پارٽيون
(ادل سومري جي حوالي سان)
پارٽيون سياسي هونديون آهن، پر اسان دوستن جون پارٽيون سياسي نه هيون، اهي کائڻ پيئڻ ۽ تفريح واريون پارٽيون هيون.
هاءِ اسڪول جي زماني ۾ چندو ڪري پارٽيون ڪيون وينديون هيون، جن ۾ استاد شاگردن کي ٻڪرين جي ڌڻ جيان چهبڪ هڻندا انهن جي قد جيتري اونهي پاڻيءَ ۾، ڪنهن وڏي واهه مان نڪرندڙ ننڍڙي نالي تي وٺي ويندا هيا ۽ ٻار وهنجي، انب چوسي، کجين هيٺان ٽپا ڏئي هڪ ٻئي سان ٽڪر وڙهائيندا هيا.
اسان دوستن جيڪي پارٽيون ڪيون، انهن ۾ چندو شامل نه هوندو هيو. سڄو بار سهڻي دوست عبدالرحمان ڀٽي مٿان هوندو هيو. رحمان ڀٽو نمڪو تيار ڪرائيندو هيو، اهو نمڪو نه، جنهن ۾ سڱر چڻا، دال يا ٻيون تيل ۾ تريل شيون هونديون هيون، جيڪي وڏن شهرن ۾ مٺائيءَ جي دوڪانن ٻاهران اڪثر اڇيون ٽوپيون پائي، سونهارين کي ناسي رنگ ڪري، صاف ڪڙتي وارا نوراني منهن جا مالڪ، جن کي سنڌي ڳالهائڻ نه ايندي آهي، اڪثر وڪڻندي نظر ايندا آهن. پر اهو نمڪو جيڪو رحمان ڀٽو تيار ڪرائيندو هيو، وڏا گوشت جا ٻوٽ هوندا هيا، جن کي سڄي رات ٻاڦ تي ڳاري صبح سان لوڻ ۾ ڀُڃڻي ڏئي تيار ڪرائيندو هيو، پوءِ جاڳيراڻيءَ جي هوٽل تان نانَ وٺي ڪڏهن ابل واهه، ڪڏهن ستين جو آستان، ته ڪڏهن بکر جو قلعو روانگي ٿيندي هئي. ادل سومرو، رفيق سومرو ۽ مان، جڏهن ٽاڪ منجهند جو روانا ٿيندا هياسين ته دنيا جا سڀ ڏک، پيڙائون ۽ مسئلا اُس ۾ سڙي رک ٿي ويندا هيا. اهو وقت، تنهن وقت خوشيءَ جو وقت محسوس ٿيندو هيو الائي نه؟ پر هن وقت محسوس ٿي رهيو آهي ته ان کان وڌيڪ ڪو خوشيءَ جو وقت هيو ئي نه.
جڏهن دوست دنيا ۾ نه رهندا آهن ته دنيا دوستن کانسواءِ نه رهندي آهي. اهي ڏينهن ياد ڪيان ٿو ته جيئرو ٿي پوان ٿو. منهنجي جسم ۾ تازگي تري اچي ٿي ۽ مان ابل واهه جي ميري پاڻيءَ ۾ تران ٿو. سکر ۾ رهندي مان درياهن جي ديس جو ماڻهو هيس. سکر کان جاڏي وڃ سامهون پاڻي. هڪ پاسي درياهه، ٻئي پاسي واهه. اڄڪلهه شڪارپور واري پاسي کان واهه نه آهي. پر ڪنهن وقت پنج ڪلوميٽر پري نارا واهه هوندو هيو، جنهن ۾ ڏوڏيون ۽ ڪُم ٿيندا هيا. نارا واهه ۾ گهڙڻ موت کي دعوت ڏيڻ هوندو هيو، ڇو جو ان ۾ خوبصورت گلابي ڪنولن هيٺان گهري پاڻيءَ ۾ ايڏيون ته گهاٽيون پاڙون هونديون هيون، جو ماڻهو انهن ۾ وچڙي پوندو هيو.
