18
سنڌ متحده محاذ ٺاهڻ وقت اسان کي ملڪ جي وسيع تناظر کي ذهن ۾ رکڻو هو. ون يونٽ جي ڪري سڌيءَ طري سنڌ، پختونخوا ۽ بلوچستان متاثر ٿيا هئا. اڻسڌيءَ طرح بنگالين کي به پنهنجي اڪثريت تان هٿ کڻڻو پيو هو. ان سموريءَ صورتحال کي ذهن ۾ رکي، اسان کي اهڙو طريقو اختيار ڪرڻو هو، جنهن سان ايندڙ آئين ساز اسيمبليءَ ۾ اولهه پاڪستان جا ثيئي صوبا (پنجاب کان سواءِ) ۽ بنگالي اڪثريت گڏجي، نه رڳو ون يونٽ ٽوڙائين، پر صوبن جي لاءِ خودمختياريءَ جو دائرو پڻ اهڙو مقرر ڪن، جنهن موجب صوبن جا وڌ ۾ وڌ وسيلا، صوبن جي پنهنجي ڪنٽول ۾ رهن ۽ مرڪز کي صوبن جي اختيارن ۽ وسيلن ۾ گهٽ کان گهٽ مداخلت ۽ دست اندازيءَ جو موقعو ملي. انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي مون ٻه طرفي سياسي جدوجهد شروع ڪئي. هڪ طرف سنڌ متحده محاذ جهڙا “ائنٽي ون يونٽ فرنٽ” بلوچستان ۽ پختونخوا ۾ قائم ڪرايم ۽ ٻئي طرف وسيع تر صوبائي اختيارات ڏيارڻ لاءِ، هڪ سمجهوتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. انهيءَ سلسلي ۾ جڏهن شيخ مجيب الرحمان سنڌ ۾ آيو ته مون سنڌ متحده محاذ جي پليٽ فارم تان سندس شاندار آجيان ڪئي ۽ ڪيترا ماڻهو عوامي ليگ ۾ شامل ٿيا. شيخ صاحب کي مون 10 آگسٽ 1969ع تي انٽرڪانٽينينٽل هوٽل ڪراچيءَ ۾ زبردست آجياڻو ڏنو. مون ان موقعي تي استقباليه تقرير به ڪئي، جنهن جا ڪي ٽڪرا هتي ڏيان ٿو.
“اسان هيءَ حقيقت اوهان کي گوش گذار ڪرڻ چاهيون ٿا ته “ون يونٽ” ڪ سوچيل سمجهيل بي رحمانه ۽ ناقابِل عمل آئيني چالبازي آهي، جا خود انهن مقصدن مان ثابت ٿئي ٿي، جي اُن جا محرڪ هُئا ۽ جن جو اظهار بدنام زمانه، خفيه دستاويز “ايڪس” ۾ ڪيو ويو آهي، يا جنهن نموني تيرهن سالن کان هلندو رهيو آهي، ان مان ئي ظاهر آهي.
اسان جي ون يونٽ جي سرشتي کان نفرت، ڪيترن مختلف سببن جي بنيادن تي آهي، جهڙوڪ:
(1) هيءُ سرشتو تيرهن سالن جي عرصي کان مختلف حڪومتن ۽ مختلف قانوني سرشتن هيٺ رهندو آيو آهي. اڄ سڀني اڳيان هيءَ حقيقت ظاهر ٿي چڪي آهي ته ون يونٽ جو سرشتو ڪامياب ثابت نه ٿيو آهي. اُن جا جيڪي نتيجا پيدا ٿيا آهن، سي خود اُن جي بانين جي اُميدن جي بلڪل خلاف ويا آهن.
(2) اهو سرشتو اولهه پاڪستان جي رهواسين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جو هڪ خاص سبب بنبو آهي، ۽ ان، قومي اتحاد جي نشو نما کي وڏو ضرر رسايو آهي . . . . ملڪ جي اندروني رنجشن ۽ رقابتن کي وڌيڪ وقت جاري رکڻ ۽ طاقت جي زور سان موجوده انتظامي سرشتي کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ڪنهن به صورت ۾ دانائپ وارو ڪم نه آهي. هيءَ حقيقت وسارڻ نه گهرجي ته ون يونٽ جي سرشتي هيٺ ملڪي ڍانچي جا ڪيترا جُزا پاڻ کي هيسيل ڪمزور، ڏتڙيل، ناراض، ذهني طور شڪست خورده، بيمار ۽ بي يارو مددگار محسوس ڪري رهيا آهن.
