڙ جي حساب سان قيمت وصول ڪئي وئي آهي ۽ جڏهن ته پوئين حڪومت هارين لاءِ ٽي لک ايڪڙ زرعي زمين مخصوص ڪري چڪي هئي، ليڪن مغربي پاڪستان حڪومت اڃا تائين اُن بابت ڪا به پاليسي جوڙي نه سگهي آهي ۽ اهڙي پاليسي ٺاهي جلد ئي ڪابينا جي آڏو پيش ڪئي ويندي.
فوجين کي جيڪا زمين ڏني وئي، اُن جي باري ۾ وڌيڪ جيڪي سوال جواب اسيمبليءَ ۾ ٿيا، اُهي به دلچسپيءَ کان خالي ڪونه هئا.
جي ايم سيد وزير موصوف کان سوال ڪيو ته:
“ڇا وزير صاحب جي نوٽيس ۾ اها ڳالهه آندي وئي آهي ته انهن فوجي آفيسرن، جن کي زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، مقامي ماڻهن کي پريشان ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن اُهي پنهنجو علائقو خالي ڪري وڃن؟”
قاضي فضل الله: “اها ڳالهه منهنجي ڄاڻ ۾ نه آئي آهي. جيڪڏهن منهنجو دوست ڪنهن خاص واقعي جو حوالو ڏئي ته يقيناً ان جي جاچ ڪندس.!”
جي ايم سيد: “ڇا اها حقيقت ڪا نه آهي ته اُنهن ماڻهن جو هڪ وفد پهچي چڪو آهي ۽ معزز وزير سان ملاقات به ڪري چڪو آهي؟”
قاضي فضل الله: “جيڪڏهن منهنجي دوست جو اشارو اُنهي وفد ڏانهن آهي، جيڪو غلام حيدر ڀرڳڙيءَ جي قيادت ۾ آيو آهي ته منهنجو جواب “هائو” آهي ۽ پنهنجي درخواست پيش ڪري چڪو آهي. ليڪن مان اُنهيءَ واقعي جي جاچ ڪري ڪو نه سگهيو آهيان”.
جي ايم سيد : “ڇا مان وزير موصوف کان پڇي سگهانٿو ته فوجين کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي هڪ ايڪڙ به زمين نه ڏني وئي آهي؟”
قاضي فضل الله : “نه جناب”
جي ايم سيد : “ صرف فوجي آفيسرن کي زمينون ڏيڻ ۽ مقامي ماڻهن کي زمين نه ڏيڻ جا ڪهڙا سبب آهن.”
قاضي فضل الله : “ منهنجو خيال آهي ته ايوان جي ٻئي پاسي ويٺل کهڙو صاحب ئي اُن جو بهتر جواب ڏئي سگهي ٿو.”
م. ا . کهڙو “ڇا اها حقيقت نه آهي ته سنڌ حڪومت صرف زمين مخصوص ڪئي هئي، مگر اُن جي الاٽمينٽ مغربي پاڪستان جي وحدت (One Unit) قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪئي وئي آهي ”
قاضي فضل الله : “ نه جناب ائين نه آهي!”
جي ايم سيد : “ ڇا مان وزير موصوف کان اِهو پُڇي سگهان ٿو ته مقامي هارين کي اڃا تائين زمين الاٽ نه ڪرڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟”
اسپيڪر : “هن (وزير) جواب ڏئي ڇڏيو آهي. اسيڪيم حڪومت وٽ ويچار هيٺ آهي.”
جي ايم سيد : “ اُن تي فيصلي ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو”
اسپيڪر : “ هن ٻڌايو آهي ته معاملو جلد ئي وزارت اڳيان اچڻ وارو آهي.”
م. ا. کهڙو : “ڇا اها حقيقت نه آهي ته ٽي لک ايڪڙ زمين مقامي هارين لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي، پوءِ اُن کي اڃا تائين ڇو ورهايو نه ويو آهي.”
قاضي فضل الله : “ جناب! مان ٻڌائي چُڪو آهيان ته ڪابينه جي اڳين ميٽنگ ۾ اُن بابت آخري فيصلو ڪنداسين”.
خان قيوم خان : “ ڇا توهان ٻڌائيندؤ ته هارين لاءِ زمين مخصوص ڪرڻ جو فيصلو ڪڏهن ڪيو ويو هو؟”
قاضي فضل الله : “ اهو فيصلو اڳوڻي سنڌ حڪومت کهڙي صاحب جي هٿان ختم ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ ڪيو هو.”
خان عبدالقيوم خان : “ مان معزز وزيرن کان پُڇڻ چاهيان ٿو ته اهي ڪهڙيون اڻٽر مجبوريون هيون، جن جي ڪري حڪومت 15 مهينن گذري وڃڻ کان پوءِ به ڪو فيصلو نه ڪري سگهي آهي؟”
مٿين اسيمبلي گفتگوءَ مان جيڪي حقيقتون ظاهر ٿين ٿيون اُهي هي آهن :
(1) ڪوٽڙي بئراج جون زمينون سڀ کان اڳ فوجي آفيسرن کي، جيڪي اڃا تائين ملازمتن تان لٿا ئي ڪو نه هئا، گهڻو ڪري مفت الاٽ ڪيون ويون.
