پيار جي هڪ ٻي صدي!
(رفيق سومري جي ڪتاب تي تبصرو)
تازو 2011ع ۾ ڇپيل رفيق سومري جو ڪتاب “پيار جي هڪ ٻي صدي” نظر مان گذريو. ڪتاب ۾ ناويلا، ڪهاڻيون، خط، تنقيد ۽ تاثرات شامل آهن.
“ڦيٿي ۽ قسمت جي چڪر ۾ وڏو فرق آهي.”
ڪتاب ۾ شامل ناويلا “انساني تماشو” درد جو اهڙو تيز وهڪرو آهي، جيڪو ٻوڏ جيان هر شيءِ کي پاڻ سان وهايون پيو وڃي، تيز وهڪري ۾ ڪردار ٻڏندا ترندا ٻانهون بلند ڪري پڪاريندا ۽ موجودگيءَ جو احساس ڏياريندا وڌندا پيا وڃن. شايد ان کان اڳ سنڌي ادب ۾ ناويلا نه لکي وئي آهي. رفيق سومرو اهو پهريون اديب آهي جنهن اها صنف متعارف ڪرائي آهي. پوري ناويلا شعور جو وهڪرو آهي. جيڪڏهن (ٽيڪنيڪل انداز) واري نظر سان پرکبو ته ان ۾ ڪجهه خاميون نظر اينديون. بي ربط روانيون ۽ بي ترتيب سوچون محسوس ٿينديون، وکريل ۽ غير مسلسل ڪوتاهيون ڏسڻ ۾ اينديون، پر خوابناڪ حقيقتون ڪا ٻي شيءِ آهي، شعور جو وهڪرو اهڙو سيلاب آهي جيڪو جيڏانهن وهندو آهي رستو ٺاهي لنگهي ويندو آهي. تيز پاڻيءَ جي وهڪري کي ڪي بند روڪي نه سگهندا آهن. اهو ٺهيل ڊيم ڪيرائي وجهندو آهي. هر لڙهندڙ شيءِ ان جو حصو بنجي ويندي آهي. ترندڙ نانگ، جيئرا ماڻهو، مئل ماڻهو، رانڀون ڪندڙ ڍور، اونڌيون ٻيڙيون، ڦتڪندڙ مڇيون ۽ پاڙن کان پٽيل وڻ.
حقيقت اها آهي ته اسين خوابن ۾ سچائيءَ سان جيئندا آهيون، جڏهن سجاڳ آهيون ته وجود ۾ قيد آهيون، خوابن جي ان وهڪري کي ئي سرئلسٽڪ سوچون سڏيو وڃي ٿو. هيءَ ناويلا اهڙين ئي سوچن جو مجموعو آهي، هڪ درياهه جيڪو ابتو وهي ٿو. هڪ سفر جيڪو ماضيءَ ڏانهن آهي. ڪردار ٻڏن ٿا، ترن ٿا ۽ ڳالهائين ٿا. انهن جو ڳالهائڻ سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي. اهي مرندڙ ماڻهوءَ جا چپ آهن جيڪي جهيڻي آواز ۾ وصيت ڪن ٿا. ڪردار جيڪي زندگيءَ جي جدوجهد ۾ هٿ هڻي رهيا آهن ۽ پاڻ ڏانهن پڪاري رهيا آهن.
هو لکي ٿو “ماضي اونداهي غار، حال آسمان وانگر صاف ۽ چٽو ڄڻ کليل ڪتاب. آئيندو ڏک سک.”
هو املتاس جي وڻ جيان Nostalgia جي بي پاڙي ول ۾ وڪوڙيل آهي. هن جا ڳوڙها هيڊن گلن جيان ڇڻي پٽ تي ڪرن ٿا. ماضي اهڙو قاضي آهي جنهن قلم وهائي بي خطا اسان کي سوليءَ تي لڙڪائي وڌو آهي. اسين پنهنجن لڙڪندڙ لاشن جي پاڇن ۾ پناهه وٺي ويٺل آهيون. ماضِ ظالم آهي. بي رحم ۽ خوفناڪ. ان ڏي منهن ڪري ٿڪ ڇلاءِ ته هيڊا ڏند ڪڍي کلي ٿو. اسين جڪڙيل آهيون ۽ زنجيرن جي هر ڪڙي گهاريل ڏينهن آهي، رات آهي، مهينو سال ۽ صدي آهي.
