وجوديت ۽ اشتراڪيت
وجوديت جو فلسفو ايڏو گنڀير نه آهي جيڏو ان کي بنايو ويو آهي، وجوديت، هستي يا Existentialism جو تصور ان وقت کان آهي، جڏهن شعور جاڳيو، انسان پاڻ متعلق سوچيو ۽ اندر هڪ الڳ انسان کي محسوس ڪيو، بقول فريد الدين جي ته وجود ان جي صفتن تي مشتمل آهي.
فريد الدين جو ڪتاب وجوديت، تعارف ۽ تنقيد ان سلسلي ۾ سٺي ڪوشش آهي، پر اهو پنهنجي مقصد کان هٽيل ڪتاب آهي، ستهتر صفحن جي مختصر ڪتاب ۾ صرف پنجٽيهه پنا اهڙا آهن جن تي وجوديت بابت بحث ٿيل آهي.
ڪتاب جي شروع ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي “راءِ” ڏيندي چوي ٿو “ٻئي جنگ عظيم کانپوءِ وجوديت جي تحريڪ سهارو ڏنو، جيئن فردن، طبقن ۽ جماعتن لاءِ نوان قدر ۽ روايتون پيدا ٿي سگهن، جيڪي زندگيءَ کي مقصد يا معنا ڏئي سگهن.”
جڏهن ته وجوديت فردن، طبقن ۽ جماعتن جي نفي ڪري ٿي، اها هجومن جا اجتماعي فيصلا مڙهڻ خلاف آواز آهي.
فريد الدين وجوديت ۽ تاريخي پس منظر ۾ لکي ٿو ته ڊارون به هيوم وانگر روماني ۽ غير عقلي تصور کي اڳتي وڌايو.
ڊارون کي هيوم سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي، اهڙو خيال هيوم سان لاڳو ٿي سگهي ٿو پر ڊارون سان نه، ڊارون هڪ سائنسدان هيو، جنهن ارتقا جي تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ تصور کي حقيقت جو روپ ڏنو، ڊارون عقل ۽ مشاهدي جي بنيادن تي ارتقا کي واضع ڪري ٿو.
وجوديت زندگيءَ جو شعور آهي، موجودگيءَ جو احساس وجوديت آهي. انفرادي يا اجتماعي احساس ٻئي صورتون وجود جو يقين ڏيارين ٿيون، انسان جو انفرادي احساس انڪري آهي جو سندس لاشعور ۾ اجتماعي احساس وجود رکي ٿو، هڪ فرد پنهنجي ڪردار ۽ سوچ ۾ آزاد آهي ڇو جو هڪ الڳ وجود رکي ٿو، فرد تي هجوم، اڪثريت يا عقيدي جا فيصلا مڙهي نه ٿا سگهجن، وجوديت جو نظريو مڙهيل اجتماعي نظامن ۽ نظرين کان بغاوت آهي.
وجوديت جو فلسفو اوڻويهين صديءَ تائين هڪ عام فلسفو هيو جيڪو شهنشاهيت ۽ مذهب خلاف آواز هيو، ويهين صديءَ جي حالتن ان کي اُڀاريو، ڪميونسٽ انقلابن دنيا کي متاثر ڪيو، پهرين ۽ ٻئي جنگ عظيم ۾ لکين انسان موت جي ور چڙهي ويا، ڪيترن انسانن کي جلاوطني اختيار ڪرڻ پئي، يهودي سرمائيدار گهڻو متاثر ٿيا، ان کانپوءِ ٿڌي جنگ (Cold War) شروع ٿي. اهو نظرين جي جنگ جو زمانو هيو، هڪ طرف اجتماعي سوچ ۽ ٻئي طرف انفرادي سوچ جنم ورتو، اهو وقت هيو جڏهن اشتراڪي نظريي خلاف وجوديت (Existentalism) جي نظريي کي زور وٺائڻ جي ضرورت پيش آئي، ڇو جو وجوديت فرد جي انفرادي حيثيت کي اهميت ڏئي ٿي ۽ ڪو به مڙهيل نظام قبول نه ٿي ڪري.
ان دور ۾ وجوديت جو فلسفو ادب جو حصو نظر اچي ٿو، وجودي ناول گهڻا مقبول ٿيا، سوويت يونين اندر پڻ اهڙا اديب پيدا ٿيا، جن وجوديت کي موضوع بنايو ۽ اهي سزا طور جلاوطن ٿيا.
ٿڌي جنگ جي ڏينهن ۾ نوبل انعام کي ڪميونزم خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. وجودي اديبن کي انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ چئي کين نوبل پرائيز سان نوازيو ويو، سارتر نوبل انعام کي انڪري ٺڪرايو جو کيس خبر هئي ته اهو انعام ان کي وجوديءَ جي حيثيت ۾ نه پر سياسي طور اڻ سڌيءَ طرح سوويت يونين ۽ ان جي نظريي جي مخالفت ڪري آڇيو ويو آهي، ڌرتيءَ تي انسان، انسان جو ئي غلام رهيو آهي، مذهب، نظريو، طاقت انسان کي زير ڪندا آيا آهن، انسان جو پاڻ ڳولهڻ وجوديت آهي.
