ڪالم / مضمون

وطن، پرين ۽ موت

ھن ڪتاب ۾ رسول ميمڻ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ لکيل ڪالمن ۽ مضمونن سان گڏ مختلف شخصيتن جي فن ۽ فڪر تي لکيل بھترين لکڻيون موجود آھن. رسول ميمڻ ھن وقت جي افساني ۽ ناول جو وڏو نالو آھي. سندس ڪيترائي پڙھندڙ موجود آھن، تنھنڪري سندس مضمونن جي بہ وڏي اھميت آھي.
  • 4.5/5.0
  • 4115
  • 584
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وطن، پرين ۽ موت

وطن، پرين ۽ موت

وطن، پرين ۽ موت

نيٺ هو موت کي برداشت ڪري ويو، مان ان ڳالهه جي وضاحت ڪئين ٿو ڪري سگهان ته هن ان کي ڪيئن محسوس ڪيو. هُو جيڪو وقت جو سڀ کان حساس شخص هيو، انسان جيڪو زندگيءَ جي ڏور ۾ ويڙهيل آهي ۽ ڏور جنهن کي موت پويان بيهي آهستي آهستي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. معرفت جيڪا عظيم مفڪرن کي جستجوءَ سان عطا ٿئي ٿي، هو هر غيب کي ڏسي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو، هن کي خبر پوي ٿي ته هاڻي فاصلو ڪيترو بچيو آهي. هن جون آڱريون پنهنجي زندگيءَ جي گرفت مان ڍليون ٿي الڳ ٿين ٿيون ۽ زندگي جيڪا اڃان به هٿن جي اشاري سان اداسي ۽ پيار مان هن کي سڏي ٿي، زندگي جنهن جي ٻانهن تي موڪلائيندڙ جي هٿن جي ڍلي ٿيندڙ گرفت ۽ ننهن جا نشان رهجي وڃن ٿا، ان تي ڪجهه رهڙون آهن ۽ گلابي لڪيرون آهن. زندگي جيڪا دنيا آهي، تون آهين، مان آهيان، ڏک ۽ ڪرب ۾ رڙندڙ هن جا محبوب دوست ۽ عزيز آهن، شرمسار تنقيدنگار آهن، دشمن آهن، ناسمجهه ۽ ناسهو هن جا ڪجهه ويجها ڪردار آهن، هو سڀ عجب ۽ حسرت مان ڏسن ٿا، هڪ روشني جيڪا ٻڌل ڌاڳي ۾ سفر ڪندي مون تائين پهچي موت کي روشن ڪري ٿي، موت ۾ سمائجي ان جي جسم ۽ رڳن ۾ زندگيءَ جيان گردش ڪري ٿي. موت جيڪو خوش نصيب آهي، موت جيڪو مقدس آهي، امر آهي.
اها منهنجي خوشنصيبي آهي جو مون هن کي ڏٺو ۽ هن سان ڳالهايو. آئون وقت جو ٿورائتو آهيان جنهن مونکي اهو دور فراهم ڪيو جنهن ۾ هو موجود هيو، دنيا جي ڪنهن به شيءِ کي فنا نه آهي. سڏڪن کي بقا آهي ۽ ٽهڪ سدائين فضا ۾ گونجندا رهندا. آواز جيڪي زبان جي لرزش سان پيدا ٿين ٿا سي دنيا جي در ۽ ديوار ۾ ان جي انت تائين سمايل ۽ لڪيل رهندا. دنيا ڪنهن ڪيسٽ جيان گولائيءَ ۾ ڦري ٿي. اهڙو وقت اچڻو آهي جو ان کي Rewind ڪري ماضيءَ کي ٻڌي سگهبو. جاندار ۽ بي جان جو ويڇو ختم ٿيڻ وارو آهي. خود موت هڪ جاندار شيءِ آهي. ڪائنات جي ڪا به شيءِ زندگيءَ کان خالي نه آهي. ساڪت شيءِ، چُرندڙ شيءِ، نظر ايندڙ شيءِ، نظر نه ايندڙ شيءِ، ٻرندڙ شيءِ، جيئاريندڙ شيءِ، ماريندڙ شيءِ، کائيندڙ شيءِ، کائجي ويندڙ شيءِ، هر شيءِ کي امرتا آهي. هڪ زندگي ٻئيءَ زندگيءَ ۾ منتقل ٿئي ٿي. زندگي جيڪا انت تي پهچي ٻئيءَ زندگيءَ جي ننڍن ذرن ۾ ورهائجي ٿي. زندگيءَ جي ابتدا هڪ حيرت انگيز ڪيميائي ترتيب جو تسلسل، زندگيءَ جي انتها ان ڪيميائي تسلسل جي نئين سر تشڪيل، هڪ نئين جوڙ جڪ، هڪ نئون آغاز، هڪ نئون سلسلو، هڪ نئون سفر، منتقليءَ مان منتقلي ۽ لامحدود رواني، بي انت سلسلو، بقا ۽ صرف بقا.
