آتم نرآستي Autodetachment
آتم نرآستي اهڙو پاڻ مرادو عمل آهي، جيڪو وقت سان گڏ انسان کي دنيا کان ڇِني الڳ ڪري ٿو.
فطري موت ان حالت جو نالو آهي جيڪا عمر سان گڏ جسم جي مسلسل تذليل کانپوءِ ان جي انت جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. انسان ڄمڻ سان مرڻ شروع ڪري ٿو. تازو ڄاول ٻار نئين وڳي جيان آهي ۽ زندگي ڪپڙي جيان چُڙي ٿي.
موت مئل لاءِ نه پر جيئرن لاءِ هوندو آهي. جيڪو مري ويو، ان کي موت جي ڪهڙي خبر. موت احساس جو نالو آهي، جنهن کي جيئرا ئي محسوس ڪري سگهن ٿا. اهو سچ آهي ته جيڪو جيڏانهن آيو آهي ان کي اوڏانهن واپس ورڻو آهي. سوچيو، توهان ڪٿان آيا آهيو؟
مان جڏهن اهڙي سوال تي سوچيندس ته پوءِ ان وقت جون تصور هوندو جڏهن مان نه هيس ۽ دنيا موجود هئي. مان اڻ هوند (Nothingness) هيس. جڏهن وجود ورتم ته ڏٺم، دنيا ڪروڙها سالن کان موجود هئي پر مان نه هيس ۽ ائين موت کان پوءِ هڪ اهڙي اڻ هوند (Nothingness) ڏانهن هليو ويندس.
اسين ان ڪري جيئرا آهيون ڇو جو جيئڻ چاهيون ٿا. موت جو خوف جيئاري ٿو. موت مقدر جيان اسان جي رڳن ۾ موجود آهي. اسان جو هر جيوگهرڙو (Cell) پري پروگرامڊ (Preprogrammed) آهي. اسين ڪروموسومز (Chromosomes) جي لاتعداد مخفين (Codings) ۾ سمايل آهيون.
هر جيو گهرڙي (Cell) اندر مرڪز (Nucleus) آهي ۽ مرڪز ۾ ڏاڪڻ نما ڊي.اين.اي (DNA) آهي. اهو ڊي.اين.اي (DNA) ڪروموسمز جو ٺهيل آهي ۽ ڪرموسومز اندر مقدر، تقدير، خدا، شيطان، موت، ڏاهپ ۽ ڪردار لکيل آهن.
مون هڪ تحقيقي مڪالي ۾ پڙهيو هيو، همجنسپرستن (Homosexuals) جي ڊي.اين.اي (DNA) مخفين (Codings) ۾ همجنسپرست تخم (Homosexual gene) موجود آهي. اهي اهڙو فعل ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن کي ائين ڪرڻو پوي ٿو، جيئن انهن جي اندر لکيل آهي. اهي مخفيات (Codings) لوح ۽ قلم آهن. اسان جو هر جيو گهرڙو جيئڻ جا وس ڪري ٿو ۽ ان کي ائين ڪرڻو پوي ٿو جيئن اندر جو امُر آهي.
فطرت (Nature) انسان جي وجود اندر هڪ ڏينهن ۾ ڏهه هزار تبديليون آڻي ٿي. فطرت جون سٺايون يا خرابيون جيوگهرڙن (Cell) تي اثرانداز ٿين ٿيون. سٺايون سٺيون تبديليون آڻن ٿيون ۽ خرابيون خراب تبديليون. سڀ فطرت جي اثرانگيزين کي ساڻ کڻي بگڙجنديون يا سنورجنديون ظهور ۾ اينديون رهن ٿيون.
هر ساهوارو جيوگهرڙن (Cells) جو ٺهيل آهي. جيڪڏهن وجود جي ڪنهن ڪٽيل حصي کي خاص مهارت سان خوردبين ۾ ڏٺو وڃي ته وجود جي مختلف حصن ۾ الڳ قسم جا جيوُگهرڙا نظر ايندا. وجود جو هر جيوگهرڙو الڳ حيثيت رکي ٿو. هر جيوگهرڙو هڪ الڳ شخصيت آهي. جيوگهرڙا ٽٽندا ۽ ٺهندا رهن ٿا. اندر جي اها ڀڄ ڊاهه حياتيءَ سان گڏ هلندي رهي ٿي. ان تي ماحول (Enviroment) اثرانداز ٿئي ٿو ۽ حياتيءَ کي متاثر ڪري ٿو. ماحول جا اثر هاڪاري هجڻ بجاءِ ناڪاري رهيا آهن. ويهين صديءَ جي صنعتي انقلاب هڪ نئون انسان ٺاهڻ شروع ڪيو، جيڪو ڏاڏن پر ڏاڏن کان گهڻو مختلف آهي. انسان کي اهڙو وجود گهرجي جيڪو صنعتي تبديلين کي قبول ڪرڻ جي قابل هجي. انسان اندر اهڙي انقلابي صورتحال آهي جو هن جي جسم جو هڪ حصو ٻئي حصي سان جنگ ۾ مصروف آهي. انسان جي بقا ان ۾ آهي ته هو هر قسم جي گدلاڻ کي قبول ڪري ماحول مطابق ڍلجي وڃي. پر اهو سڀ پاڻمرادو عمل آهي جيڪو جاري آهي ۽ رهندو. جنهن ۾ انسان جي خواهش ۽ مرضيءَ جو عمل دخل نه آهي.
اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته انسان ۾ جيئڻ جي لامحدود صلاحيت هوندي هن تي موت طاري ٿي وڃي ٿو. انسان پنجن حواسن سان زندگيءَ لاءِ جدوجهد ڪري ٿو. ڇهون حواس کيس موت کان خبردار ڪري ٿو. هن جي رڳ رڳ زندگيءَ لاءِ واجهائي ٿي پر پوءِ به موت حاوي ٿي وڃي ٿو.
ان جو سبب اهو آهي ته موت اڳواٽ مخفي (Precoded) آهي. اهو مقدر جيان هن جي ڪروسومز جي تخم (Gene) تي لکيل آهي. اهو ڪيئن لکجي ويو؟ ڇو لکجي ويو؟ انسان جيئڻ لائق ڇو نه هجي پر امرتا جي حدن کي ڇهي نه ٿو سگهي.
تند جيوگهرڙا (Fibroblasts) جيڪي انسان جي جيوگهرڙن جي گروهن (Tissues) ۾ موجود آهن، انهن کي اها فوقيت حاصل آهي ته اهي وڍيل عضوا پيدا ڪري سگهن ٿا. تند گهرڙن کي ليبارٽريءَ ۾ خاص ماحول ڏئي ان حد تائين ورهائي (Proliferate) ڪري سگهجي ٿو جو ان مان عضوو (Organ) ٺاهي سگهجي ٿو. ورهاست دوران هر جيوگهرڙو اڳلائپ (Mitosis) جي عمل مان گذري ٿو. هڪ خاص حد تي اچي اها ورهاست رڪجي وڃي ٿي ۽ جيوگهرڙو وڌيڪ ورهائجي نه ٿو سگهي.
هڪ تازي ڄاول ٻار مان حاصل ڪيل تند جيوگهرڙو (Fibrolast) پنجهٺ دفعا ورهائجڻ کانپوءِ وڌيڪ ورهاست جي قابل نه ٿو رهي. ائين سمجهڻ گهرجي ته اها ان جي حياتيءَ جي حد آهي. اهو سڀ ان ۾ اڳواٽ مخفي (Precoded) آهي. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ هڪ پروجيريا (Progeria) جي مريض جو تند جيوگهرڙو (Fibroblast) پنجٽيهه دفعا ورهائجي وڌيڪ ورهائجي نه ٿو سگهي.
پروجيريا (Progeria) پيدائشي نقص آهي جنهن ۾ انسان جي عمر ننڍي ٿئي ٿي. اهو جلدي جوان ٿئي ٿو ۽ پوڙهو ٿي مري وڃي ٿو. هن جي عمر سورهن ۽ ٻاويهن سالن جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿي. هندستان ۾ ان موضوع تي “پو” نالي هڪ فلم به ٺهيل آهي جنهن ۾ پروجيريا جي مريض جو ڪردار مشهور اداڪار اميتاب بچن ڪيو.