(3) تفصيلوار شڪايتن جي وضاحت کي في الحال هڪ طرف رکندي، ائين چوڻو پوندو ته ون يونٽ، سنڌ جي خودداريءَ جي احساس کي مجروح ڪرڻ سان گڏوگڏ کين آزاديءَ جي نعمت کان پڻ محروم ڪري ڇڏيو آهي. درحقيقت موجوده صورتحال ۾ آزاديءَ جي ڪا به معنى ڪانه ٿي رهي ـ جڏهن صورتحال هيءَ هجي ته هڪ علائقي جي آزاد شهرين کي اهو موقعو به حاصل نه هجي ته هو پنهنجا ميونسپل معاملا پاڻ هلائڻ جو اختيار رکندا هجن.
(4) ون يونٽ جي سرشتي، بيشمار انتظامي براين ۽ خرابين کي ڦهلائڻ ۾ مدد ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اسان جي حڪومت وڏي پيماني تي ۽ نهايت بُريءَ طرح رشوت خوريءَ، لالچ، ڪامورن جي غرور، غير ذميداريءَ، نااهليءَ ۽ طاقت جي غيردانشمندانه استعمال سان پيدا ٿيندڙ براين سببان داغدار ٿي چڪي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته بدنصيب سنڌ “ننڍڙي ليول جي ڪم عقل ۽ خود سر آفيسرن لاءِ هڪ جنت” بڻجي وئي آهي. انهيءَ جو ڪارڻ هيءُ آهي ته هتي مقرر ٿيل ڪارندا، وڏي بيپرواهيءَ سان ڪم ڪن ٿا ۽ ساڳئي وقت عوامي نمائندن جي نظرداريءَ ۽ باز پرست کان محفوظ آهن.
(5) هن نظام جو وجود جمهوريت جي بنيادي روح کان ئي انڪاري آهي. سنڌ جا رهواسي هن سرشتي کي متفقه طور دل سان رد ڪري چڪا آهن.
(6) هن سرشتي هيٺ، سنڌ جي حيثيت انگريزن جي دور واري “هوم رول” جي درجي کان به گهڻو هيٺ ڪري چڪي آهي، جنهن جو برصغير (هندو پاڪ) جي ماڻهن اڄ کان ستر سال اڳ مطالبو ڪيو هو.
(7) هيءُ انتظامي سرشتو خود ويهين صديءَ جي اُنهن تقاضائن کان انڪاري آهي، جيڪي خود اختياريءَ واري حق جي بنياد تي، سموري طاقت عوام جي حوالي
ڪرڻ جو تاڪيد ڪن ٿيون ۽ اُن ۾ ڪنهن جي به مداخلت برداشت ڪرڻ نه ٿيون چاهين.
اهڙي طرح ون يونٽ کي لاهور ٺهراءَ [ 1940] 1943ع جي سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ، اقوام متحده جي چارٽر، جناح جي 14 نقطن، قرارداد مقاصد [ 1949 ] ۽ 1957ع جي قانون ساز اسيمبليءَ جي قانون ساز اسيمبليءَ جي پاس ڪيل ٺهراءَ وغيره خلاف بيان ڪندي، شيخ صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو هوم ته:
“جناب شيخ صاحب! اوهان کي بخوبي معلوم آهي ته اسان ڪيترائي دفعا اوهان جي پارٽيءَ ڏانهن انهيءَ مقصد سان رجوع ٿياسون. اوهان جي اعلى مرتبي واري رهنما، جناب سهرورديءَ، ملڪ سان ايوبي مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان پوءِ، ڪراچيءَ ۾ منهنجي بنگلي تي، جتي هو پاڻ ۽ سنڌ جا ٻيا سمورا ليڊر موجود هئا، اسان جي جائز مقصد جي حمايت ڪئي هئي ۽ وعدو ڪيو هو ته اسان جا علائقا ۽ علائقائي خودمختياري واپس وٺرائي ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪندو. ليڪن بدقسمتيءَ چئجي جو هو اڄ اسان وٽ موجود نه آهي.
