کاڌي جي ٽيبل تي رکيل ڪتاب!
مون پهرين ڪهاڻي نون سالن جي عمر ۾ لکي، جيڪا ڦاڙي ڇڏي، ڪهاڻي ڪا ايڏي خراب نه هئي. اها ڀائرن ۽ سوٽن کي پڙهي ٻڌائي هئي، جيڪا انهن کي وڻي پر معيار جي نه هئي جو ڪنهن رسالي ۾ ڇپرائجي. تن ڏينهن اسان ڇهه ٻار هوندا هياسين. ٽي ڀائر ۽ ٽي سئوٽ. مان ايڏو حرڪتي نه هوندو هيم، سنڌوءَ ڪناري ننڍي پاڻيءَ ۾ تڙڳندو هيس، باقي ڀائر ۽ سوٽن کي بئريج جي دروازن تان پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي ترندي ڪناري تائين پهچندي ڏسندو هيس ته حيرت نه ٿيندي هئي پر محسوس ڪندو هيس ته منهنجو من ڊنل آهي، مون ۾ ائين ڪرڻ جي همت نه آهي. ڏاڍو محتياط هوندو هيس.
ٻاونجاهه جي ٻوڏ ۾ اسان جا وڏا ڳوٺ ڇڏي سکر آيا، ڏاڏي جو ننڍو ڀاءُ جنهن کي اسان “ابا احمد زوار” چوندا هياسين، ڳوٺ ۾ ئي رهيو، ان کي اولاد نه هئي، اسان کي پنهنجي اولاد سمجهندو هيو. اهو ڳوٺ کان شهر ايندو هيو ته رات جو آکاڻي ٻڌائيندو هيو، پن جي ٻيڙي دکائي سوٽو هڻي ڪهاڻي ائين کڻندو هيو جو ڪردار جيئرا ٿي پوندا هيا. هن وٽ عجيب منظر نگاري هئي. حيرت ۾ وجهندڙ ڏانءُ هيو. اڳيان هر شيءِ واقع ٿيندي نظر ايندي هئي. اسان ڪهاڻيءَ جي سحر ۾ ڦاٿل هوندا هياسين، احمد زوار ڪارا ڪپڙا پائيندو هيو ۽ قدآور مڙس هيو. محرم ۾ اٿي مجلس پڙهندو هيو ته ڳوٺ جا وڻ به روئندا هيا. منهنجين ڪهاڻين تي احمد زوار جو اثر آهي، مون کي سحرانگيزي ۽ پراسراريت اتان ملي.
هونءَ ته امڙ جي ڪهاڻين جي ٻاڙ به لڳندي هئي، جيڪا ڏاڍيون سٺيون ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي، بادشاهه جنن ڏائڻين جون ڪهاڻيون ۽ ڏيڍٺڳ جهڙيون پر مزاح ڪهاڻيون جن تي اسين ٽهڪ ڏئي کلندا هياسين. مونکي چڱي طرح ياد پوي ٿو تن ڏينهن راتيون ڏاڍيون ڪاريون هونديون هيون، هاڻي رات جو رنگ ڦٽي ويو آهي. بجلي نه هئي هٿ بتيون ٻرنديون هيون ۽ ڀتين تي هر چرپر جا پاڇا ٺهندا هيا. کٽ ڀرسان ڀت جي لٿل چوني ۾ ڪئي چتر هٿ بتيءَ جي هلڪي روشنيءَ ۾ چرپر ڪندا هيا. امڙ ڪهاڻيون ٻڌائيندي ڪڏهن ننڊ جي گيرٽ ۾ هلي ويندي هئي. سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار ڪري ڏاڍي ٿڪيل هوندي هئي. امڙ جي اوچتي چپ ٿي وڃڻ ڪري هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ چرپر ڪندڙ سڀ ڪردار پٿر جا بنجي ويندا هيا. اسان گوڙ ڪندا هياسين.
“پوءِ ڇا ٿيو؟....اڳتي ٻڌاءِ!”