اي قديم ڪراڙ تنهنجي ڪنڌيءَ تي ڪڏهن ڪارا گلاب ڦٽن ته تون گواهي ڏجانءِ ته هو جيئرو آهي ۽ نروار ٿيو آهي. هن جي اکين ۾ ڦاٿل ڳوڙهن جو لوڻ زمين جي سطح تي اڀري اچي ۽ جڏهن مينهن جي پاڻيءَ ۾ وهي اڳتي وڌي ته اي ڌرتي تون ان جي ذائقي کي محسوس ڪجانءِ ۽ هن جي جسم جي آلاڻ جڏهن ڪنهن ڪڪر مان هيٺ وسي ته اي سمنڊ تون گواهي ڏجانءِ ته هو مون ۾ موجود آهي. اياز اسان جي ٻنين تي وسندو، هو اسان جي رزق ۾ موجود هوندو ۽ ائين هو اسان جي رت ۾ گردش ڪندو.
اياز جنهن کي پڙهي مان شاعر ٿي پيس، اياز جيڪو ڏات ورهائيندڙ آهي. هو جنهن کي ڌڻيءَ ڏات جا انبار ڏنا. هو سخي مرد جنهن آڏو جنهن به جهول جهلي ته هن کي ان مايوس نه ڪيو. اڄ جڏهن هو پنهنجي لازوال تخليقي انبارن سان اوجهل آهي ته اسان جا ذهن ان خالي آکري جيان آهن جنهن جا پکي هڪ خوفناڪ ٺڪاءَ تي اڏامي وري نه اچڻ جو چئي ويا آهن. پر مان جڏهن تنهنجي چهري جي مرڪ ياد ڪيان ٿو ته لکڻ شروع ڪيان ٿو. تنهنجي چهري جي مرڪ جيڪا تنهنجيءَ جدائيءَ جي نفي ڪري ٿي. من کي اعتبار ئي نه ٿو اچي ته تون موڪلائي ويو آهين. تون ته منهنجي سامهون موجود آهين، اهو ئي صحتمند، ڀريل جسم وارو پنهنجي ڪئنس روڊ واري آفيس ۾ ڪم ڪندڙ اياز. منهنجو ادبي استاد رشيد ڀٽي مونکي تنهنجو نياپو ڏيندي نظر اچي ٿو. “رسول ميمڻ اياز تنهنجي شاعريءَ جو مجموعو پڙهيو آهي، چيو اٿائين ته مون سان ضرور ملي.” هو مونکي چوي ٿو، مون ۾ ايتري جريت نه آهي جو تنهنجي سامهون اچان، هڪ رعب آهي، هڪ شخصيت ۽ فن آهي، جيڪي مون تي حاوي آهن. مان “ها” چئي لنوايان ٿو. ڀٽي صاحب وري ياد ڏياري ٿو ۽ وري ياد ڏياري ٿو. آخرڪار هڪ ٽيويهن سالن جو نوجوان شاگرد هيسيل حالت ۾ هڪ آفيس جو دروازو ٽپي اندر داخل ٿئي ٿو. هڪ نوجوان وڪيل هن کي وٺي هڪ ٻئي ڪمري ۾ جنهن ۾ هيڊي روشنيءَ وارو بلب ٻري رهيو آهي، هڪ زرد ۽ سرمئي ماحول آهي، ٻه چار پٽڪن وارا ماڻهو آهن ۽ هڪ وڏي ميز جي پاسي واري ڪرسيءَ تي هڪ سٻاجهڙو شخص ويٺو آهي. جيڪو ڪمري ۾ داخل ٿيڻ سان ٿڌيون نظرون کڻي نهاري ٿو. نوجوان اڳتي وڌي ادب مان جهڪي هن سان هٿ ملائي ٿو ۽ تعارف ڪرائي ٿو. “سائين مان رسول ميمڻ” اياز جي چهري تي مرڪ اچي ٿي. “ويهه” هو چئي ٿو. هو سامهون هڪ ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ۽ اياز ان سان ڳالهائي ٿو.
