11
“1 مارچ 1939ع تي ڊاڪٽر سر ضياءُ منجهند جي مانيءَ تي مون کي، مسٽر جناح، سر ظفرالله خان، سيد محمد حسين بيريسٽر الهه آباد کي سڏايو ......... ماني کائيندي، سيد محمد حسين رڙيون ڪندي چوڻ شروع ڪيو ته چوڌري رحمت عليءَ جي اها اسڪيم، جنهن موجب : “پنجاب، ڪشمير، صوبه سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائي، هندستان کان جُدا ڪرڻو آهي، ان سان پاڪستان هن ريت ٺهي ٿو ته ......... “پ” سان پنجاب “الف” سان افغانستان .........”
سر ظفرالله خان سندس ڳالهه ڪٽيندي ۽ مخالفت ڪندي چيو ته “اها رٿ عمل جوڳي نه آهي.” مسٽر جناح ٻنهي جي تقرير غور سان ٻڌندو رهيو. ان کانپوءِ مون کي چيائين ته “ان رٿ کي ڇو نه کڻون ان کي مسلم ليگ جو اصول بنايو. اڃاتائين (پاڪستان) اسان جي گُهر نه آهي. جيڪڏهن ان رٿ کي هٿ ۾ کڻنداسون ته ڪانگريس سان سودي بازي ٿي سگهي ٿي، ٻيءَ صورت ۾ اهي نه کڻندا”. مون کيس وراڻيو ته “هي الهندن علائقن لاءِ چئي رهيا آهن، اڀرندن علائقن جو ڇا ٿيندو؟” جناح ٿورو غور ڪيو ۽ چوڻ لڳو “اسان ٻنهي طرفن جي علائقن کي جدا ڪرڻ جو سوال کڻنداسون، ڇو ته ان کان سواءِ ڪانگريس وٺُ ۾ نه ايندي.” مون وراڻيو “ٿورائي ڏينهن ٿيندا، جو ڀائي پرمانند به اهو انديشو ڏيکاريو هو ۽ اوهان صحيح جواب ڏنو هو. جيڪڏهن بارگينگ (سوديبازي) لاءِ هيءُ مسئلو مسلم ليگ جي اصولي گُهر بنائي کنيو ويندو ته پوءِ پوئتي هٽڻ ڏکيو ٿي پوندو.“ جناح چيو ته “اسان ڪانگريس جو رد عمل ڏسنداسون”.
(نامه اعمالِ ص 725 بحواله: “تحريڪ پاڪستان کا ايڪ باب، تاليف: محمد سنده ساگر اکادمي لاهور، جون 1975ع ـ ص 66 ـ 67)
مسلم ليگ جي لاهور واري اجلاس (23 مارچ 1940ع) شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ به جناح صاحب، ورهاڱي واري ريزوليشن پاس ڪرائڻ يا پاڪستان جي گهر ڪرڻ جي فائدي ۾ نه هو، بلڪه هن کي انگريزن طرفان تيار ڪيو ويو ته اهڙو ٺهراءُ پاس ڪرائي، جيتوڻيڪ اهو کڻي هندن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ئي هُجي. اُن جي ثبوت لاءِ مولانا غلام رسول مهر جي هڪ خط مان ٽڪرو ڏجي ٿو، جيڪو هن 1932ع ۾ سيد انيس شاهه جيلاني بهاولپوريءَ کي لکيو هو :
“توهان کي گهڻو ڪري اها خبر ناهي ته 1939ع جي پڇاڙيءَ ۽ 1940ع جي شروعات تائين خود قائداعظم به هندستان جي ورهاڱي جو قائل نه هو، ۽ جنهن ڪميٽيءَ ورهاڱي جي تفصيلي اسڪيم تيار ڪئي هُئي، آئون به اُن جو هڪ ميمبر هوس ۽ اها اسڪيم اڃا تائين مون وٽ موجود آهي. اُن اسڪيم ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون جي ڪوشش ۽ جدوجهد سان قائداعظم ورهاڱي طرف مائل ٿيو.”
(ڪتاب “خطوط”، ص 99، المهر ـ 3، وحدت روڊ لاهور ـ 1983ع)
هيڪٽر بولٿو (Hector Bolitho) جنهن پاڪستان سرڪار جي چوڻ ۽ خرچ تي جناح صاحب جي سوانح عمري، بعنوان “Jinnah – Creater of Pakistan” لکي آهي، اُن ۾ هو ايم. ايڇ، سيد جي ڪتاب “محمد علي جناح پوليٽيڪل اسٽڊي” جي حوالي سان لکي ٿو ته : “جناح هڪ آرٽيڪل “Time & Tide” اخبار ۾، 9 مارچ 1940ع تي شايع ڪرايو هو. اُن آرٽيڪل جو آخر ۾ جناح صاحب چٽو فقرو “ٻه قومون” استعمال ڪيو. هُن لکيو :
“هڪ اهڙو آئين جڙڻ کپي، جنهن ۾ اها ڳالهه مڃيل هجي ته هندستان ۾ ٻه قومون رهن ٿيون، جن کي پنهنجي “مشترڪه مادر وطن” (Common Mother land) ۾ اقتدار ۾ شريڪ ٿيڻ کپي ”. هيءُ آخري وقت هو، جو جناح “مشترڪه مادر وطن” جا لفظ استعمال ڪيا هئا. اُن کان ٻه هفتا پوءِ هن آل انڊيا مسلم ليگ جي (لاهور واري) اجلاس جي 23 مارچ 1940ع تي صدارت ڪئي هُئي.
(Jinnah Creater of Pakistan)
هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪا جماعت (مسلم ليگ) ۽ اُن جو سربراهه (جناح)، 13 مارچ 1940ع تائين ۽ ان کان به اڳتي بقول غلام رسول مهر ته لاهور سيشن شروع ٿيڻ کان اڳ تائين ورهاڱي جو مخالف هو، سو ڪهڙيءَ ريت ورهاڱي جو حامي بنجي ويو؟ نه رڳو حامي بنجي ويو، پر ان کي ممڪن الحصول سمجهڻ لڳو، جڏهن ته هُن صاحب اڳ ۾ پهرين ورهاڱي جي ڳالهه کي ٻاراڻي حرڪت سجمهيو ٿي ۽ پوءِ ان کي ڪانگريس تي دٻاءَ وجهڻ جو هٿيار بنايو ٿي، سو آخرڪار ان تنيجي تي ڪيئين پهتو ۽ سختيءَ سان اهو موقف (پاڪستان جي گُهر) ڇو اختيار ڪيائين؟
تاريخ ڏاڍي بي رحم شيءِ آهي، هي وقت گذرڻ سان اُها نه رڳو لڪل راز فاش ڪريو ڇڏي، پر انساني ارادن ۽ نيتن جي ڳُجهن کي به اسڪرين تي آڻيو ڇڏي ۽ بظاهر مقدس نظر ايندڙ شخصيتون به قبيح ۽ مڪروهه ايجنٽن وارو ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿيون. هن سموري ڊرامي ۾ اسان کي جناح ۽ ان جي جماعت انگريزن جي آله ڪار ٿي ڪم ڪندا نظر اچن ٿا، ۽ اهو ئي سبب آهي، جو هُن (جناح) ورهاڱي جي موقف تي سختيءَ سان مسلم عوام جي مفاد خاطر نه، پر انگريزن جي حڪم ۽ اشاري تي شدت سان اصرار ڪرڻ شروع ڪيو. اُن جي ثبوت ۾ ڪافي ڪاغذات موجود آهن، پر آئون هتي صرف ٻن ٽن ثبوتن تي اڪتفا ڪريان ٿو :
(1) ان مان پهرين لارڊ لنٿگو جي اسڪيم آهي، جنهن ۾ سر ظفرالله خان کي چيو ويو هو ته تُون هندستان جي ورهاڱي جي اسڪيم ٺاهي، برطانوي سرڪار کي موڪل. هن اُها اسڪيم انگريزن جي چوڻ تي تيار ڪري ۽ لارڊ لنٿگو ذريعي وزير هند کي موڪلي، پر جيئن ته ظفرالله خان قادياني هو، انگريزن کي ڊپ هو ته هڪ قاديانيءَ جي نالي تيار ٿيل اسڪيم ننڍي کنڊ جا مسلمان قبول ڪندا. ان ڪري اُن جي هڪ ڪاپي جناح صاحب کي انهيءَ يقين دهانيءَ سان ڏياري موڪلي وئي ته هُو مسلم ليگ جي منشور جي حصي طور مسلم عوام وٽ پيش ڪري ۽ اُهائي اسڪيم اڳتي هلي “لاهور ٺهراءَ” جو بنياد بني. ثبوط طور ولي خان جي ڪتاب “Facts are Facts” مان باب ٽئين بعنوان “Different nterpretations of Pakistan” جي “سڀ ٽاپڪ” (پاڪستان جو برطانوي تصور) کي پيش ڪجي ٿو :
پاڪستان جون ڌار ڌار تشريحون
هندستان جي وائسراءِ لارڊ لنٿگو مسلم ليگ جي اڳواڻن کي چتاءُ ڏنو هو ته برطانيه سرڪار منفي سياست ڪڏهن به برداشت ڪانه ڪندي. سر سڪندر حيات جي معرفت اهڙو اطلاع مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ کي ڏنو ويو. تنهنڪري مسلم ليگ جي گهڻين سب ڪيمٽين پنهنجي لاءِ هڪ لائحه عمل تيار ڪرڻ شروع ڪيو. وائسراءِ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا ڏانهن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته بمبئي جي گورنر مسٽر ليوملي (Lumley) کي اها صلاح ڏني وئي آهي ته هندستان کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو وڃي. شايد سندس مقصد اهو آهي ته هڪ هندن لاءِ، ٻيو مسلمانن لاءِ ۽ ٽيون ڏيهي راجائن لاءِ هجي. اتر ـ اولهه سرحدي صوبي جي گورنر سر جارج ڪننگهام، وائسراءِ ڏانهن لکيو هو ته، “مسلم ليگ جي ڪنوينشن کان موٽڻ بعد سردار اونگزيب کيس ٻڌايو ته هاڻي مسلم ليگ جي تجويز اها آهي ته هندستان کي ڇهن يا ستن حصن ۾ ورهايو وڃي .... ۽ پاڪستان جي اصلي رٿ کان هن نئين تجويز کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي.”
سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا، لارڊ زيٽ لئنڊ، سر فيروز خان نون سان هن موضوع تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. هن صلاح ڏني آهي ته هندستان جي اتر ـ اولهه واري علائقي کي برما جيان هندستان کان الڳ ڪري پاڪستان بنايو وڃي. سيڪريٽري آف اسٽيٽ چيو ته جيڪڏهن اسان اها حڪمت عملي قبول ڪئي ته اهڙا مشڪل مسئلا منهن ڪڍندا، جيڪي نبري ڪو نه سگهندا. فيروز خان نون جو هن حڪمت عمليءَ بابت اهڙو رويو هيو، جو هو هندستان پهچي، هن تجويز جي حمايت ڪو نه ڪندو.
(خط ـ 13 ڊسمبر 1938ع)
ڪئمبرج جي شاگرد چوڌري رحمت عليءَ پاڪستان لاءِ پنهنجي نئين تجويز پيش ڪئي هئي. ڊاڪٽر اقبال پاڪستان لاءِ هڪ جدا رٿ ڏني هئي. هاڻي باقي ڏسڻو اهو هو ته پاڻ برطانيه سرڪار وٽ پاڪستان بنائڻ جو ڪهڙي قسم جو منصوبو هو.
برطانيه وٽ پاڪستان جو ڪهڙو تصور هو
مٿي ڏنل تجويزن ته مسلمانن طرفان ڏنيون ويون، پر آخري فيصلو ته برطانيه سرڪار جي هٿن ۾ هو. جڏهن برطانيه ڏٺو ته سر سڪندر حيات يا مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽيءَ جي پيش ڪيل تجويزن مان سندس مقصد پورو نه ٿو ٿئي ته مسلمانن طرفان پيش ڪيل سڀ رٿون هڪدم رد ڪيون ويون. چوڌري ظفر الله تنهن زماني ۾ وائسراءِ جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو رڪن هو ۽ کيس ٻنهي ملڪن جي نقش پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو. هندستان جي وائسراءِ هن موضوع تي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا ڏانهن 12 مارچ 1940ع تي هيءُ خط لکيو :
“منهنجي هدايتن تحت چوڌري ظفرالله ٻنهي ملڪن متعلق هڪ دستاويز تيار ڪيو آهي. اهو مون اوهان ڏانهن اڳيئي موڪلي ڇڏيو آهي. مون کيس اهو تاڪيد ڪيو آهي ته ان دستاويز کي اڃا به ڪجهه وڌيڪ چٽو ڪري لکي. هن چيو آهي ته اهو ٻيهر لکيل دستاويز جلدئي لکي مون ڏانهن موڪليندو. هن معاملي ۾ هيءُ ڏاڍو محتاط آهي ته جيئن اها ڪنهن کي خبر نه پوي ته اهو منصوبو ۽ دستاويز هن تيار ڪيو آهي. البت هن مون کي اهو اختيار ڏنو آهي ته مان ان منصوبي ۾ ترميم ۽ تبديلي ڪري سگهان. ان منصوبي جي هڪ ڪاپي اوهان ڏانهن موڪلڻ جي به اجازت ڏني اٿائين. ڪجهه ڪاپيون جناح ۽ سر اڪبر حيدري ڏانهن موڪليون ويون آهن. چوڌري ظفرالله هن ڳالهه کان بلڪل انڪاري ٿي ويندو ته اهو پاڪستان وارو منصوبو ڪو هن ٺاهيو آهي. مسلم ليگ به اهو ظاهر ڪندي ته پاڪستان جو ظفر الله هٿان تيار ٿيل منصوبو ۽ دستاويز، مسلمانن جي هن پارٽيءَ جانفشاني ۽ محنت ڪري پاڻ جوڙيو آهي ۽ پنهنجي طرفان ئي اخبارن کي ڏئي شايع ڪرائيندي.
وائسراءِ اڳتي هلي سمجهائيندي چوي ٿو ته ظفرالله قادياني آهي، تنهن ڪري ڏاڍو محتاط آهي. سندس خيال آهي ته مسلمانن کي جيڪڏهن پتو پوندو ته پاڪستان جو نقشو ۽ منصوبو تيار ئي هڪ قاديانيءَ ڪيو آهي ته هٿن مان نڪري ويندا ۽ تمام گهڻي ردعمل جو اظهار ڪندا. وائسراءِ اهو به چوي ٿو ته ان منصوبي جي هڪ ڪاپي جناح کي به ڏني وئي آهي، انهيءَ لاءِ ته جيئن سمجهيو وڃي ته پاڪستان جو نقشو ۽ منصوبو خود مسلم ليگ تيار ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن پاڻ ئي اخبارن ۾ ڏيندا ته ڳالهه وڌيڪ سگهاري ٿي ويندي. سر اڪبر ڏانهن ڪاپي ان ڪري موڪلي وئي هئي، جو هن صاحب پاڪستان واسطي چندو گهڻو ڪٺو ڪيو هو. هن مامري ۾ تاريخن کي وڏي اهميت آهي. وائسراءِ، سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڏانهن 12 مارچ 1940ع تي خط لکيو. پاڪستان بابت نقشو ۽ رٿ کيس گهڻو وقت اڳي موڪلي ڏني هئائين. ٻارنهن ڏينهن پوءِ مسلم ليگ جي لاهور واري سالياني اجلاس ۾ لارڊ لنلگهو جي هدايتن تي چوڌري ظفرالله هٿان تيار ڪيل منصوبو، مسلم ليگ پنهنجي تيار ڪيل رٿ جي صورت ۾ پيش ڪيو، جنهن کي قرار داد پاڪستان سڏيو ويندو آهي.
وائسراءِ جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل طور ظفرالله جي ملازمت جو مدو مارچ ۾ پورو ٿيڻو هو. هو برطانيه سرڪار جو وفادار هو، ان ڪري سندس عهدي جي مدي ۾ توسيع ڪئي وئي هئي.. لاهور واري پاڪستان جي قرارداد پاس ٿيڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ تاريخ 25 مارچ 1940ع تي وائسراءِ لکيو آهي ته.
