جپان جي ڇا ڳالهه ڪجي
زندگيءَ ته دنيا گهمڻ جو شوق پورو نه ڪيو پر الطاف شيخ جي خوبصورت سفرنامن ان گهمڻ جي سڪ کي ڪنهن حد تائين پورو ضرور ڪيو. پسنديده ليکڪ جي لکڻين تي لکڻ ڏاڍو اوکو ٿو لڳي. ننڍپڻ کان اڄ تائين الطاف شيخ کي هڪ بهترين ليکڪ جي حيثيت سان پڙهيو ۽ ياد ڪيو اٿم.
جيڪا انفراديت الطاف جي لکڻين ۾ مون کي محسوس ٿي آهي اها سندس پنهنجائپ واري ٻوليءَ جي ڪري آهي. هو جنهن به ملڪ جو سفرنامو لکي ٿو ته اُتي جي مقامي ماڻهن سان توڙي اتي موجود پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان ڪيل ملاقاتن جو احوال هو ايترو ته دلچسپ ۽ فطري انداز ۾ ڏئي ٿو جو اسان کي هميشهه ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ اسين پاڻ انهن سان ملاقات ڪري رهيا آهيون. اسان کي خود به انهن ماڻهن سان ملڻ جو اشتياق ٿئي ٿو. اهي اسان کي پنهنجا عزيز ۽ دوست محسوس ٿيڻ لڳن ٿا.
ٻي خاص ڳالهه الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ مون کي اها محسوس ٿي ته هو هر ملڪ گهمڻ سان گڏوگڏ اتي جي ماڻهن جي نفسيات ۽ مزاج جي وضاحت به ڪندا هلن ٿا ۽ ان سان گڏ ان ملڪ جي ٻولي ۽ ٻوليءَ جي اصطلاحن جي باري ۾ به ڄاڻ ڏيندا رهن ٿا. الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ تاريخي پس منظر، رسمون رواج، مرڻي پرڻي جون ريتون هر ڳالهه ايتري ته وضاحت سان بيان ڪيل هوندي آهي جو دل ڪتاب رکڻ لاءِ تيار ئي ناهي ٿيندي. خيالن جي اڏام ڄڻ ته ان ملڪ مان ٻاهر نڪرندي ئي نه آهي. تصور ۽ تخيل جي پڙدي تي هر شيءَ جا منظر ائين چٽا نقش ٿيندا ويندا آهن ڄڻ ته اسين بذات خود اتي موجود هجون.
الطاف شيخ جو موجوده نئون سفرنامو جيڪو جپان جي باري ۾ آهي ان ۾ هو هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته، ”جپان پهچڻ تي جپان ۾ رهندڙ هڪ سنڌي واقفڪار کان جڏهن پڇيم ته هاراڪِري (Hara Kiri) ڇا آهي ته هن ٻڌايو ته ”ڇريءَ سان پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ“.
”اها ته مون کي به خبر آهي، پر ان جي پٺيان مقصد يا فلسفو ڇا آهي؟“ الطاف پڇيس.
”اهو ئي جيڪو پاڻ وٽ سنڌ ۾ ڪاروڪاري جو آهي يعني Honour Killing غيرت ۾ اچي ڪنهن کي مارڻ“ هن چيو. الطاف لکي ٿو ته آئون ان ۾ لڪل ٽوڪ ۽ چرچو سمجهي ويس. جپاني زالون هونءَ وڏن سورن ۾ آهن، سڄو ڏينهن پورهيو ڪن، مڙس ۽ ٻارن جي خدمت ڪن، ان هوندي به مڙس جا موچڙا کائين! ساڳيو حال سنڌي عورت جو آهي، خاص ڪري هڪ ڳوٺاڻي عورت جو. بقول سنڌياڻي تحريڪ جي زاهده شيخ جي ته هو ڏينهن تتي جو توڙي سياري جي سرد رات ۾ گهر جو ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪري ٿي ۽ مڙس جي ته خدمت چاڪري ڪري ٿي پر ان جي گڏهه ۽ وهٽن جو به خيال رکي ٿي ۽ مڙس کي جڏهن وڻي هن کي غيرت جي نالي ۾ ڪاري چئي ڪهي ڇڏي ٿو. جپاني عورت گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه ۾ خوشنصيب آهي. جپاني مرد کي جڏهن غيرت اچي ٿي يعني هن جي عزت جو سوال پيدا ٿئي ٿو ته هو زال تي ڏنڊو کڻڻ بدران ”ٽانٽو“ (ڇرو) کڻي پنهنجو پيٽ چيري پنهنجو انت آڻي ٿو“.