هو لکي ٿو “اتي بکايل ٻار هيا جيڪي جهرڪيءَ جي بکايل ٻچن جيان چوڳي لاءِ وات کولي بيٺل هيا. ماءُ جي مٿي تي ماني ڏسي سندن مرجهايل منهن ٻهڪي اٿيا. سچ پڇو ته پنهنجو پيءُ جهٽ لاءِ وسري ويو.”
رفيق جي ناويلا جو مرڪزي ڪردار ماءُ آهي. هن جي ماءُ گورڪيءَ جي ماءُ کان ان ڪري سگهاري آهي ته ان وٽ انقلاب، نظريو يا سياسي هلچل جي پٺڀرائيءَ بجاءِ پنهنجي بقا جي جدوجهد آهي. ڏکن مان پار پوڻ جا سپنا آهن. ماءُ جنهن جا نقش ماضيءَ جي گهنجن سان ملي گهرا ٿي ويا آهن. هوءَ دعا لاءِ هٿ کڻي بيٺل آهي. هيومن ڪاميڊيءَ ۾ بلزاڪ جو هڪ ڪردار پنهنجي ڌيءَ جي عاشقن کي دعائون ڏئي ٿو. رفيق جي ماءُ پٽ جي دوستن کي دعائون ڏئي ٿي ماءُ ٻار اڳيان موت مصيبتن ۽ بيمارين سامهون هٿيار جيان هيلينا جو وڍيل سڱ جهلي بيٺل ديوي آهي. اها مزاحمت ڪري ٿي. ان جو سڀ کان وڏو نظريو اولاد جي بقا آهي. هو چوي ٿو “اي مالڪ منهنجي ماءُ جي جيئري منهنجي موت جو غم نه ڏيکارجانءِ نه ته هوءَ صفا مري ويندي.”
اولاد جو موت ماءُ جو موت آهي. هن جو ڪردار شفا ڳوليندي ماءُ جي بقا جو طلبگار آهي.
“اي موت!
در در تون ٿو ٿاٻا کائين
شايد رولو ڪتو آهين
ها منهنجي در به ايندين
هڏي جيان ساهه چوسيندين.”
رفيق اندر هڪ لڪيل شاعر آهي ۽ هڪ شاعر لاجواب نثرنگار آهي، شاعر لفظن جو سرمائيدار آهي.
“هوءَ درد روئندي رهي، ڏک کي ڏينهن رات ڳوهيندي رهي، شڪر جي سايي ۾ صبر سوئيندي رهي ۽ پاڻ لوئيندي رهي، ور سان ڪيل وچن ۽ نينهن ڌوئيندي رهي ۽ سورن جي سڳي ۾ موتي وفا جا پوئيندي رهي.”
هن وٽ جڏهن “انساني تماشي” جي نتيجي ۾ ٽهڪ بلند ٿين ٿا ته سندس سيني ۾ لڪيل درد کان اکيون ڳاڙهيون ٿي ڳوڙهن سان ڀرجي وڃن ٿيون.
هو لکي ٿو “ويلو ٽي ڏينهن، شفقت ست ڏينهن، مهرباني ڪهل مهينن جي مهمان ٿيندي آهي. قياس ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنهنجي معنا ڦيرائي قياس آرائي ٿي پوندي آهي.”
شعور جي وهڪري ۾ لکيل هيءُ ناول سرئلسٽڪ علامتن ۽ اشارن سان ڀريل آهي.
“ماءُ جي دل تي ڄڻ ڪرٽ وهي ويو، ڄڻ زهر ۾ ٻڏل فوجي خنجر سندس سيني جي آرپار لهي ويو، ڳڙپ جو آواز ٿيو جيڪو سندس جانب ور جي تصوير ئي ٻڌي سگهي.”
