سرگوشيون: ”امر اقبال جي ڪالم ڪتاب تي تصبرو“
امر اقبال پنهنجي ڪالم ”ڪراچي، بي نانءُ ڀوءُ ۽ وسوسن جي ڊگهي زنجير” ۾ لکي ٿو:
“مون کي الاءِ ڇو!
موناليزا جي لازوال مرڪ
ملبي مان اُٿندڙ دونهي ۽
سڙيل لاشن تي
طنز وانگر محسوس ٿي رهيو آهي.”
هڪ تخليقڪار صحافتي انداز ۾ به تخليقڪار ئي رهي ٿو، امر اقبال جي ڪتاب “سرگوشيون” ۾ شامل ڪالم ڪاوش اخبار ۾ شايع ٿيل آهن، هو صحافي نه آهي ڇو جو صحافت وارتا جو کليل لفظن ۾ اظهار آهي جڏهن ته امر اقبال اظهار جي قوت سان وارتائن کي جنم ڏئي ٿو.
دنيا ۾ اهي وڌيڪ نروار ٿين ٿا جن پنهنجي ذات کي پويان رکي ٻين جو تذڪرو ڪيو آهي، انهن جي ذات ڪردارن جي هجوم ۾ گمنام رهي غيب جو درجو ماڻي ٿي. امر اقبال پاڻ پنهنجن ڪالمن ۾ ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، روڊ، رستا، شهر، ڳوٺ، دوستن ۽ دوستن جي دوستين کي ياد ڪندي، هو پاڻ وساري ويهي ٿو.
ڪراچيءَ جي برنس روڊ تي فوڊ سينٽر پويان هڪ ڪچري ڪونڊيءَ تي ڳاڙهي رنگ سان ڪنهن دل ٺاهي ڇڏي هئي. دل لڳائڻ کان دل ٺاهڻ آسان آهي، پنج لکو دل ٺهي ويندي، ڏٺو وڃي ته دل پنجن جي انگ جهڙي صفا نه آهي، پر دل خون جي لڙڪندڙ قطري جهڙي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته خون جو قطرو دل جيڏو نه آهي، ان ڪچري ڪونڊيءَ ۾ گلاب جون ڏانڊيون به پيل هونديون هيون، ڇو جو ڀرسان هڪ قديم اسڪول آهي، اهي ڏانڊيون ضرور مالهي باغ جي صفائيءَ کانپوءِ اتي اڇلائيندو هوندو، دل ۽ گلاب ڪچري ڪونڊين جيان آهن، جن ۾ محبتون ۽ نفرتون گڏ سمايل آهن.
امر اقبال وفائن جي ڳالهه ڪندي ٿڪجي نه ٿو ۽ جفائن جي ڳالهه ڪندي گهڻو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو، هو منتشر خيالن جو مالڪ آهي. ڳالهه مان ڳالهه ڪندي، هڪ ڳالهه پويان ڪئي ڳالهيون ڪري وڃي ٿو، دانشور جي دماغ ۾ سوءُ دروازا هوندا آهن ۽ خيال قافلا، لکي ٿو “بس ۾ لڙڪندي هڪ بي نانءُ ڀوءُ ۽ وسوسن جي ڊگهي زنجير ٺهندي وڃي ٿي.”
هو لاشعوري طور خيالن جو اظهار سحرانگيز حقيقت نگاري (Magical realism) ۾ ڪري وڃي ٿو. ڀوءُ ۽ وسوسن جي ٺهندڙ ڊگهي زنجير، هن جي اظهار جي قوت خيالن جي زنجير جيان آهي، جنهن ۾ ڪئي خيال ڪڙين جيان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، دهشت گردي، خودڪش ڌماڪا، بيروزگاري، بازار حسن، سچل ۽ کجين جا وڻ، شبانا اعظمي، ارونڌتي راءِ، کان وٺي خيرپور جي ميرن ۽ شاعرن جي تذڪري کان شيخ اياز جو قداور عڪس، هو هر ڪنهن جو ذڪر عجز ۽ خلوص سان ڪري ٿو. ڪڏهن ڪجهه سٽن ۾ پورو ڪتاب سمائجي وڃي ٿو. ڪالم “جمالان جنهن کي انصاف جي غربت ماري ڇڏيو” ۾ هو لکي ٿو.
“حيدرآباد جي ضلعي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مينديءَ رتي ڏاڙهيءَ واري يونين ڪائونسل ناظم پاران جذباتي ٿي پنهنجو پاڻ کي رتورت ڪري ڇڏڻ کان وٺي، اتر سنڌ جي عوامي حلقن ۾ گهڻي مقبوليت رکندڙ مزاحيا فنڪار ڏاڙهون مسخري جي “خاموش موت” تائين، سکر جي بازار حسن ۽ پوليس تشدد وگهي ان “سدا سهاڳڻ” جي ضايع ٿيل ٻار کان وٺي، ٽيڪسيلا ۾ عيسائي ميشنري اسپتال تي ٿيل بم حملي ۾ مارجي ويل ٽن نرسن تائين اهڙا موضوع هيا، جن تي الڳ الڳ ڪالم لکڻ سان اخبار جي ايڊيٽوريل صفحي جي ڀيٽ ۾ هڪڙي ڪنڊ آسانيءَ سان ڀري پئي سگهي، پر الائي ڇو ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏي منهنجي ساڄي هٿ جي آڱرين ۽ آڱرين ۾ جهليل بال پين جو گڏيل اضطراب “جمالان” جي موت تي اچي بيهي ٿو.”