امڙ جو ڇرڪ نڪري ويندو هيو ۽ پڇندي هئي.
“ڪهاڻي ڪٿي ڇڏيم؟”
“جتي شهزادو طوطي ۾ تبديل ٿي ويو.”
“ها” امڙ چوندي هئي ۽ ڪهاڻي وري شروع ٿي ويندي هئي. ڪردار ساهه کڻندا هيا ۽ انهن جي ساهه کڻڻ جو آواز اسين ڪنن جي ويجهو محسوس ڪندا هياسين.
اڳتي هلي امر جليل جي ڪهاڻين پڙهڻ سان ادب جو شوق جاڳيو. چوڏهن سالن جو هيس ته مون ٽالسٽاءِ کي پڙهيو، ان کي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيو ته ٽالسٽاءِ هڪ اهڙي در وٽ بيٺل آهي، جنهن جو ڪڙو بند آهي. هڪ ڊگهي قطار آهي جيڪا ان دراندر داخل ٿيڻ جي خواهشمند آهي. ٽالسٽاءِ سٺن ٻارن جي چونڊ ڪري ٿو ۽ پوءِ در کولي ان ۾ داخل ڪري ٿو، انهن خواهشمندن ۾ مان به آهيان، ٽالسٽاءِ کي مون ڏٺو. شفقت مان مٿي تي هٿ ڦيريو، ڪڙو لاهي در کولي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني. مان ٽالسٽاءِ جو جهان ڏٺو. پهريون دفعو هن کي سکر جي معصوم شاهه لئبريريءَ ۾ پڙهيو ته واپسيءَ ۾ گهر تائين اکين ۾ ڳوڙها هيا. روسي ادب منهنجي ذهن تي سوار هوندو هيو، مون هڪ دفعي خواب ۾ گورڪيءَ جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي. اهو خواب ائين هيو جو اڌ اگهاڙا مزدور کٽ تي گورڪيءَ جو لاش کنيو پئي ويا. ڪچو رستو هيو ڏاڍي گپ هئي. هليا پئي ته چيڪڙ پئي اڏامي. مان به انهن جي ڪڍ هيس ڀيڏين تائين منهنجا پير به گپ ۾ ڀرجي چڪا هيا.
ننڍي هوندي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيم ته “فن جي ديوي” هوندي آهي، جيڪا ڏات ورهائيندي آهي. مان خواب ۾ فن جي ديويءَ آڏو ايڏو ته رنس جو ڀرسان سمهيل ڀائر ننڊ مان جاڳي پيا.
اڳتي هلي محسوس ڪيم فن نَڪل ۽ ريوڙيون نه آهن، جيڪي ڪنهن پير جي در تان حاصل ڪري سگهجن. اهو سڀ فطري آهي. موقعو ۽ مهل انهن کي اجاگر ڪن ٿا. منهنجو موقعو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ اديب ۽ ٻيو ڊاڪٽر. سوچيندو آهيان چڱو ٿيو، جيڪڏهن اديب هجان ها ته بک مران ها ۽ جيڪڏهن ڊاڪٽر هجان ها ته اديب نه هجان ها. اڌ اڌ آهيان پر آهيان ضرور.
ڀٽي صاحب جي ڏينهن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جو عروج ٿيو، ان لحاظ کان ته تعليمي ادارا سياسي آکاڙا بنجي چڪا هيا، هر پارٽيءَ جي اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن هئي. مون اتي شهنشاهه ايران جو شاندار استقبال ڏٺو ۽ المرتضيٰ جي ڀت ٻاهران اداڪارا ممتاز جي گهگهرن جو آواز ٻڌو، مون چانڊڪا جي شاگرد يونين پاران پهرين مئگزين “موهن جو دڙو” آندي جنهن ۾ ان وقت جي حڪمرانن پنهنجا فوٽو ۽ پيغام موڪليا. تن ڏينهن روسي ادب جا ڪتاب ايڏا ته سستا هيا جو اسٽال تان خريد ڪري ڪٻاڙيءَ کي ڏجن ته وڌيڪ پئسا ملن. پوءِ بندش پئي نه ته ڪتابن تائين پهچ آسان هئي.