درياهه انڪري ميرا هوندا آهن جو اهي مٽيءَ ۾ وهنجندا آهن. رمضان جي مهيني ۾ روزو رکندا هياسين ۽ جڏهن اڃ لڳندي هئي ته سنڌوءَ تي وڃي، پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏئي، نڪ بند ڪري، ٽٻي ڏئي اٺ ڏهه ڍڪ پاڻيءَ جا پي ويندا هياسين. روزي کولڻ وقت وڏڙن کي حيرت ٿيندي هئي ته “اڃ کان اسان جون اکيون ٿيون نڪرن، هنن ڇوڪرن کي ڪا پرواهه ئي نه آهي!” اهي سڏيندا هيا “ڇورا روزو کوليو.” اسان کي روزو ياد ئي نه هوندو هيو، يا ائين ٿيندو هيو ته روزو رکي سينيما ۾ مارننگ شو جي ٽڪيٽ وٺي ٽي بجي تائين وقت گذاريندا هياسين ۽ جيئن شو ختم ٿيندو هيو ته وري سامهون واري سينيما ۾ ٽڪيٽ وٺي روزي کولڻ تائين وقت گذاريندا هياسين. جڏهن ڪو پڇندو هيو “اهڙي روزي جو ڇا فائدو؟” ته ملان وانگر جواب ڏيندا هياسين “هڪ پاسي روزي جو ثواب، ٻئي پاسي فلم ڏسڻ جو ڏوهه، پاڻ ۾ ٽڪرائجي ختم ٿي ويا، نه گناهه ڪيوسين، نه ثواب کٽيوسين، جيڪڏهن روزو نه رکون ته گناهه، وري مٿان فلم ڏسون ته ٻٽو گناهه.”
اهي ڳالهيون انهن ڏينهن جون آهن، جڏهن اڃان اسان جون پارٽيون نه ٿينديون هيون، ادبي دوستن سان ويجهڙايون نه ٿيون هيون، هونئن ته ادل سومري، رفيق سومري ۽ رحمان ڀٽي کي ننڍپڻ کان سڄاڻيندو هيس، پر اسان جي دوستي ادبي حوالي سان اڻويهه سوَ ٽيهتر کان ٿي، جڏهن ادل سومرو مان وٽ هڪ مشاعري جي دعوت جو ڪارڊ کڻي آيو، رفيق سومرو تڏهن ستر واري ٽهيءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار هيو. هن جون ڪهاڻيون “سوجهرو” ۾ وڏي اهتمام سان شايع ٿينديون هيون، ادل سومرو به ڪهاڻيون لکندو هيو، تنهن وقت سندس “سوجهرو” ۾ ڇپيل ڪهاڻي “انقلاب، ڇتو ۽ اسٽين گن” اڄ به مون کي ياد آهي. ادل سومري جي هڪ ٻي ڪهاڻي “قادو ڪنڃريءَ جي قدمن ۾” سخت لفظن ۾ لکيل هڪ منفرد ڪهاڻي هئي، جيڪا خبر نه آهي ڪيئن هضم ٿي وئي. ادل سومري پوءِ ٻارن لاءِ جام شاعري ڪئي، هن جو ڪتاب “روز ٽڙن رابيل” اڻويهه سوَ ڇاهتر ۾ شايع ٿيو، ان ڪتاب جو ڪمال اهو آهي ته ان جو ٽائيٽل، ڪيليگرافي ۽ اسڪيچ سڀ ادل سومري پاڻ ٺاهيا. ادل سومرو لاجواب شاعر هجڻ سان گڏ آرٽسٽ پڻ آهي. هن منهنجن چئن ڪتابن جا ٽائيٽل ٺاهيا. منهنجا اهي ڪتاب ناياب ٿي چڪا آهن. اهي ڪتاب مون وٽ نه آهن، پر ادل سومري جي لئبريريءَ ۾ موجود آهن. مون جڏهن هن کان اهي ڪتاب گهريا ته هن ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ڏيو ته “تو وٽ وري گم ٿي ويندا.”
ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر بدر اڄڻ جو، جنهن کي خبر پئي ته مان اڄ ڪلهه پنهنجا ڪتاب شهر ۾ وڃائجي ويل ٻارن جيان ڳولهي رهيو آهيان، هن اهي ڪتاب مون کي ڏنا.
