9
“بنگال، آسام، سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ صوبي سرحد تي مشتمل هڪ جُدا پاڪستان حڪومت قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي. ان واسطي جدا آئين ساز اسيمبلي قائم ڪرڻ جي ضرورت ڄاڻائي وئي. ان راءِ جي خلاف جيڪڏهن ڪو به حل زوريءَ مڙهيو ويو ته ان جي هر طرح مخالفت ڪئي ويندي.”
هيءُ ٺهراءُ 1940ع جي لاهور ۾ پاس ٿيل “پاڪستان ٺهراءُ” جي خلاف هو، جنهن ۾ اولهه ۽ اوڀر هند جي مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ آزاد ۽ خودمختيار حڪومتن قائم ڪرڻ جو ذڪر ڪيل هو، پر هن ٺهراءَ وسيلي هڪ “مرڪزي حڪومت” جي گهر ڪئي وئي، جيڪا ڳالهه نه رڳو 1940ع واري ٺهراءَ ۽ 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيل ٺهراءُ جي روح جي خلاف هئي.
(هتي تقابلي مطالعي لاءِ 1938ع ۽ 1940ع وارن ٺهرائن جي متن جون ڪاپيون درج ڪجن ٿيون)
آڪٽوبر 1938ع ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ جو متن
(8ـ9ـ10 آڪٽوبر 1938ع)
“جنهن صورت ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس، مسلم ليگ کي مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت تسليم ڪري هندو مسلم مسئلي تي سمجهوتي ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، ان مان سندن مراد مسلمانن کي ويڙهائي راڄ ڪرڻ جي پئي نظر اچي. جنهن ڪري مسلم ليگ طرفان گذريل 15 سالن کان سمجهوتي ڪرڻ لاءِ ٿيل ڪوشش جو دروازو بند ٿي چڪو آهي.
جنهن صورت ۾ ڪانگريس، پريس ۽ پيسي جي وسيلي مسلمانن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي، مسلمان ڪئمپ ۾ نفاق وجهي، مسلم ليگ کي ڪمزور ڪري، ان جي نمائنده پوزيشن ختم ڪري رهي آهي ته جيئن دنيا کي اهو گمراه تاثر ڏجي ته ڪانگريس ئي هندستان جي سمورين قومن جي واحد نمائنده جماعت آهي.
جنهن صورت ۾ ڪانگريس ڄاڻي واڻي ڪن صوبن ۾هندو راڄ قائم ڪيو آهي، جن مان ڪن وزارتن ۾ ته ڪو مسلمان وزير به ڪو نه آهي ۽ جي ڪن ۾ نالي ماتر ڪو مسلمان وزير آهي به ته اهو مسلم ميمبرن جو نمائندو نه آهي. جيڪا ڳالهه گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ 1935ع جي روح، لکيت ۽ گورنرن جي ڏنل هدايتن جي خلاف آهي.
جنهن صورت ۾ اهڙيءَ طرح قائم ڪيل وزارتن، مسلمانن تي سختي ڪرڻ ۽ بددليءَ پيار ڪرڻ جو نمونو اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ سندن مقصد مسلمانن جي صحت بخش، تعميري ۽ قومي نشونما کي ختم ڪرڻ، مسلمانن جي مذهبي رسم و رواجن کي دٻائڻ، مذهبي فرائض پوري ڪرڻ کان روڪڻ ۽ روڪڻ ۽ سندن سياسي حقن کي جداگانه فرقي جي حيثيت ۾ ختم ڪرڻ آهي.
جنهن صورت ۾ ڪانگريس مڃيل جمهوري اصولن خلاف مڪمل اڪثريت وارن صوبن جهڙوڪ: صوبه سرحد، بينگال، پنجاب ۽ سنڌ ۾ مسلم اڪثريت جي مفاد خلاف اهڙين ڪوليشن وزارتن کي طاقت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جن کي مسلم عوام جو اعتماد حاصل نه آهي.
جنهن صورت ۾ ڪانگريس پنهنجي وزارتن مٿان هائي ڪمانڊ جا اختيار قائم ڪري فسطائي ڊڪٽيٽر شپ جو طريقو اختيار ڪيو آهي، جنهن پارليامينٽري دستورن ۽ مقرر ٿيل آئيني روايتن موجب مسلم ميمبرن کي وزارتن ۾ نئين سر شريڪ ٿيڻ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي،
جنهن صورت ۾ ڪانگريس اهو فيصلو ڪري چڪي آهي ته :
(الف) مسلمانن جي مخالفت جي باوجود “ويامندر اسڪيم” کي مٿن زوري مڙهيو وڃي.
(ب) مسلمانن ۽ ٻين فرقن جي جذبات خلاف “بندي ماترم” جي گيت کي قومي تراني جي حيثيت ۾ زوريءَ رائج ڪيو وڃي، جيڪو بت پرسنانه عناصر تي ٻڌل ۽ مسلمانن خلاف نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل هو.
(ت) هندو اڪثريت جي زور تي مسلمانن کي سندن صحيح نمائندگيءَ کان محروم ڪرڻ خاطر لوڪلباڊيز ۾ گڏيل چونڊون رائج ڪيو وڃن.