مون کي ارڙنهن اڻويهه سال پهرين ڪيل ان ملاقات ۾ ايترو ياد آهي ته اياز جي اکين ۾ اهڙو پيار هيو جيڪو اولاد لاءِ هوندو آهي، مونکي هن جون شفقت سان ڀريل اکيون ياد آهن، مان هن جي مرڪ کي ڪڏهن وساري نه ٿو سگهان. هڪ اهڙي مرڪ جنهن ۾ حياتيءَ جو پيغام آهي. هڪ اهڙي مرڪ جنهن کي ياد ڪري دل اعتبار ئي نه ٿي ڪري ته هو دنيا کان موڪلائي ويو آهي.
هُو جيڪو اڄ به هڪ پاڇي جيان مهراڻ مرڪز جي ڪنهن بوڪ اسٽال تي بيهي ڪتابن کي جاچيندو نظر اچي ٿو. هو جيڪو اوچتو بغير ڪنهن اطلاع جي رشيد ڀٽيءَ جي جاڳيراڻي پاڙي واري اوطاق ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ هلندڙ ڪارروائي دوران اچي هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهي ٿو. هو جيڪو رشيد ڀٽيءَ جي اوچتي وفات تي تعزيتي ميڙ ۾ اسٽيج تي بيهي بي اختيار ڍاڍيون ڪري روئي ڳوڙها اگهندي نظر اچي ٿو. هُو جيڪو ادل سومري ۽ مون سان پراڻي سکر واري گهر ۾ ڪميونزم جي زوال ۽ گوربا چوف تي ڳالهائيندي نظر اچي ٿو، هو جيڪو اندر گهر ۾ وڃي پنهنجو نوٽ بوڪ کڻي اچي ٿو ۽ اسان کي پنهنجي تازي لکيل شاعري ان مان پڙهي ٻڌائي ٿو. هو جيڪو پنهنجو نئون ڇپيل ڪتاب هٿ سان لکي اسان کي سوکڙي ڏئي ٿو. هو جيڪو ڪيترائي دفعا اسان نوجوانن جي سامهون واريءَ ڪرسيءَ تي ويهي ادب ۽ شاعريءَ تي ڳالهائي ٿو. ڪيتريون ئي محفلون، ڪيتريون ئي قربتون، مون کي اهي سڀ ياد آهن. هو ڳالهيندو هيو ته دل چوندي هئي ته هو ڳالهائيندو رهي. اسان جي ٽهيءَ جنهن هن کي پڙهيو ۽ ٻڌو. هن جي عزت ڪئي، هن کي مان ڏنو، جنهن ڪڏهن به گستاخي يا ذاتي حملي جو تصور به ذهن ۾ نه آندو.