جيئڻ جي جدوجهد جي حد آهي ۽ ان حد کان جدوجهد جي ڪا به گنجائش موجود نه آهي. اهائي صورت حال آهي جيڪا ارتقا (Evolution) جي تصور سان متصادم ٿئي ٿي. جيڪڏهن Survival of fittest آهي ته پوءِ موت طاري ٿيڻ جو سبب سمجهه ۾ نه ٿو اچي يا ائين چئجي ته
Nobody is fit to survive – انسان اڃان مڪمل نه ٿيو آهي، هن ۾ اڳواٺ مخفياتي سرشتو (Precoded System) سمجهه ۾ نه ٿو اچي. اهو سوچڻو پوي ٿو ته ڇا اسين ڪنهن جي تابع آهيون يا هر شيءِ پاڻ مرادي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مان منڪر (Atheist) نه آهيان پر منجهيل (Agnostic) آهيان. ڪڏهن مونکي سمنڊ جي سپ اندر خدا موتيءَ جيان نظر اچي ٿو ۽ ڪڏهن سپ خالي آهي ۽ مان موجود آهيان. توهان جيڪڏهن بيرجي ڍلائيءَ جي ڪارخاني جو جائزو وٺندا ته مها ڪاريگر واري وڇائي ان ۾ مطلب جا سانچا ٺاهيندو آهي ۽ مزدور بير بٺيءَ ۾ گرم ڪري رجائي انهن سانچن ۾ اوتيندا آهن. بير ٿڌو ٿي سانچي جي صورت اختيار ڪندو آهي، انسان به ائين فطرت جي سانچن ۾ ڍلجي وڃي ٿو.
انسان جي هيت (Formation) ۽ خوبيون (Properties) فطرت جي سانچن ۾ پروان چڙهن ٿيون. ڊارون (Darwin) چيو “انسان حالتن موجب ڍلجي ٿو.”
ائين نه آهي پر “حالتون انسان کي ڍالين ٿيون.”
ڍلجڻ ۾ انسان جو ڪو ڪردار نه آهي. منهنجي خيال ۾ اهو سڀ خودڪار (Autonomous) آهي. اها خاصيت انسان ۾ ڪيڏاهن آئي. مون وٽ ان جو ڪو به جواب نه آهي!
انسان هر لمحي ۽ لحظي جسماني تبديلين کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. حياتي پڳ جيان هن جي مٿي سان ويڙهيل آهي. ڪنهن جي پڳ ننڍي آهي ڪنهن جي وڏي. ڪنهن جي ميري آهي. ڪنهن جي اجري.
زندگي گذارڻ پاڻ تي تشدد ڪرڻ آهي. اسان جي جستجو وجود جو ڦتڪڻ آهي. اسين ان صابڻ جيان آهيون جيڪو حياتيءَ جا داغ ڌوئي ڳري وڃي ٿو. زماني جا ذائقا چکيندي هڪ ڏينهن ڦڪا ذائقا وڻن ٿا. رت جي شگر (Sugar) اکين کي ان حد تائين متاثر ڪري ٿي جو هر نظارو ڪوڙاڻ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. گڙدا ۽ دل آکاڙي ۾ ملهه وڙهندڙ پهلوان جيان ٿڪجي پون ٿا. ڪروموسومز ۾ موجود موت جو اڳواٽ مخفي تخم (Precoded gene of death) اسان کي موت لاءِ تيار ڪري ٿي. مرڻ کان اڳ زماني سان ٻڌل ڌاڳا پراڻا ٿي ڇڏن ٿا. عشق ۽ حُسن جا ڌاڳا، خوشين ۽ غمين جا ڌاڳا، رشتن ۽ دوستن جا ڌاڳا، کائڻ پيئڻ ۽ “سمهڻ” جا ڌاڳا. اسان کي اهڙو تخم تياري ڪري ٿو ته ايندڙ مرحلو ڪهڙو آهي. پوڙهي جي بخيلائپ فطري عمل آهي. ان جو ڪُرڪڻ جائز آهي. ان جون اڪيلائيون. اکين جي ڳوڙهن ۾ ترندڙ حسرتون، مايوسيون ۽ پڇتاءُ پاڻ مرادو ظاهر ٿيندڙ آتم نرآستيءَ جون نشانيون آهن. ڄمڻ کان مرڻ تائين فطرت اسان لاءِ آسانيون پيدا ڪري ٿي. پر اسان انهن کي مشڪل بنائي وجهون ٿا. فطرت اسان کي هر گهڙي ايندڙ گهڙيءَ لاءِ تيار ڪري ٿي، ائين جيئن ننڍي ٻار کي اسڪول موڪلڻ لاءِ ماءُ تيار ڪندي آهي. اسين دنيا ۾ پهچي غفلتن جي سمنڊ ۾ غوطا کائون ٿا. حاصل ڪرڻ جي حسرت ۾ سڀ وڃائي ويهون ٿا. تابڪاريءَ کان تماڪوءَ تائين ۽ حِرس کان حسرت تائين تناع (Stress) جي ڌاري ۾ وهي ٻڏي وڃون ٿا.
آتم نراشتي هڪ فطري عمل آهي ۽ ان تحت ڌرتيءَ ۾ ڌاڳن سان ٻڌل انسان الڳ ٿي اڻ هوند (Nothingness) ۾ تبديل وڃي ٿو.
o