هڪ شاگرد، هڪ فقير
والد صاحب ويهه جون 2013ع خميس ڏينهن وفات ڪري ويو، تڏي تي جن شخصيتن تعزيت ڪئي انهن ۾ فقير امان الله ماڪو به شامل هيو، وڏي عرصي کان پوءِ فقير امان الله سان ملاقات ٿي، سندس ذات ۾ ساڳي نيازمندي، نوڙت ۽ همدردي شامل هئي جيڪا کين ننڍپڻ کان ورثي ۾ ملي، هن تڏي تي ڏک ونڊيندي بابا کي اهڙو ته ياد ڪيو جو مان ماضيءَ جي ڌنڌ جو پردو هٽائي ان ڳوٺ ۾ هليو ويس جتي بابا ڪيترا سال هڪ استاد جي حيثيت ۾ گذاريا.
منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته هڪ پرائمري استاد جو پٽ آهيان، بابي مون کي لکڻ لائق بنايو، هو هڪ عظيم استاد هيو، ننڍپڻ ۾ ميٽ ميساريل ڦٽيءَ تي منهنجو هٿ، هٿ ۾ وٺي مس ۾ ڪلڪ ٻوڙي لکڻ سيکاريندو هيو. اڄ به محسوس ڪندو آهيان، لکڻ وقت منهنجو هٿ بابي جي هٿ ۾ جهليل آهي.
مان ٽن/چئن سالن جو هيس. اڃان ڪنهن اسڪول ۾ داخلا نه ورتي هيم. بابو صبح سان سائيڪل تي ويهاري ڳوٺ لائق ماڪا وٺي ويندو هيو. ڳوٺ لائق ماڪا سکر شهر جي شڪارپور ريلوي ڦاٽڪ کان هڪ ڪلوميٽر پري اوڀر طرف آهي. اهو ننڍڙو ڳوٺ جيڪو تازي پاڻيءَ جي ڪنبن سان ويڙهيل هوندو هيو ۽ هر طرف ناڙي جي ول جي جهنگلي گلن جي خوشبوءِ ڦهليل هوندي هئي، ساڳيو نه رهيو آهي، سکر شهر اڳتي وڌي هڪ ازدها جيان ان کي ڳڙڪائي ويو. ان ڳوٺ جو حسن مون ننڍپڻ ۾ ڏٺو. وڻن تي ڏار ٽڪيندڙ ڪاٺ ڪٺا ايڏا ته وڻندا هيا جو هڪ استاد جي لاڏلي پٽ جي حيثيت ۾ شاگردن کي چوندو هيس ته “اهي مونکي پڪڙي ڏيو.”
فقير امان الله ماڪو ان وقت بابا جي پيارن شاگردن مان هڪ هيو. اهو منهنجي دل رکڻ لاءِ ڪنهن پٽ تي ويٺل ڪاٺ ڪٺي پويان ڊوڙندو هيو، ڪٺ ڪٺو ڀڙڪو کائي اڏامي ويندو هيو. هو مرڪي چوندو هو. “اڏامي ويو، ٻئي دفعي پڪڙينداسين.”
مون ان ڳوٺ ۾ کٻڙن مٿان پيرن تي اڏامندڙ اهڙيون رنگين ڀنڀوريون ڏٺيون جيڪي وري ڪٿي نظر نه آيون، کجيءَ جا وڻ ۽ انهن تي ويٺل وَهيا. انبن جا وڻ، انهن جو ڇڻندڙ ٻور ۽ لڪي ٻوليندڙ ساوا طوطا. ڪڻڪ جا فصل ۽ اهي آڀون، جن کي ترين سان مهٽي ڪچڙا داڻا ڪڍي فقير امان الله ماڪي مون کي کارايا. اڄ به منهنجي اندر جي سانت ان ڳوٺ جي سانت جهڙي آهي. ان سانت ۾ ڳيرن جا آواز گونجن ٿا. کٻڙن ۾ لڙڪندڙ ڳاڙها پيرون اکيون کڻي مون ڏي ڏسن ٿا.