ٿورن لفظن ۾ گهڻو ڪجهه چوڻ جو ڏانءُ ۽ ڪڏهن چوندي چوندي نه چوڻ جي گنجائش هن جي خوبي ظاهر ڪن ٿا. جتي هو تذڪرو ڪندي گهڻا نانءَ ظاهر ڪري ٿو، اتي خوبيون ڳڻائيندي ڪجهه نانءَ مخفي رکي ٿو. هو لکي ٿو “هن ديس ۾ سڀ کان وڏو غريب انصاف نظر اچي ٿو.”
غريب جي ڪا حيثيت نه هوندي آهي انڪري انصاف به ڪا حيثيت نه ٿو رکي، انصاف جي کوٽ کان دلين جي کوٽ سوءُ دفعا بهتر آهي. انصاف جي کوٽ مظلومن کي سوليءَ تي لڙڪائيندي آهي ۽ دلين جي کوٽ ناانصافيءَ جو احساس ڏياريندي آهي، جنهن ديس جا غريب انصاف کي پاڻ جهڙو غريب سمجهن، ته اهي انصاف کي جهوپڙين ۾ پناهه ڏيندا آهن ۽ ايوانن ۾ موجود ناانصافي، انصاف جو روپ ڌاري عدالتن جي تارازين جا وَٽ کوٽا ڪري وجهندي آهي.
امر اقبال سٺو شاعر آهي ۽ هن جو نثر اثرانگيز، جڏهن شاعر نثر لکندو آهي ته ان جو نثر، نثري نظم ٿي پوندو آهي. شاعر جي ٻولي ان ڪري سگهاري هوندي آهي جو وٽس لفظن جا انبار هوندا آهن. شيخ اياز جو نثر خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ آهي. شاعر، جيڪو شاعريءَ جي پابندين ۾ قيد هوندو آهي، ان کي جڏهن آزاد ڇڏيو وڃي ٿو ته پلٽجي پوي ٿو، مون هر سٺي شاعر جو نثر اثرانگيز محسوس ڪيو آهي.
ڪالم “عيد جون خوشيون ۽ ڊسمبر جو غم” ۾ هو لکي ٿو ته: “ويندڙ سال جو غم ۽ عيد جون خوشيون ڪجهه سالن کان هن ديس ۾ گڏجي اچن ٿيون، پر جتي سڀني ڏينهن جون شڪايتون هڪجهڙيون ٿي وڃن، اتي عيد جو ڏينهن به عام ڏينهن وانگر گذري وڃي ٿو.”
هن جي تحرير ڪڏهن تجريد اختيار ڪري وڃي ٿي، سڀني ڏينهن جون هڪ جهڙيون شڪايتون عجيب ڪيفيت پيدا ڪري ٿي، امر اقبال وٽ ڏات جي شاعراڻي ڏانءَ سبب لکڻين ۾ جدت جا گهڻا روپ سمايل آهن، هن ڪتاب جي ڪجهه ڪالمن ۾ دوستن کي ڀرپور نموني ياد ڪيو آهي. ڪالمن جي وچ ۾ خوبصورت شعر ڏنل آهن، هو شيخ اياز کان گهڻو متاثر ڏسجي ٿو. ڪالمن ۾ ڪجهه شعر ۽ ڳالهيون ورجهائجي ويون آهن، ان جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪالم مختلف وقتن تي شايع ٿيل آهن جنهن ڪري چئي ويل ڳالهيون ياد نه هجڻ ڪري ورجهائجي ويون آهن.
ڪالم نگاريءَ جا مختلف طريقا آهن، هڪڙا ڪالم جاري وارتائن (Current Affairs) تي هوندا آهن، انهن ۾ کليل طريقي سياست ۽ معاشي حالتن تي تبصرا هوندا آهن، اهڙا ڪالم وقت سان اهميت وڃائي ويهندا آهن، حالتون بدلجي پونديون آهن، چڱا مڙس خوار ٿي ويندا آهن ۽ دربدر پريا مڙس سڏائيندا آهن، پر تخليقي قوت سان ڀريل ڪالم هر دور جو حصو ٿي ويندا آهن، اهي هر وقت جي ڀوڳنائن تي لاڳو هوندا آهن، امر اقبال جا ڪالم هر دور جا ڪالم آهن، انهن جو درد هر دور جي مظلوم جي دانهن آهي.
تخليقڪار جي طبيعت ان جي لکڻين ۾ ظاهر هوندي آهي، امر اقبال هڪ پرخلوص ۽ همدرد شخص آهي، سندس ڪالمن جو ڪتاب “سرگوشيون” ادبي لحاظ کان منفرد آهي.
o