ڪنهن به عظيم انسان جي آتم ڪٿا ايستائين اڻپوري آهي، جيستائين ان ۾ پنهنجن جون مخالفتون، اذيتون ۽ دل ڏکوئيندڙ ڳالهيون شامل نه آهن. اها ڪسر ڪن شخصن کي پوري ڪرڻي هئي ڇو جو اياز جي آتم ڪٿا کي به ڀرپور نموني پورو ٿيڻو هيو. اياز جي عظمت اها هئي جو هو پنهنجي ڪنهن به مخالف کي جواب نه ڏيندو هيو. انسان آزاد پيدا ٿيو آهي، جنهن ڪري هن جي سوچ به آزاد آهي. ان کي ڪنهن مخصوص پيماني تي ماپي ڪو معيار مقرر نه ٿو ڪري سگهجي. حقيقت اها آهي ته تخليق پروان ئي اتان ٿي چڙهي جڏهن سرعام ان جي مخالفت ٿي ٿئي. ها ۾ ها ملائڻ يا پاڻ وڻائڻ مصلحت پسنديءَ جو اهڙو رستو آهي، جتي فڪري ارتقا کي مات ملي ٿي ۽ سرجڻ جو عمل متاثر ٿئي ٿو. اياز ڀڙڪو ڏئي اُڏاميو. هن جي پرواز نرالي هئي. هو آزاد فضا جو پنڇي هيو. هن مخصوص نظريي تي هلي زندگيءَ کي زنگ نه ڏنو، پر هن پنهنجون راهون ۽ نظريا متعارف ڪرايا ۽ ائين هو تنقيدن جي زد ۾ اچي ويو. ماڻهن هن لاءِ اهڙا رايا ڏنا جيڪي پڙهي دل تي گهاءُ لڳي ٿو. انهن دانشور سڏائيندڙن تي رحم اچي ٿو جن ذاتي حملا ڪري اياز جي شفقت کي پڙهندڙن کان الڳ ڪرڻ چاهيو، پر لاشعوري طور هو اياز کي اڃان به وڌيڪ جاندار ۽ امر بڻائي ويا. ڇو جو ڪنهن به مها ڪويءَ جي حياتي، ڏکن ڏولاون، ذاتي حملن ۽ غير ضروري تنقيد کان سواءِ اڌوري نظر اچي ٿي. اهي سڀ ڳالهيون اياز جي حياتيءَ ۾ ٿيڻيون هيون ۽ ٿيون.
اڄ کان ويهه سال کن پهرين جي ڳالهه آهي، مرحوم قربان بگٽي جو پنهنجي وقت جو پڙهيل لکيل ۽ وڏي مطالعي وارو ماڻهو هيو ان اياز ۽ بين ترقي پسندن تي دل کولي تنقيد ڪئي. مون کي ياد آهي اياز جي شاعريءَ جي مجموعي کان ٿلها هن جا تنقيدي ڪتاب هوندا هيا. ان شخص جو جڏهن ڪو به تنقيدي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندو هيو ته هو هميشه اتاولو ڪنهن هوٽل يا مانڊڻيءَ تي ويٺل نظر ايندو هيو. جڏهن اسان دوست لاڙڪاڻي جي ڪنهن به روڊ کان ڳالهائيندا ويندا هياسين ته قربان بگٽي اٿي اسان پويان چپ ڪري آهستي هلندو هيو ۽ ڪِنائيندو هيو ته اهي ڇا تي بحث ڪري رهيا آهن. ڇا انهن جي بحث جو موضوع منهنجو ڪتاب آهي؟ منهنجي تنقيد آهي؟ ۽ ائين هو پويان هلندو ايندو هيو ۽ جڏهن اسان پوئتي ڏسندا هياسون ته وڏي قرب ۽ پاٻوهه مان ڀاڪر پائي ملندو هيو. پنهنجي ڪتاب لاءِ پڇندو هيو “ڇا توهان اهو پڙهيو آهي؟”
“ڇا اهو شيخ اياز پڙهيو هوندو؟”
“شيخ اياز ان تنقيد جو جواب ڇو نه ٿو ڏئي؟”
هو مسلسل ڳالهيندو هيو.
“توهان ان لڏي جا ماڻهو آهيو، انهن کي چئو ته ڪجهه ته منهنجي ڪتاب جي جواب ۾ لکن!”
نه اياز نه ئي اياز جي ڪنهن دوست ڪڏهن ان تنقيد جو جواب ڏنو، مون کي ياد آهي قربان بگٽيءَ جهڙو ماڻهو مون کي هٿ مليندي نظر آيو ۽ پوءِ هن تنقيد ڪرڻ ڇڏي ڏني.