اسين اڄ اوهان کي مرحوم جا لائق جانشين سمجهندي، اوهان ڏانهن رجوع ڪريون ٿا، ۽ اوهان جي معرفت، اوڀر پاڪستان جي پنهنجن وڏن ڀائرن کي اپيل ڪريون ٿا ته هو پنهنجي مرحوم ليڊر جي واعدي کي ضرور پورو ڪن . . . .
اسين هيءَ حقيقت بلڪل صاف طور واضع ڪرڻ چاهيون ٿا ته 1956ع جو آئين اسان جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه ٿيندو، انهيءَ ڪري ته اهو قطعي غير جمهوري طريقي سان وجود ۾ آيل آئين ساز اسيمبليءَ تيار ڪيو هو. . .
. . . شيخ صاحب ! ننڍن صوبن ۽ اوڀر پاڪستان جي مڙني مسئلن جو حل، اسان جي اتحاد ۾ پوشيده آهي. اوهان جي بيانن ۽ اوهان جي سياسي مضبوطيءَ مان ننڍن صوبن جي ماڻهن جي دلين ۾ اوهان جي شخصيت ۽ پارٽيءَ ۾ چڱيون اميدون پيدا ٿيون آهي. مشرقي پاڪستان کي آباديءَ جي بنياد تي نمائندگيءَ ۽ مڪمل طور اندروني خوداختياريءَ جا مطالبا، سواءِ ڪنهن شڪ شبهي جي اهڙا جائز ۽ درست آهن، جهڙا اسان جا. اسان اوهان سان گڏ هڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهيون، ان ڪري اوهان سان هر طرح ثابت قدم رهنداسين. اميد ته اوهان به اسان جي نصب العين جي حمايت جاري رکيو ايندا ۽ اسان جو ساٿ هرگز نه ڇڏيندا”.
هن موقعي تي عوامي ليگ ۽ سنڌ متحده محاذ جي وچ ۾ ان بنياد تي هڪ سمجهوتو به ڪيو ويو.
ٻئي طرف 5 آڪٽوبر 1969ع تي ڪوئيٽا ۾ “ بلوچستان متحده محاذ” قائم ڪرايم.
هڪ طرف اسان اها ڪوشش ڪري رهيا هئاسون ته مظلوم ۽ ننڍن صوبن جو عوام متحد ٿي، نه رڳو ون يونٽ ٽوڙائي، پر آئيندي جي لاءِ اهڙيءَ ڪنهن خرابيءَ پيدا ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ اهڙو آئيني ڍانچو تيار ڪيو وڃي، جنهن سان سموري ملڪ ۾ ڪا به رنجش ۽ نفرت پيدا نه ٿئي. اُن جي لاءِ سموري تناظر کي مد نظر رکي، آئين سازيءَ جي مسئلن تي وسيع تر اتحاد پيدا ڪرڻو هو، ته ٻئي طرف پاڪستاني حڪمران پنهنجن ڪن ڇاڙتن جي ذريعي اها ڪوشش ڪري رهيا هئا ته عوام جو ذهن آئيني ۽ سياسي مسئلن تان هٽائي، صرف ڪن فردن جي مخالفت ۽ گهٽ درجي جي طبقاتي تضادن ڏانهن موڙي، خسيس لالچن جي آڌار تي عوام کي سياسي شعور کان پري رکي پنهنجو اقتدار حاصل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ هنن ٻن مُهرن کي وڏي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪرڻ شروع ڪيو:
اولهه پاڪستان ۾ اسان جي برخلاف ذوالفقار علي ڀٽي کي “ايوبي آمريت” جي شڪست جو هيرو ۽ فاتح بنائي، وسيع تر پبلسٽيءَ ۽ پروپيگنڊا جي ذريعي ماڻهن جي دماغن تي مسلط ڪيو ويو. ته ٻئي طرف اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ جي خلاف مولانا ڀاشانيءَ کان اهو ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مولانا صاحب تي ته نيٺ بنگالي حب الوطني غالب پئجي وئي ۽ هن عوامي ليگ جي وڌندڙ مقبوليت جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا، پر هتي مسٽر ذوالفقار علي ڀٽي، فوجي ۽ سول آفيسر شاهيءَ جي پٺڀرائيءَ سان اهو ڪردار انتهائي هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ ۽ حرفت سان ادا ڪيو ۽ هُن سنڌ جي قومپرست ۽ محب وطن ليڊرن ۽ تنظيمن خلاف جارحانه انداز اختيار ڪيو. بدقسمتيءَ سان “سنڌ متحده محاذ” ۾ شامل، ڪافي نوجوان ورڪرن ۽ ڪامريڊن تي ڀٽي جو اهو سحر ڪارگر ثابت ٿيو ۽ هُنن “سنڌ متحده محاذ” ۾ ڀڃ ڊاهه واري سياست ۽ طبقاتي اختلافن کي هوا ڏيڻ جون سازشون شروع ڪري ڏنيون. ٻئي پاسي ملٽري ڪمانڊر يحى خان به اولهه پاڪستان جي مظلوم صوبن جي قومپرستن جي هٿن مان واحد “اليڪشني اِشو” ون يونٽ ڊاهڻ واري کسي، ڀُٽي جي لاءِ ميدان صاف ڪري ڏنو ۽ هُن اسيمبلين جي قائم ٿيل ون يونٽ کي، هڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي ختم ڪري، اسان جي 14 سالن جي ڪيل جدوجهد ۽ پنجابين طرفان لٽ مار ذريعي حاصل ڪيل اثاثن ۽ پئسن کي هميشه لاءِ پنجاب کي هضم ڪرائي ڇڏيو ۽ يڪدم اليڪشن جو اعلان ڪيو. نتيجي طور اليڪشن ۾ اسان قومپرست سنڌ مان ڪابه سيٽ کڻي نه سگهياسون. جيتوڻيڪ اليڪشن وقت مون پنهنجي وس، وت ۽ وسيلن آهر انهيءَ نئين غلاميءَ واري سيلاب جي سامهون بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جلسن، ميٽنگن، ڪتابن، اخباري مضمونن ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ريڊيي ۽ ٽي وي تان واحد مليل موقعي کي استعمال ڪندي، پنهنجيءَ تقرير ۾ عوام کي باشعور ۽ خبردار رهڻ جي تلقين ڪئي، پر منهنجون اهي سڀ ڪوششون ڪامياب ٿي نه سگهيون پر پوءِ به مون کي اميد هئي ته پاڪستان جي نئين مرڪزي اسيمبليءَ ۾ عوامي ليگ جي 100 سيڪڙو نمائندگي ۽ بلوچستان ۽ پختونخواه مان قومپرستن جي ڪنهن قدر ڪاميابي، “صوبائي خودمختياري ۽ قومي تحفظ” جو ڪو نه ڪو اطمينان بخش ڍانچو تيار ڪرڻ ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهندي. اُن لاءِ مون پنهنجا رابطا ۽ لاڳاپا، عوامي ليگ، بلوچ ۽ پختون قومپرست اڳواڻن سان برقرار رکيا. پر پنجابي حڪمران شايد گهڻي وقت کان وٺي سنڌ تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ اهو طئي ڪري چُڪا هُئا ته بنگالي اڪثريت مان جان ڇڏائجي، ۽ اُن منصوبي تي هنن 1970ع جي اليڪشن کان پوءِ، ذوالفقار علي ڀٽي جي ذريعي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
مون هاڻي چيو آهي ته پنجابي ابتدائي ڏينهن کان بنگالين مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪنهن موقعي جا منتظر هئا، اهو آئون پنهنجي طرفان ڪو نه چئي رهيو آهيان، پر اُن لاءِ هڪ پنجابي C.S.P آفيسر ۽ شاعر جناب فضل احمد ڪليم فضليءَ جي شهادت، هتي پيش ڪرڻ گهران ٿو، جيڪو اوڀر پاڪستان ۾ ويهه سال اهم سرڪاري عهدن تي فائز رهيو آهي. هو لکي ٿو :