“ڪانگريس وارا فطرت خلاف هڪ دعوى ڪري رهيا آهن، جيڪا هو پاڻ به سمجهن ٿا ته قبول ڪرڻ جي لائق ڪا نه آهي. جواب ۾ جناح به هڪ ناقابل قبول دعوى ڪندو، جنهن کان هو به پوري ريت باخبر آهي. هتي اهڙو وايو منڊل موجود آهي، جو ڪانگريس جي ڏنل تجويزن خلاف مسلمانن جو رويو مخالفانه هوندو آهي. هن مان سندن اهو به مقصد هوندو ته هن وقت تائين ڪانگريس، مسلم ليگ تي الزام هڻندي آئي آهي ته وٽس پنهنجون تيار ڪيل تعميري تجويزون موجود ڪو نه آهن، سو اها تهمت مٿانئن لهي ويندي.
مسلم ليگ، برطانيه جي کيسي ۾ پيل پارٽي.
جڏهن مسلم ليگ، وائسراءِ جو ڏنل منصوبو قبول ڪيو، جيڪو سر ظفرالله تيار ڪيو هو ته برطانيه سرڪار هن کي پنهنجي خاص اعتماد جوڳي پارٽي سمجهيو. ان ڪري اها هڪ فطري ڳالهه بڻجي وئي ته برطانيه سرڪار مسلم ليگ کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ پارٽيءَ کي مسلمانن جي نمائنده پارٽي ڪو نه ٿي سمجهيو. ان ڪري اها هڪ فطري ڳالهه بڻجي وئي ته برطانيه سرڪار مسلم ليگ کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ پارٽيءَ کي مسلمانن جي نمائنده پارٽي ڪو نه ٿي سمجهيو.
ان زماني ۾ مسلمان قومپرستن جو وڏو ميڙ دهلي ۾ اچي ڪٺو ٿيو هو، ان اجتماع جي صدارت سنڌ جي تڏهوڪي وزيراعلى الله بخش سومري ڪئي هئي. سيڪريٽري آف اسٽيٽ، لارڊ زيٽ لئنڊ هندستان جي وائسراءِ ڏانهن ان اجلاس بابت رپورٽ ڏيڻ لاءِ لکيو. 14 مئي 1940ع تي وائسراءِ هن ريت جواب موڪليو:
“ ٻه ٽي ڏينهن اڳ، جيڪا دهليءَ ۾ مسلمانن جي ڪانفرنس ٿي هئي، تنهن کي آءُ اهميت ڪو نه ٿو ڏيان. ان ميڙ جو انتظام ڏاڍي بهتر نموني سان ڪيو ويو هو. ڪانگريس پريس ان کي گهڻو ساراهيو هو. اسان ٻئي هن حقيقت کان پوريءَ ريت باخبر آهيون ته اهڙيون اهم مسلمان شخصيتون به آهن، جيڪي مسلم ليگ کان ٻاهر آهن، پر اسان جي لاءِ ضروري آهي ته جناح کي ئي مسلمانن جو نمائندو سمجهون.”
برطانيه سرڪار ڄاڻي ٻجهي انهن مسلمانن کي اهميت ڪانه ٿي ڏني، جيڪي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪانگريس سان گڏ هئا. سندن ايمان کي اعتراض جوڳو قرار ڏنو ٿي ويو. هڪ چونڊيل وزير اعلى جي سڏ تي مسلمانن جون سؤ کن وڏيون شخصيتون اچي دهليءَ ڪٺيون ٿيون هيون، پر کين نج مسلمان به ڪو نه سمجهيو ويو هو. هندستان جي وائسراءِ پنهنجي واضع لفظن ۾ اهو لکيو هو، “جناح اسان جو پنهنجو ۽ اعتماد جوڳو ماڻهو آهي، تنهنڪري اسان کيس هندستان جي مسلمانن جو اڪيلو نمائندو مڃيون ٿا.”
خاڪسارن جي به خاص حيثيت هئي. هنن لاءِ ٻين مسلمانن کي اعتراض اهو هو ته هو انگريز سرڪار جي مدد ڪو نه ڪري رهيا آهن. اها حقيقت ائين ڪانه هئي هنن ڏاڍي عاجزانا طريقي سان انگريزن کي مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. تاريخ 24 مئي 1940ع تي وائسراءِ لکيو آهي ته، “خاڪسارن هلندڙ جنگ ۾ پنهنجي 50000 هزار ماڻهن جي مدد ڏيڻ جي مون کي نئين آڇ ڪئي آهي.”
خاڪسارن جرمنيءَ خلاف لڙڻ جي، انگريزن کي جيڪا پنهنجي مدد جي آڇ ڪئي هئي، جناح جي انڪاري رويي ڪارڻ قبول ڪا نه ڪئي وئي. ان لاءِ وائسراءِ جا لفظ آهن ته : “جناح، خاڪسارن جي ذميداري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هنن سندس هڪ به صلاح قبول ڪا نه ڪئي هئي.” ان ڪري وائسراءِ هيٺين خيالن تي قائم رهيو.
“پنجاب ۾ خاڪسارن جي طرز عمل کي نظر ۾ رکندي، مان مناسب اهو سمجهان ٿو ته انهن سان يا سندن اڳواڻن سان ڪا لکپڙهه نه ڪريان، اهو به ارادو ڪيو آهي ته سندن موڪليل ٽيليگرامن جو جواب به نه ڏيان.” برطانيه سرڪار پنهنجي رويي مان هندستان جي مسلمانن کي اهو جتائي رهي هئي ته مسلم ليگ کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن کي مسلمانن جي نمائنده پارٽي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪا نه هئي. برطانيه سرڪار جي راضپي واسطي مسلمان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مجبور هئا. ڪجهه عرصو اڳ برطانيا سرڪار هن سبب ڪري ڪانگريس سان تعلقات ڇني ڇڏيا، ڇاڪاڻ ته هن پارٽيءَ هلندڙ جنگ ۾ انگريزن جي مدد ڪرڻ کان کليو انڪار ڪيو هو. انگريزن جي رويي ۾ تضاد ۽ منافقي هن مان به ظاهر هئي ته هنن جنگ ۾ امداد طور خاڪسارن جي 50000 ماڻهن جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو، ٻيءَ طرح ڪانگريس کان ان ڪارڻ ناراض هئا، جو ان جنگ ۾ پنهنجي پنجاهه هزار ماڻهن ڏيڻ کان انگريزن کي کتو جواب ڏنو هو.
(Facts are facts) (ص 28 ـ 31)
(2) 1941ع جي آخر ڌاري خانبهادر کهڙي مون کي ٻڌايو ته پنجاب جو وزيراعظم سر سڪندر حيات مصر وڃڻ لاءِ ڪراچي آيل آهي، ساڻس ملجي ته بهتر آهي. آئون خانبهادر کهڙو، الهه بخش سومرو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ، ڪارلٽن هوٽل ڪراچي صدر ۾ ساڻس ملياسون ۽ مختلف مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي سون. ٻين ڳالهين کان سواءِ هن الهه بخش کي چيو ته “ڏاڍو سٺو ٿيو جو اوهان جي قيادت ۾ سنڌ اندر آل پارٽيز حڪومت ٺهي آهي ۽ مون کي (جي ايم سيد کي) چوڻ لڳو ته “تون ڏاڍو سُٺو ڪيو، جو آل پارٽيز حڪومت قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هاڻي توهان سنڌ جي مفادن وارا بِل (قانون انتقال ايراضي، قرضن جي معافي ۽ ٽيننسي ائڪٽ وارا بل) آسانيءَ سان پاس ڪرائي سگهندؤ.” ڳالهيون هلندي هُن الهه بخش کي چيو ته “توهان کي هاڻي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي.” اُن تي کيس الهه بخش جواب ڏنو ته “آءُ مسلم ليگ ۾ شامل ڪونه ٿيندس، ڇو ته منهنجيءَ سمجهه مطابق مسلم ليگ جو وجود سنڌ، برصغير جي مسلمانن جي مفادن ۽ خود اسلام جي لاءِ نقصانڪار آهي.” سر سڪندر حيات ان تي کيس چيو ته “آئون جو مسلم ليگ ۾ آهيان.” ان تي الهه بخش چيس ته “اوهان ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب اسيمبليءَ ۾ پاڪستان اسڪيم جي خلاف تقرير ڪئي آهي، مون کي اها خبر نه ٿي پوي ته توهان پاڪستان جي اسڪيم جا به مخالف آهي ۽ مسلم ليگ ۾ به رهو ٿا، گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ضمير اهڙي ٻٽي پاليسي اختيار ڪرڻ جي مون کي اجازت نه ٿو ڏئي. آئون سمجهان ٿو ته پاڪستان مسلمانن لاءِ نقصان ڪار ٿيندو ۽ سنڌ جي مفادن لاءِ پڻ زهر قاتل ثابت ٿيندو.” ان تي سر سڪندر حيات وراڻيو : “ائين ته مسلم ليگ جو مرڪزي صدر مسٽر جناح به پاڪستان جي فائدي ۾ نه آهي، جنهن جي لاءِ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جون شاهديون موجود آهن. مُون به جناح جي ئي پاليسيءَ تحت پاڪستان جي مخالفت ڪئي آهي.” ان تي الهه بخش کيس چيو “ ته مون کان اها منافقي نه ٿيندي. اوهان ۽ جناح صاحب ڪري سگهون ٿا.”