(ٿ) ته اردو زبان کي ختم ڪرڻ جي نقطه نگاهه کان اردو اسڪولن جي بند ڪرڻ يا ان جي فروغ جي راهه ۾ رنڊڪون وڌيون وڃن.
(هنديءَ کي ديوناگري رسم الخط ۾ هندستان جو قومي رسم الخط مقرر ڪيو وڃي، جيتوڻيڪ اقليتن ان تجويز جي سخت مخالفت ڪئي آهي)
(ج) قاعدي قانون بحال ڪرڻ ۽ تشددي ڪارواين کي روڪڻ جي بهاني پريس، تقرير ۽ تحرير جي آزاديءَ کي ختم ڪيو وڃي.
(ح) مسلمانن کي جيڪي مذهبي حق وڏي عرصي کان حاصل آهن، تن جي خلاف دست درازي ڪئي وڃي. جنهن صورت ۾ هندستان واري اڪثريتي فرقي (هندن) هندستان ۾ هزارن ورهين کان “جاتي سسٽم” قائم ڪري، ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن جي حالت غلامن جهڙي بنائي ڇڏي آهي، جيڪو دستور قومپرستيءَ، مساوات، جمهوريت ۽ جديد زماني جي خيالن جي خلاف آهي ۽ معاشري ۾ ويڇا (عدم مساوات) پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بنجي ٿو، ۽ جنهن صورت ۾ گڏيل خواهش ۽ نظرين جي بنياد تي متحده هندستان ۾ متحده قوم جي ارتقا جو تخيل اڪثريت واري فرقي جي فرقيوارانه ذهنيت ۽ مسلم دشمن پاليسيءَ سبب ناممڪن نظر اچي رهيو آهي، خاص ڪري ان حالت ۾ جڏهن ٻنهي جاتين جا مذهب، زبانون، رسم الخط، ڪلچر، معاشرتي دستور ۽ ڪٿي نسل ۽ زندگيءَ بابت نقطه نگاهه علحده آهن.
هيءَ ڪانفرنس برصغير هند جي امن، اقتصادي ۽ سماجي ترقي، ٻنهي جاتين جي سياسي خوداراديءَ لاءِ هيءَ ڳالهه ضروري ڄاڻي ٿي ته آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش ڪئي وڃي ته هندستان جي مستقبل ۽ سياسي جوڙجڪ بابت مسلمانن لاءِ عزت ڀرئي طريقي اختيار ڪرڻ لاءِ نئين سر ويچاري، ڪا تجويز رٿي. ان ڪري هيءَ ڪانفرنس آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش ڪري ٿي ته مسلمانن لاءِ اهڙو آئين ترتيب ڏنو وڃي، جنهن ۾ کين مڪمل آزادي نصيب ٿئي. وڌيڪ هيءَ ڪانفرنس آل انڊيا فيڊريشن اسڪيم تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي، ملڪ مٿان زوريءَ مڙهڻ خلاف برٽش سرڪار کي چتاءُ ڏئي ٿي ته اها اسڪيم هندستان جي عام طرح ۽ مسلمانن جي خاص طرح مفاد جي خلاف آهي.
هيءَ ڪانفرنس وڌيڪ اعلان ڪري ٿي ته هندستان جي مستقبل بابت تيار ڪيل ڪو به آئين، ڪنهن جو به تيار ڪيل کين قبول نه پوندو، جيسين تائين ان کي مسلم ليگ قبول نه ڪيو آهي.
ٺهراءُ پيش ڪندڙ : شيخ عبدالمجيد سنڌي
تائيد ڪندڙ: حاجي عبدالله هارون، سيد رئوف شاهه ۽ عبدالحامد بدايوني.
لاهور مسلم ليگ جو ٺهراءُ
23 مارچ 1940ع
1. هيءُ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس، ان جي ڪائونسل ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي 27 اگسٽ، 17 ــ 18 سيپٽمبر، 12 آڪٽوبر 1939ع 30 فيبروي 1940ع تي پاس ڪيل ٺهرائڻ کي منظور ڪري صاف طور ٻڌائڻ گهري ٿو ته 1935ع جي ائڪٽ جي فيڊرل اسڪيم، هندستاني حالتن جي مدنظر ناقابل عمل آهي، ان ڪري هندستاني مسلمان ان کي قبولي نه ٿا سگهن.
1. “هيءُ اجلاس وڌيڪ راءِ ظاهر ڪري ٿو ته 18 آڪٽوبر 1939ع تي وائسراءِ هند جو برٽش سرڪار طرفان ڏنل بيان ڪجهه قدر اطمينان بخش آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته1935ع جي ائڪٽ جي طريقه ڪار ۽ پلان تي وري هندستان جي مختلف پارٽين، مفادن ۽ جاتين جي صلاح سان نئين سر غور ڪيو ويندو. ليڪن هيءُ ظاهر ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهجي ته هندستان جا مسلمان تيسين تائين راضي نه ٿيندا، جيسين تائين سموري آئيني مسئلي تي نئين سر غور نه ڪيو ويو آهي ۽ ڪو به درست ٿيل منصوبو مسلمانن کي قبول نه پوندو، جيسين تائين اهو سندن منظوريءَ، ۽ رضامنديءَ سان پاس نه ڪيو ويو آهي.