(2) اُنهن فوجي آفيسرن زمين تي قابض ٿيندي ئي پسگردائيءَ ۾ آباد سنڌي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو هو. سندن رويو مقامي ماڻهن سان ايڏو پريشان ڪندڙ هو، جو مقامي ماڻهن جو هڪ وفد شڪايت کڻي حڪومت وٽ پهچي ويو هو.
(3) مقامي هارين لاءِ به زمين مخصوص ڪئي وئي هئي، پر ڪافي عرصو گذرڻ کان پوءِ به کين الاٽ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي وئي.
ڪوٽڙي بيراج ۽ ان کان پوءِ گڊو بيراج (Gudu Barrage) تي جن فوجي توڙي سول آفيسر زمينون حاصل ڪيون، اُنهن جو مقامي ماڻهن سان ٽڪراءُ اڻٽر هو. سول آفيسرن وسيع اختيارن جا مالڪ هئا، جڏهن ته 1958ع ۾ ايوب خان جي مارشل لا کان پوءِ فوجي آفيسرن کي زمين جي آبادڪاريءَ لاءِ هر طرح جون سهولتون مهيا ڪيون ويون. اُنهن سهولتن مان اُنهن جيڪي ناجائز فائدا ورتا، اُن سان مقامي آباديءَ ۽ انهن آفيسرن جي وچ ۾ محاذ آرائيءَ جي شروعات ٿي.
ڪوٽڙي بيراج ۾ مقامي آباديءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ زمين ٻاهرين ماڻهن کي ملي، جڏهن ته ظاهريءَ طرح حڪومت اڌو اڌ جي اصول تي زمين جي ورهاست جو فيصلو ڪيو هو. 1962ع تائين ڪوٽڙي بئراج جي زمين هيٺين طرح ورهائي وئي.
ٽوٽل ايراضي، جيڪا ورهائي وئي 250،24،11 ايڪڙ،
مقامي ماڻهن کي قبضو ڏنو ويو 285،45،2 ايڪڙ
مقامي ماڻهن لاءِ مشيني هارپ لاءِ وڌيڪ زمين 000،28،1 ايڪڙ
ٻين لفظن ۾ سوا يارهن لک ايڪڙ ورهايل زمين مان مقامي آباديءَ کي پوڻا چار لک ايڪڙ زمين ڏني وئي.
ڪوٽڙي بئراج جون زمينون، پاڪستان جي سڀني صوبن جي ماڻهن ۾ ورهايون ويون يعني مهاجرن کان سواءِ اُن مان پنجابين، بنگالين، پٺاڻن ۽ بلوچن سڀني کي حصو ڏنو ويو. بنگالي آبادگارن جي هڪ مختصر جماعت کي انهيءَ لاءِ سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو ته ته جيئن اهو تاثر ڏنو وڃي ته سڄو ملڪ ورهاست ۾ حصيدار آهي.
ڪوٽڙي بيراج جي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين ڪجهه ڪيٽيگريون مقرر ڪري ماڻهن لاءِ مخصوص ڪئي وئي” جيڪي Cattegries هيٺيون هيون.
(1) سم ۽ ڪلر جا متاثرين.
(2) جابلو علائقي جا ماڻهو.
(3) باراني علائقي جا ماڻهو
(4) ڳتيل آباديءَ جي علائقي جا ماڻهو، جن وٽ زمين گهٽ آهي.
(5) وچولي طبقي جا ماڻهو.
انهيءَ طريقي سان جيڪي زمينون وڪرو ڪيون ويون، تن ۾ پنجاب کان پوءِ ٻئي نمبر تي پٺاڻن زمينون حاصل ڪيون.
ڪُل زمين، جيڪا مخصوص ڪئي وئي.
پنجاب لاءِ 000،70،1ايڪڙ.
فرنٽيئر لاءِ 000،34،0 ايڪڙ.
زمين جو سڀ کان خراب حصو فطري بلوچن جي حصي ۾ آيو، ڇاڪاڻ ته سندس سياسي اقتدار ۾ به حصو سڀني کان گهٽ هو. انهن مان به ڪن ته زمين وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪوٽڙي بيراج جي زمين مٿين ڪيٽيگرين کان سواءِ پهلوانن، رانديگرن ۽ گلوڪارن کي به عطيي طور ڏني وئي. ڪوٽڙي بيراج تي ٽريڪٽر اسڪيم تحت به زمين الاٽ ٿي. اُن جو چڱو خاصو حصو به سول ۽ فوجي آفيسرن جي هٿ لڳو. دليل اهو ڏنو ويو ته انهن ماڻهن وٽ زمين جي درستيءَ لاءِ پئسا موجود آهن. اهڙيءَ طرح ٽريڪٽر اسڪيم مان سرڪاري آفيسرن دل کولي جاوا ڪيا، تن ۾ اعلى فوجي آفيسر، نيوي جا آفيسر، پوليس آفيسر، سيشن جج، انجنيئر، ريلوي جا ملازم ۽ ڪيترائي ٻيا شامل هئا. اُنهن نه رڳو پنهنجن نالن تي زمينون الاٽ ڪرايون، پر پنهنجن عزيزن وغيره جي نالي به زمينون الاٽ ڪرايون. اسان صرف اهڙن آفيسرن جا نالا عهدن سميت ڏيون ٿا، جن 1962ع تائين ٽن سؤ ايڪڙن کان مٿي زمين الاٽ ڪرائي. سول ۽ فوجي آفيسرن جي اُنهيءَ لٽ مار کي ڏسندي، هڪ اسيمبلي ميمبر حسرت مان چيو ته : “وزير (خزانه) صاحب ! هروڀرو زمين جي جهڳڙي ۾ ڇو پيو آهين، اسان وٽ سنڌ ۾ ايتري زمين پئي آهي، جو جيڪڏهن توهان سرڪاري ڪامورن ۽ فوجين کي زمين نه ڏيو ته اسان پوري مغربي پاڪستان جي هارين کي اها زمين ڏئي سگهون ٿا.”
