ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي
جڏهن انسان شعور ۾ آيو هوندو ۽ پهرين دانهن ڪئي هوندي ته ان دانهن ڪهاڻيءَ جو روپ ڌاريو هوندو. ڌرتيءَ تي ظلم جي عمر سڀ کان وڏي آهي. پيار اهڙو معصوم ٻار آهي جيڪو ڪڏهن وڏو نه ٿيندو.
لکين سال اڳ ڪنهن ڪهاڻي ٻڌائيندڙ ضرور ڪنهن ظلم جو انجام معجزي تي ڪيو هوندو، ديو مالائي ڏند ڪٿائون جن ۾ انسان ڀوڳنائن کان نجات ديوتائن ۾ ڳولهي ٿو. ازل کان انسان پاڻ وڻائڻ ۾ مصروف رهيو آهي، ان اندر معتبر ٿيڻ جي حسرت رهي آهي. اها ئي حسرت آهي جنهن تحت ان ڪهاڻيءَ کي دردناڪ روپ ڏئي ٻڌندڙ کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. جڏهن انسان درد جي احساس کي ويجهو ٿيندو آهي ته “واهه” ڪندو آهي ۽ اها “واهه” ڪهاڻي ٻڌائيندڙ جي ان حسرت جو پورائو ڪندي هوندي ته اهو ٻڌندڙ تي ڪيترو اثر انداز ٿيو آهي.
هر ڳالهه ڪهاڻي ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن ٻڌائڻ واري وٽ ٻڌائڻ جو انداز آهي. ڪهاڻي ڳالهه جو فضيلت ڀريو نانءُ آهي. جڏهن ڳالهه يا ڪهاڻي نه هئي ته پڪ سان تڏهن ڌرتيءَ تي ظلم نه هيو. جڏهن ظلم نه هيو ته ڌرتي ٺهي نه هئي ۽ جڏهن ڌرتي ٺهي نه هئي ته ڪائنات پٿر جو بت هئي.
وس پڄي ته ڪهاڻيءَ کي “ڳالهه” چوان، منهنجي ڳالهه جا ڪردار سياري جي رات ۾ سَوڙِيون پائي سمهيل ڀائر ۽ ڀينرون آهن، هٿ بتيءَ جي هيڊي روشنيءَ ۾ هڪ ماءُ بي اولاد بادشاهن جا قصا پنهنجي اولاد کي ٻڌائي ٿي، فقير جي ڏنل تير سان وڻ مان ڪريل ست انب، ست راڻيون کائن ٿيون. ستن شهزادن جا پريُن سان پيار جا قصا، پکي بنجي پڃري ۾ قيد ٿيڻ، ديو کي مامو ڪوٺي آزاد ٿيڻ، سامريءَ سان مقابلو ڪري فتحياب ٿي موٽڻ، وڇڙيل شهزادن جي غم ۾ نابين ٿي ويل بادشاهه جو پٽَ ڏسي نوبنو ٿيڻ.
ماءُ جو ڳالهه ٻڌائيندي هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڇڻيل چوني واري ڀت تي ٺهندڙ پاڇو. پاڇي جا ڳالهه جي هر موڙ تي حرڪت ڪندڙ هٿ، چرندڙ چپ ۽ چپن تي ٻارن لاءِ رقص ڪندڙ چميون. ڇڻيل چوني جي چاپڙن ۾ ٺهيل تجريدي عڪس، جڏهن ننڍو هيس ته ڀت جي ڇڻيل چوني جي سوين تصويرن ۾ ماءُ جي ٻڌايل ڳالهه جا ڪردار چرپر ڪندي نظر ايندا هيا.