منهنجا ڪتاب ڦاٽي شهيد ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري جيئرا آهن، منهنجي خيال ۾ هر لئبريريءَ ڀرسان هڪ سرد خانو هجڻ گهرجي، جنهن ۾ شهيد ٿيل ڪتابن جا جنازا محفوظ ڪري سگهجن، جيئن وقت گذرڻ کان پوءِ ان جي مالڪ کي ياد پوڻ تي سندن منهن ڏيکاري سگهجي.
اسان سنڌين کي نوان ڪتاب نه، پر ڦاٽل ڪتاب ڏاڍا وڻندا آهن، ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ۾ هر آچر تي لڳندڙ ڪتابن جي لنڊا بازار ۾ ماڻهو اڪثر ڦاٽل ڪتاب پسند ڪندا آهن، ڇو جو انهن تي اهڙو سن لکيل هوندو آهي، جنهن ۾ سَن ۾ اهي اڃان پاڻ پيدا ئي نه ٿيا هيا. انهن ڦاٽل ڪتابن کي عظيم چئي جلد بند ڪرائي کوجنا ڪندڙ ان ڪري محفوظ ڪندا آهن جو پڙهڻ کانپوءِ کين پنهنجي عمر ننڍي محسوس ٿيندي آهي.
ادل سومرو سٺو دوست انڪري آهي ته ان کانسواءِ سڀ پارٽيون نامڪمل هونديون هيون. هونئن ته ادل سومري سان گڏ مان سکر جي سخت گرميءَ ۾ ٽاڪ منجهند جو مٿي تي ٽوال رکي اهي سڀ فلمون ڏٺيون آهن جيڪي اڻويهه سوَ پنجاسيءَ تائين سينيمائن ۾ لڳيون. ان دور کانپوءِ اسان وي.سي.آر تي ڪيتريون ئي آرٽ موويون ڏٺيون، جن ۾ نصيرالدين شاهه طوطي جيان اکيون گول ڪري اداڪاري ڪندو هيو. شبانا اعظمي نوٽ سنگهندي هئي ۽ ششي ڪپور کلندو هيو ته ان جا پاسن وارا وڏا ڏند ظاهر ٿيندا هيا.
پارٽين جو ذڪر ڪندي رحمان ڀٽي جي پچايل نمڪي جي تعريف نه ڪرڻ بد ذائقو ٿيندو. ابل واهه تي وهنجندي جڏهن دسترخوان تي رحمان ڳوري هاٽ پاٽ جو ڍڪڻو کوليندو هيو ته خوشبوءِ تي چوڌاري ڪانءَ ڪٺا ٿي ويندا هيا. اهي اڏري چوڌاري ڦيرا ڏيندا هيا. هڪ هٿ سان کائيندا هياسين ٻئي هٿ سان “هُش هُش” ڪندا هياسين. چوڌاري باغن ۾ کجين جا هزارين وڻ هوندا هيا، جن ۾ رَسيل ڏوڪا ماکيءَ جي ڦڙن جيان لڙڪندا هيا. پر صد افسوس ڪانءَ ڏوڪا نه کائيندا آهن. ماڻهوءَ جو مٿو کائيندا آهن.
ڪانءَ ڏوڪا کائين ها ته اسان کي نمڪو آرام سان نصيب ٿئي ها. هڪ دفعي رحمان ڀٽي جي وڏي پٽ جنهن جي ان وقت عمر پنج سال هئي، هڪ وڏي ٻوٽي ابل واهه جي وهندڙ پاڻيءَ ۾ اڇلي ۽ سڀ سياڻا ڪانءَ لڙهندڙ ٻوٽيءَ پويان اڏرندا پري هليا ويا. ڇا ڪجي ڳالهه سنجيدگيءَ سان ٽارڻ لئي مزاح جي ضرورت پوي ٿي. ان ڳالهه کي مزاح سمجهندا، مذاق نه. مزاح جا مٿي ويندڙ ڏاڪا آهن. پهريون مزاح، پوءِ مذاق، هٿ چراند، هٿ ڇوهي، يخيون، لپاٽون، ويڙهه، لڙائي، جنگ، ايٽمي جنگ، هيروشيما، ناگاساڪي ۽ تباهيءَ کان پوءِ ٿڌي جنگ، سو ان کان اڳ جو ڪول وڌي هاٿي ٿي پوي ۽ پنهنجي ڪن ۾ پاڻ گهري. پاڻ کي ماري وجهي، چڱو آهي ته ڪول کي لت ڏئي مارجي.