چارٽ نمبر 8
نمبر نالو ۽ عهدو ڪل زمين جيڪا حاصل ڪئي وئي
1. ميجر ايوب احمد خان (پروفيسر (KEMC) 500 ايڪڙ
2. ڪرنل ضياءَ الله 500 ايڪڙ
3. ڪرنل نور الاهي 498 ايڪڙ
4. ڪرنل اختر حفيظ (سيالڪوٽ ڇانوڻي) 397 ايڪڙ
5. ڪيپٽن فيروز خان 352 ايڪڙ
6. ميجر امير گلستان (پيءُ ۽ پٽ) 342 ايڪڙ
7. ليفٽيننٽ ڪرنل بشير 500 ايڪڙ
8. ميجر ظفري احمد 279 ايڪڙ
9. گروپ ڪيپٽن اي.ايم.مُراد 496 ايڪڙ
10. ڪمانڊر ايم افضل خان 303 ايڪڙ
11. ڪرنل يعقوب 487 ايڪڙ
12. ميجر غلام فاروق (زال جي نالي) 458 ايڪڙ
13. ميجر محمد لطيف 500 ايڪڙ
14. عبدالله رحمان خان (ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ڊسٽرڪ جيل ملتان 384 ايڪڙ
15. ڊاڪٽر جي. اي اصغر (دماغي اسپتال حيدرآباد) 401 ايڪڙ
16. صبح صادق (سرڪاري ملازم جو پٽ) 401 ايڪڙ
ٽريڪٽر اسڪيم هيٺ جيڪا زمين الاٽ ڪئي وئي، اُن تي پهرين مقامي آباد هارپ ڪندي هئي، پر هن اسڪيم هيٺ چيو وڃي ٿو ته اٽڪل چئن لکن (سنڌ) هارين کي بيدخل ٿي، بيروزگاريءَ جو منهن ڏسڻو پيو. هڪ اهڙي صوبي ۾ جتي لکن جي تعداد ۾ بي زمين هاري هڪ هنڌ تان ٻئي هنڌ ڌڪا کائيندا وتن ۽ اُنهن جو ڪو حال ڀائي نه هجي، اتي ٻاهرئين ڪنهن شخص کي زمين الاٽ ڪرائڻ جو ڪو اخلاقي جواز نه ٿو جڙي. باقي رهي فوج يا سول آفيسر شاهيءَ جي ماڻهن کي بيراج وارين علائقن ۾ زمين ڏيڻ، اها ڳالهه اڃا به وڌيڪ نندڻ جوڳي آهي. جيئن هڪ اسيمبلي ميمبر مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ سوال ڪيو هو ته.
“جيئن ته فوج جي جرنل جو به ڪُل وقتي ڪم آهي ۽ زمينداري به ڪُل وقتي ڪم آهي. مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته اهي ٻئي ڪم سرڪاري ڪامورا ڪيئن ڪندا؟
جنرلن ۽ سرڪاري آفيسرن کي ملازمت دوران پگهار ملندي آهي ۽ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنشن به کڻندا آهن، پوءِ انهن کي زمين جي خيرات سان نوازڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟”
دراصل پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ فوجي ۽ سول آفيسر جهڙيءَ ريت ملڪ جي ڦرلٽ ۾ شريڪ ٿي ويا، اُن جي هڪ مثال سنڌ جي بيراجن واري زمين تي قبضو پڻ آهي. اُنهن جهڙي نموني زمين حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ مقامي ماڻهن سان جهڙو رويو رکيو ۽ نفرت جو ٻج پوکيو، اُن جي فصل هاڻي پچي تيار ٿي چڪو آهي. پنجاب جي خلاف اڄ سنڌ ۾ جيڪا نفرت ۽ ڪاوڙ موجود آهي، ان جي زميواري سڀ کان وڌيڪ فوج ۽ سول آفيسر شاهيءَ تي عائد ٿئي ٿي، جيڪي زمين جي لازوال حرص ۾ مبتلا رهيا.