جيستائين اياز جي فن جو تعلق آهي ان سان وقت انصاف ڪندو. اسين جيڪي دنيا جي ڏتڙيل ملڪ جا علائقائي اديب آهيون، اسين جيڪي خوف ۽ دهشت ۾ ويڙهيا هڪ ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجا ڏک سور لکي هڪ ٻئي کي ٻڌائي رهيا آهيون. اسين جيڪي ان ٻوليءَ جا ليکڪ آهيون جنهن جي زبان اڃان سائنسي فقرن کي پاڻ ۾ سمائڻ جي سگهه نه ساري سگهي آهي. جتان جي آدمشماري اڃان به اڻ پڙهيل ۽ جهالت جي انڌيرن ۾ ڀٽڪي رهي آهي. جتي ڪاپي ڪلچر جي سرڪاري طرح حوصلا افزائي ڪئي وڃي ٿي، اسين جيڪي تيزيءَ سان پوئتي ڌڪجي رهيا آهيون، اڳتي وڌندڙ دنيا ۽ اسان ۾ وڇوٽي پنهنجي ٻيڻائي رفتار سان وڌي رهي آهي. ان معاشري يا ان دنيا ۾ اياز جهڙي ماڻهوءَ جي ڪهڙي سڃاڻ ٿيندي. اياز جو فن ۽ فڪر انهن ماڻهن جي فن ۽ فڪر کان مٿاهون نظر اچي ٿو، جيڪي ترقي يافتا معاشري ۾ پيدا ٿيا، انهن معروف زبانن کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بنايو ۽ دنيا جا وڏي ۾ وڏا انعام ۽ ايوارڊ حاصل ڪيا.
اڄ جڏهن اٺيانوي جي اڀرندڙ سج جي روشنيءَ ۾ مان ڪاري رنگ جي قلم مان وهندڙ ڪاري مس سان هي سٽون لکي رهيو آهيان، سج ڪجهه دير بيهي شايد پنهنجن ڪرڻن سان هي سِٽون پڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان نئين سال جي سج کي ڌرتيءَ تي اياز نظر نه آيو آهي. مرڻ کانپوءِ ماڻهوءَ لاءِ سج ڇا؟ چنڊ ڇا؟ اڀرندڙ سج ۽ چنڊ مري ويل ماڻهوءَ کي ڳولهين ٿا ۽ ائين وقت جي گردش سست ٿي وڃي ٿي. جڏهن ڪو عظيم انسان دنيا مان موڪلائي ٿو ته وقت ڊگهو ٿي وڃي ٿو. اياز جي موت وارو ڏينهن هڪ صديءَ جيان مون مٿان گذري ٿو. ماڻهن هوندي بازاريون ويران لڳن ٿيون ۽ آئون قيامت جي باهه کي پنهنجن ڳوڙهن سان وسائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
مان جيڪو هر رات اياز کي خواب ۾ ڳالهائيندي ٻڌان ٿو، هن کي مرڪندڙ ۽ تندرست هڪ تڏي تي ويٺل ڏسان ٿو. هڪ تڏو جنهن جي وچ تي هو ويٺل آهي ۽ اسين سڀ دوست هن کي ٻڌي رهيا آهيون. هن جو آواز غير واضح آهي. هو جيڪو شايد موت جي فلسفي تي ڳالهائي ٿو. اياز جنهن آڏو مان دانهون ڪري موت جي تجربي ۽ ان جي ذائقي بابت دريافت ڪرڻ چاهيان ٿو. اياز جنهن جي شاعريءَ جو محور “وطن” “پرين” ۽ “موت” هيا. موت جي وضاحت اياز جهڙي ٻيو ڪير ڪندو. مان خواب ۾ ان تڏي تي ويهي اياز کي آخري شعر لاءِ عرض ڪريان ٿو. هن کان موت جي حقيقت دريافت ڪرڻ لاءِ هر هر سمجهه ۾ نه ايندڙ جملا ڪنايان ٿو. اي فلسفي راز کي کول ۽ ڏاهن جي خوف کي گهٽاءِ. مان چوان ٿو ۽ هو مرڪندو رهي ٿو.
اي ڀٽ ڌڻي تنهنجي روضي ڀرسان هڪ نئين قبر آهي، جنهن جي مٽي اڃان آلي آهي. ان قبر ۾ ڪتاب دفن آهن. هڪ ڪتاب اهڙو آهي جنهن جي مس اڃان آلي آهي. اهو هاڻي هاڻي مڪمل ٿيو آهي. ڪنهن لکي پورو ڪيو آهي، اهو کول ۽ اسان آڏو رازن تان پردو کڻ.
دوستو! اياز نه رهيو، هو ڪتابن ۾ منتقل ٿي ويو، ڪتاب ڪي ڌرتي مٿان آهن ۽ ڪي ڌرتيءَ ۾ دفن آهن. دوستو اياز موت جي فلسفي جو آخري ڪتاب ٿي ويو، حڪم ڌڻيءَ جو.

o