“ اهي ڪهڙيون ڳالهيون هيون، جن جي ڪري بنگال ۾ اهو احساس وڌندو ويو ته ان کي نه رڳو پاڪستان ۾، پر اُن جي تعمير ۾ به وڌيڪ غالب شريڪ سمجهڻ بجاءِ فتح ٿيل علائقو سمجهيو پيو وڃي. انهن سڀني ڳالهين کي جيڪڏهن مختصر نموني به لکيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ٻيڙو کپي، انهيءَ سمونڊ سيوڻ خاطر. تت انهيءَ جو اهو آهي ته بنگال ۾ جيڪا بد دلي پکڙي، تنهن جي ذميواري وڏي حد تائين اڳوڻين حڪومتن تي آهي. مون کي انهيءَ ڳالهه جو ذاتي طرح علم آهي ته پاڪستان ٺهئي اڃا ٻه ٽي سال ئي مس گذريا هئا ته اولهه پاڪستان جي ڪجهه آفيسرن، جن بعد ۾ حڪومت کي ٺاهڻ، ڊاهڻ ۽ هلائڻ ۾ مکيه حصو ورتو، اهو سوچڻ شروع ڪيو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن بنگال جي اڪثريت پاڻ مڃائيندو ۽ سندن هٿن منجهان اقتدار نڪري ويندو. انهيءَ ڪري اهڙيون تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن، جو بنگال ۾ الڳ ٿيڻ جو جذبو آهستي آهستي وڌي. اسان الزام به انهن تي ئي ڏيندا رهون ته توهان علحدگي پسند آهيو ۽ نيٺ هُو الڳ ٿيڻ لاءِ راضي ٿي وڃن. جيئن ته آئون انهن ڏينهن ۾ اوڀر پاڪستان جي با اثر آفيسرن ۾ شمار ٿيندو هئس. اُن ڪري مون سان اهڙو مشور ڪيو ويو. مون اُن پلاننگ جي شديد مخالفت ڪئي ۽ چيو، اها پاڪستان سان کليل غداري ۽ پاڪستان سان کليل غداري ۽ پاڪستان جي تباهيءَ جو سامان آهي. پر شاهي ايوانن ۾ درويشن جون ڳالهيون ڪير ٻڌي! يار پنهنجيءَ ڌن ۾ لڳا رهيا. اولهه پاڪستان جي سمورن پرڳڻن کي ختم ڪري، هڪ اڪيلو صوبو (مغربي پاڪستان)، بنگال کي الڳ ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.
[ هفتيوار زندگي لاهور ـ 11 کان 17 فيبروري 1971ع ـ بحواله : “ جديد سنڌ جا مسئلا ۽ حل”. از : محمد موسى ڀٽو، ص 55 ـ 154]
انهيءَ اسڪيم تي عمل پيرا ٿيڻ ۾ هڪ سنڌي سياستدان مسٽر ذوالفقار علي ڀٽي، جيڪو ڪردار ادا ڪيو، سو آئون سمجهان ٿو انساني تاريخ ۾ اقتدار خاطر دلال طور استعمال ٿيڻ ۽ ٽيهه لک ماڻهو مارائڻ جو بي مثال واقعو آهي. ايترا ماڻهو ڪن فاتحن ڊگهين جنگين ۾ به نه قتل ڪرايا هوندا، پر 9 مهينن جي مختصر وقت ۾ مسلم عوام جو اهڙو قتل عام انتهائي شرمناڪ ۽ اسلام جي نالي تي ڪارنهن جو ٽڪو آهي. بنگال جي خانه جنگيءَ دوران مون کي خبر پئي ته لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ مشهور ڍنڍ “ڊگهه بالا” ۾ شڪار دوران يحى خان، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ فوجي جنرلن” اهو منصوبو ٺاهيو ته بنگالين کي ڪنهن به صورت ۾ متحده پاڪستان ۾ حڪومت ڪرڻ نه ڏني ويندي. اُن لاءِ ڀُٽي کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سو به کيس ذهن نشين ڪرائڻ سان گڏ اهو طئي ٿيو ته کين ماڻهو ڇو نه مارڻا پون، پر عوامي ليگ کي اقتدار نه ڏنو ويندو.