ڪوٽڙي بيراج تي بهترين زمينون فوجين کي الاٽ ڪرڻ کان پوءِ 1959ع ۾ گهڻي خواريءَ کان پوءِ هارين کي به ڪجهه زمين الاٽ ڪئي وئي. جيڪا زمين انهن لاءِ مخصوص ڪئي وئي، ان جي ايراضيءَ اڳ مخصوص ڪيل ايراضيءَ کان گهٽ هئي. گهڻو ڪري آخر ۾ ڏنل اها زمين اڳ الاٽ ٿيل ايراضي کان بيڪار، اڻ سڌريل، ڀٽن ۽ دڙن تي مشتمل هئي. واهن جي پڇڙيءَ تي هجڻ ڪري اُتي پاڻي دير سان پهتوٿي ۽ گهٽ به هو. ڪوٽڙي بئراج تي جن هارين کي زمين الاٽ ڪئي وئي، تن جي مسئلن جو پڙاڏو 1986ع تائين ٻڌڻ ۾ آيو. انهيءَ سال ڏيڍ لک ايڪڙ زمين تي قابض هارين جي زمين رد ڪئي وئي. غير سنڌي آبادڪارن بلڊوزرن جي اسڪيم هيٺ جيڪو قرض ورتو هو، اهو هارين تي وڌو ويو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن زمين رد ڪئي وئي. “سنڌي هاري ڪميٽيءَ” جي ڪوششن باوجود فيصلي تي عمل ٿي نه سگهيو. ڪوٽڙي بئراج تي 24 هزار ايڪڙ زمين نيلامن ذريعي وڪري لاءِ مخصوص ڪئي وئي. مقامي هاري يا غريب ماڻهو ان قابل ئي نه هو ته هو اُها زمين خريد ڪري سگهي. پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ سنڌ جي ڀيٽ ۾ هڪ ايڪڙ جا وڌيڪ يونٽ مقرر ڪيا ويا، ان ڪري پنجاب ۾ ڪيترن هنڌن تي ماڻهن پنهنجون زمينون وڪڻي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪئين ڀيرا وڌيڪ زمينون سنڌ ۾ نيلامن رستي اچي خريد ڪيون. ڳوٺن جا ڳوٺ پنجاب مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. ان ڪري فوجي ۽ سول آفيسرن جيڪا زمين حاصل ڪئي، اها به گهڻو ڪري پنجابين جي حصي ۾ آئي ۽ نيلامن واري زمين پڻ. زمين وٺندڙن ضرورت آهر هاري به پنجاب مان گهرائي ورتا. ان ڪري سنڌ ۾ پنجابين جو ۽ (ڪنهن حد تائين پٺاڻن جو) تعداد ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو.
(کیا ھم اکٹھے رہ سکتے ہیں ـ پروفيسر عزيز الدين ص ـ 88 کان 91)
اهي حالتون ڏسي، اسان ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طريقي سان سنڌ کي “ون يونٽ” جي پنجوڙ مان آزاد ڪرائجي، ته جيئن سنڌ جي وسيلن کي ڌارين جي ڦرلٽ کان بچائي، سنڌي ماڻهن لاءِ استعمال ڪري، کين جديد زندگيءَ ۽ سائنس جي نعمتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري سگهجي. ان لاءِ اسان ون يونٽ کي ٽوڙائڻ لاءِ اسيمبلين کان ٻاهر ڪا عوامي تحريڪ هلائڻ بدران اسيمبلين ۾ آئيني طريقي سان جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان سلسلي ۾ آئون ڪجهه ساٿين سميت مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويس. اُن وقت ريپبلڪن پارٽي، مغربي پاڪستان جي اقتدار ۾ هُئي ۽ مسلم ليگ مخالفت ۾. اسان جي پوزيشن “Balance Power” واري هئي، ۽ جنهن طرف به ووٽ ڪيوسين ٿي، ته ٻي ڌر اقليت ۾ تبديل ٿي وئي ٿي. مون ۽ منهنجي دوستن، اسان جي ان پوزيشن کي ون يونٽ جي خاتمي ۽ سنڌ جي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اُن سلسلي ۾ مسلم ليگ اسيمبليءَ پارٽي، جنهن کي اڪثريت جي باوجود وزارت ۾ اچڻ کان محروم ڪيو ويو هو، اُن اسان جي ڌُر کي اسيمبليءَ ۾ توازن جو حامل سمجهي، اسان سان وزارت ڌر (اقتدار ۾ آيل حڪومت) خلاف ڳالهيون شروع ڪيون.
اسان جيئن ته مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ کي ناڪامياب بنائڻ جو ارادو ساڻ کڻي وياسون، اُن ڪري اسان مسلم ليگ اسيمبليءَ پارٽي کي وزارت ڊاهڻ ۽ کيڻ طاقت ۾ آڻڻ جو انهيءَ شرط تي دلاسو ڏنو ته اهي اسان سان “ون يونٽ ڊاهڻ” واري ٺهراءَ پاس ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. اُن تي مسلم ليگ ڌر راضي ٿي ۽ اهڙو عهدنامو لکيو ويو، جنهن تي مسلم ليگ طرفان سندن پارٽي ليڊر سردار بهادر خان ميان ممتاز محمد خان دولتانه، خان عبدالقيوم خان ۽ خانبهادر کهڙي صحيحون ڪيون ۽ اسان جي ڌر پاران مون (جي ايم سيد) ۽ رئيس غلام مصطفى خان ڀرڳڙيءَ صحيحون ڪيون.