اڳتي هلي الطاف صاحب هارا ڪِري جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل به ٻڌائي ٿو ۽ تاريخي پس منظر کي به چٽو ڪندو ٿو هلي.
الطاف شيخ پنهنجي سفرنامي ”جپان جپان آهي“ ۾ جپان جي معاشرتي زندگيءَ بابت باريڪ بينيءَ سان لکيو آهي.
تعليمي نظام بابت جپان ۾ رهندڙ عمان جي هڪ ڇوڪريءَ جو انٽرويو ڪندي هن جي ڳالهه لکي ٿو ته،
”آئون جپان ۾ ان ڪري آيس جو هڪ ته مون کي اعليٰ تعليم لاءِ جپان حڪومت خرچ ڏنو ٻي ڳالهه ته ريسرچ ورڪ لاءِ ٽوڪيو يونيورسٽي دنيا ۾ ٽاپ جي يونيورسٽي آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اڪيلي ڇوڪريءَ لاءِ جپان تمام Safe ملڪ آهي“.
تعليمي نظام بابت معلومات سان گڏوگڏ اها ڳالهه به محسوس ٿي ته، ڇوڪريون دنيا ۾ ڪٿي به رهنديون هجن انهن لاءِ تحفظ وڏو سوال آهي. عمان جي شاگردياڻي به جپان جي چونڊ ان ڪري ڪئي ته هوءَ اتي محفوظ آهي. کوڙ اهڙيون ڇوڪريون آهن جيڪي مردن جي اڍنگي روش جي ڪري گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان ڪيٻائين ٿيون.
الطاف شيخ تمام غير محسوس طريقي سان اسان جي سماج جون اوڻايون بيان ڪري ٿو. هو پنهنجي ملڪ جون برايون نه ٿو ڪري پر جنهن وقت تهذيب يافته ۽ ترقي يافته ملڪن جا مثال پيش ڪري ٿو ته ذهن ۾ خود بخود اسان جي سماج جا منفي پهلو نروار ٿيڻ لڳن ٿا ۽ اسين اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ٿا وڃون ته آخر اسين ان تهذيب، اخلاق، ترقي ۽ شعور ۽ تعليم کان پري ڇو آهيون! جيڏو سمنڊ وشال آهي اهڙائي الطاف شيخ جا سفرنامه وشال، وسيع ۽ گهرا آهن جن ۾ ٻوليءَ جي سونهن جا خزانا آهن ته معلومات جا به ڀنڊار آهن.
سمنڊ هميشه مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو محسوس ٿيندو آهي. ننڍپڻ جي پهرين يادگيري پهرين ڪشش سمنڊ ۽ سفرنامه آهن ۽ انهن سان الطاف شيخ جو نالو جڙيل آهي. دل چوندي آهي ته جيڪر منهنجي وس ۾ هجي ته آئون سنڌي نصاب ۾ الطاف شيخ جا چونڊ سفرنامه شامل ڪريان ته جيئن اسان جي شاگردن کي معلومات به ملي ۽ انهن کي اڳتي تعليم حاصل ڪرن لاءِ رهنمائي به ملي.
حسين مسرت
ليڪچرار، ليکڪا ۽ عورتن جي
حقن لاءِ جاکوڙيندڙ
حيدرآباد- سنڌ