جڏهن پارٽيون ٿينديون هيون ته هڪ پارٽيءَ ۾ ستين جي آستان تي رحمان ڀٽي جيئن ڳوري هاٽ پاٽ جو ڍڪڻو کوليو ته خوشبوءِ تي پاڙي جا اٺ جوان پڄندا اچي ستين جي آستان تي پهتا. نه دعوت، نه سڏ. نمڪو کائي اهڙي “واهه واهه” ڪيائون جيئن سکر واري شاعر رحمان جا فراديءَ اڃان اڌ شعر ٻڌايو هجي. پاڙي جي هڪ جوان ٻڌايو ته کيس هادن هٽ واري کان خبر پئي سوچيم ته ست ڄڻا پاڻ سان گڏ وٺي وڄاڻ اتي چوباس راند کيڏنداسين. مون انهن کان پڇيو.
“تاسون گهڻيون آنديون اٿوَ؟”
چيائون “هڪ”
“ته پوءِ هڪ تاس سان ٻارنهن ڄڻا چوباس ڪيئن کيڏندا؟”
“سائين مسئلو ئي نه آهي.” انهن مان هڪ چيو “ٽي ٽوليون ٺاهيون، هڪ کيڏندي ٻه ڏسنديون.”
پوءِ هاٽ پاٽ خالي ٿي ويو، رحمان ڀٽي هادن هٽ واري کي دل ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو، جنهن کان هن صبح رائتي لاءِ انب چُور ورتي هئي.
رفيق سومرو، ادل سومرو، رحمان ڀٽو ۽ مان هڪ دفعي نمڪي جو هاٽ پاٽ، ڦودني ڌاڻن ۾ ڀڳل وڏي گوشت جون سايون ٽڪيون، نان ۽ رائتو کڻي بکر واري قلعي ۾ پهتاسين. تڏهن ان قلعي تي فوجين جو قبضو نه هيو ۽ ڪيترائي تاريخي نشان سلامت هيا. هڪ اهڙو پراڻو چبوترو جنهن جي ڇت سلامت هئي، اسان چارئي دوست چادر وڇائي اتي ڇانءَ ۾ ويٺاسين ۽ قلعي جي تاريخ ۽ اهميت تي بحث ڪرڻ لڳاسين. قيمي جون ذائقيدار ٽڪيون، ڀڳل نمڪو، نان ۽ رائتو کائي مست ٿي پياسين. ٽاڪ منجهند جو سنڌوءَ کان ايندڙ هوا ۾ ٿورو ٿڌاڻ جو تاثر هيو.
قاضي قادن کان دارشڪوهه تائين هر ان شخصيت تي تبصرو ڪيوسين ته اوچتو رفيق سومري سٿڻ ۾ سٿر وٽ ڪنهن شيءِ کي پڪڙيو.
“وڇون” هن چيو.
“وٺ وٺ” ٿي وئي. سڀ دوست اٿي کڙا ٿياسين.
“جهلي بيهيس” هڪ دوست چيو “نه ڇڏ جاسين.”
رفيق سٿڻ جي ان حصي کي زور سان پڪڙيو ۽ پوءِ ٻئي هٿ سان ڌڪ هنيا.
اسان سڀ خوف کان ڏسندا رهياسين ۽ سوچيندا رهياسين ته “خدا خير ڪري وڇونءَ ڏنگي ورتس ته ڇا ٿيندو؟”
اوچتو رفيق سومري سٿڻ ڇنڊي، پانچي مان ڪا شيءِ هيٺ ڪري. ڏسي سڀ کل ۾ اونڌا پيا هياسين. اهو پوپٽ هيو.
رفيق هليو ويو. رحمان ڀٽو هليو ويو. ادل سکر ۾ موجود آهي ۽ مان گذريل پندرهن سالن کان ڪراچيءَ ۾ رهان ٿو.
o