جنهن بعد اسان مسلم ليگ پارٽيءَ جي شموليت سان ون يونٽ ڊاهڻ لاءِ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي سامهون ٺهراءُ پيش ڪيا. اُن تي ريپبلڪن پارٽي (وزارت ڌُر) اسپيڪر سان ساز باز ڪري ٺهراءَ تي ووٽ وجهڻ جي عيوض ان کي “ٽاڪ آئوٽ” ڪرائي ڇڏيو. اهڙي طرح اُهو ٺهراءُ پاس ٿيڻ کان رهجي ويو. اُن تي اسان ۽ مسلم ليگ ڌُر ناراض ٿي سپليمينٽري بجيٽ جي گرانٽن پاس ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. ريپبليڪن پارٽي بجيٽ گرانٽن پاس ڪرائڻ جو آسرو نه ڏسي، وزارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ ڪجهه وقت لاءِ صوبي (مغربي پاڪستان) سان گورنر راڄ لاڳو رهيو. ڪجهه وقت طاقت کان ٻاهر رهڻ بعد جڏهن ريپبليڪن وزير تنگ ٿيا ته اُنهن مجبور ٿي، اسان سان ڳالهيون هلايو ته کين مدد ڪري طاقت ۾ آڻيون. جنهن تي اسان کين به ساڳيا شرط پيش ڪيا، پر اُن ۾ اها گنجائش رکي وئي هئي ته جنهن صورت ۾ اسان مسلم ليگ سان عهدنامو (Agreement) ڪيو هو، اُن ڪري سندن شرط به نيشنل عوامي پارٽيءَ جي اڳيان فيصلي لاءِ رکنداسون، جيڪڏهن انهن شرط قبول ڪيا ته پوءِ توهان کي مدد ڪنداسون. اُن عهدنامي تي ريپبليڪن پارٽيءَ طرفان : سردار عبدالرشيد وزيراعلى مغربي پاڪستان، ڪرنل عابد حسين شاهه سيڪريٽري ۽ وزير ريپبليڪن پارٽي، سر فيروز خان نون وزيراعظم پاڪستان ۽ ليڊر ريپبليڪن پارٽي پاڪستان اسيمبليءَ، صحيحون ڪيون.
اولهه پاڪستان ۾ ڪوليشن حڪومت بنائڻ واسطي مسلم ليگ ۽ نيشنل عوامي پارٽي، هيٺ ڏنل نقطن تي ٺاهه ڪيو آهي.
(الف) مرڪزي ڪوليشن حڪومت جي فيصلي ۽ اليڪشن ڪميشن جي سٽاءَ مطابق آزاد ۽ انصاف وارين چونڊن ڪرائڻ واسطي پنهنجي طرفان حتي الامڪان ڪوشش ڪرڻ.
(ب) سنڌ ۾ هندن جي ڇڏيل زرعي زمين جا، موجوده قبضيدارن کي مالڪاڻا حق ڏيارڻ ۽ ان زمين جي قيمت ڏهن سالن ۾ هڪ جيترين قسطن ۾ ادا ڪرڻ واري نقطي کي حڪومت وٽ قبول ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ.
(ت) اصولي طور تي هن ڳالهه لاءِ جاکوڙيو ويندو ته سرڪاري زمينون عام نيلام وسيلي نه، پر اتي جي مقامي هارين ۽ ننڍن کاتيدارن کان وڪرو ڪري نيڪال ڪيون وينديون. ان زمين جي قيمت ڏهن سالن ۾ هڪ جيترين قسطن ۾ وٺڻ ۾ ايندي.
(ث) بهترين زرعي پيداوار حاصل ڪرڻ، غيرآباد زمينن کي آبادي هيٺ آڻڻ، سم ۽ ڪلر جي خاتمي، ٻوڏ جي هاڃيڪارين کي ٻنجي ڏيڻ واسطي بچاءَ بند تعمير ڪرڻ، بئريجن ۽ واهن جي مرمت ڪرڻ، بجليءَ جي پيداوار ۾ واڌارو ڪرڻ، ڍلون وڌائڻ واسطي ڍل جي اڳينءَ شرح تي نظر ثاني ڪرڻ، هارين جي حقن کي يقيني بنائڻ ۽ ضروري زرعي سڌارا ڪرڻ ـ هنن سڀني ڳالهين کي اهم سمجهي جلدي ۽ جوڳا قدم کنيا ويندا.
(ج) مهاجرن جي آبادڪاري ۽ سندن دعوائن (Claimes) کي نظر ۾ رکي کين جائز ۽ صحيح معاوضي ڏيڻ لاءِ جتن ڪرڻ.
(ح) ضروريات زندگيءَ سان واسطو رکندڙ شين جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ ۽ بلئڪ مارڪيٽنگ ۽ ذخيره اندوزيءَ خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ.
(خ) انتظاميه منجهان رشوت، اقربا پروري ۽ ٻين غلط ڪارين کي پاڙئون پٽڻ لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺڻ.
(د) لاقانونيت کي ختم ڪري، قانون ۽ انصاف جي بالادستي قائم ڪرڻ.
(ذ) مقامي ماڻهن کي نوڪرين ۽ زوزگار جا ٻيا ذريعا مهيا ڪري ڏيڻ.
(ر) عوام جي اهنجن کي دور ڪرڻ لاءِ، هر ڊويزن جي ڪمشنر وٽ صلاحڪار ڪميٽي مقرر ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ.
(ز) ننڍن صوبن جي ملازمن کي سيڪريٽريٽ جي ملازمت ۾ آڻڻ جا جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا، تن کي پاڙڻ لاءِ جاکوڙڻ.
(س) سياسي نقطه نگاهه کان اڳئين حڪومت جيڪي گزيٽيڊ ملازم معطل ڪيا يا کاتن جي سربراهن جون بدليون ڪيون. يا پينشن تي لٿل ملازمن کي ٻيهر ڀرتي ڪيو، انهن مامرن تي ٻيهر ويچارڻ.