ميڊيڪل ڪاليج ۾ دوستن جو وڏو هلڪو هوندو هيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ثناءُ الله کوکر به شامل هيو، جيڪو “ويڄ” رسالي جو ايڊيٽر آهي. ڊاڪٽر اشرف آصف مصراڻي جيڪو مشهور شاعر شهيد احمد خان آصف مصراڻيءَ جو فرزند آهي، منهنجن ويجهن دوستن ۾ شامل هيو، اسان ٻنهي جا روڊن رستن تي هلندي ادبي بحث ٿيندا هيا. ٻئي مايوس عاشقن جيان ڪنهن ڪٻاڙڪي هوٽل تي ويهي چانهه پيئندا هياسين ۽ مڪيش جا اداس گانا ٻڌي ٿڌا ساهه ڀريندا هياسين. اشرف سمرسٽ ماهم جو مداح هيو ڇو جو سمرسٽ ميڊيڪل ڊاڪٽر هيو ۽ هڪ مايوس عاشق جنهن سان شاگرديءَ جي زماني ۾ محبوبا بي وفائي ڪئي. ان جي هر لکڻي عورت جي خلاف آهي. اشرف جي هٿ ۾ ان جي بائيوگرافيءَ جو بڪ هوندو هيو. جڏهن بائيوگرافيءَ ۾ سمرسٽ جا اهي جملا پڙهندا هياسين ته هو شاگرديءَ واري زماني ۾ محبوبا جي بيوفائيءَ ڪري ايڏو ته Frustration جو شڪار هيو جو هن کي Masterbation ڪرڻي پوندي هئي. پڙهي کل بند نه ٿيندي هئي. سوچيندا هياسين ڪمال آهي سمسرٽ ماهم به Masterbation ڪندو هيو.
منهنجي لاءِ اهو مشاعرو يادگار آهي جيڪو 1974ع ۾ ڪلچرل آرٽس سکر ۾ ٿيو. ادل سومري مون کي ان مشاعري جو ڪارڊ ڏنو، مون اتي بيت پڙهيا هيا. ان مشاعري جي صدارت پير حسام الدين راشدي ڪئي ۽ خاص مهمان شيخ اياز هيو، سنڌ جا سڀ وڏا شاعر ان موجود هيا.
سکر جي حوالي سان رفيق سومرو، ادل سومرو ۽ اياز گل منهنجا دوست آهن. سڀ کان گهڻي ويجهڙائي ادل سومري سان رهي، هو منهنجو ويجهو دوست آهي. اسان ڪيتريون فلمون گڏ ڏٺيون ۽ گڏجي مانيون کاڌيون. هن منهنجي ڪتابن جا ٽائيٽل ٺاهيا ۽ انهن کي ادبي سنگت پاران ڇپرائڻ ۾ سهڪار ڪيو، ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ميمبر هيس. هر گڏجاڻيءَ ۾ ويندو هيس، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ اسان جي رهنمائي ڪئي. انهن گڏجاڻين ۾ شيخ اياز کي ٻڌڻ جو موقعو مليو. اسان جي ٽهيءَ کي فخر آهي ته اسين شيخ اياز جا همعصر آهيون.
