ڪراچي يا ڪلاچي (المياتي مزاح)
جڏهن ٻار هياسين ته پيروليون ڏئي هڪ ٻئي جي ذهانت آزمائيندا هياسين. اهو به هڪ رعب جو طريقو هوندو هيو. منجهيل پيرولي مت منجهائي وجهندي هئي ۽ پيرولي ڏيندڙ فخر سان مرڪندو هيو. ٻين کي منجهيل ڏسي، پاڻ ئي چوندو هيو.
“ٽِڪي چڙهي؟”
“ها”
پوءِ ٻڌائيندو هيو ته ان پيروليءَ جو مطلب ڇا آهي، مون کي ياد آهي هڪ دوست اهڙي پيرولي ڏني هئي جو ٻڌي حيران ٿي ويا هئاسين. اها پيرولي هئي. “ڪراچي، حيدرآباد.”
ان ۾ صرف ٻن شهرن جا نالا هيا، وڌيڪ ڪجهه نه هيو.
“اڙي بابا ڪراچي، حيدرآباد ته شهرن جا نالا آهن.” هڪ دوست چيو “پوءِ اها پيرولي ڪيئن ٿي؟”
“نه، اها پيرولي آهي سوچيو.” پيرولي ڏيندڙ چيو.
سڀ سوچ ۾ پئجي ويا، ننڍڙا ذهن پريشان ٿي ويا، ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو.
“ادا ٽڪي چڙهي” هڪ دوست چيو.
پيرولي ڏيندڙ فخر مان ٽهڪ ڏئي ٻڌايو، ان جو مطلب آهي “ڪَر اچي هي در آباد”
ان وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو “زال مڙس ڏي ڳجهو نياپو موڪليو جنهن جو مطلب اهو هيو.”
اسين سڀ ٻار کِل ۽شرم ۾ اونڌا پيا هياسين، ٻار هونئن ته حرڪتي هوندا آهن پر جنس جي تذڪري تي سندن منهن ڳاڙها ٿي ويندا آهن، اسان جو به هڪ اهڙو ئي شرميلو دوست هيو جنهن کي “ٽماٽو” چوندا هياسين، ٽماٽو انگريزي لفظ آهي، سنڌيءَ ۾ اصل لفظ “چماٽو” آهي. ڪو وقت هيو “چماٽا” سستا هيا. ڪڏهن ائين به ٿيندو هيو جو ناپسند ماڻهن کي اسٽيج تي ڦتل چماٽا هڻي نفرت جو اظهار ڪيو ويندو هيو. وري اهي ٻيا موچڙن وارا چماٽا هوندا هيا، جيڪي ماستر ٻارن کي گهرو ڪم نه ڪرڻ ڪري ڪلاس ۾ هڻندا هيا. مون کي ياد آهي مان سکر جي سبزي مارڪيٽ مان ڪريلا وٺي رهيو هيس، هڪ ڳوٺاڻو آيو ۽ ان دوڪاندار کان پڇيو “ڀائي چماٽا ڪيئن ٿو ڏئين؟”
دوڪاندار هٿ سڌو ڪري کيس ڏيکاريندي چيو “چماٽا اس ڪو بولتي هين، يي ٽماٽا هي”
ڳوٺاڻي جو منهن لهي ويو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري بيهي رهيو.
ان ڏينهن کانپوءِ مان خوف کان ٽماٽا چوندو آهيان نه ته حقيقت ۾ اهي چماٽا آهن. پاڪستان جي مهرباني جو ٽماٽا آهن نه ته چماٽا کائڻا پون ها، سو ڪراچي حيدرآباد واري ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي، جنهن جو مطلب آهي. “ڪر اچي هي در آباد”
ڪهڙا در آباد ڪيون، سڀ گهر ۽ در برباد لڳا پيا آهن، جنهن در اڳيان لنگهه سٽڪن جو آواز ٿو اچي. اسين سنڌي پنهنجن ئي شهرن ۾ ڌاريا بنجي چڪا آهيون. چون ٿا سنڌين جي حڪومت آهي. ڏاڍي کل ٿي اچي اهو فحش لطيفو ياد ڪندي جيڪو ڄاڻي واڻي نه ٻڌائيندس. صرف ايترو چوندس ته ان ۾ “جهنگ جي بادشاهه شينهن جي، جهرڪيءَ ضمانت ڏني هئي.”