(ش) ويسٽ پاڪستان ائپيڪس بئنڪ کولڻ واسطي جيڪي احڪام جاري ڪيا ويا آهن، سي واپس وٺڻ، ڇاڪاڻ ته اها حڪمت عملي ڪن سياسي سببن ڪري اختيار ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌ جي تمام پراڻي “سنڌ پراونشل بئنڪ” کي ختم ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي وئي آهي. موجوه پراڻي بئنڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ان جو صدر مقام حيدرآباد منتقل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
(ص) تجارت جي ضابطن کي ترميم ڪري آسان بنائڻ پنهنجن فرضن کي سولائي سان نڀائڻ واسطي سڀئي اختيار وزيرن جي سپرد ڪرڻ.
(ض) ون يونٽ ٺهڻ دوران، ننڍن صوبن جي ترقيءَ واسطي جيڪي تجويزون ۽ منصوبا بنايا ويا، تن کي بنا ڪنهن دير جي عملي جامون پهرائڻ.
(ط) عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو. سندن حقن جي لتاڙ واسطي جيڪي احڪام صادر ڪيا ويا آهن. تن تي نظر ثاني ڪرڻ ۽ ختم ڪرائڻ.

صحيحون

(1) جي . ايم . سيد (1) سردار بهادر خان
(2) پير الاهي بخش (2) ممتاز محمد خان دولتانه
(3) غلام مصطفى (3) ايم . اي . کهڙو
(4) عبدالقيوم خان.



مسلم ليگ ۽ نيشنل عوامي پارٽي هيٺين شرطن تي ٺاهه ڪيو آهي.

(i) اولهه پاڪستان ۾ ڪوليشن حڪومت ٺاهي ويندي، جنهن ۾ ٻنهي جي هڪ جيتري نمائندگي هوندي. پر وزيراعلى مسلم ليگ جو هوندو ۽ سندس چونڊ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي رضامندي سان ڪئي ويندي.
(ii) نيشنل عوامي پارٽيءَ جا وزير، نيشنل عوامي پارٽيءَ جي سياسي اڳواڻن جي صلاح سان کنيا ويندا.
(iii) وزيرن کي قلمدان، ٻنهي ڌرين جي سياسي اڳواڻن جي صلاح مشوري کان پوءِ سپرد ڪيا ويندا.
صحيحون
(1) جي . ايم . سيد (1) سردار بهادر خان
(2) پير الاهي بخش (2) ممتاز محمد خان دولتانه
(3) غلام مصطفى (3) ايم . اي . کهڙو
(4) عبدالقيوم خان.

هڪ پاسي ريپبليڪن پارٽي ۽ ٻئي پاسي کان نيشنل عوامي پارٽيءَ پاڻ ۾ فيصلو ڪري هيٺئن نقطي تي رضامند ٿيون آهن.
“ ته اولهه پاڪستان جي ليجسليٽِوِ اسيمبليءَ جي هلندڙ اجلاس دوران هڪ رٿ ڏني وئي آهي ته اولهه پاڪستان جي يڪي صوبي کي ختم ڪري. ٻوليءَ جي بنياد تي صوبا بحال ڪيا وڃن ۽ انهن کي مڪمل صوبائي خودمختياري ڏني وڃي. اڳوڻي صوبائي حيثيت بحال ٿيڻ کانپوءِ اهي اولهه پاڪستان جي زونل فيڊريشن جا رڪن رهندا.
ان کان سواءِ قومي اسيمبليءَ ۾ به ساڳيون پارٽيون ان رٿ جي تائيدڪنديون.
اهڙيءَ ريت نيشنل عوامي پارٽي، ريپبليڪن حڪومت ۾ شامل وزيرن ۾ اعتماد رکندي ۽ هر معاملي ۾ حڪومت جي فيصلن جي تائيد ڪندي. تعمير تنقيد ڪرڻ جو کيس پورو حق حاصل هوندو.

صحيحون
(1) عبدالغفار خان (1) سردار عبدالرشيد
(2) ميان افتخار الدين (2) ڪرنل عابد حسين
(3) جي . ايم . سيد.

هڪ طرف کان ريپبليڪن پارٽي، ٻئي طرف کان پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي اتفاق ڪري هيٺئين نقطي تي اتفاق ڪيو آهي.

“اولهه پاڪستان جي ليجسليٽوِ اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس دوران اها رٿ پيش ڪئي وئي آهي ته ٺهراءُ پاس ڪري اهو اجلاس قومي اسيمبليءَ کي سفارش ڪري ته، اولهه پاڪستان جي اڳين صوبن کي ٻولي جي بنيادن تي بحال ڪري ۽ صوبن کي صوبائي خودمختياري ڏئي. ان کانپوءِ مذڪوره صوبائي اولهه پاڪستان جي زونل فيڊريشن جا رڪن هوندا. ان پيش ڪيل رٿ جي نيشنل عوامي پارٽي تائيد ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهندي.
صحيحون
فيروز خان نون

مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽيءَ جو، تاريخ 7 مارچ، 1957ع تي لاهور ۾ اجلاس ٿيو ۽ هيٺئين نتيجي تي پهتي آهي.