2. وڌيڪ هن اجلاس جو غور شده رايو آهي ته ڪو به آئيني منصوبو هن ملڪ ۾ هلڻ جهڙو نه ٿيندو ۽ مسلمانن کي قبول نه پوندو، جيستائين اهو هيٺن بنيادي اصولن تي رٿيو نه ويو آهي :
جنهن ۾ ملڪ جون جاگرافيائي ڀرواريون ايراضيون، نئين سر ڦير ڦار ڪري اهڙيءَ طرح بيهاريون وڃن، جو جن حدن ۾ مسلمان اڪثريت ۾ آهن، جيئن: الهندي ۽ اڀرندي هندستان ۾ ـ تن کي ڳنڍي آزاد رياستون بنايون وڃن : جن ۾ گڏجندڙ صوبا، آزاد ۽ خودمختيار رياستون رهن، انهن رياستن جي آئين ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ موثر، آئيني طور عمل ۾ اچڻ جهڙا فقرا داخل ڪيا وڃن، جن ۾ اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، اقتصاد، سياسي، انتظامي، ٻين حقن ۽ مفادن جو بچاءُ سندن مشوري سان رکيو ويندو.
وڌيڪ هيءُ اجلاس ورڪنگ ڪاميٽي مسلم ليگ کي اختيار ڏئي ٿو ته مٿي ذڪر ڪيل بنيادي اصولن مطابق آئيني مسودو تيار ڪري، جنهن ۾ سڀئي کاتا جهڙوڪ بچاءُ، امورخارجيه، رسل ورسائل، ڪسٽمس ۽ ٻيا انهن جدا رياستن کي ڏنا وڃن.
پيش ڪندڙ : مولوي فضل الحق
تائيد ڪندڙ : سر سڪندر حيات ۽ ٻيا.
ڪئبينٽ مشن ان وچ ۾ ڪانگريس ۽ ليگ جي وچ ۾ هندستان جي مستقبل بابت مشورا ۽ گڏجاڻيون ڪرايون. 12 مئي 1946ع تي ٻنهي جماعتن جي ميٽنگ ٿي، پر ڪو به سمجهوتو نه ٿيو. ان هوندي به ڪئبينٽ مشن، هڪ ڊگهي بيان ذريعي پنهنجي طرفان آخري تجويز پيش ڪري ظاهر ڪيو ته هر حالت ۾ هندستان ۾ عارضي حڪومت قائم ڪئي ويندي.
بيان جو متن
“اسان ملڪ جي ورهاڱي جي سوال تي پوريءَ طرح غور ڪيو آهي، جنهن ۾ جدا پاڪستان واري تجويز ۽ گروپن جي صورت ۾ نيم پاڪستان جي سوال تي به ويچاريو آهي.
پهرئين تجويز جي فائدي ۾ اسان ان ڪري نه آهيون، جو ان ڪري انهن ايراضين ۾ غير مسلم اقليتن جا وڏا حصا اچي ٿا وڃن، جنهن ڪري فرقيوار مسئلي جو پوريءَ طرح حل ٿي نه سگهندو. ٻي تجويز وري مسلم ليگ کي قبول نه هئي، ڇو ته ان ڪري امبالا ۽ جلندر ڊويزنون پنجاب مان ۽ مغربي بنگال ڪلڪتي سوڌو بنگال مان نڪري ٿي ويا ـ جيڪا ڳالهه اتي جي هندو مسلم رهاڪن ۽ سکن جي مفادن خلاف هئي.
ان ڪري ڪئبينٽ مشن سفارش ڪري ٿي ته نئون آئين هيٺين بنيادن تي ٺاهيو وڃي :
1. ساري هندستان جي هڪ يونين ٺاهي وڃي، جنهن ۾ رياستون ۽ برٽش انڊيا ٻئي شامل هوندا، جيڪا هنن کاتن ـ (بچاءَ، خارجي تعلقات ۽ آمدرفت جا ذريعا) ـ کي پاڻ وٽ رکندي ۽ انهن جي سنڀال لاءِ انهن کي فنڊن پيدا ڪرڻ جا اختيار حاصل هوندا.
2. انهيءَ يونين کي اسيمبلي ۽ وزرات هوندي، جيڪا رياستن ۽ برٽش انڊيا جي نمائندن تي مشتمل هوندي، جنهن ۾ ڪو به مکيه فرقيوار سوال، هندو مسلم فرقن مان هرهڪ اڪثريت کان سواءِ پاس نه ٿي سگهندو.
3. يونين کي سپرد ڪيل معاملن کان سواءِ باقي سڀ کاتا رياستن جي حوالي رهندا.
4. اهڙيءَ طرح رياستن کي به انهن سڀني کاتن تي مڪمل اختيار هوندا، سواءِ انهن جي جيڪي رياستن پاران يونين کي سپرد ڪيا ويا هوندا.
5. رياستن کي پنهنجا گروپ ٺاهڻ جا اختيار هوندا، جن کي جدا اسيمبليون ۽ وزارتون هونديون. انهن گروپن کي رياستون پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق کاتا سپرد ڪنديون.