فقير امان الله ماڪو تڏهن نون/ڏهن سالن جو هيو. ڦڙت ذهين ۽ بي باڪ، پنهنجي عمر کان وڏو، هو مون کي پري بيهاري پٿر کڻي اسڪول جي پوئين پاسي واهيءَ وٽ بيٺل انب جي وڻ کي وهائي ڪڍندو هيو، هڪ پٿر سان چار ساوا انب ڪرندا هيا. منهنجي جهول ڀرجي ويندي هئي.
ڳوٺ لائق ماڪا جو نالو شايد انڪري پيو جو اتان جا رهواسي واقعي لائق پئي رهندا آيا آهن. اهي خوبين سان نوازيل آهن. انهن ۾ موروثي خداداد صلاحيتون موجود آهن. انهن جي اڪثريت کي بابي جي شاگرديءَ جو شرف حاصل آهي. بقول فقير امان الله ماڪي جي ته “ننڍپڻ ۾ بابي انهن جي ڪجهه اهڙي ترتيب ڪئي جو کين اڳتي وڌڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ٿي.”
هڪ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ بابا جون خدمتون پندرهن سالن تائين محدود آهن، سندن نظر ويهجي وئي ۽ وقت کان اڳ ريٽائرڊ ٿيڻو پيو، بابو پنهنجي پيارن شاگردن کي سدائين ياد ڪندو هيو. فقير امان الله سان کين خاص رغبت هئي، منهنجي ننڍي ڀاءُ امان الله جو نالو بابي فقير جي نالي پويان رکيو.
مون کي فقير جي وڏڙن کي ڏسڻ جو شرف پڻ حاصل ٿيو، سندن والد نواب ماڪو (جنهن جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي، سندن شخصيت تي محمد قاسم ماڪا جو مضمون شايع ٿيل آهي) ۽ والده ماجدا، جيڪا جڏهن ويڙهي ۾ ويندو هيس ته پيار سان پيش ايندي هئي ۽ کيسي مان خرچي ڪڍي ڏيندي هئي.
اهو سڀ ياد ڪري روح جي گهرائين تائين تازگي محسوس ڪري رهيو آهيان. ان ڳوٺ جي هوائن جي خوشبوءِ ۾ ويڙهجي ويو آهيان. اهو امن ۽ سڪون جو دور هيو، مان ڪڏهن اسڪول مان نڪري ڀرسان ڪچسري جاءِ ۾ هڪ بزرگ محمد بچل ماڪي وٽ ويندو هيس. ان بزرگ کي سدائين ڪلف لڳل ڪاٽن جا اڇا ڪپڙا پاتل هوندا هيا، سندن اڳيان ڪُپڙيءَ ۾ زعفراني مس پيل هوندي هئي، جنهن مان ڪلڪ ٻوڙي هيڊن اکرن ۾ تعويذ لکندا هيا، ان وٽ رش لڳل هوندي هئي، مون کين ڪڏهن فارغ نه ڏٺو، تعويذ عيوض جيڪي ملندو هيو ڳڻڻ بنا وڇايل چادر هيٺ رکي ڇڏيندا هيا. اهو بزرگ صاف سٿرو هوندو هيو، جنهن کي مٿي تي اڇا چمڪندڙ وار هيا. منهنجي ذهن ۾ هڪ ٻئي شخصيت، محمد پناهه نوناري اچي رهيو آهي، جيڪو اسڪول ٻاهران شئي وڪڻندو هيو ۽ ان کان لائي وٺي کائيندو هيس اهو پڻ مهربان شخص هيو.
ننڍپڻ ۾ فقير امان الله ماڪي سان گهاريل گهڙيون ذهن تي اڃان اڪريل آهن. اها سندن عجز ۽ نياز جي انتها آهي جو وقت کين فقيريءَ جو اوج عطا ڪيو، سندن وڏي ڀاءُ ممتاز علي ماڪي، ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر اسماعيل ماڪي ۽ ڀائٽي ڊاڪٽر عثمان ماڪي سان ساڳي نيازمندي آهي.
فقير امان الله ماڪو الفرقان ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ ميوزم جو باني آهي، ميوزم ڏسڻ وٽان آهي جنهن مان سندن جاکوڙ جي خبر پوي ٿي، پاڻ وڏي جدوجهد کانپوءِ جيڪي ديني نوادرات ڪٺا ڪيا آهن انهن عيوض خدا کين ضرور اجورو عطا ڪندو.
o