گهڻي پروڙڻ، پرجهڻ ۽ اولهه پاڪستان جي سياسي وايو منڊل جي مشاهدي ڪرڻ کان پوءِ هيءَ ڪميٽي اهو قبول ڪري ٿي ته اولهه پاڪستان جو ون يونٽ وارو تجربو بلڪل ناڪام ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري ون يونٽ جي موجودگيءَ جي تائيد ڪا نه ٿي ڪري. جيئن ته مسلم ليگ هڪ عوامي تنظيم آهي ۽ ان تجويز ڏانهن پنهنجو توجهه مرڪوز ڪرڻ گهري ٿي، جيڪا عوام وٽ قابل قبول هوندي ۽ جنهن ۾ هر علائقي جي ماڻهن جي مرضي شامل هوندي.
اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته هيءَ رٿ اخبارن کي شايع ٿيڻ لاءِ ڪانه ڏني ويندي.
صحيح
قاضي محمد عيسى
سيڪريٽري
پاڪستان مسلم ليگ
[ هتي ٻنهي عهدنامن جون ترجمي ڪاپيون ـ انهن ۾ طئي ٿيل شرطن سميت ڏجن ٿيون ]
اهو سمجهوتو سڪندر مرزا جي ڄاڻ ۽ رضامنديءَ مطابق ڪيو ويو هو. اُن تي ريپبليڪن پارٽي وري وزارت ۾ آئي. نيٺ 17 سيپٽمبر 1957ع تي مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ رئيس غلام مصطفى ڀرڳڙيءَ جي تجويز تي وزارت پارٽيءَ اسان سان گڏجي ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. اُن وقت حسين شهيد سهروردي، وزيراعظم پاڪستان هو. ياد رهي ته هيءُ حسين شهيد سهروردي اهو هو، جنهن ۽ سندس پارٽيءَ جي ميمبرن ون يونٽ ٺهڻ وقت مرڪزي اسيمبليءَ ۾ اُن جي مخالفت ڪئي هئي، پر هينئر پنجابي سول سروس ۽ ملٽري جنتا جو حڪومت تي اهڙو دٻاءُ پيو، جو سڪندر مرزا ۽ حسين سهرورديءَ، ٻنهي اهڙو بيان ڏنو ته “اسان ون يونٽ ختم ڪرڻ نه ڏينداسون.”
هتي هيءَ حقيقت بيان ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته ون يونٽ ٺاهڻ ۾ اُن وقت جي ملٽري ڪمانڊر انچيف ايوب خان خاص ڪردار ادا ڪيو هو ۽ سندس پنهنجي چواڻي ته “ون يونٽ” جي اسڪيم جو مصنف به پاڻ هو. هن جي ان دعوى لاءِ سندس ڪتاب “فرينڊز ناٽ ماسٽرس” جي صفحي 192 ۾ لکي ٿو : “ آئون لنڊن ۾ هُئس، وزيراعظم محمد علي بوگرا ۽ گورنر جنرل غلام محمد جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويل هُئي. مون سمجهيو پئي ته غلام محمد ڪو جبرو قدم کڻندو ۽ مون کي به سياست ۾ گهلي ويندو. حالانڪه مون سياست ۾ قدم رکڻ پسند ڪو نه ٿي ڪيو، هڪ دفعي رات جو ننڊ ڪا نه ٿي آيم، پاڪستان جي مستقبل ۽ مونجهاري تي سوچيندي، ڪجهه خيال آيم، جيڪي بروقت قلمبند ڪري ورتم. انهن خيالن جو مول متو هيءُ هو ته مغربي پاڪستان بنائجي، اهو منهنجو پروگرام آهي. اهو ڪم اسان کي ڪرڻو آهي. پهرين نمبر تي مغربي پاڪستان جي صوبن کي ملائي هڪ ڪرڻو آهي”.
(192 ص : فرينڊز ناٽ ماسٽرس)
انهيءَ ايوب خان جڏهن ڏٺو ته مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ون يونٽ رد ڪرڻ وارو ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان پاس ڪيو آهي، جيڪو آخري منظوريءَ لاءِ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ ايندو، جتي به يقيناً بنگالين جي مدد سان پاس ٿي ويندو ۽ سندس (۽ سندس آقا پنجابين) جي اسڪيم مٽيءَ ۾ ملي ويندي ـ ان ڪري هن ملڪ جو آئيني رستو روڪڻ ۽ ون يونٽ کي پنجاب ۽ ملٽري جي مفاد وٽان سمجهندي، ان کي برقرار رکڻ لاءِ اسڪندر مرزا سان صلح ڪري، 8- آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ مٿان مارشل لا لاڳو ڪري، اسيمبليون ختم ڪري، آئين ئي ٽوڙي ڇڏيو ۽ 10 آڪٽوبر، 1958ع تي مون کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو.
