حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا!
سٺو نثر نويس اهو آهي جيڪو بنيادي طرح شاعر آهي، ڇو جو شاعر وٽ لفظن جا انبار آهن، لفظن جي استعمال جو ڏانءُ آهي، طارق عالم به بنيادي طرح شاعر آهي، سندس پهرين تحرير هڪ نظم هيو، جيڪو 1975ع ۾ ماروئڙا رسالي ۾ شايع ٿيو.
ڇو نه بادل جيان برسين ٿو ڀلا منهنجي مٿان،
ڇو ٽپهريءَ جيان هي وڻ ٿو جلائين اي دوست.
ٽپهريءَ جيان وڻ جو جلڻ ائين آهي جيئن سج هيٺ لهڻ کان اڳ سموري تپش مان آجو ٿيڻ چاهيندو هجي، جيئن طارق عالم جي حياتي، جيڪو ٽاڪ منجهند گذاري، ٽپهريءَ جو موڪلائي ويو، چوونجاهه سال ڪا وڏي عمر نه آهي، ٿڌن ملڪن جي ماڻهن تي جواني پنجاهه سالن کان پوءِ ايندي آهي، اسين ٽاڪ منجهند جهڙا ماڻهو ننڍي عمر ۾ گذاري هليا وڃون ٿا.
طارق عالم نه رهيو پر ڌرتيءَ تي سندس پيرن جا نشان، ڀتين تي آڱرين جا نشان ۽ ورقن تي قلم جا نشان موجود آهن، اديب کي انڪري امرتا حاصل آهي ته لفظ ان جو روح آهن، هو جملن ۾ سمائجي وڃي ٿو، ڪهاڻين ۾ جيئرو رهي ٿو، ان جو فڪر سندس لفظن ۾ محفوظ رهي ٿو ۽ آزاد نظمن مان خارج ٿئي ٿو.
طارق عالم جو “رهجي ويل منظر” اسان جي اکين ۾ نقش آهي، هڪ سانتيڪو ڏيک جنهن ۾ عاشق موت کان محفوظ آهي ڇو جو اهو محبوبا جي هنج ۾ سمهيل آهي.
نگاهه عڪس کي موتئي جي ماڪ ڌنڌلايو،
سمورا ڏيک اجهاڻا پري پري تائين.
تخليل ساڳيو نه آهي، تخليق هر فرد جو انفرادي مظاهرو آهي، دماغ آکيرو آهي ۽ رهندڙ پکيءَ جي اڏام الڳ آهي، آکيري جا ڪي پکي هيٺائينءَ تي اڏامن ٿا، ڪي اوچائين تي، ڪي تمام مٿي هجڻ ڪري نظر نه ٿا اچن، وري ڪي اهڙا آهن جيڪي اڀ ٽپي وڃن ٿا، سڀ کان سگهاري اڏام شاعر جي آهي، ان جا منظر، عڪس، تشبيهون مختلف آهن، جنهن ڪري ان کي تخليقڪار چئون ٿا. ڇو جو هو خلقي ٿو، وسيع سوچ جو مظاهرو ڪجي ته هر انسان ۾ خلقڻهار موجود آهي، خلقڻهار پاڻ کي خلقي ٿو، ڪو هن جهڙو سندس لاشعور ۾ ضرور آهي، جيڪو کيس بدلائي ٿو، بچائي ٿو، جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو، اسين نِسرتائي گهوڙا آهيون.
We are the evolutionary horses
اسين ماضيءَ جي لڏ ۾ ليٽي مستقبل ڏي ڊوڙون ٿا، ڊوڙندي ڀل ڄنگهون زراف جيڏيون ٿي وڃن پر وجود مان لڏ جي بوءِ ختم نه ٿيندي، بقول طارق عالم جي ته:
منهنجي ڪروڙين سال قديم
نيڻن جي واديءَ ۾
وڇوڙن جي ڌنڌ
اڻ چٽو ڏسڻ جو
عادي بنائي ڇڏيو آهي
سندس ان نثري نظم تي غور ڪيو، هن ڪروڙين سالن جي قدامت کي لحظي ۾ قيد ڪيو آهي، انساني سمائي سگهڻ جي سگهه (Adaptive Capability) سمجهه کان ٻاهر آهي، اسين غلاميءَ کي اڻ سڌي طرح آزادي محسوس ڪيون ٿا، ظلم کي ائين برداشت ڪيون ٿا، جيئن ظلم ڪو احسان هجي، اسين ذلت کي Justify ڪري عزت لائق بنايون ٿا، ان لاءِ ته هر حال ۾ جيئرو رهڻو آهي، انسان عادي Habitual آهي، هو هر شيءِ جو عادي ٿي پوي ٿو، عشق، آواراگي، سگريٽ، شراب، علت المشائخ و مشائخ العت.