سنڌي تنقيد نگارن جا اڇا وار صرف اهو سوچيندي ٿي ويا ته ڪهاڻي ۽ افساني ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ادب جو ڏوهٽو ۽ پوٽو اڌ عمر ان ۾ گذارين ٿا ته ناني ۽ ڏاڏيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ننڍي هوندي سيپارو کڻي مسجد ويندو هيس ته مولوي منهنجي دوست غلام حسين جو ڏاڏو هيو، جڏهن مولوي پڙهائيندو هيو ته غلام حسين کيس ائين سڏيندو هيو جيئن “ڏاڏو” نه پر ان کي “پاڏو” چوندو هجي. مان هڪ ڏينهن غلام حسين کان پڇيو “ڏاڏي کي پاڏو ڇو ٿو چوين؟” ڳالهه تي کيس ڪاوڙ لڳي، جواب ڏنائين “پاڏو نه، ابا وڏو ٿو چوان. ڪن کولي ٻڌندو ڪر.” اسان کي ٻڌڻ جي عادت گهٽ آهي، مون تي غلام حسين جي وضاحت جو ايڏو ته اثر ٿيو جو حجائتن جي محفل ۾ جملو پورو نه ڪري سگهندو آهيان ڇو جو هرڪو ڳالهائڻ لاءِ بي قرار آهي.
ڪهاڻي ۽ افساني جي فرق تي بحث ڪري وقت وڃائڻ کان چانهه پيئڻ بهتر آهي. پاڙي جي هڪ مائي سمجهندي هئي ته ٻه گهر ڇڏي ٽئين گهر ۾ رهندڙ مائيءَ کي ٻه پٽ آهن، جڏهن ته ان جي هڪ پٽ کي ٻه نالا هيا.
حشرات (Species) کي ورهائي (Classify) ڪري سگهجي ٿو، سوچن کي نه! ڇو جو سوچن کي هيت (Form) نه آهي. سوچون لهرن جيان ڪڏهن هڪ ڪناري ته ڪڏهن ٻي ڪناري ٽڪرائجن ٿيون، ڪهاڻي شعور جو وهڪرو (Stream of consciousness) آهي. وهڪري کي ڪنهن به صورت ۾ ٻنجو ڏئي قابو ڪري نه ٿو سگهجي.
طويل ڪهاڻي، مختصر ڪهاڻي، افسانو يا ٻيو ڪو ڪتب آندل لفظ، ساڳي ڳالهه آهن. اهميت زماني ۽ زمان کي آهي. ارتقائي لاهن چاڙهن کي آهي، طويل شيون وقت جي واءُ ۾ گسي مختصر ٿي چڪيون آهن. حياتي انڪري ٿوري محسوس ٿئي ٿي جو مصروفيتن وقت سوڙهو ڪري وڌو آهي. خوشنصيب هيا اڳ وارا انسان جيڪي وقت گذاريندا هيا، هاڻي وقت اسان کي گذاري رهيو آهي. اسڪول ۾ پڙهندو هيس ته لکيل هوندو هيو اولهه پاڪستان جي آبادي پنج ڪروڙ آهي، اها پنج ڪروڙ آبادي هزارين سالن کان پوءِ هئي، هاڻي ويهه ڪروڙ آهي، پندرهن ڪروڙ آبادي گذريل چاليهن سالن ۾ وڌي آهي، اهو سلسلو جاري رهيو ته ڌرتيءَ کان محروم ٿي انسان انسانن ۾ دفن ٿي ويندا.
طويل ڪهاڻي وقت جي قلت ڪري ننڍي ٿي چڪي آهي، ڪائنات جي هر شئي ۾ برقرار رهڻ لاءِ سمائجي وڃڻ جي سڪت (Adaptive Capability) موجود آهي. شيون فنا نه ٿيون ٿين پر تبديل ٿين ٿيون. ڪهاڻي به ائين آهي، وقت جي ضرورت موجب اها ڦيرڦار فطري آهي. پڙهندڙن وٽ وقت نه آهي. ڪهاڻي روپ بدلائي اهڙي ٿي چڪي آهي، جيئن ٿوري وقت ۾ سمائجي پڙهندڙن لاءِ موجود رهي سگهي، مختصر ڪهاڻي (Short Story) ٿورن لفظن ۾ گهڻن لفظن جي تفصيلي وضاحت آهي.
