منٽو جا سوَ سال
ڪو وقت هيو ڪرشن چندر ۽ منٽو اردو ادب جا سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويندڙ اديب هيا، هاڻي ڪرشن چندر گهٽ نظر اچي ٿو، پر منٽوءَ جو نانءُ گهڻن جي زبان تي آهي، ان حد تائين جو هڪ فوجي حڪمران کيس روشن خياليءَ جي علامت چئي طالبان خلاف سياسي استعمال ڪيو. ڪڏهن روشن خيالي فيشن ٿي پوندي آهي، ماڻهو روشن خياليءَ کي تمغن جيان سجائيندا آهن، ٿي سگهي ٿو انهن ائين سمجهيو هجي ته روشن خيالي تڏهن وجود ۾ ايندي آهي جڏهن ڪو “اوندهه خيالي” ۾ ميڻ بتي ٻاري لکندو آهي.
منٽو جي شايد ڪا اهڙي ڪهاڻي هجي، جيڪا سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ٿي هجي، منٽو مڪمل سنڌي ٿي چڪو آهي، تخليقڪار ۽ پڙهندڙ وچ ۾ ڪو به ترجمو ائين هوندو آهي، جيئن سکر کان لاڙڪاڻي ويندڙ روڊ، جيڪو سال ۾ ٻه دفعا ٺهندو آهي ۽ چار دفعا ڊهندو آهي.
مون پال ورلن کي فرانسيسيءَ ۾ پڙهيو، سمجهه ۾ نه آيو پر محسوس ڪيم ڄڻ چپن ۾ چنگ وڄندو هجي، سامهون ڪتاب جي ٻئي صفحي تي انگريزي ترجمو هيو، پڙهيم سمجهه ۾ ته آيو پر اها رواني ۽ رڌم نه هيو، ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾ اردو اسان جي در سامهون ڪڙي کلڻ جي انتظار ۾ آهي ۽ در جي وٿين مان ڏسجي رهي آهي.
دنيا جا سمنڊ مليل آهن پر انهن جا نالا الڳ آهن، ڪناري تي ماڻهن جا سمنڊ آهن، ڪي بحرالڪاحل آهن، ڪي بحرالجاهل آهن، قومون خطن سان سڃاتيون وينديون آهن، مذهبن ۽ زبانن سان نه.
بڙ جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کتل آهن پر ان جون ڪجهه پاڙون هوا ۾ لڙڪي ڌرتي ڳولهين ٿيون، ڌرتيءَ جي اهميت ان ڪري آهي جو اها پير رکڻ ڏئي ٿي، هوا ۾ لڙڪڻ خودڪشي آهي، وڻ پاڙن سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ انسان ڌرتيءَ ۾ پوريل اَور سان.
سنڌ جي سرزمين تي سرجندڙ نئون اردو ادب ٻه واٽي تي بيٺل آهي، پاڪستان ۾ ڪامياب اردو ادب پنجاب جي خطي ۾ لکيو ويو آهي، جنهن جو پس منظر پنجاب جي ڌرتي آهي، پنجابي اديب پنهنجي زبان کي پوئتي رکي جيڪا اردو ادب جي خدمت ڪئي آهي ان عيوض کيس پاڪستان پڻ نوازيو آهي.
منٽو جو تعلق به پنجاب سان آهي ۽ ان اردو زبان ۾ پنجابي ڪهاڻيون لکيون آهن، منٽو جي سڀ کان سٺي ڪهاڻي “ٽو باٽيڪ سنگهه” آهي، ڇو جو اهو “سنگهه” ئي آهي جيڪو هن جي اڪثر ڪهاڻين ۾ موجود نظر اچي ٿو، ٽوبا ٽيڪ سنگهه اها ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ جنس Sex جو عنصر نظر نه اچي ٿو، سواءِ سک پاران ٻن چئن گارين جي، باقي هن جون اڪثر ڪهاڻيون جنسي پس منظر ۾ لکيل آهن، بلڪل ائين جيئن موپاسان جي ڪهاڻي نيڪلس جيڪا جنسي تذڪري کان سواءِ لکيل آهي، نه ته موپاسان منٽوءَ جو جنسي استاد آهي.
گڏيل پنجاب جي پس منظر ۾ اردو ادب جا پير پختا آهن، راجندر سنگهه بيدي، احمد نديم قاسمي، اشفاق احمد، امرتا پريتم، بلونت سنگهه ۽ ٻيا، ان صورت ۾ ڪامياب اردو ادب لکي سگهيا جو انهن وٽ پنجاب جي ڌرتي هئي.
اردو مختصر ڪهاڻيءَ جي ابي پريم چند پنهنجي چوڌاري رهندڙ مظلوم انسانن جي ڏکن ۽ سورن کي پيش ڪيو آهي. ان جا ڪردار اتي سرجن ٿا جتي ان جنم ورتو، پريم چند ترقي پسند اردو ادب جو بڻ بنياد هندستان جي سرزمين کي بنايو ان وقت جڏهن هندستان بدترين اقتصادي دور مان گذري رهيو هيو.
برصغير ۾ اردو ادب جو پس منظر آزاديءَ جي تحريڪ، اشتراڪيت جا نعرا ۽ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو آهن، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي برصغير جي ادب کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو اهو تاريخ جو روپ ڌاري چڪو آهي، ڪرشن چندر جو “غدار” ان دور جو اهڙو ناول آهي جيڪو ان سانحي جي جذباتي انداز ۾ تبليغ ڪري ٿو، منٽو مذهبي جنون جي زير اثر جنسي تشدد کي ڇرڪائيندڙ انداز ۾ پيش ڪري ٿو، سندس ڪهاڻين جا نفسياتي اثر حيرت انگيز حدن کي ڇهن ٿا، جنهن جا مثال هن جون ڪهاڻيون “ٺنڊا گوشت” ۽ “کول دو” آهن.
بشير منگيءَ جو ترجمو ساراهه جوڳو آهي، ڇو جو هو شاعر آهي ۽ شاعر وٽ لفظن جي کوٽ نه هوندي آهي، سنڌي زبان ۾ هيءَ ڪتاب ان ڪري اهم آهي ته ٻين زبانن جا اديب منٽو کي ياد ڪن يا نه، پر سنڌي اديب ان جي سوَ سال پورا ٿيڻ تي کيس هڪ ڪتاب ارپي ان جي مهورت جي صورت ۾ خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن.
اسين مسلسل لکي رهيا آهيون، پوءِ اهو تخليقي ادب هجي، تحقيقي يا ترجما، سنڌي زبان کي فخر حاصل آهي ته ان جو پرنٽ ميڊيا پاڪستان جي سڀني ٻولين کان وڌيڪ آهي.
باقي ايترو چوندس ته سنڌ ۾ معياري اردو ادب سرجي نه سگهيو آهي، اهو ختم ٿي رهيو آهي، انهن کي هن ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪرڻي پوندي، مونکي اميد آهي ته ڪا اهڙي قرت العين حيدر ضرور پيدا ٿيندي جنهن جي اردو ناول جون پاڙون سنڌ ۾ کتل هونديون ۽ سندس موضوع هن ڌرتي جا ڏک سور ۽ ڀوڳنائون هوندا، پوءِ ان ناول جو نالو “آگ ڪا دريا” نه صحيح “دريا ڪي آگ” ئي ڇو نه هجي.
o