“پڳ نه، پاهڻ جي جنڊي سندس مٿي تي رکيل هجيس ته اٿ پٽ ڏک ڏر.”
“سندس جهاز جا پر ڊيڊالس جي ڏند ڪٿا وانگر رٻڙ جا هيا ۽ تيز اس جي حرارت ۾ پگهرجي ويا. جهاز ڪريو پر پراشوٽ نه کلي انسان جو نصيب. هو اڌ ماڻهو رهجي ويو.”
اڌ مئل ماڻهوءَ جو تصور پڪاسو جي ڪنهن پيٽنگ جيان آهي، وجود جو جيئرو حصو مئل حصي کي سهارو ڏئي ٿو. انسان پاڻ کي پنهنجي ڪلهي تي رکي ڍوئي ٿو، سج اڳيان هلندڙ انسان جو اڌ پاڇو ٺهي ٿو. سرئلسٽڪ سوچن جو اظهار عڪسن کي انفراديت بخشي ٿو. هڪ نواڻ ۽ توجهه طلب سوچ عطا ڪري ٿو.
هو چوي ٿو “تون لوڪل ٽرين ۾ سفر ڪندين، طوفان ميل توکان اڳتي نڪري ويندي.”
پوئتي رهجي وڃڻ جو خدشو انسان کي اڳتي وڌڻ تي مجبور ڪري ٿو. ماضيءَ جي لوڪل ٽرين ۾ سفر ڪندڙ رفيق سومرو اڳتي وڌڻ جي آس ۾ وٽ کائيندڙ خوبصورت جانٺو جوان، ڪڏهن معاشري کي حسد ۽ چڙاڪ نظرن سان ڏسندڙ پر تجسس شخص ۽ اڄ جو رفيق سومرو ڳوڙهن ۾ وهنتل، غم ۾ ٻڏل. دشمن جي ساراهه ڪندڙ دوستن کي ياد ڪندڙ. هن پويان سندس ناول اداس عورت جيان ماتمي ڪارو لباس پائي، ٿالهه ۾ گلابن جا گل، ڪنڊا، زهر جي پيالي، ماکي ۽ شراب جي بوتل سجائي ائين پئي اچي جيئن اها هن جي ٻانهي هجي ۽ هو اهي سڀ شيون حيثيت آهر ٿالهه مان کڻي راهه ويندڙن ۾ ورهائيندو هجي.
“دهشت منجهه درياهه ڏسي امڙيون جهلينديون هيون، پٽ ان شينهن درياهه جي ويجهو نه وڃجو، انهن ڪڙڪاٽ ڪندڙ ڪنن ۾ مڇيون ماريندڙ ميربحر مري ويو.”
هن وٽ سحرانگيز حقيقت نگاري آهي، سندس ڪردار اکرن جو روپ ڌاري جيئرا ٿي چڪا آهن.
“پوءِ نڪتا اسڪول مان ڪيترائي بدمعاش، مراد بلوچ، عيسو جاڳيراڻي، دلوڪ شيدي، ڀولو موچي، سڪندر موچي، نبو ڪاڻو، مولو مڪراڻي ۽ ڪاڻو قاسم.”
هن جا ڪردار حقيقت جي ويجهو ۽ خوابناڪ آهن، اهي بي ترتيب، ڀڳل ٽٽل، وچڙيل، لاتسلسل ۽ بي ربط آهن. انهن کي سمجهڻ ۾ ٿوري ڏکيائي ٿيندي جيڪي رفيق جي جيون ڪهاڻيءَ کان غير واقف آهن، سندس ڪتاب ۾ ڏهه ڪهاڻيون پڻ شامل آهن، جيڪي گهاڙيٽي ۽ اصلوب جي لحاظ کان منفرد آهن. انهن جو انداز رفيق جي ڳولهي لڌل الڳ طرز ۽ گهاڙيٽو آهي. سندس ڪهاڻيون بيماريءَ واري دور کانپوءِ جون لکيل آهن.
o