6. يونين ۽ گروپن جي آئين ۾ هڪ اهڙي قانوني داخلا به هوندي، جنهن مطابق ڪو به صوبو پنهنجي اسيمبليءَ جي اڪثريت سان ڏهن سالن کان پوءِ ان جي اختيارن ۾ ترميم ڪرائڻ جي گُهر ڪري سگهندو.
ڪئبينٽ مشن جون آئين سازيءَ لاءِ پيش ڪيل تجويزون :
1. سڀ ڪنهن صوبي کي ان جي آباديءَ جي لحاظ کان ڏهن لکن پويان هڪ نمائندو ڏنو ويندو.
2. اها نمائندگي هر هڪ صوبي ۾ مکيه فرقن کي آباديءَ پٽاندڙ ڏني ويندي.
3. هر هڪ فرقي جا ميمبر پنهنجا نمائندا چونڊيندا، ۽ اهي ٽي مکيه گروهه هيٺيان هوندا :
1. جنرل 2. مسلمان 3. سک
جنرل گروهه ۾ مسلمانن ۽ سکن کان سواءِ ٻيا سڀ شامل هوندا. ننڊين اقلتين لاءِ هڪ صلاحڪار ڪاميٽي هوندي، جيڪا آئين ساز اسيمبليءَ کي سندن مسئلن تي مشورا ڏيندي. اهڙيءَ طرح چونڊيل نمائندا رياستن جي نمائندن سان گڏ پهرين دهليءَ ۾ ملندا، جتي ابتدائي ميٽنگ ۾ چيئرمن جي چونڊ کان پوءِ هيٺين ٽن ڀاڱن ۾ ورهائجي، آئين سازيءَ جو ڪم شروع ڪندا.
الف ـ سيڪشن : مدراس، بمبئي، گڏيل علائقا، بهار، مرڪزي علائقا ۽ اوڙيسا.
ب ـ سيڪشن : پنجاب، اتر اولهه سرحد ۽ سنڌ.
ت ـ سيڪشن : بنگال ۽ آسام
آئين ساز اسيمبليءَ جا اهي ٽئي ڀاڱا، پنهنجن صوبن ۽ گروپن جا آئين ٺاهيندا. هر هڪ صوبي کي اختيار هوندو ته گروپ کان آئين ٺهڻ ۽ عمل ۾ اچڻ بعد جدا ٿي سگهي. ٽئي گروپ بعد ۾ رياستن جي نمائندن سان گڏ يونين جو آئين ٺاهڻ شروع ڪندا. يونين اسيمبليءَ ۾ ڪو به ٺهراءُ ڪئبينٽ مشن جي تجويز خلاف يا مکيه فرقيوار مسئلي تي ٻنهي فرقن جي اڪثريتي ووٽن کان سواءِ پاس ٿي نه سگهندو. يونين ۽ برٽش سرڪار جي وچ ۾ عهدنامو ڪيو ويندو، جنهن ۾ اختيارن سپرد ڪرڻ واري مسئلي تان اڀرندڙ سوالن بنسبت ڳالهيون درج ڪيو وينديون.
وڌيڪ ڪئبينٽ مشن وائسراءِ کي عرض ڪري ٿي ته آئين ساز اسيمبليءَ جي نمائندن جون چونڊون جلد از جلد ڪرائي. جيستائين آئين ٺهي تيار ٿيندو، ان وقت تائين هندستاني حڪومت جي انتظام هلائڻ لاءِ عارضي حڪومت ٺاهي، سڀئي پورٽ فوليا هندستانين جي هٿ ۾ ڏنا ويندا.”
جناح صاحب 6 جون 1946ع تي مسلم ليگ ڪائونسل کان ڪن شرطن تي ڪئبينٽ مشن جي اها تجويز قبول ڪرائي، وائسراءِ سان ڳالهين ڪرڻ جا اختيار حاصل ڪري ورتا. اهڙيءَ طرح هن اها زوريءَ گروپنگ واري تجويز قبول ڪرڻ سان لاهور واري “پاڪستان ٺهراءَ” يا تجويز کي ڄڻ ته ڇڏي ڏنو هو. ان مان پتو پئجي ٿو ته مسلم ليگ سياست ڪيڏانهن وڃي رهي هئي. مسلم قوم جي فرضي نالي ۾ سنڌ جا مفاد ڪيئن نه قربان ڪيا ٿي ويا. هيءَ ڳالهه گهڻن سنڌين محسوس ڪئي ٿي، پر ان جي مخالفت ڪرڻ جو، ڪيترن ۾ دم نه هو.
سنڌ اندر طاقت اهڙن خود مطلب ۽ ردي ليڊرن جي هٿ ۾ هئي، جن کي بيروني سازش جي مخالفت ڪرڻ لاءِ نه دل هئي ۽ نه دماغ هو. نتيجي طور ڪجهه عرصي کان سنڌ ۾ غير سنڌي گهڻي تعداد ۾ اچي ويا هئا. زمين واپار ۽ نوڪرين وغيره ۾ مڪاني ماڻهن کي نقصان پهچي رهيو هو. فرقيوار ڇڪتاڻ به گهڻيءَ حد تائين انهن جي پيدا ڪيل هئي. مسلم ليگ جا فرقيوار ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ مقرر ۽ مسلمانن ۾ نفاق ڦهلائيندڙ مبلغ به گهڻو ڪري ٻاهران آيل ماڻهن مان هئا. اهڙيءِ طرح بيروني سازشين لاءِ سنڌ ۾ رستو صاف هو ۽ مسلم ليگ، اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ هڪ منظم طريقي سان ٻاهران ايندڙ فرقيواريت ڦهلائي، پنهنجو تسلط قائم ڪرڻ گهريو پئي.