اُن کان پوءِ سر سڪندر حيات سڌو قاهره (مصر) هليو ويو. هيءُ اُهو وقت هو، جڏهن جرمن جنرل روميل سووئيز ڪئنال تي قبضي ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو هو ۽ اُن جي مقابلي ۾ پنجابي، سک ۽ مسلمان لشڪر، جنرل منٽگمريءَ جي قيادت ۾ وڙهي رهيو هو. سر سڪندر حيات پنجابي فوجن جو مورال وڌائڻ لاءِ تقريرون ڪرڻ واسطي گهرايو ويو هو. سر سڪندر حيات تمام وڏي وفاداريءَ سان هندستاني فوجن کي خطاب ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ جنرل روميل جو حملو پسپائيءَ ۾ بدلجي ويو. انهيءَ صلي ۾ سر سڪندر حيات سان قاهره ۾ سرونسٽن چرچ (وزيراغطم انگلستان) ملاقات ڪئي ۽ سندس ٿورو مڃيو ته “اوهان اسان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، ۽ ڪانگريس ڏکئي وقت ۾ اسان جي مشڪلاتن ۾ بي پناهه وڌارو ڪيو آهي. اُن ڪري ڪانگريس ڪنهن به طرح اسان جي توجهه ۽ ساٿ جي لائق نه آهي، تنهنڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته ننڍي کنڊ ۾ هاڻي 40 ڪروڙ ماڻهن جي مخالفت سبب اسان وڌيڪ وقت رهي نه سگهنداسون. جنگ (ٻي مهاڀاري لڙائيءَ) جي خاتمي کان پوءِ ڪانگريس کي سبق سيکارڻ لاءِ هندستان جو ورهاڱو ڪري، “هندستان” ۽ “مسلمان هندستان” ٺاهي ننڍو کنڊ خالي ڪري وينداسون. تُون، جناح صاحب کي منهنجو نياپو وڃي ڏي ته “ڊڄڻ جي ڪا به ڳالهه ڪانهي، اسان توهان جا سڀ مطالبا پورا ڪنداسون. اهڙي تصديق تون وائسراءِ کان وٺي سگهين ٿو.” اهو نياپو کڻي سر سڪندر حيات قاهره کان سڌو بمبئيءَ پهتو ۽ جناح صاحب سان ملاقات ڪيائين. جناح صاحب چرچل جي پيغام جي بمبئيءَ جي گرونر وسيلي وائسراءِ کان تصديق ڪرائي. وائسراءِ، جناح صاحب کي دهليءَ گهرايو ۽ کيس چيائين ته “اسان هندستان جي ورهاڱي وارو آئين اڳ ۾ ئي ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اُن جي تصديق تون مسٽر ظفرالله وٽان ڪري سگهين ٿو. پر شرط اهو آهي ته ڪانگريس سان تون ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندين.” جناح صاحب ساڻس وعدو ڪيو ۽ ڪانگريس جي خلاف ويتر وڌيڪ سرگرم ٿي ويو.
ممڪن آهي ته منهنجي انهيءَ بيان کي ايجاد بنده سمجهيو وڃي، اُن ڪري آئون پنهنجيءَ انهيءَ ڳالهه جي تصديق لاءِ هڪ ڪتاب جو اقتباس پيش ڪري رهيو آهيان. ڪتاب آهي “مارشل سي مارشل لا تڪ” اُن جو ليکڪ “سيد نور احمد” لکي ٿو ته :
“سر سڪندر حيات “قرارداد لاهور” کان پوءِ ذهني طرح اُن کي قبول ڪري نه سگهيو هو، ڇو ته هو صوبائي خودمختياريءَ جو قائل هو، نه ڪِه مسلم قوم جي خودمختياريءَ جو، جنهن جو ذڪر “قرارداد لاهور” ۾ ڪيو ويو هو. هُو (سر سڪندر حيات) ورهاڱي جي مقصد جو حامي هو، پر سندس ڪوشش هُئي ته پنجاب بهرحال متحد (سالم) رهي. شايد هن کي اميد هُئي ته پنجاب جي سالميت واري مسئلي ۾ پنجابي هندو ۽ سک، سندس نقطئه نظر مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. هن اُن مقصد لاءِ مسلم ليگ کان الڳ هڪ عجيب ڪوشش ڪئي. برطانوي حڪومت جي چوڻ تي هو ٻه دفعا جنگ جي محاذن تي هندستاني (پنجابي) سپاهين جي همت وڌائڻ لاءِ ويو هو. ٻئي دوري ۾ جيڪو 42ـ1941ع جي سياري ۾ ٿيو، هن کي قاهره ۾ چرچل سان ملاقات ۽ گفتگوءَ جو موقعو مليو. هن واپسيءَ تي پنهنجي ڪابينا جي ڪجهه ساٿين (جن ۾ چوڌري ڇوٽورام به شامل هو) ۽ ڪجهه ٻين دوستن کي ٻڌايو ته چرچل سان هن جي گفتگوءَ جو هڪ موضوع هندستان جو آئيني مسئلو به هو. سر سڪندر جو چوڻ مطابق هن چرچل تي ٻه ڳالهيون واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي :
(1) برطانوي دولت مشترڪه جي جنگين جي فتح لاءِ هندستان جو جيڪو صوبو حقيقي مدد ڏئي ٿو، سو پنجاب آهي، ۽ جيڪو طبقو دلي وفاداريءَ سان تعاون ڪري ٿو، اُهي پنجاب جون مارشل قومون آهن. جيڪڏهن هندستان جي آزاديءَ جي نالي تي اهڙو آئين ٺاهيو ويو، جنهن تحت ڪانگريسي پنڊت ۽ برهمڻ مرڪزي حڪومت جي ذريعي پنجاب ۽ اُن جي قومن تي حڪومت ڪرڻ جا مجاز هُجن ته اها بي انصافيءَ ۽ احسان فراموشيءَ جي انتها ٿيندي.
(2) وفادار پنجاب ان ڳالهه جو حقدار آهي ته ان کي هڪ الڳ بيٺڪ (Dominon) جو سربراهه بنايو وڃي، جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ صوبو سرحد شامل هجن. اهو مقصد سولائيءَ سان حاصل ٿي سگهي ٿو، بشرطيه ڪ برطانوي سرڪار جا مدبر اُن مقصد جي فائدي جا قائل ٿي وڃن، ته اُها بيٺڪ (Dominon) هر حالت ۾ برطانيا جي ڀروسي جوڳي دوست ثابت ٿيندي. اُن بيٺڪ (Dominon) ۽ هندستان جي باقي حصن جي دفاع جو انتظام ڪجهه عرصي تائين برطانيه جي زيرنگراني گڏيل رهڻ گهرجي. پوءِ گڏيل سمجهوتن مطابق عمل ٿيندو رهندو. اقتصادي لحاظ کان ان بيٺڪ (Dominon) جي خود ڪفيل ٿيڻ ۾ ڪو به شڪ شبهو ٿي نه ٿو سگهي.