گهڻن وجودي فلاسافرن انڪري شادي نه ڪئي جو شاديءَ کانپوءِ فرد ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وڃي ٿو ۽ ڪٽنب جو حصو بنجي انفرادي حيثيت وڃائي ويهي ٿو. وجوديت هيگل جي نظريي جو ردعمل آهي، جنهن چيو “انفرادي حيثيت ۾ فرد جي حيثيت نه آهي. فرد تي هجوم کي فوقيت حاصل آهي.”
هيگل کان اڳ به اهڙي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اخلاقيات جو فلسفو فرد جي اجتماعيت تي زور ڏئي ٿو.
اڻويهين صديءَ ۾ ڪيئر ڪگارڊ، هيگل جي فلسفي کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان چيو “اجتماعي نظريا غلط آهن ڇو انهن ۾ فرد جي اهميت نه آهي. ڪيئر ڪگارڊ انسان جي انفرادي حيثيت جي ڳالهه ڪندي مذهب سان لاڳاپيل هيو. هن جو پيءَ جيڪو ڪليسيا جو پادري هيو. ان زال جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ نوڪرياڻيءَ سان گناهه جو ارتڪاب ڪيو، جنهن مان کيس ڪيئر ڪگارڊ ڄايو، سندس پيءُ سدائين ان گناهه جي احساس ۾ رهيو ته ان چڱو ڪم نه ڪيو آهي. پيءُ کان ورثي ۾ مليل گناهه جي احساس هيٺ ڪيئرڪگارڊ به زندگيءَ ۾ ان مورثي گناهه جي احساس هيٺ رهيو، هو خوف ۽ گناهه جي احساس ۾ ان حد تائين ورتل هوندو هيو جو چوندو هيو ته “وجود جي موجودگي گناهه جي احساس ڪري آهي، اسين گناهن کي محسوس ڪيون ٿا، جنهن جي خوف کان موجودگيءَ جو احساس ٿئي ٿو.”
سارتر وٽ به ساڳيو نظريو آهي پر هو خدا جي نفي ڪري ٿو، سندس چوڻ موجب “انسان پاڻ کي خدا سان ڳنڍي آزاد رهي نه ٿو سگهي.”
وجود ۽ ڪجهه نه (Being and nothingess) ۾ هو فرد کي اهميت ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو “انفرادي وجود کانسواءِ ڪجهه نه آهي، جيڪي آهي فرد جي اندر جي روشني آهي، جيڪا وجود کان ٻاهر هر شيءِ روشن ڪري ٿي، ائين فرد پنهنجي زندگيءَ ۾ پاڻ معنا پيدا ڪري ٿو.”
هن وٽ زندگيءَ جي بي معنا هجڻ جو احساس خوف جو سبب آهي، جنهن ڪري هڪ دانشور وٽ مايوسي ۽ اداسيءَ جي ڪيفيت نظر اچي ٿي. وجود کان ٻاهر ڪجهه نه هجڻ جو احساس دنيا کي نفرت لائق بنائي ٿو. اهڙو ئي احساس هيو جنهن هن کان ڪتاب “اوڪارا” (Nausea) لکرايو. وجودي اديب پنهنجن ناولن ۾ پاڻ ڳولهيندي نظر اچن ٿا. ڪاميو جو “ڌاريو” (Outsider) اهڙن احساسن سان ڀريل آهي. ڪافڪا جو نروار (Metamosphosis) انساني وجود کي هڪ ڪيڙي جي تبديليءَ ۾ نروار ڪري ٿو، جيمس جوائس جو “يوليس” (Ulysses) به ڪاميو جي سسيفس جي ڏند ڪٿا (Myth of sisyphus) جيان ديو مالائي ڪردارن ذريعي انسان جي بي سبب ڀوڳنائن کي واضح ڪري ٿو، هڪ خوف ۾ ورتل انسان، ان جي اڪيلائي، زندگيءَ جو بي معنا ٿي پوڻ انفرادي وجود ۾ انسان آزادي ڳولهيندي پاڻ به قيد ٿي وڃي ٿو. سسيفس سزا طور هڪ وڏو پٿر جبل تي چاڙهي ۽ لاهي ٿو. وجود ڀوڳنا آهي. سزا کاڌل پروميٿيس جيڪو زنجيرن سان ٻڌل آهي. ڳجهون ان جو جيرو کائن ٿيون ۽ جيرو وري پيدا ٿي پوي ٿو، انسان مرضيءَ کانسواءِ دنيا ۾ آيو آهي ۽ بي سبب موت هٿان ماريو وڃي ٿو.
فريد الدين نظرياتي طور ڪميونزم جو حامي رهيو آهي، جنهن ڪري اهو وجوديت سان انصاف ڪري نه سگهيو آهي، سندس بقول “هيءُ فلسفو وهمي ۽ غير عقلي تصورن کي جنم ڏئي ٿو، هيءُ فرد جي نجات جو رستو نه آهي پر ان رستي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري ٿو، هيءُ نظريو جاڳيرداري ۽ سرمائيداريءَ جي بچاءَ لاءِ هڪ موثر هٿيار آهي.”
o
(هيءُ مضمون تاريخ 4 جولاءِ 2015ع تي فريد الدين جي ڪتاب ”وجوديت، تعارف ۽ تنقيد“ تي هڪ مطالعاتي بيٺڪ ۾ پڙهيو ويو.)