دهل کي ڌڪ لڳندو آهي ته چوندا آهن “ساز ٿو وڄي” خبر نه آهي شعبان جي شاديءَ ۾ دهل جو ڪهڙو ڏوهه جو هر دفعي موچڙا ٿو کائي. ٻلي هش ۾ خوش. سنڌي اهڙو حلوو ٿا کائين جنهن کي “سيرو” چوندا آهن. ڪنهن لغت جي ماهر کان لفظ سيري جي وڍڪٽ ڪرائبي ته ان لفظ جو مفهوم ئي وڍ ڪٽ بيهندو. ڇو جو جانورن کي قربان ڪرڻ لاءِ سير ڏبي آهي نه ته لفظ حلوو به وڏي معنا وارو آهي. کائجي ته مٺو نه ته “هل وو” مطلب هل هتان، ميدان صاف ڪر.
مشهور چوڻي آهي.
پرسُو، پرسَو، پرسرام،
مايا تنهنجا ٽي نام.
غربت ۾ پرسُو هيو، ٿورو ڪمايائين پرسَو ٿي پيو. دولت آيس ته هرڪو پرسرام سڏڻ لڳس. مايا ماڻهوءَ جا نانءَ بدلائي وجهي ٿي، پر هتي مسئلو مايا نه آهي، مذهب ۽ ٻولي آهي. مذهب جي زيراثر جاين جا نالا بدلجي چڪا آهن. پارڪ، روڊ ۽ عمارتون مسلمان ٿي چڪا آهن. رام باغ جتي سيتا ۽ رام جو ملن ٿيو هيو اهو آرام باغ ٿي چڪو آهي. ٻولي ۽ لهجن جا اثر ڳوٺن ۽ وٿاڻن تي پڻ ڏسجي رهيا آهن.
تيرهن سال ڪياماڙيءَ جي هڪ ڊسپينسريءَ ۾ ڪم ڪندي ٿي ويا. ڊيوٽي تي ويندي پٺاڻ ڪنڊيڪٽر پڇندو آهي “ڪِڌر جائو گي؟”
چوندو آهيان. “ڪياماڙي”
“ڪيا؟” هو ڪن کڙا ڪندو آهي.
“ڪياماڙي”
“اڇا ڪيماڙي”
هاڻي مان ڪياماڙيءَ کي ڪيماڙي ڪئين چوان، پٺاڻ منهنجو لفظ سڌارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پٺاڻ عالم آهي. دانشور آهي. ٻوليءَ جو ڄاڻو آهي. مان پنهنجي شهر جو جاهل آهيان. منهنجو شهر جنهن جي ڪنارن تي ٺهيل مندرن جي برجن تي سمنڊ جي ڇولين جي چُمين جا نشان آهن. جنهن جون مسجدون در ٻاهران پيل منافقن جي پادرن کان پاڪ هيون. منهنجي مظلوم شهر جي پٿر جون عمارتون جيڪي خودڪش بمبارن جي اڏامندڙ جسم جي ٽڪرن سان ناپاڪ ٿي چڪيون آهن. منهنجا ماڻهو، منهنجي ٻولي، جيڪي انسانن جي ايندڙ سيلابن ۾ غرق ٿي چڪا آهن.
دل چوي ٿي روئان، ننڍي هوندي روئندو هئس ته امڙ چوندي هئي “بس ڪر، روئي روئي ڪِن ڪيا ٿي.”
ڪراچيءَ ۾ ڪِن ڪرڻ لئي جاءِ نه بچي آهي، سو نه روئندس، کلڻ جي گنجائش انڪري نه آهي جو ڪراچيءَ ۾ گنجائش آهي ئي ڪونه، جيڏانهن وڃ. “ڊوميسائيل ڏيکار.”
ڇا سنڌ اسان جي آهي؟ فطرت هڪ مهرباني ڪري ها. جڏهن پيدا ٿيون ها ته ڪنهن هڪ عضوي تي اهو لکيل هجي ها ته “سنڌي” گهٽ ۾ گهٽ وقت تي کولي ڏيکاري ته سگهون ها.