سر سڪندر جي ان گفتگوءَ مان چرچل ڪهڙو اثر قبول ڪيو، اُهو چوڻ مشڪل آهي. جيڪي ڳالهيون سر سڪندر چيون، اهي ظاهر ۾ ته چرچل جي دل ۾ ويهي وڃڻ واريون هيون ۽ اُن لاءِ ئي چيون ويون هيون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان کان ڪجهه مهينا پوءِ (مارچ 1942ع ۾) چرچل مختلف طرفن کان دٻاءَ هيٺ هندستان جي لاءِ جنگ کان پوءِ آزاديءَ جي هڪ اسڪيم جو بنياد اهو هو ته صوبن کي ان ڳالهه جو موقعو ڏنو ويندو ته جيڪڏهن اُهي چاهين ته هندستان جي يونين کان الڳ ٿي سگهن، برطانوي سرڪار انهن کي الڳ بيٺڪ (Dominon) جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندي. جيڪڏهن برطانوي ڪابينا جي اها اسڪيم سر سڪندر جي خانگي اپيل جو نتيجو هُئي ته حالتن سر سڪندر کي ٻيهر مايوس ڪيو، ڇو ته اُن اسڪيم کي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻنهي رد ڪري ڇڏيو. پر ان اسڪيم سان “پاڪستان” جي اُن مقصد کي اُن حد تائين تقويت ضرور ملي، ته برطانوي سرڪار جي آڇ جي ذريعي ملڪ جي ورهاڱي جي رٿ، عملي سياست جي دائري ۾ شامل ٿي وئي.”
(مارشل سي مارشل لا تک ـ ص 5ـ204 سيد نور احمد ـ بروايت راجا غضنفر ـ ڇپيل 1965)
هن اقتباس ۾ ٻه ڳالهيون غور طلب آهن. پهرين ته جيڪي ڪجهه مون بيان ڪيو آهي، اُن ۾ ڄاڻايو اٿم ته ورهاڱي جي تجويزر چرچل پنهنجي طرفان پيش ڪئي ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. جڏهن ته ڪتاب مطابق اها تجويز سر سڪندر حيات پيش ڪئي، جنهن کي چرچل عملي روپ ڏيڻ جو نه رڳو وعدو ڪيو، پر سراسٽئفورڊ ڪرپس “Crepsunission” جي ذريعي اُن جو عملي ثبوت به ڏنو.
ٻي اها ته سڪندر حيات جي تجويز ۾ سنڌ، سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب جو گڏيل وفاق، جنهن جي سربراهي پنجاب وٽ هجي ۽ جيڪو انگريزن (سامراج) جو مڪمل طرح وفادار هجي. ڇا، موجوده پاڪستان ۽ ان جي هُوبهو شڪل نه آهي؟ يقيناً آهي، ته پوءِ ليکڪ ڪين ٿو چوي ته سڪندر حيات کي مايوس ٿيڻو پيو. اُن ڪري اسان اِهو وسهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته هيءُ سمورو ڊرامو انگريز سامراج اسٽيج ڪيو ۽ اسان جي مسلمان سياستدان اُن ۾ ڀرپور اداڪاري ڪندا رهندا.
جناح صاحب اهو ڪردار چڱيءَ طرح ادا ڪندو رهيو، جيستائين مسٽر چرچل، برطانيا جي وزارت اعظمى تي فائز رهيو. پر جيئن ئي چرچل جنگ کان پوءِ اليڪشن ۾ شڪست کاڌي ۽ مسٽر ائٽلي اقتدار ۾ آيو ته جناح صاحب ليبر پارٽيءَ ۽ اُن جي ليڊرن جو رويو ڏسي، يڪدم ورهاڱي تان هٿ کڻي ويو ۽ هُن ڪئيبنٽ مشن پلان قبول ڪري ورتو، جيڪو ڪامياب صرف ڪانگريس جي ضد جي ڪري نه ٿي سگهيو ۽ جناح وري پنهنجي پراڻي مطالبي تي موٽي آيو ـ ڇو ته کيس برطانوي دوستن يقين ڏياريو ته هاڻي انگريز گهڻو وقت هندستان ۾ نه رهندا، اهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هن جنجال مان جان ڇڏائڻ چاهين ٿا. اُن مان هُن (جناح) سمجهيو ته ليبر پارٽي به چرچل جي سمورين پاليسين کي ر ڪرڻ مناسب نه ٿي سمجهي ۽ برصغير ۾ اڳتي جي لاءِ برطانوي اثر رسوخ برقرار رکڻ لاءِ ورهاڱي ضروري سمجهي ٿي. ان ڪري هو (جناح) وري موٽي ورهاڱي واري موقف تي شدت سان اصرار ڪرڻ لڳو.
آئون جيڪي ڪجهه چئي آيو آهيان، اُن مان اها ڳلاهه چٽيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿي ته پاڪستان تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ ملڪ نه هو ۽ نه ئي وري 1940ع تائين ان ملڪ کي حاصل ڪرڻ جو ڪنهن جماعت وٽ واضع پروگرام ئي هو. اها ته انگريزن جي مهرباني ٿي، جو هنن پنهنجي وفادارن کي نوازڻ لاءِ هڪڙو علائقون ڏئي ڇڏيو، جيڪو اسان جي موجوده مصيبت جو ڪارڻ بنيو آهي.
مُون مٿي اهو چيو آهي ته اها (پاڪستان) انگريزن جي مهرباني آهي، ان سلسلي ۾ آئون پاڪستان جي هڪ اڳوڻي وزيراعظم سر فيروز خان جي ڪتاب “چشم ديد” مان هي اقتباس پيش ڪري ٿو : “ ڇا جي مسلم ليگ ڇاجي ڪانگريس، ڇا جي آزادي پهرين جنگ عظيم ۾ اسان پنجابين انگريزن جي فتح ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو ۽ وفاداريءَ سان وڙهياسون. نتيجي ۾ انگريزن اسان جي وفاداريءَ جو صلو 1935ع جي انڊيا ائڪٽ جي صورت ۾ ڏنو ۽ ٻي مهاڀاري جنگ اسان ساڳيءَ ئي وفاداريءَ واري جذبي سان انگريزن لاءِ وڙهيا سون ۽ برطانوي اقتدار کي دنيا تي قائم رکڻ لاءِ اسان پنهنجا بهترين فرزند آفريقا، ايشيا ۽ يورپ ۾ مارايا ۽ انهيءَ ئي وفاداري جي صلي ۾ هنن اسان کي پاڪستان ڏنو.”
[ ڪتاب : چشم ديد، مصنف فيروز خان نون ]
واضع رهي ته هيءُ ڪتاب سر فيروز خان نون، وزيراعظميءَ تان لهڻ کان پوءِ لکيو آهي. اِن مان “نظريه پاڪستان” ، “نظريه اسلام” ۽ جدوجهد آزادي” جي باري ۾ پاڪستان حڪمرانن جو نقطئه نظر اوهان جي سامهون اچي سگهي ٿو.
ان ڪري منهنجو نقطئه نظر هيءُ رهيو آهي ته پاڪستان جي نالي مُلڪ، تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ دنيا جي نقشي تي ڌار موجود نه رهيو آهي، نه ئي ان نالي واري ملڪ جي انساني تاريخ جي تهذيبي دور ۾ ڪائي تهذيب، زبان ۽ جاگرافي موجود رهي آهي. هيءُ صرف انگريزن پنهنجي مفادن ۽ پنهنجي وفادار ماڻهن جي مفاد کي پوري ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو، ته جيئن اهي پنهجي عالمي بالادستيءَ لاءِ مختلف علائقن ۾ پنهنجا اڏا قائم رکي سگهن. هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته انگريزن برصغير جي عوام سان جيڪو دوکو ڪيو، تاريخ هنن کان ان جو شديد انتقام ورتو ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي ختم ٿيڻ کان پوءِ سندس عالمي بالادستيءَ واري حيثيت به ختم ٿي وئي ۽ سندن قائم ڪيل اڏا نئين اڀريل آمريڪي سامراج جي ڪتب اچڻ لڳا.