ڪراچي ڏاڍو ڪنو شهر آهي، ماڻهن جي سمنڊ ۾ اڪيلائي آهي. ڪڏهن تاج بلوچ وٽ ويندو آهيان ته هن جون ڳالهيون ٻڌي هر شيءِ ٽهڪن ۾ وساري ڇڏيندو آهيان، تاج جو گهر منهنجي گهر جي ويجهو آهي نه ته ڏاڍو ڏکيو آهي ڪنهن جو ڪنهن سان ملڻ. اڪيلائيءَ ڪري لکڻ لئي وقت جام آهي. اڄ ڪلهه گارشيا مارڪيز جي سحر ۾ ڦاٿل آهيان. تازو هن جو ڪتاب OF love and other demons پڙهي پورو ڪيو اٿم. ان کان اڳ جي مختصر ڪهاڻين جو ڪتاب پڙهيو هيم. باقي هن جي ٻين ڪتابن جا سنڌي اردو ترجما پهريون ئي پڙهي چڪو آهيان. هن وٽ لکڻ جو مختلف انداز آهي جنهن ڪري وڻي ٿو. سوچن جو سفر پاتال طرف آهي جنهن ڪري هر شيءِ سطحي ٿيندي پئي وڃي ڇو جو پاتال ۾ گهرائي آهي. اڪثر لکڻيون صحافتي ادب جو پرچارڪ ڏسجن ٿيون. هر شيءِ ڪچي ڦڪي ٿي پئي آهي. ڪڏهن دوستو فسڪي وڻندو هيو هاڻي ٻڌل ڳالهيون ٿيون لڳن. چنگيز ائتماتوف جي منظرنگاريءَ کان متاثر هوندو هيس، تازو هن جي ڪهاڻين جي ڪتاب ڪو تاثر نه ڇڏيو. ميلان ڪنڊيرا جو ناول A book of laughter and forgethings “ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب” ۽ ان جي هڪ ڪهاڻي نثار منصور کي ترجمو ڪري ڏنم، جيڪي هن “پرک” ۾ شايع ڪيون، ميلان ڪنڊيرا وٽ ورجهاءُ آهي. ڏک جي ڳالهه اها آهي ته هو CIA جو پگهاردار هيو. هن پئسا وٺي ڪميونزم خلاف واويلا ڪئي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي سولزينٽسن جو وارڊ نمبر 6 ڪيئن وڏو ناول آهي. باقي جلاوطنيءَ دوران جرمنيءَ ۾ ان جو استقبال ڪندڙ اديب هين رخ بوئل وڏو اديب هيو جنهن جي لکڻين کي وساري نه ٿو سگهان.
تازو ڪارلوس فيونتيس جا ٻه ناول هٿ آيا، پڙهي سوچڻ لڳس انسان وٽ ايڏا گوناگون تصور ممڪن آهن، منهنجي خيال ۾ هو گارشيا کان به وڏو اديب آهي.
سارتر چيو جيئن ماڻهو مرندا آهن ائين ڪتاب به مرندا آهن، اهو سچ آهي ڪڏهن مان به ڪو ڪتاب پڙهندي محسوس ڪندو آهيان ڄڻ ان ڪتاب جي قبر تي قل پڙهندو هجان. هونءَ به رواجي طرح اسين ڪتابن کي ڪفن ڏئي ڪنڍيون پارائي هٿ کڻي دعائون گهرندا آهيون. منهنجي ميز تي به ڪيترا ڪتاب سٿيل آهن، جيڪي هٿ ۾ کڻڻ سان جاڳي پوندا آهن. مون ڪتابن جو اکيون ڏٺيون آهن ۽ انهن جا چپ چميا آهن. ڪڏهن جان ڪيٽس کي پڙهي ان جي محبوبا تي عاشق ٿي پيو هيس. منهنجي ڦوهه جواني هئي اها عمر جنهن عمر ۾ ڪيٽس جو انتقال ٿيو. ڪيٽس جو ڪتاب “محبوبا ڏانهن خط” منهنجي ٽيبل تي رکيل هوندو هيو جنهن جو ٽائيٽل ٽي بيءَ جي مريض جيان زرد هيو.