اسان جو گروپ ان تسلط کي روڪڻ ۽ سنڌ جي قديم روايتن کي زنده ڪرڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش ڪري رهيو هو. منهنجي دهليءَ رهڻ واري عرصي ۾ پنجاب جي ترقي پسند مسلم ليگين (ميان بشير احمد ۽ ميان افتخار الدين) ڪوشش ڪئي ته اسان ۽ مسلم ليگ هائي ڪمانڊ جي وچ ۾ سمجهوتو ٿئي، پر مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي هٺ ڌرمي آڏو پئي آئي. اسان ۽ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جي وچ ۾ اختلافن کي هڪ خاص تاريخ هئي، ان ڪري سنڌ جي مفادن سان واسطو رکندڙ بنيادي اصولن بابت سمجهوتي ڪرڻ کان سواءِ اسان ساڻن شامل ٿي نه ٿي سگهياسون. ان ڪري اسان جي مخلص دوستن جون ڪوششون ڪامياب نه ٿيون.
اسان جيڪي سنڌ جا خيرخواهه هئاسون، تن جي آڏو انهيءَ سموريءَ مهيءَ ولوڙ دوران جيڪي خدشا ۽ انوما ڪَرُ کڻي بيٺا هئا، تن جو دردناڪ نقشو پير علي محمد راشديءَ جي مون ڏانهن پنهنجي هڪ موڪليل مضمون (2 جون 1946) ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو مضمون 13 جون 1946ع جي “قرباني” اخبار ۾ ڇپيو هو :
سنڌ جي سياسي زندگيءَ ۾ نازڪ دور :
“سنڌي پوريءَ طرح فڪر ڪري ڪو جلد قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن يا نه؟ ڪئبينٽ مشن جي تجويز جي اعلان ٿيڻ بعد، سنڌ جي مستقبل کي هڪ نازڪ دور ۽ مشڪلات سان مقابلو مُنهن پيو آهي. اڳئين قسم جو دور ختم ٿي، نئون دور شروع ٿيڻ وارو آهي، نئين دور کي ڪير شڪل ڏيندو؟ اهو نئون دور ڪهڙي قسم جو ٿيڻ وارو آهي؟ ڪير ان کي هلائيندو ۽ ڪهڙيءَ طرح؟ سنڌ جي مستقبل لاءِ اهو دور ڪيتري قدر مفيد ٿيڻ جو امڪان آهي؟ انهن ڳالهين تي روشني وجهڻ لاءِ ڪئبينٽ مشن جي تجويز پيش ڪري، پوءِ مختصر تبصرو ڪندس.
ڪئبينٽ مشن جي تجويز مطابق امور خارجيه، مواصلات ۽ دفاع، صوبن جي طرفان، آل انڊيا مرڪزي حڪومت جي هٿن ۾ هوندا، باقي سڀ کاتا سب فيڊريشنن جي هٿن ۾ هوندا. سڀ فيڊريشن ٽي ٿينديون : هڪ پنجاب، سنڌ فرنٽيئر ۽ بلوچستان جي هوندي، ٻي وچ هندستان جي، ۽ ٽين آسام ۽ بنگال جي هوندي. اسان واريءَ سب فيڊريشن تي اڪثريت پنجاب جي هئڻ ڪري قبضو پنجاب جو رهندو.
انهيءَ بنيادي رٿا کي نظر ۾ رکي، ان جو تفصيلي آئين ساز اسيمبليءَ طرفان فيصلو ڪيو ويندو، جا ان جو ٻن طريقن جي نست ۾ فيصلو ڪندي ـ هڪ طريقو سڄي هندستان جي گڏيل نست جو هوندو ۽ هڪ مسلم اڪثريت وارن صوبن جي نست جو هوندو. سنڌ جي قسمت جو فيصلو هن پوئين گروپ جي اجلاس ۾ ٿيڻ وارو آهي.
سنڌ جي پوزيشن، آئين ساز اسيمبليءَ ۾ :
آئين ساز اسيمبليءَ ۾ جملي 389 ميمبرن جون جايون هونديون، جن مان سنڌ کي چار ميمبر ملندا. اهي به ٻن گروهن ۾ ورهايل هوندا، جن مان ٽي مسلمان ۽ هڪ هندو هوندو، يعني هڪ ڪانگريسي ۽ ٽي مسلم ليگي، هي ٻيئي سندن آل انڊيا هاءِ ڪمانڊ جي حڪمن جا تابعدار هوندا. ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ انهيءَ صورتحال مان پڌرو پيو آهي ته پوئين سب فيڊريشن ۾ پنجابي، ڪثرت ۾ هئڻ ڪري پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق ۽ فائدي موجب آئين ٺاهيندا، جنهن ۾ سنڌ پنجاب جي ماتحت ۽ غلام ٿي رهندي. هو سنڌين جي آزادي، خودمختياري، خواهشن ۽ ارادن تي بندش وجهي ڇڏيندا. اهي سڀ ڳالهيون هڪ ٻئي پٺيان اهڙيءَ طرح سرزد ٿينديون، جهڙيءَ طرح ڏينهن کان پوءِ رات ايندي آهي.