هتي ته ماڻهن الله کي به نه بخشيو آهي. ڪياماڙي ٽائون ۾ ماڙيپور اڳيان هڪ اهڙو ڳوٺ آهي جنهن کي “الله بانو” چيو وڃي ٿو. جنهن کان پڇ “ڳوٺ جو نالو ڇا آهي؟”
چوندو “الله بانو”
مون شهر بانو ته ٻڌي آهي پر خبر پئي ته هتي الله بانو به آهي. (نعوذ باالله) جڏهن سوچ لڙايم ته اهو اُچار صحيح نه هيو. اهو “الله ٻانهو” آهي، جيڪو انگريزيءَ ۾ Allah Bano لکجڻ ڪري بدلجي الله بانو ٿي پيو آهي. هاڻي جيڪڏهن مان ڪياماڙيءَ جي اسپتال ۾ ويهي ڪنهن کي چوان ته “بابا اهو الله ٻانهو آهي.”
ته پڇندا “کوچا، اهو ٻانهو ڇا آهي؟”
پهريون ته مهاجر ۽ پٺاڻ ٻانهو چئي ڪو نه سگهندا، ڇو جو ٻانها صرف اسان سنڌي آهيون، پر جيڪڏهن انهن کي سمجهايان ته ٻانهو ان کي چئبو آهي جيڪو غلام هجي ۽ پنهنجو اصل نالو به ٻڌايان ته “جيئن مان ڊاڪٽر غلام رسول” ته پوءِ ائين چئي سگهن ٿا ته ان ڳوٺ جو نالو الله ٻانهو نه پر غلام الله هجڻ گهرجي، جيئن نالو کڻڻ ۾ آساني ٿئي ۽ هو ان عظيم گناهه کان بچي وڃن.
وري ڪياماڙيءَ ۾ ٻيو قهر ڏسو. هتي هڪ اهڙو ڳوٺ آهي جنهن کي “بودني” سڏيو وڃي ٿو. اهو ڳوٺ به ماڙي پور جي پريان آهي. مان جڏهن به ڪنهن ويڪسينيٽر کي چوندو آهيان. “وڃ ۽ وڃي بودنيءَ ۾ پوليو جا قطرا پيئار”
چئي ڏاڍي شرمندگي محسوس ڪندو آهيان، ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن شريف ماڻهوءَ کي ان جي ڪيل گناهن جي صلي ۾ گار ڏيندو هجان. پر اها منهنجي مجبوري آهي. ڳوٺ کي سالن کان وٺي ان نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هاڻ ڀل محسوس ڪيان ته اهڙا گندا لفظ چئي سٺو ڪم نه ڪري رهيو آهيان، پر ٻڌندڙ کي ان ڳالهه جو احساس صفا نه ٿيندو، ڇو جو اهو عام مروج لفظ آهي، جيڪو ٻڌي ٻڌي سڀ هري ويا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کان پڇندم “ڪٿان جو آهين؟”
هو چوندو “بودنيءَ جو”
ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور، اهو آهي ئي بودنيءَ جو. قصور انهن جو آهي جن نالا بگاڙيا. دراصل اهو بودني نه پر سنڌ جو تاريخي ڳوٺ “ٻڍاڻي” آهي. جيڪو انگريزيءَ ۾ Bodani لکجڻ ڪري تلفظ مٽائي ويو. اهي سڀ ڪراچيءَ جي اولهه ۾ سمنڊ ڪناري آباد ڳوٺ آهن. جيڪي ٽرڪ اڏن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. اردو ۽ پشتو زبانن ۾ انهن جا اچار نه هجڻ ڪري تلفظ بدلجي چڪا آهن. ٻاهران آيل ماڻهو سنڌي اچارن تي طنز ڪري رهيا آهن ۽ اسين سنڌي به تذليل جي خوف کان اهي بگڙيل لفظ استعمال ڪري رهيا آهيون، جيئن ٻين کان مختلف نظر نه اچون ۽ ڪنهن به عتاب کان محفوظ رهي سگهون. تاريخ ۽ وقت جو ستم ته ڏسو ٻاونجاهه اچارن واري زبان جي مالڪ کي “اڌ اکري” تلفظ صحيح ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيا آهن. پٺاڻ وري پشتو ڳالهائيندي غير ارادي طور سنڌي ڳالهائي وڃن ٿا. ائين ئي هڪ دفعي جڏهن بس ۾ ويٺو هيس ته سچل ڳوٺ کان اڳتي ڪنڊيٽر بس جي لوهه جو در کڙڪائي وٺي رڙيون ڪيون. “مروڙا....مروڙا” ڊرائيور بس روڪي، مون سمجهيو شايد هن کي مروڙا پيا آهن، لهي جهاڙين ۾ ويندو، پر هڪ همراهه ٻڌايو ته “ماروئڙا ڳوٺ اهو اٿئي لهي وڃ.”