مون کي يقين آهي ته جهڙي طريقي سان تاريخ ڏاڍي بي رحميءَ سان برطانوي سامراج جو سج، بحرِ هند جي گهرين پاڻين ۾ ٻوڙي ڇڏيو، اهڙي ئي طريقي سان سندن ايجنٽن جي برپا ڪيل نظام جو سج به عربي سمنڊ (سنڌي سمنڊ) جي گهراين ۾ هميشه لاءِ غروب ٿي ويندو.
پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو ۽ چيو اهو ويو ته هن ملڪ ذريعي اسلامي نظام حڪومت قائم ڪيو ويندو ۽ مسلمان دُنيا جي ٻين قومن کان سڌريل آهن، اُن ڪري کين دنيا جي امامت ڪرڻ جو حق آهي ۽ اهو حق هنن کي پاڪستان ذريعي وڌيڪ حاصل ٿيندو ته جيئن اُهي صحيح طريقي سان دنيا جي امامت ڪري سهگن. پر اِهو تصور سراسر غير سياسي، غير مذهبي ۽ غير انساني ۽ ڌوڪي تي ٻڌل هو. ان ڪري، جو نه مسلمان دُنيا جي چونڊيل ۽ ڌُڻيل قوم هئا ۽ نه ئي مذهب ۽ سياست جي امتزاج سان ڪا اسٽيٽ ئي اڄ ڏينهن تائين وجود ۾ آئي هُئي.
اسلام جي ڪجهه ابتدائي سالن کان پوءِ جيڪي به مسلم حڪومتون رهيون آهن، سي مسلمانن جون “قومي حڪومتون” ته ضرور هيون، جن جو بنياد آمريت، استبداد ۽ وحشيانه قتل و غارتگريءَ تي هو، پر اُهي عام مسلمانن بدران بادشاهن جون ذاتي جاگيرون هيون، جن سان اسلام جو ڪو به واسطو نه هو. پيغمبر اسلام حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم، انسان جي اخلاق ۽ روحاني رهبريءَ جو پيغمبر هو، نه ڪِ هڪ ظالم حڪمران، جيڪو تشدد ۽ تلوار جي زور تي مسلمانن کي حڪومتون وٺي ڏيڻ لاءِ وڙهندو ٿي رهيو. حڪومتي نظام جي سلسلي ۾ رسول اڪرم صلعم جا واضع اشارا ۽ ارشاد موجود آهن، جن جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته حڪومتي معاملن سان سندن ڪو به سروڪار ڪو نه هو. اِن سلسلي ۾ پهريون واقعو “هجرت حبشيه” جو پيش ڪريان ٿو، جنهن جو تعلق مسلمانن جي هڪ هجرت سان آهي :
“سن 5 هجري نبوي ۾ مڪي وارن جي ظلم ۽ زيادتيءَ کان تنگ ٿي مسلمانن جو هڪ گروهه حضرت جعفر طيار جي اڳواڻيءَ ۾ حبش جي بادشاهه نجاشيءَ جي دربار ۾ پناهه حاصل ڪرڻ لاءِ پهتو ۽ اُهو وفد پاڻ سان رسوالله صلعم جو هڪ خط به کنيو ويو. جنهن ۾ نجاشيءَ کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت هُئي ــ ۽ اُها دعوت هن قبول ڪئي ۽ مسلمان ٿي ويو. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ رسول اڪرم صلعم هن کي ائين نه چيو ته تون پنهنجي ملڪ ۾ “قرآني نظام” نافذ ڪر ۽ بادشاهت تان دستبردار ٿي منهنجي ماتحت ٿي. پر ان کي بادشاهت تي برقرار رهڻ ڏنائون ۽ سندس نظام حڪومت ۾ ڪنهن به تبديلي جي خواهش نه ڏيکاريائون”.
(ڪتاب سيرت النبي از مولانا شبلي نعماني حصو ـ 1
بحواله : سياسي و ثيقه جات ـ از ڊاڪٽر محمد حميدالله ص 47ـ48)
ان مان خبر پوي ٿي ته رسول اڪرم صلعم نظام حڪومت بابت ڪا به مداخلت ڪرڻ يا قومن جي آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪانه ڪئي.
ان کان سواءِ پاڻ مختلف بادشاهن ڏانهن اسلام جي دعوت جي سلسلي ۾ جيڪي خط لکيااٿن، تن جي آخر ۾ هيءُ جُملو ضرور لکيو اٿن “اسلَم تَسلِم مرّتين” (اسلام قبول ڪر، سلامت رهه ٻه دفعا) انهيءَ جُملي جي تشريح ڪندي ممتاز عالم دين ۽ برصغير جي آزاديءَ جو هڪ مجاهد، مولانا حفظ الرحمان سيهاروي لکي ٿو : “ٻه دفعا سلامت رهڻ،” جو مطلب هيءُ آهي ته پنهنجي بادشاهت تي برقرار رهه ۽ آخرت ۾ به سلامت رهه (ڪتاب البلاغ المبين ـ دارالمصنفين، دهلي)
اسلام جي ان ابتدائي نموني مان اسان کي خبر پوي ٿي ته رسول اڪرم کان پوءِ عربن جيڪي به جنگيون ڪيون ۽ ملڪ فتح ڪيا، سي عرب سلطنت جي توسيع ۽ هوس گيريءَ لاءِ هُئا، نه ڪِ “اسلامي حڪومت” قائم ڪرڻ لاءِ. هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم کي سندن زندگيءَ ۾ ئي جزيره عرب تي اقتدار حاصل ٿي ويو ۽ اُن ۾ پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجي “علمِ نبوت” مطابق ماڻهن کي زندگيءَ گذارڻ تي رضاڪارانه تيار ڪيو. اِن ڪري اسان سمجهون ٿا ته اسلام جي نالي ۾ زمين جو ڪو خطو مخصوص ڪرڻ ۽ اُن جو نالو “پاڪستان” رکڻ خود نبوي تعليمات جي خلاف آهي. جيتوڻيڪ جزيره عرب کي رسول الله جي پيدائش ۽ قرآن پاڪ جي نزول جي ڪري هڪ قسم جو تقدس حاصل هو ۽ آهي، پر پوءِ به اُن جو نالو رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم “پاڪ آستان” ڪونه رکيو. ان سلسلي ۾ برصغير جو مشهور عالم ۽ ننڍي کنڊ جي جنگ آزاديءَ جي سپهه سالارن مان هڪ، مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي مشهور ڪتاب “انڊيا ونس فريڊم” ۾ لکي ٿو :
“مون کي ان جو اعتراف آهي ته پاڪستان جو نالو ئي منهنجيءَ نڙيءَ مان نٿو لهي. ان مان اهو خيال پيدا ٿئي ٿو ته دنيا جا ڪجهه حصا پاڪ ۽ ڪجهه ناپاڪ آهن، پاڪ ۽ ناپاڪ علائقن جي هيءَ ورهاست کي تسليم نٿو ڪري. حضرت محمد صلعم فرمائي ٿو ته “خدا سڄيءَ دنيا کي منهنجي لاءِ مسجد بنايو آهي.” (انڊيا ونس فريڊم ص 142)
انهيءَ سلسلي ۾ هو اڳتي وڌيڪ لڳي ٿو ته :
“مختلف اهڙن علائقن کي جيڪي جاگرافيائي، اقتصادي، لساني ۽ سماجي لحاظ کان هڪ ٻئي کان جدا هجن، تن کي صرف مذهب جي بنياد تي گڏ رکڻ وارو نظريو عوام کي دوکي ڏيڻ کان سواءِ ڪا حيثيت نٿو رکي. هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اسلام هڪ اهڙي معاشري قائم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي، جيڪو نسلي، لساني، معاشي ۽ سياسي حدبندين کان مٿاهون هجي، پر تاريخ شاهد آهي ته اسلام جي ابتدائي چاليهن سالن ۽ وڌ ۾ وڌ هڪ صديءَ کي ڇڏي، اسلام ڪڏهن به سڀني مسلمان ملڪن کي رڳو مذهب جي بنياد تي گڏ رکي نه سگهيو آهي. اها صورتحال اڳ به هُئي ۽ هاڻي به آهي.”