هڪ ڪروڙ سالن تائين ڪائنات ڌنڌ ۾ وڪوڙيل هجي ته اسين مري ڪين وينداسين، پر بدلجي (Modify) وينداسين، ٻاهر ٻانها آهيون، اندر ڪو آهي، جنهن جي تابع اڻ چٽي ڏسڻ جا عادي ٿي وينداسين، تڏهن ته چوندا آهن “سنڌوءَ ۾ انڌي ٻلهڻ رهي ٿي، جيڪا دنيا جي منفرد ٻلهڻ آهي” مون کي ياد آهي سکر ۾ ٺڳڙي شاهه راڄ گهاٽ وٽ ڪنڍي وجهي ويٺل هوندو هيو، سندس ڪنڍيءَ ۾ ڪل کڳا ڦاسندا هيا، هن ٻڌايو “ڪنڊيءَ ۾ ڪل اکين وارا ڦاسن ٿا، ڪا انڌي ڦاسي ئي ڪونه ٿي.”
ڏسڻ لاءِ اکيون ضروري آهن پر جيڪڏهن ڪنهن نسل کي صدين تائين اوندهه ۾ رکيو وڃي ته ان جون اکيون ختم ٿي وينديون ۽ ڏسڻ جي حِس ڪنهن ٻي احساس ۾ جاڳي پوندي ۽ اها حِس اکين کان ڏهوڻي حساس هوندي.
دردن کي ائين ورايان جيئن،
ڌڻ پويان هوڪر ڌنار ڪري.
ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ گهڻن ليکڪن لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي آهي، جيڪي نثرنگار شاعريءَ کان وانجهيل آهن، اهي ائين آهن جيئن رندي بنا ڊکڻ، پر عظيم ڊکڻ اهي آهن، جن جي گهر ۾ ڏوئي آهي.
چون ٿا جڏهن ڊکڻ ڪوڪا هڻي صليب تيار ڪيو هيو ته رومين هن کي چيو: “چار ڪليون عيسيٰ کي به هلڻ”
ڊکڻ وراڻيو هيو: “اهو ڪيئن ممڪن آهي ته لوهر جو ڪم ڊکڻ ڪري”
سنڌ ۾ لوهر به جام آهن ۽ تنقيد نگاريءَ جو ڪم انهن حوالي آهي.
تصور ۾ تنهنجو ڳڙي روپ ائين،
لڳي ٿو هوا ۾ ڪنول پيو تري.
طارق جي لکڻين جو محور رومانس آهي، هن جي لکڻين جو هيرو سرد شام ۾ ململ جي قميض پائي ڪنڌ ۾ مفلر ويڙهي بيٺل آهي، خبر نه آهي هن کي ڪنهن جي نظر لڳي، ڪارن ڌاڳن ۾ ترقي پسندن جو ايمان نه آهي، مٿي ڏنل سِٽن ۾ روپ جو ڳڙڻ عجيب منظر آهي، برف جا روپ رجندا آهن، ته شايد ڳڙندا آهن، مائيڪل اينجيلو بي روزگاريءَ ۾ پٿر جا بت ٺاهيا، اٽليءَ جي بادشاهه کيس روزگار ڏئي برف جا بت ٺهرايا، هو بادشاهه جي حڪم تي صبح جو سوير برف مان بت تراشيندو هيو، بادشاهه سلامت مصروفيتن مان وقت ڪڍي ايندو هيو ته برف جا بت ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙندا هيا، هڪ دفعي بادشاهه مائيڪل اينجيلو کي چيو: “جيڏي تنهنجي تعريف ٻڌي هئي تون ايڏو آهين ته نه؟”
جواب ۾ مائيڪل اينجيلو جون اکيون ڳڙڻ لڳيون.
“رات سانت ۽ سوچون” “سڃاڻپ جي ڳولا ۾” طارق جي ڪهاڻين جا ڪردار زندگيءَ کي ويجها آهن، پر افسوس هو موت کي ويجهو ٿي ويو، شايد ڪلا جي مزار ٻاهران هن حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا پاند ۾ وجهي، زائرين کي ورهائي ڏنا، هن جو پاند خالي ٿي ويو، اسين جيئرا آهيون شايد ان ڪري جو ورهائڻ ۾ ڪنجوس آهيون.
سمورا سوال رهجي ويا هوا ۾،
فقط احوال رهجي ويا هوا ۾.
o
(طارق عالم ابڙو جي ٻي ورسيءَ تي ڪيل صدارتي تقرير)