مارشل جي دور ۾ سياسي سرگرميون مڪمل طرح ختم ڪيون ويون، سياسي پارٽين تي بندش وجهي، سياستدانن کي “ايبڊو” جهڙن ڪارن قانونن هيٺ ناهل قرار ڏنو ويو. سنڌ جي وسيلن، زمينن، نوڪرين، ڪارخانن ۽ واپار تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنجابين ۽ پٺاڻن کي ڇيڪ ڇڏيو ويو. حالت اهڙي هئي، جو انهيءَ ڦرلٽ جي خلاف ڪو به احتجاج يا فرياد ڪرڻ ممڪن نه هو، ڇو ته تقرير، تحرير، جلوس، جلسي ۽ ميٽنگن تي مڪمل بندش هئي. اُن ڪري سياسي طرح سموري ملڪ سان گڏ سنڌ ۾ به جمود ڇانيو رهيو ۽ هر طرح جي ڦرلٽ به سنڌ ۾ وڌيڪ ٿيندي رهي. ان حد تائين جو سنڌي زبان کي تعليمي ادارن مان لازمي مضمون واريءَ حيثيت سان ختم ڪيو ويو ۽ سنڌي زبان جو ورنيڪيولر امتحان فائينل به ختم ڪئي وئي. ايوبي ڏهه ساله دور حڪومت ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه عرصي کان پوءِ مارشل لا ختم ڪئي وئي، محدود سياسي سرگرمين جي اجازت به ڏني وئي ۽ پهرين ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي ۽ بعد ۾ بنيادي جمهوريت (Basic Democracy) جي آڌار تي صدارتي نظام رائج ڪري، مرڪزي اسيمبليءَ سان گڏ ٻنهي صوبن (اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستا) جون اسيمبليون به بحال ڪيون ويون، پر اُنهن سڀني جو اختيار ۽ اقتدار فردِ واحد ايوب خان جي هٿ ۾ هو. ان ڪري سنڌي نمائندا به باوجود سنڌ مان چونڊجي وڃڻ جي مفاد پرستيءَ خود غرضيءَ، ابن الوقتيءَ ۽ ڌارين جي دلاليءَ جي پنهنجيءَ پراڻيءَ روايت تي عمل ڪندي، ايوب خان جي “جي حضوريءَ” ۾ پورا هئا ۽ انهن مان هڪ ته ايوب خان کي صلاح الدين ايوبي ۽ ابراهيم لنڪن کان به مٿي سڏيو ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه تي اُن حد تائين چئي ويٺو ته “اڄ جيڪڏهن شاهه لطيف جيئرو هجي ها ته ون يونٽ جي حمايت ڪري ها ۽ ايوب خان کي هار پارائي ها.” اِهي لفظ، ذوالفقار علي ڀٽي، اُن وقت جي وزير خارجيه، ڀٽ شاهه جي ميلي تي پنهجي وقت جي بدترين آمر لاءِ چيا هُئا. جنهن نه رڳو ون يونٽ کي برقرار رکڻ لاءِ مُلڪ تي ملٽري راڄ نافذ ڪيو هو، پر سنڌ کي مڪمل طرح پنجابين جي ڪالوني بنائڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو هو.
ون يونٽ جي دور ۾ سنڌ طرفان اسيمبليءَ جي ايوانن ۾ ڪو به مؤثر آواز نه هو ۽ سڀ ميمبر ايوب خان جي چمچاگيريءَ ۽ جي حضوريءَ ۾ پورا هئا. اڄ جا “شهيدِ جمهوريت” ۽ مظلوم عوام جا بزعم خويش“قائد” عوام جي رت ۽ ست تي پلجندڙ حڪمرانن جي بُوٽ پالش ڪرڻ ۾ پورا هئا. سنڌ سڙندي رهي، ماڻهو چچريا ۽ چٿبا رهيا، زمينون لُٽبيون ۽ نيلام ٿينديون رهيون، شهرن تي قبضا ٿيندا رهيا، آئون ۽ منهنجا چند ساٿي جيلن ۽ نظربندين ۾ هُئاسين، سنڌ جا پير، مير، وڏيرا ۽ جاگيردار اقتدار جي ايوانن ۾ آمرن کي سجدا ڪندا رهيا. اُن دور جي حقيقت جي ترجماني هن شعر مان چڱيءَ طرح ٿي سگهي ٿي :

زبانن تي تالا، تخيل تي پهرا،
لکڻ کان به وياسين، ڪڇڻ کان به وياسين.
مليو جي تڏهن ڀي ڪو همدم اسان سان
پري کان ئي گونگا اشارا ڪياسين. (عبدالحڪيم ارشد)
اهڙي اونداهيءَ، مايوسيءَ ۽ گُهٽ ٻوسٽ واري دور ۾ به مُون ۽ منهنجن ساٿين اُميد جو دامن هٿا نه ڇڏيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جيڪي ڪجهه اهڙي ماحول ۾ ڪري ٿي سگهياسون، سو ڪندا ٿي رهياسون ۽ ان “ڪجهه ڪرڻ” جو بهترين ذريعو ڪاغذ ۽ قلم کي سمجهيو سون. “لکڻ پڙهڻ” ۽ ان مطالعي ۽ مشاهدي کي ڪتابن جي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچائڻ جو “پرامن رستو” اختيار ڪيوسون. پر سرڪار اسان جي انهيءَ عمل کي به برداشت نه ڪري سگهي ۽ ڪتابن تي بندشون، پريسن تي پهرا، اخبارن تي سينسر شپ ۽ پابندي سرڪار جا مؤثر هٿيار هئا. صرف هڪ طرفي پروپيگنڊا جا دروازا کليل هئا ۽ ٻئي طرف جي هر شيءِ تي بندش هئي. صورتحال اهڙي هئي جو شيخ سعديءَ جو هيءَ مقولو بلڪل سچو ٿي لڳو ته :
“مَردمان اين دهه چه حرامزاده اند،
ڪه سگان راڪشاده انو سنگان را بسته اند
[ هن ملڪ جا ماڻهو ڪيڏا نه بدمعاش آهن، جو ڪُتا کولي ڇڏيا اٿن ۽ پٿر ٻڌي ڇڏيا اٿن ]