(India Wins Freedom: p 227)
برصغير جو ورهاڱو “ٻه قومي نظريي” (Two Nation Theory) جي اصول تي قبول ڪرائي، پاڪستان جو قيام عمل ۾ آندو ويو هو ۽ ان سلسلي ۾ تاريخ ثابت ڪيو آهي ته مسلم قوم ۽ اسلامي نظام حڪومت جو نعرو هڻندڙ پنهنجن طبقاتي مفادن جي حاصلات ۽ حفاظت لاءِ مسلم عوام کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ هنيو هو. مسلم قوم جو نظريو غلط ۽ فرسوده آهي، ۽ ان جي بنياد تي پاڪستان جو استحڪام ۽ يڪجهتي ناممڪن آهي. اسلامي (مذهبي) نظام حڪومت پڻ هڪ وڏو ڌوڪو آهي. اها راءِ رڳو منهنجي نه آهي، پر اسلامي تعليمات جي وڏن ڄاڻن ۽ عالمن جي راءِ آهي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي سرزمين سنڌ ۽ برصغير ۾ علمي ۽ سياسي حثيت سان وڏو مقام حاصل آهي. مولانا پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان ٿورو اڳ هندستان ڇڏي افغانستان ويو، جتان ترڪستان، روس، ترڪي ۽ حجاز ۾ رهي، 22 سالن جي تجربي بعد موٽي وطن (سنڌ) آيو. انهن ملڪن ۾ رهڻ مختلف ماڻهن سان ملڻ ۽ دنيا ۾ نين تبديلين بعد هن مذهبي ۽ سياسي مسئلن بابت ڪي نتيجا ڪڍيا هُئا. سندس چوڻ هو ته :
“هندستاني مسلمانن جي ذهن تي پنهنجي “شخصيت” بنسبت هڪ وهمي تصور ويٺل آهي، جنهن جو عملي دنيا ۾ ڪو وجود ئي ڪو نه آهي.
اسان ڪنهن زماني کان هڪ اهڙي اسلامي جماعت ۽ قوم جو نالو وٺي رهيا آهين، جنهن بابت نه اسان جي ذهنن ۾ ڪو صحيح نقشو موجود آهي، نه اُهي دنيا ۾ ڪٿي وجود ۾ آهن. اسان پاڻ کي هڪ اهڙيءَ خيالي دنيا ۾ محدود ڪري ڇڏيو آهي، جو نه رڳو اسان ٻين مسلمان ملڪن جي آزاديءَ ترقيءَ لاءِ جدوجهد جي تاريخ کان غيرواقف رهجي ويا آهيون، پر خود پنهنجي ملڪ ۾ اسان جي سامهون ڪو مقرر ٿيل عملي نظريو موجود نه آهي.”
(ملفوظات ـ مولانا عبيدالله سنڌي)
مولانا جي اخذ ڪيل نتيجن جو اختصار هن ريت آهي :
(1) صحيح اسلامي سوسائٽيءَ جو وجود يا اُن نسبت ڪو مستقل نظريو، اڄڪلهه دنيا جي مسلمان وٽ نه آهي ۽ نه ڪا مسلمان حڪومت ان مطابق هلي رهي آهي.
(2) موجوده بين الاقوامي حالتن ۽ مسلمان ملڪن جي پست حاليءَ ڪري پئن اسلامزم جي تجويز لائق عمل نه رهي آهي، تنهنڪري مسلمان ملڪن جو نظام جديد قومپرستيءَ جي بنياد تي ٺاهڻ گهرجي.
(3) هندستان مختلف خطن ۾ ورهايل ماڻهن جو برصغير آهي، ان ۾ رهندڙ ماڻهو زبانن، ڪلچرن، قديم روايات، جاگرافيائي حدود ۽ سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي بنياد تي جدا قومون آهن.
انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جو عالم ۽ منهنجو روحاني استاد علامه آءِ. آءِ قاضي، مذهب جي بنياد تي نفرت پيدا ڪري پاڪستان قائم ڪرڻ جو مخالف هو. سندن ان سلسلي ۾ هڪ مضمون سنڌي اخبار “قرباني” ۾ 22 فيبروري 1947ع تي ڇپيو هو، جنهن جا ڪجهه حصا هتي ڏيڻ چاهيان ٿو :
“هن وقت اسان کي هڪ پليٽفارم (مسلم ليگ) تي ڪٺو ڪيو ويو آهي، اُميد اها هُئي ته ان طريقي سان اسان چڱائيءَ جي ڪمن سرانجام ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي هلڻ جي لائق ٿينداسون. پر افسوس ته اُن اُميد جي پوري ٿيڻ جي علامت نظر ڪانه ٿي اچي ............. ان تنظيم جو مثال اهڙو آهي، جيئن ڪو ماڻهو سموريءَ مخلوق کي هڪ ڇت هيٺان ڪٺو ڪري، مٿن بم اڇلارائي، سمورن کي هڪ ئي وقت ختم ڪرائي ....... هندستاني مسلمانن کي ڪٺو ڪري تباهيءَ جي اوڙاهه ۾ اُڇلائڻ درد انگيز ڳالهه آهي، پر ان کان ڪئين حصا درد انگيز هيءُ قصو آهي ته مسلمانن کي تباهه ڪرائڻ سان گڏوگڏ قرآن پاڪ جي معيارن ۽ مقصدن کي به ختم ڪرايو پيو وڃي. اِهو نقصان تنها مسلمانن جو نه، مگر انسان ذات جو ٿيندو.....
چوڻ ۾ پي اچي ته پاڪستان وسيلي اسلامي مقاصد جي بچاءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۾ ايندي. پاڪستان ئي اسان جي تنظيم جو بنيادي پٿر آهي. مگر پاڪستان جي انهيءَ تصور متعلق خود قرآن ڇا پيو چوي :
سارو قرآن اِن تصور خلاف دانهون پيو ڪري!
ان جي چند هدايتن تي غور ڪريو :
(1) فانتشروا في الارض ـ “زمين ۾ پکڙجي وڃو.”
(2) سيروا في الارض ـ “دنيا جو سير ڪريو.”
(3) ان ارض واسعةُ فِاَيَايَ تعبدون ـ “زمين ڪشادي آهي، هر هنڌ وڃي خدمت ڪريو.”
(4) شهدائي اِلناس ـ “(مسلمان) انسانذات لاءِ مثال قائم ڪندا.”
(5) کُنت خير اُمَة اُخرجة الناس ـ “(مسلمانن کي) توهان کي ماڻهن ۾ صالح اُمت ڪري پيش ڪيو ويو آهي.”
ان پروگرام موجب مسلمانن کي انسان ذات جي سامهون چڱائيءَ جا مثال پيش ڪرڻا هئا. کين ساري دنيا ۾ پکڙجڻو هو ۽ ساري دنيا جي رهبري ڪرڻي هُئي. انهيءَ فرائض جي بجا آوريءَ ۾ کين نه پنهنجي منفعت جو ۽ نه سلامتيءَ جو خيال رکڻو هو. برابر 15 صدي عيسويءَ تائين مسلمان ان پروگرام تي عمل ڪندا آيا ۽ نتيجو اهو نڪتو ته دنيا جو ڪو به ٽڪرو نه بچيو، جتي هو نه پهتا. هو ذاتي ڳالهين کان آزاد هُئا، کاڌي، اجهي، آرام ۽ سلامتيءَ کي ته ڇڏيو، پر هُو موت کان به نه ڊڄندا هُئا... جا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ ذهن ۾ رکڻ جي قابل آهي، سا هيءَ ته اُن فرض جي بجا آڻيندي، هنن ڪڏهن به اقليت ۽ اڪثريت جو خيال ته ڪيو ۽ ڪڏهين به مخالفن جي زبردست فوجن کان نه ڊنا ......