ڇا اسان اها پوزيشن قبول ڪنداسون، ته ٻيا اسان لاءِ آئين ٺاهين؟ جنهن جا نتيجا پڌرا پيا آهن؟ ڇا، پنجابي هيءَ اولهه واري فيڊيرشن، الله خاطر هلائيندا؟ ان جو عيوضو ۽ بدلو ته وٺندا؟ اهو بنيادي نقطو آهي، جو اسان کي ذهن ۾ رکڻو آهي.
سنڌ جي ڏاگهه چڙهڻ لاءِ ڪاٺين جو ڍير :
جيڪڏهن اسان اها پوزيشن قبول ڪنداسون ته 389 عيوضين ۾ به چا ۽ 36 عيوضين ۾ به چار عيوضي اسان کي ڏنا ويندا، انهيءَ آڌار تي انهن حڪومتن ۾ اسان جي وزارتن جو ڪيترو عيوضپڻو ٿيندو؟ ان بنياد تي سنڌ جي ڪو عيوضي يونين وزارت ۾ وڃي سگهندو يا نه؟ گروپ وزارت ۾ ان جي عيوضين جي پوزيشن ڪهڙي هوندي؟ ڪئبينٽ مشن جي تجويزن تي غور ڪرڻ بعد آءُ هن تنيجي تي پهتو آهيان ته اها تجويز سنڌ کي قربان ڪرڻ لاءِ ڏاگهه چاڙهڻ جي سماڌي آهي. ڇا سنڌ کي اها تجويز قبولڻ گهرجي؟ سنڌ کي ڇا لاءِ اها تجويز قبولڻ نه گهرجي، ان لاءِ ڪيترائي سبب ۽ دليل آهن :
اسان جو ماضي : سنڌ پنهنجي خاص جاگرافيائي حدن، آبهوا، تاريخي پسمنظر، روايات، ڪلچر، زبان، رسم الخط ۽ سوشل ۽ ايڪنامڪ طريقن موجب گذشته زماني کان وٺي جدا ۽ آزاد زندگي پئي گذاري آهي، سواءِ ڪن ٿورن وقتي حادثن ڪري آزاديءَ وڃائڻ جي عارضي دورن جي ـ سنڌ ۽ هند سدائين ٻه جدا ملڪ پئي رهيا آهن، جا ڳالهه قديم جاگرافيءَ ۽ تاريخ مان ظاهر پئي ٿئي. سنڌ تي حملا ٿيا آهن، ۽ ڪجهه وقت ڌارين جي ماتحت گذاريو اٿس، پر ڪڏهن به ان تي ماٺ نه ويٺي آهي. پهرئين موقعي ملڻ تي وري وڃايل آزادي پئي حاصل ڪئي اٿس. هيءُ ان جي تاريخ جو خاص نمايان ورق پئي رهيو آهي ته غلاميءَ تي ڪڏهن به رضامند ٿي نه ويٺي آهي. ڇا، هاڻي اسان پنهنجو قديم قيمتي ورثو هٿن مان قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿينداسون؟
سنڌ جو مستقبل :
سنڌي جي مستقبل جي نقطي نگاهه لاءِ ڪئبينٽ مشن واري تجويز تباه ڪن ٿيندي. سنڌ، هندستان جي انهن خاص ملڪن مان آهي، جنهن کي قدرت سندس ترقيءَ لاءِ نهايت وسيع ۽ زرخيز ذريعا موجود ڪري ڏنا آهن. اها سون جي کاڻ آهي، جا اڃا ڇپي پئي آهي. آءُ جڏهن غور ڪندو آهيان ته معلوم ٿيندو اٿم ته قدرت ڪيئن نه هن ننڍڙي ٽڪر زمين کي پنهنجي مهربانين ۽ سخاوتن سان مالامال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪوششن ۽ قربانين سان سنڌ کي سنڌين جي مفاد لاءِ محفوظ رکي سگهون، ته اها تمدن جي اعلى درجي تي پهچي، سندس رهاڪن جو معيار زندگي بلند ڪري سگهي ٿي. سندس ڪپهه ڪڻڪ، سارين ۽ ڪمند جي لائق زرخيز زمين، ان جو سدا ڀريل سنڌو درياءُ ۽ ان جا بيراج، ان جون زمين ۾ ڇُپيل کاڻيون، يوپ جي نزديڪ سامونڊي ۽ هوائي بندر ۽ انهن جون واپار لاءِ سهوليتون، جدا جدا قسم جي هنري ڪارخانن لاءِ موزون جڳهه ۽ سهوليت، هي سڀ سندس چاليهه لک (4000000) ماڻهن لاءِ ڪافي کان وڌيڪ پيدائش ڏيئي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪوشش سان سنڌ کي آزاد رکي، سندس حڪومت کي ماڻهن جي مفاد لاءِ، سواءِ ٻاهرينءَ دست اندازيءَ جي، ڪتب آڻي سگهون، ته ملڪ باغ بهار ٿي پوندو. جيڪڏهن ملڪي حڪومت لالچي ۽ خود مطلب ماڻهن جي چنبي مان آزاد ٿي، مخلص، خادم قوم، محب وطن ۽ سالم فڪر وارن ڪارڪنن جي هٿ ۾ اچي وڃي، جي سندن تعميري صلاحيت سان ساري ملڪ جا اقتصادي ذريعا استعمال ڪري سگهن ۽ پراڻن ۽ نقصانڪار نظرين کي ڦٽو ڪري ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هجن، ته ڇا نه ٿي سگهي ٿو.