ڪهاڻي صرف ڪهاڻي آهي ٻيا ان جا روپ آهن. قسم اٺ جا هوندا آهن، چون ٿا ته اٺ جا ٻارنهن قسم آهن پر آهن سڀ اٺ، اکيون زبان کان سٺو ڳالهائي سگهن ٿيون، روح جي مرڪ ڳوڙها آهن. ڪهاڻي جادو آهي ۽ لفظ منتر.
ڪهاڻي جا ڪجهه روپ هيٺ ڏجن ٿا.
وضاحتي ڪهاڻي: سادن لفظن ۾ کولي بيان ڪيل ڪهاڻي، جنهن ۾ مسئلن جو ذڪر ۽ انهن جو حل موجود هجي. اها ڪهاڻيءَ جي قديم هيت (Form) آهي.
مونولاگ ڪهاڻي: اڪيلي ڪردار جي ڪهاڻي جنهن ۾ پاڻ سان مخاطب ٿئي ٿو. فرض ڪيو ڪو ڪردار سگريٽ دکائي ڪش هڻي سوچي ۽ دونهون لفظن جو روپ ڌاري سندس وات مان نڪري.
ڊائلاگ ڪهاڻي: جنهن ۾ ڪردار ڳالهائين ٿا ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڪهاڻيءَ جو مقصد واضح ٿي وڃي ٿو. سنڌ ۾ ڪهاڻيءَ جو اهو روپ گهڻو مقبول رهيو آهي.
علامتي ڪهاڻي: چون ٿا ته ادب ۾ علامتي انداز انڪري آيو جو ڊڪٽيٽرشپ سڌي تنقيد برداشت نه ڪندي آهي. انڪري علامتي انداز اختيار ڪيو ويو. ان راءِ سان ڪيترا دانشور متفق نه آهن. استحصالي قوتون ايڏيون ته ذهين هونديون آهن جو چڱن کي چور چئي ڦاهيءَ چاڙهي ڪافر قرار ڏئي قل به نه بخشرائينديون آهن. اهڙين لوهه جي مڄالي وارين ٿنڪ ٽينڪس جي اڳيان علامتي انداز اختيار ڪري بچڻ ائين آهي جيئن ڪبوتر رنگ ۾ ڪري ڪانءُ ٿي پوي.
دراصل علامتون انڪري وجود ۾ آيون جو عمر سان گڏ انسان اڳيان موجود هر شيءِ معنا وڃائي ويهي ٿي. ساڳيا گل، وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ تي وسندڙ شيون متاثر ڪندڙ نه ٿا رهن. جستجو سدائين نواڻ ڳولهي ٿي. تشبيهون وڻن ٿيون، نوان خيال وڻن ٿا ۽ علامتن ۾ نئون رنگ ڏسجي ٿو، ائين اندرُ نون نظارن ۽ سوچن سان واقف ٿئي ٿو.
تجريدي ڪهاڻي: علامت ۽ تجريد ۾ اهو فرق آهي ته علامت اڻ سڌيءَ طرح ڪنهن به نظاري Image يا سوچ جو نئون عڪس اڀاري ٿي. جڏهن ته تجريد (Abstract) بگڙيل (Distorted) نظاري Image يا منجهيل سوچ جي عڪس يا معنا جو اندازو پاڻ لڳائي ٿي. ڪيوبزم Cubisim بلاڪ ورڪ تجريدون آهن جن ۾ پڙهندڙ يا ڏسندڙ Puzzle بلاڪ پاڻ ۾ ملائي صلاحيت ۽ سمجهه موجب عڪس ذهن ۾ آڻي ٿو. تجريدي ڪهاڻيون گهڻ معنائون هونديون آهن جو انهن جو تَتُ (Conclusion) فيصلاتي (Decisive) نه هوندو آهي، پر پڙهندڙ تي ڇڏيل هوندو آهي ته اهو ان جي معنا يا مفهوم پنهنجي سمجهه مطابق ڪيئن ٿو ڪڍي.