مون کي جڏهن ان منصوبي جي خبر پئي ته آئون پهرين پشاور ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي صدر خان عبدالولي خان سان وڃي مليس ۽ کيس چيم ته هيءُ موقعو آهي جو اسان کي بنگالين جي مدد ڪرڻ کپي ۽ عوامي ليگ جي ڇهه نقاطي فارمولي مطابق پاڪستان جي نئين سر تشڪيل ڪري، قومي مسئلي کي حل ڪري ۽ قومن جي حقن کي هميشه لاءِ پنجابين ۽ آرميءَ جي دست اندازيءَ کان محفوظ بنايو وڃي. ان تي عبدالولي خان مون کي چيو ته، “اسان عوام ليگ جي مدد نٿا ڪري سگهون، ڇو ته اُن جي ڇهن نقطن مان نقطي نمبر (3) ۾ ڄاڻايل آهي ته : “سڀني صوبن جون الڳ الڳ ڪرنسيون هونديون، جيڪڏهن ساري ملڪ جي هڪ ڪرنسي هجي ته ان صورت ۾ ناڻي جي هڪ صوبي کان ٻئي صوبي ڏانهن منتقليءَ کي روڪڻ لاءِ هر صوبي کي جُدا رزروڊ بئنڪ هجي.” اهو نقطو اسان پٺاڻن لاءِ نقصانڪار آهي، ڇو ته اسان جا ڏهه لک پٺاڻ سنڌ ۾ رهن ٿا. جيڪڏهن اُنهن مان هر هڪ روزانو پنج رپيا ڪمائي، تڏهن به پنجاهه لک روپيا روزانه ڪمائي ٿئي ٿي ۽ اها ان نقطي موجب سنڌ ۾ ئي رهندي ۽ انهن پٺاڻن جا ٻار، جيڪي صوبي سرحد ۾ رهن ٿا، سي بک مرندا. اُن ڪري اهو نقطو اسان پٺاڻن لاءِ هاڃيڪار آهي، سو اسان ڪهڙيءَ طرح عوامي ليگ جي مدد ڪري سگهون ٿا.
خان عبدالولي خان جي انهيءَ جواب مون کي نه رڳو مايوس ڪيو، پر حيران به ڪيو، ڇو ته اهو سراسر نعپ جي پراڻيءَ پاليسيءَ جي خلاف ۽ اهل پنجاب جي مفاد جي وڪالت برابر هو ۽ ان مان سنڌ جي ڦرلٽ ۾ پٺاڻن ۽ پنجابين سان ڀاڱي ڀائيواري واري بُوءِ اچي رهي هئي. ولي خان کان مايوس ٿي، آئون فيبروري. 1971ع ۾ ڍاڪا ويس ۽ شيخ مجيب الرحمان سان ملي، کيس جنرلن جي منصوبي کان آگاهه ڪيم، ڇو ته منهنجي خواهش هئي ۽ مون سمجهيوٿي ته عوامي ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ ۽ بنگال جي گڏ رهڻ سان اهڙو آئيني نظام رائج ٿي سگهيو ٿي، جنهن سان مظلوم قومون سنڌي، بلوچ ۽ پختون مطمئن ۽ باوقار نموني هن “گهڻ ـ قومي يونين” ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ سان رهي سگهيون ٿي. شيخ صاحب، منهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ چيو ته “مون کي جنرلن جي منصوبي جا پروڻ پئجي چڪا آهن. آئون هر ممڪن ڪوشش ڪندس ته پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجن ماڻهن سان گڏ رهان ۽ ڪوشش ڪريان ته عوامي طاقت جي آڌار تي پاڪستان کي صحيح معنى ۾ آزاد قومن جي يونين بنائي سگهان. جيڪڏهن ههڙين حالتن ۾ آئون پنهنجن ماڻهن کان ڌار ٿيس ته هو بنگال جي هر ماڻهوءَ کي قتل ڪندا ۽ هر گهر کي باهه ڏئي ڇڏيندا. پر سنڌ جي حالت بنگال کان مختلف آهي. سنڌي ماڻهو، قومپرستن بدران وفاق پرست ۽ پنجاب جي دلال ذوالفقار علي ڀٽي جي چنبي ۾ ڦاٿل آهن. ان ڪري، توهان مهرباني ڪري ڪجهه وقت لاءِ سنڌ کان ٻاهر هليا وڃو، ڇو ته بنگال تي ٿيندڙ ملٽري ائڪشن جا ڇنڊا ۽ اثر توهان تي ضرور پوندا. اُن ڪري، اوهان جو ملڪ کان ٻاهر رهڻ ضروري آهي.”