سنڌ جي ترقيءَ جون رٿائون : جيڪڏهن اسان جي نئين سنڌ جي وزارت عوام سان جوابداري محسوس ڪندي، ته سنڌ جي ايڪانامي نئينءَ طور هيٺين طريقن تي منظم ڪري سگهندي؛
پورٽ ٽرسٽ ۽ ڪسٽمس جي پيدائش، جا اٽڪل چاليهه ڪروڙ ٿيندي، ۽ انڪم ٽيڪس، پوسٽ ۽ ريلوي جي جملي پيدائش کي صوبي جي پيدائش سان گڏيندي ته ان جي آمدني وڌي وڃي هڪ سئو ڪروڙ ٿيندي، جا هوءَ سنڌ جي نون براجن جي زمين جي مشنريءَ ذريعي آباد ڪرائڻ ۽ ڪپڙي ۽ ٻين شين جي ٺاهڻ لاءِ ملون لڳائڻ لاءِ صرف ڪري سگهي ٿي. اها هنري درسگاهون کولي، سنڌي شاگردن کي سرڪاري خرچ تي ٻاهرين ملڪن ۾ اعلى تعليم لاءِ موڪلي سگهي ٿي. سنڌ جون نوڪريون سنڌين لاءِ مخصوص ڪري، غير سنڌين کي سنڌ ۾ نوڪري ڏيڻ تي بندش وجهي، نه صرف موجوده صوبائي کاتن ۾ بلڪ ريلوي، پوسٽ، ڪسٽمس، هوائي جهازن ۽ سامونڊي ٻيڙي ۾ سنڌ جا لکها ماڻهو روزگار سان لڳائي سگهي ٿي. اها سنڌ ۾ کاڻين کوٽائڻ جا انتظام ڪري سگهي ٿي. اها سنڌ لاءِ آل انڊيا يونين جي نوڪرين ۾ حصو وٺي، ۽ مڪمل آزاديءَ جي حالت ۾، پنهنجا ٽريڊ ايجنٽ، سفير ۽ ڪائونسل ٻاهر موڪلي ۽ لشڪر رکي سگهي ٿي، جنهن مان نه صرف سنڌ جو سياسي درجو وڌندو. بلڪ سنڌين کي دنيا جي ڊپلوميٽڪ ورلڊ ۾ پنهنجي لياقت ڏيکارڻ جو موقعو ملندو. سنڌ جي نقطه نگاهه کان اهو سڀ ان جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو باعث ٿيندو.
منهنجيءَ سمجهه ۾ اسان جي آزاد سنڌ جي سالياني بجيٽ ڪئين سو ملين رپين جي ٿي ويندي. اهڙي طرح سان اسان جو معيار زندگي بلند ٿي ويندو. اسان تعليم ۽ صحت عام جو مفت انتظام ڪري سگهنداسون. اسان هتي ننڍي آمريڪا پيدا ڪري وجهندا سون. اهو سڀ تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن سنڌ کي آزاد ڪري، سندس قسمتن جي واڳ سنڌين جي هٿ ۾ ڏيون.
فرقيوارانه فساد نه ٿيندا : انهيءَ حالت ۾ نه بيروزگاري ٿيندي، نه قانون انتقال ايراضي ۽ قرضن جي فيصل ڪرڻ جي بلن جي ضرورت ٿيندي ۽ نه وري انهن سببن ڪري هندو مسلم فساد ٿيندا، جن جو مکيه ڪارڻ بيروزگاري ۽ غربت ٿئي ٿي. ان ڪري بدامني، ڌاڙا، خون وغيره سڀ گهٽجي ويندا.
ٻي حالت :
اهو تصوير جو هڪ رُخ پيش ڪيم. ٻيو اهو ٿيندو، جو ڪئبينٽ مشن تجويز کي عمل ۾ آڻڻ جي نتيجي ۾ نڪرندو. ان حالت ۾ اسان کي پنهنجي ماضيءَ کي وسارڻو پوندو. مستقبل جي ترقيءَ جا سڀ خيال ترڪ ڪرڻا پوندا. پنهنجي قومي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. ڌاريا ماڻهو توهان تي سندن مرضيءَ مطابق آئين مڙهيندا. سنڌ جي جملي پيداوار جا ذريعا پنهنجي مفاد لاءِ ڪتب آڻيندا، سنڌ پنجاب جي ڪالوني ٿي ويندي، جهالت ساڳي رهندي، هندو مسلم ساڳيءَ طرح پاڻ ۾ وڙهندا رهندا.