ڇرڪائيندڙ ڪهاڻيون: Anticlimax ڪهاڻيون هونديون آهن، اهڙيون ڪهاڻيون فن جو جادو آهن، اهو ائين آهي ڪو کيسي مان رومال ڪڍي نڪ صاف ڪري ۽ سندس نڪ مهٽجي غائب ٿي وڃي. اوهينري، موپاسان ۽ ڪجهه ٻين اديبن اهڙيون ڪهاڻيون لکيون آهن، انهن ڪهاڻين جو انت ڇرڪائيندڙ آهي.
ياداشتي (Nostalgic) ڪهاڻيون: ڪهاڻيءَ جو سڀ کان خوبصورت روپ آهي. يادن ۾ موجود طلسماتي ڪردارن کي سحرانگيز بنائڻ هر ليکڪ جي وس جي ڳالهه نه آهي. ڏکڻ آمريڪا جو ويهين صديءَ ۾ تخليق ٿيل ادب گهڻو ڪري ياداشتي (Nostalgic) آهي. گارشيا مارڪيز اهڙي فن ۾ ڪمال ڪيو آهي.
احساساتي ڪهاڻيون: جن ۾ انسان جي اندروني جذبات جو اوچتو اظهار ٿئي، ڏک سک نفرت پيار همدردي افسوس ۽ بيوفائيءَ جو ارمان، بي قرار سوچون، مايوسيون، اميدون، پاڻ کي پنهنجا دلاسا، قرب اقرار جون حسرتون، سگهاري قلم کان سرجي وڃن ته اهي احساساتي ڪهاڻين جو روپ ڌاري وٺن ٿيون، چيخوف وٽ اهڙا اظهار آهن. ايلس منرو جون ڪهاڻيون پڻ اهڙن احساسن جو اظهار ڪن ٿيون.
فنٽسي ڪهاڻيون: جن ۾ حقيقي دنيا کان هٽي فوق الفطرت (Supernatural) ڪردار ترتيب ڏئي خيالي دنيائن جو ذڪر ڪيو وڃي. اهڙيون ڪهاڻيون تخليقي ادب جو حصو آهن جيڪڏهن انهن ۾ اهي خصلتون موجود آهن جيڪي ادبي گهرجائن کي پورو ڪن ٿيون نه ته ٻي صورت ۾ اهي تفريحي ادب جو حصو بنجي وڃن ٿيون.
سرئلزم (Surrealism) ادب ۾ Extra Perceptional احساس آهي. جاڳ ۾ خواب ڏيکارڻ سرئلزم آهي. سرئلزم ڪو ڪهاڻي يا ناول جو روپ نه آهي پر لکڻين ۾ سمايل خوابناڪ ڪيفيت آهي. اهڙي ننڊاکڙائپ (Hypnotism) جنهن جي پڙهڻ سان ماڻهو Mesmerize ٿي پوي. اها ادب جي جوان جسم مان اٿندڙ جنسي بوءِ آهي جيڪا تجسس جي باهه ڀڙڪائي ٿي. اهو صدين کان ادب اندر سمايل اهڙو احساس آهي جنهن کي نئون نانءُ ڏنو ويو آهي.
تخليقي ڪهاڻي يا ادب دنيا جي مخصوص حلقن تائين محدود ٿي چڪو آهي. تجارتي لحاظ کان تفريحي ادب دنيا جو ڪامياب ادب آهي.
سنڌي ڪهاڻي ڪٿي هئي! ڪٿي پهتي آهي؟ اهو فيصلو نقادن کي ڪرڻو آهي، ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪهاڻي لکجي رهي آهي ڇو ته پڙهندڙ موجود آهن.
o