پاڪستان رجعت : اوهان خدا جي ڏنل پروگرام ۽ اڳين مسلمانن جي قائم ڪيل روايتن کي ذهن ۾ رکي، پوءِ ويچار ڪريو ته پاڪستاني رجعت يا ڀاڄڙ، قرآني مقصدن کان ڪيتريقدر نه دور آهي. پاڪستان ان لاءِ پيو طلب ڪرڻ ۾ اچي ته جيئن مسلمان هِتان هُتان ڀڄي اچي منجهس پناهه وٺن، موت ۽ نقصان کان سلامت رهن. پر موت کان ڊڄڻ ۽ نقصان جو ٻڌي ميدان ڇڏي اچڻ ڪيتري قدر اسلامي تصورن تي ٺهڪي اچي ٿو؟ جيڪڏهن طارق، البيروني، ابن بطوطه اڄ زندهه هجن ها ته هو هندستان جي مسلمانن جي ان ڀاڄڙ بابت هوند ڪهڙو خيال قائم ڪن ها؟
هندوءَ جو خوف : مسلمانن جي ساري هاڻوڪي (مسلم ليگي) سياست جو بنياد هندوءَ جو نالو ٻڌي پيو ڪنبي .... جنهن ڏينهن کان اسان مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي جمع ٿيا آهيون، اُن ڏينهن کان وٺي اسان دانهون ڪرڻ شروع ڪيون آهن ته، اسان هندوءَ کان ڊڄون ٿا. هندوءَ جي خوف کان اسان جو خُون خشڪ ٿي رهيو آهي. اسان کي هندن اجهو ڪي اجهو ماريو ... ڇا هي اُهي مسلمان آهن، جن جي دعوى هوندي هُئي ته هُو موت کان ڊڄن ئي ڪونه، سندن هڪ ماڻهو هزارن جي برابر هو ۽ سندن زندگيءَ جو اصول هو ته :
فتمنو الموت ان کنتم صادقين.
“جيڪڏهن سچا آهيو ته موت گهري وٺو.”
....... مسلمانن جو هاڻوڪو اڳواڻ (مسٽر جناح) ٻڌائيندو ته ڇا هن موجوده مسلمانن متعلق اها راءِ قائم ڪئي آهي ته هنن جو اسلام جي روح سان واسطو نه رهيو آهي، اُهي دنيا ۾ پکڙجڻ ۽ رهڻ جي ناقابل ٿي چڪا آهن، سندن سلامتي ان ۾ اُهي ته کين لڏائي آڻي هڪ خاص “بچاءَ گهر” يا “يتيم خاني” ۾ واڙجي! ڇا مسلمانن کي اهڙو مريض، نادار ۽ لاچار سمجهي ٿو، جو کين جيڪڏهن هڪ جاءِ تي بند نه ڪيو ويندو ته سندن هيانءُ ڦاٽي پوندو؟
هو بيمار آهن، جن لاءِ نرسون کپن دماغي طرح عاجز ۽ ناتوان آهن، جن وٽ عقل ۽ همت ڪو نه رهيا آهن. نٻل ۽ نستا ٿي پيا آهن، جن کي محض موت جو انتظار آهي، جيڪڏهن مسلمانن جي همت جو اهو حال آهي ته پوءِ پاڪستان جو بچاءُ گهر به کين بچائي ڪونه سگهندؤ.
... مثال لاءِ اچو ته پاڪستان جي سنڌي حصي تي نظر ڦيرايون. ڇا پاڪستان واري بچاءَ گهر جو اهو نمونو آهي. جيڪي حالتون هن صوبي ۾ کڙيون ٿيون آهن، سي حيرت ۾ وجهندڙ آهن. اهو بچاءَ گهر يا پاڪستان نه، پر قبرستان بنجي پيو آهي، جنهن ۾ قرآن جي هرهڪ معيار ۽ مقصد کي پيرن هيٺان لتاڙيو پيو وڃي.
نظر ۾ ائين پيو اچي ته گويا پاڪستان جو شاندار نالو محض اصلي صورت کي لڪائڻ لاءِ ڪتب آندو پيو وڃي، جيئن بيمارستان کي شفاخانو ۽ ڀنگيءَ کي مهتر سڏيو ويندو آهي.
جيڪڏهن پاڪستان مان مراد اهي حالتون آهن، جيڪي سنڌي پاڪستان اندر پيدا ڪيون ويون آهن ته پوءِ ظاهر آهي ته مسلم بيمارستان لاءِ پاڪستان ۾ به بچاءَ جو سامان يا بندوبست ميسر ٿي نه سگهندو، ۽ شايد آخري ڪلمي پڙهڻ کانسواءِ سندس خاتمو ٿي وڃي.
...... پاڪستان جي غلط نظرئي اٿارڻ ۽ تنظيمي تحريڪ جو بنياد، محض هندوءَ جي خوف تي قائم رکڻ سان قرآن پاڪ جي ڏسيل ساري پروگرام جي انحرافي ٿي رهي آهي.”
(پاڪستان ماضي حال ۽ مستقل ـ ص 22 کان 27، جي . ايم . سيد)
مٿي ذڪر ڪيل شخصيتون، نه رڳو ننڍي کنڊ ۾ پر سموري عالم اسلام ۽ دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل ۽ قابل احترام هيون، جن جي علم، عقل، شعور، صلاحيتن، اخلاق، قربانين جو اعتراف، نه رڳو سندن عقيدتمند ڪندا آهن، پر هنن جي انهن وٿن تي سندن وڏي کان وڏي مخالف کي به آڱر کڻڻ جي همت ۽ جرئت نه ٿي آهي ۽ نه ئي اهي ڪڏهن سياسي طرح ڪنهن غير ملڪي طاقت يا حڪومت جا ايجنٽ يا وظيفه خوار رهيا هئا. اُن جي مقابلي ۾ جن ماڻهن پاڻ مسلمانن جي مفاد جو محافظ ۽ علمبردار ٿي سمجهيو ۽ جيڪي پنهنجي مُنهن اسلام جا علمبردار ۽ شارح سڏيا ٿي ويا، تن جي ديني، اخلاقي ۽ سياسي ثابت قدميءَ جي باري ۾ تاريخ ڏاڍي بي رحميءَ سان پرده دري ڪندي رهي ٿي. اُنهن مان علامه اقبال ۽ مسٽر جناح سرِفهرست آهن.
پهرين اچوته علامه اقبال کي ڏسون :
علامه ڊاڪٽر محمد اقبال جي اخلاقي زندگي ڪنهن به طرح مسلم عوام لاءِ قابل تقليد نمونو نه هُئي. جيتوڻيڪ هُو مغربي فلسفي جو ڄاڻو ۽ قادرالڪلام شاعر هو، پر اُن جي باوجود هُو آخر عمر تائين برصغير جي هڪ ننڍڙيءَ ڏيهي رياست هو ڀوپال جي نواب حميدالله خان جو وظيفه خوار رهيو ۽ سندس پنهنجي جيڪا اخلاقي زنگي هُئي، ان باري ۾ وڌيڪ ڊيگهه ۾ وڃڻ بدران آئون هتي صرف ٽي مثال پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪريان ٿو:
(1) عبدالمجيد سالڪ، پنهنجي ڪتاب “ذڪرِ اقبال”
“ٻي شاديءَ کان پهرين خاندان جا بزرگ ڪوشش ڪري رهيا هُئا ته علامه جي سندس پهرينءَ زال سان مصالت ٿي وڃي، پر اقبال ڏاڍي ذهني پيڙا ۾ مبتلا هو، جنهن جي خبر اُن خط مان پوي ٿي، جيڪو هُن اپريل 1909ع ۾ “عطيه بيگم” ڏانهن لکيو هو، اُن ۾ هو لکي ٿو :
“آئون ڪا نوڪري ڪرڻ نه ٿو چاهيان، منهنجي خواهش آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي، هن ملڪ مان ڀڄي وڃان (هيءُ اُن ماڻهو جو خيال آهي، جيڪو چوندو هو ته ساري جهان سي اچها هندستان همارا) اُن جي سبب جي توکي خبر ناهي، ڀڄي وڃڻ کان مون کي صرف هڪ ئي شيءِ روڪيو آهي، جيڪو آهي منهنجو ڀاءُ. اُن جا مون تي ايترا احسان آهن، جو ملڪ ڇڏي نٿو سگهان. منهنجي حياتي هتي زهر بنجي وئي آهي. منهنجا عزيز زبردستيءَ منهنجي زال کي مون تي مڙهڻ ٿا چاهين. مون پنهنجي پيءُ کي لکيو آهي ته کيس مون کي پرڻائڻ جو ڪو به حق نه هو، خصوصاً اهڙيءَ عورت سان جنهن سان پرڻجڻ کان مون انڪار ڪيو هو. آئون پنهنجي زال کي خرچ پکو ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر اُن کي پاڻ سان رکي پنهنجي زندگيءَ کي عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ نٿو چاهيان.