آئون شيخ مجيب الرحمان جو مشورو مڃي، روضه رسول مقبول ۽ خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ سعودي عرب هليو ويس. اتان مُون پنهنجي پراڻي رفيق ڪار سياسي ساٿي خان عبدالغفار خان (جيڪو اُن وقت ڪابل ۾ رهيل هو) سان خط و ڪتابت رستي ڪئي ته ڪهڙي طريقي سان حالتون سڌاري سگهجن ٿيون. پر افسوس جو اسان اُن موقعي تي به پنهنجن خوابن مطابق حالتن جو رُخ موڙي نه سگهياسون ۽ نه ئي بنگال جو ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو قتل عام، هڪ ڪروڙ ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۽ لکين عورتن جي عصمت دريءَ کي روڪي سگهياسين. نيٺ مايوس ٿي آئون ڪجهه عرصي ٻاهر رهڻ بعد وري موٽي سنڌ آيس، جتي مون کي فوجي آمر يحى خان گرفتاري ڪري، پنهنجي گهر ۾ نظر بند ڪيو. منهنجيءَ غير حاضريءَ ۾، منهنجا ٻيا سياسي رفيق شيخ اياز، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري وغيره گرفتار ٿي چڪا هئا ۽ ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري دهشت، داروگير ۽ بربريت جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو.
اهڙي ماحول ۾ فوجي جرنيلن ۽ سول بيورڪريسيءَ، مسٽر ذوالفقار علي ڀٽي جي صلاح سان هندستان سان جنگ ڇيڙي ڇڏي، جنهن ۾ اوڀر پاڪستان ۾ 16 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستاني فوجي ڪمانڊر جنرل اروڙا جي پيرن ۾ اڇلائي، پنجابين جي پراڻي خواهش ته “بنگالي الڳ ٿي وڃن” ـ تي مهرِ تصديق هڻي ڇڏي. جيتوڻيڪ اُن وقت کان اڳ ۾ نام نهاد سول حڪومت بحال ڪرڻ جي بهاني سان عالمي راءِ عامه جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ يحى خان نورالامين کي پاڪستان جو وزيراعظم ۽ مسٽر ڀُٽي کي بنا ڪنهن اسيمبليءَ اجلاس سڏائڻ جي نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه مقرر ڪري، اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پاڪستان جو نمائندو بنائي موڪليو ته جيئن وڃي بنگالين جي قتل عام ۽ مجيب الرحمان جي غداريءَ جي الزام هيٺ گرفتاريءَ کي اخلاقي ۽ اسلامي طرح جائز ۽ ضرور ثابت ڪري. ڀُٽي صاحب اُتي پهچي، پاڪستان کي متحده رکڻ واري آخري ڪوشش، پولينڊ جي قرارداد” کي ڦاڙي، اڇلائي، بنگال ۾ پاڪستان آرميءَ جي شڪست کي يقيني بنايو ته جيئن بنگال الڳ ٿي وڃي ته پاڻ اولهه پاڪستان ۾ اڪثريتي پارٽيءَ جي ليڊر جي حيثيت سان پنهنجي پٺڀرائو جرنيلن ـ مسٽر گل حسن، جنرل پيرزادي، جنرل حميد ۽ ٻين جي مدد سان اقتدار حاصل ڪري سگهي ۽ ان ۾ هو انتهائي چالاڪيءَ سان ڪامياب ويو ۽ 20 ڊسمبر 1971ع تي هُن اسلام آباد ۾ دنيا جي تاريخ جي پهرين سول مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جو ٻلو پنهنجي سيني تي سجايو ۽ اهڙي طريقي سان سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن جو هڪ مضبوط ڀرجهلو بنگال، الڳ ٿي ويو.
اسان پنجاب جي ليڊرن جي پراڻي فارمولا تحت پنجاب جي مڪمل ماتحتيءَ ۾ اچي ويا سون. ڀُٽي صاحب اقتدار وٺڻ شرط عالمي طرح پنهنجي ڪمزور پوزيشن کي محسوس ڪندي، ڪي قدم کنيا جن مان نعپ تا بندش ختم ڪرڻ، شيخ مجيب الرحمان کي آزاد ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ مون سميت قومي ڪارڪنن تان پابنديون هٽائڻ شامل هئا.
اهي واقعا 1971ع جي پڇاڙيءَ جا آهن.