هي تصوير جا ٻئي رُخ سڀني سنڌين کي صاف طرح ذهنن ۾ ويهارڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته کين جلدي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪهڙو طريقو اختيار ٿا ڪن؟
سنڌ جي آزادي :
منهنجا رايا ان بابت صاف ۽ مستقل صورت وٺي چڪا آهن. سنڌ کي ڪڏهن به ٻنهي فيڊريشنن ۾ داخل ٿيڻ نه قبولڻ گهرجي. ڪنهن به مرڪز سان شامل ٿي، پيداوار جو ٽڪو به انهن کي ڏيڻ تي رضامند نه ٿيڻ گهرجي. پنهنجو آئين کيس پاڻ بنائي آزاد ٿي رهڻ گهرجي. ان کي ڪنهن به صورت ۾ پنجاب جي ڪالونيءَ واري گروپ ۾ داخل نه ٿيڻ گهرجي. سندس آزادي جي راهه ۾ جيڪا به رڪاوٽ پوي، ان کي ٺڪرائي ڇڏڻ گهرجي. ان کي پنهنجي مرضيءَ موجب عهدنامون ڪري، يونين ۾ بچاءَ ۽ امورخارجيه لاءِ داخل ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ پنهنجي خرچ جو حصو ڏئي، باقي سڀ پيدائش پاڻ وٽ رکڻ گهرجي.
خوف جو ڀوت :
هن وقت هندو ۽ مسلمان ٻيئي انهيءَ سوال تي غلط نقطي نگاهه سان نظر ڪن ٿا، ان جو مکيه ڪارڻ سندن هڪ ٻئي مان خوف آهي. مسلمانن کي اهو وهم ويٺل آهي ته پنجاب جي گروپ سان گڏجڻ ڪري، هنن جي پوزيشن هندن جي دست درازين کان بچي ويندي. هندن کي وري اهو خيال ويٺل آهي ته سنڌ جي آل انڊيا سان ملحق ٿيڻ ڪري، سندن حالت انڊيا جي هندن جي مدد سان مسلماني ناجائز تسلط کان بچي ويندي.
پر ٻنهي ڌرين جا ماڻهو هيٺيون ڳالهيون ڀلجي وڃن ٿا :
1. هيءَ ذهني حالت خوف ۽ گهرج ڪري پيدا ٿئي ٿي. جڏهن هندن ۽ مسلمانن کي سندن گهرجن کان وڌيڪ ملندو، ته هنن ۾ اقتصادي مقابلو ڪو نه ٿيندو ۽ نه ان ڪري فرقيوار اختلاف ئي پيدا ٿيندا.
2. باهمي شڪ ۽ شبها ان وقت تائين آهن، جڏهن ٽين پارٽي اسان جي وچ ۾ موجود آهي. جڏهن هيڪر اهو عنصر اسان وٽان نڪري ويو، ته سنڌي وري اطمينان بخش ۽ باهمي اعتبار واريءَ حالت ۾ ايندا. جيستائين سنڌين جي حڪومت سنڌ تي هئي ۽ ٽين پارٽي ويڙهائڻ لاءِ وجود ۾ ڪا نه آئي هئي، ته هندو مسلم اختلاف پيدا ئي ڪو نه ٿيا هئا. ٽينءَ پارٽيءَ جي مصيبت ضرور ڪڍڻ گهرجي، پوءِ اها ٽين پارٽي انگريزن جي هجي يا پنجابي مسلمانن جي يا هندستاني هندن جي، اسان لاءِ سڀ ساڳي حيثيت رکن ٿا.
3. اها ڳالهه بيوقوفيءَ جي ٿيندي ته باهمي اعتبار نه هئڻ ڪري، اسان پنهجي گهر جي واڳ ٻاهرين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون. اسان جا ايندڙ نسل اسان کي پٽيندا، ۽ اسان پنهنجي قسمت جون واڳون پاڻ کان مضبوط ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيڻ سان پنهنجو حال اهڙو ڪنداسون، جهڙو، ڪو ماڻهو ڪئن کي مارڻ لاءِ گهر کي باهه ڏئي.
4. سنڌ جي اقتصادي تعبير جا پلئن ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، جيسين تائين سنڌ پنهنجي آزادي حاصل نه ڪئي آهي. هيڪر جيڪڏهن اسان پنهنجا ذرائع پيداوارين ٻين جي حوالي ڪيا ته پوءِ اهي اسان جي هٿن مان هميشه لاءِ ويندا هليا.
هي موقعو نازڪ آهي. وقت ٿورو بچيل آهي، سنڌين کي ان بابت اهم فيصلا جلد ڪرڻا آهن.”
(پير علي محمد راشديءَ جا خط ۽ مضمون ـ ص 122 ـ خط ۽ مضمون)
اڳتي هلي جڏهن ڪئبينٽ مشن جي 16 مئي 1946ع واري تجويز سکن توڙي ڪانگريس رد ڪئي ته جنا صاحب ان کي مسلم ليگ سان ڪيل وعدي جي خلاف ورزي سڏيو. بهرحال ڪئبينٽ مشن هندستان جي عارضي حڪومت بابت ڳالهين ناڪام ٿيڻ بعد 29 جون 1946ع تي واپس انگلنڊ موٽي وئي.