بنيادي طرح مان هڪ شاعر آهيان، ستر واري ڏهاڪي ۾ مون شاعري ڪئي ۽ “اوشا جي آشا” کانپوءِ شاعريءَ جو ڪو ڪتاب منظرعام تي نه اچي سگهيو آهي. شاعري ڏکي صنف آهي، اهڙي اٿل جو اندر کي مڪمل طرح خالي ڪرڻو پوي ٿو. ان جي بنسبت نثر آسان آهي، ان کي قافيا پابند نه ٿا بڻائين پر آزاد شاعري پابند شاعريءَ کان به ڏکي آهي. آزاد شاعريءَ جا دروازا ڪنهن وڏي خيال لاءِ کليل هوندا آهن ته جيئن ڪنهن به روڪ ٽوڪ کان سواءِ اهو مڪمل طرح سمائجي پوي. سنڌيءَ ۾ آدرش آزاد نظم جو وڏو شاعر آهي. هن وٽ گهرائي ۽ ترتيب آهي.
ڪڏهن ائين به محسوس ٿيندو آهي ادب ۽ شاعري دنيا جي وڏي عياشي آهي. حالتون هر ڪنهن کي اهو موقعو فراهم نه ٿيون ڪن ته اهي لکن ۽ پڙهن. بيروزگاري آهي، کائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي، ماڻهو ڳڀي لاءِ سرگردان آهن. ڪنهن وٽ وقت آهي جو اهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ سيڙائي ڪنڊ ۾ ويهي لکي پڙهي سگهي؟ پيٽ پهريون آهي ۽ ادب پوءِ. چمڻ لئي چپن جو توانو هجڻ ضروري آهي. حسن خوشحاليءَ ۾ آهي.
جيڪي ڊاول آهن وقت انهن جي انتظار گاهه ۾ ويٺل آهي، لکڻ مونکي مونجهارن کان آزاد ڪندو آهي. اهڙي پناهگاهه آهي جنهن ۾ لڪي Nothingness جو حصو بنجي هر آفت کان آجو ٿي ويندو آهيان. لکڻ مونکي خوشي عطا ڪري ٿو. جڏهن لکندو آهيان اهي منهنجي زندگيءَ جا سٺا ڏينهن هوندا آهن. ڪي مصيبتون نه هونديون آهن ڪي ذاتي مسئلا نه هوندا آهن.
لکڻ پڙهڻ ترقي يافتا معاشري جو حصو رهيا آهن، ڪراچي ان جو مثال آهي، جنهن جو هڪ حصو اونداهو ۽ ٻيو ايڏو ته روشن آهي جو سونهن ۾ وهنتل جسم اکين کي کيرو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. فٽپاٿين جي ڪٻاڙ خانن ۾ سٺن ڪتابن جا هجوم آهن ۽ فينسي بڪ اسٽالن تي خوشحال ماڻهن جا هجوم.
تازو ڊفينس جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ عالمي ادبي ڪانفرنس ۾ وڃڻ جو موقعو مليو. وڃڻ جو سبب ڪيرن آرم اسٽرانگ هئي، جنهن “هسٽري آف گاڊ” لکيو آهي. مون اهو ڪتاب پڙهيو هيو، مذهبي معاملن تي ڏاڍو سٺو ڪتاب آهي. اسلامي تاريخ تي ڏنل باب حقيقت تي مبني آهي. اهڙي ادبي ڪانفرنس جو مشاهدو مون وٽ پهريون نه هيو. سوين لکيل پڙهيل ماڻهو هيا. ڳڻت کان ٻاهر فيشن سان ڀرپور ادب جو چاهه رکندڙ عورتون هيون. هڪ وڏي هال ۾ ڪيرن آرم اسٽرانگ جو خطاب ۽ سوالن جوابن جي ڏي وٺ هئي. هال ۾ سڀ ڪرسيون ڀريل هيون. ماڻهو بيٺل هيا. اهڙو منظر ڏسي مونکي سنڌي ادب جي حوالي سان ڪراچيءَ ۾ ٿيل بيٺڪون ياد پئجي ويون، جتي مشڪل سان ويهه ماڻهو مس هوندا آهن.
ڏٺو وڃي ته جيئن اٽو، لٽو ۽ اجهو طبقاتي آهن ائين ادب به طبقاتي آهي. ڳائڻي جي ماکي چٽڻ سان جا سر مٺا ٿي پون ٿا.
o