ساڳي طرح جڏهن جناح اسپتال وڃڻ ٿيو ته دل جي اسپتال وٽ هڪ ڪنڊيٽر زور سان آواز ڏنو. “ڪاڏي ويو....ڪاڏي ويو.”
مون سمجهيو شايد ڪنهن جو کيسو ڪٽجي ويو آهي ۽ جيب ڪتري کي ڳولهيندي پٺاڻ ڪاوڙ مان رڙيون ڪري کيس ڳولهي رهيو آهي، پر پوءِ خبر پئي ته هو چئي رهيو آهي. “ڪارڊيو...ڪارڊيو” معنا دل جي اسپتال اچي وئي آهي جنهن کي لهڻو آهي لهي وڃي.
اهڙي طرح جڏهن نيپا چورنگي ايندي آهي ته پٺاڻ چوندو آهي. “نياپا....نياپا” ۽ سنڌي سمجهي ويندا آهن. پڪ سان ڪو فرشتو هوندو جيڪو سندن لاءِ موت جو پيغام کڻي آيو آهي.
ڪياماڙي ٽائون جي گُل ٻائيءَ ۾، جنهن کي پٺاڻ گل ڀائي چوندا آهن. انهن هڪ ڏينهن گل ڀائيءَ جي پرپوٽن سان ٽيڪم ۽ بيلچا کڻي مورڙي ۽ سندس ڀائرن جي قبرن کي مسمار ڪيو جيئن کين ٽرڪن بيهارڻ لاءِ ويڪري جاءِ نصيب ٿي سگهي. دراصل اهي ان مانگر مڇ جي اولاد مان هيا جنهن کي مورڙي پنهنجي ڏاهپ سان ناس ڪيو هيو. هاڻي وري اهڙي مورڙي جي ضرورت آهي جيڪو اهڙن مانگر مڇن کي ختم ڪري.
ٻين کي ڇڏيو، انگريزن به چڱائي نه ڪئي. انهن جتي به حڪومت ڪئي، پنهنجي آسانيءَ لاءِ اچار به بدلائي وڌا، ترڪيءَ ۾ سلطنت عثمانيا جي باني عثمان کي “اُٽومين” جي نالي سان نوازيو. اهڙا ڪئي مثال آهن. هندستان ۾ حڪومت ڪندي ممبئي کي بمبئي ۽ ڪولڪتي کي ڪلڪتو جي نالي ۾ ڦيرائي وڌو. انهن ڪلاچيءَ کي ڪراچي ڪوٺيو. هاڻي ته مدراس چنائي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. بمبئيءَ کي ممبئي ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ڪلڪتي کي ڪولڪتو. شابس آهي ڀارت جي جمهوري حڪومت کي جنهن شهرن جي اصل نالن کي بحال ڪيو، پر ڪلاچي اڃان ڪراچي آهي.
ڪياماڙيءَ جي سرڪاري ڪاغذن ۾ ڪياماڙيءَ کي ڪيماڙي، ٻڍاڻيءَ کي بودني ۽ الله ٻانهون کي الله بانو لکيو وڃي ٿو. جيڪي فحش Blasphemic ۽ غير فطري نالا آهن. مان سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيان ٿو ته سرڪاري رڪارڊ ۾ درستگيون ڪيون وڃن. انهن نالن کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي. ڪراچيءَ جو نالو بدلائي ڪلاچي ڪيو وڃي.
o