جپان ۾ مسلمانن جي زندگي
عرب دنيا (سعودي، ڪويت، ايران وغيره) ۾ تيل نڪرڻ ڪري نه فقط اتي پر سڄي دنيا ۾ بهتري ۽ خوشحالي اچي وئي. ظاهر آهي ڪارخانن ۽ جهازن تي جتي انجڻين ۾ ڪارو ڪوئلو استعمال ٿيو ٿي اتي ڪوئلي بدران تيل (ڊيزل، پيٽرول) استعمال ٿيڻ لڳو. تيل جي ڪري نه فقط انجڻيون (ڪارخانا) بهتر هلڻ لڳا پر تيل مان ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ٺهڻ لڳيون.... جيئن ته پلاسٽڪ جو سامان، عطر، نقلي وار (Wigs) وغيره. جپان ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳڀرو هجڻ ڪري جپاني ان قسم جون نيون نيون شيون ٺاهي ناڻو ڪمائڻ لڳا ۽ جپان ۾ ته هيڪاندي خوشحالي اچڻ لڳي..... ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ مٿي ۾ لڳل نقصانن مان هنن جي تڪڙي تڪڙي جان ڇٽڻ لڳي. ڪجهه سالن بعد عربن تيل جو اگهه وڌايو. يورپ جي ڪيترن ملڪن مخالفت ڪئي ۽ هنن اهو ئي سوچيو ته هو جي تيل نه وٺندا ته عرب پاڻهي سڌا ٿي ويندا. ان تناظر ۾ اسان ڏٺو ته جپان جو وزير اعظم يورپ جي ملڪن سان شامل ٿيڻ بدران عرب ملڪن ۾ ٺاهه لاءِ پهچي ويو ته اسان توهان سان بائڪاٽ نٿا ڪريون. اسان توهان کان مهانگي اگهه تي به تيل وٺڻ لاءِ تيار آهيون جو اسان جو ان بنا گذارو نه ٿيندو. هي اهو دؤر هو جڏهن جپاني ماڻهن کي پهريون دفعو عربن جو احساس ٿيو ته اها به هڪ اهم قوم آهي ۽ تيل جي ڪري وڏي طاقت رکي ٿي ..... جپانين کي انهن جي مذهب ۽ ڪلچر جي ڄاڻ رکڻ جو شوق ٿيو ۽ اسان ڏٺو ته ان بعد جپان ٽي وي تي اڌ ڪلاڪ لاءِ عربيءَ جا ڪلاس شروع ڪيا ويا .... جپان جي ٽي وي پنهنجن ماڻهن کي حج جا نظارا ۽ ٻانگ ڏيکارڻ لڳي... اڳتي هلي ڪنهن ڪنهن جپانيءَ بابت ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو ته هن اسلام قبول ڪيو آهي. پر حيرت جي ڳالهه اها ته جپان ۾ جپانين جي وڏي تعداد جو مسلمان ٿيڻ ۽ مسجدن جو ٺهڻ ”نائن اليون“ واري واقعي بعد ٿيو. 1980ع واري ڏهاڪي تائين به (جيسين اسانجو جپان اچڻ وڃڻ لڳو رهيو)، جپان جون فقط ٻه مسجدون مشهور هيون جن بابت مٿي لکي چڪو آهيان.... يعني ٽوڪيو واري جيڪا 1938ع ۾ ٺهي ۽ ڪوبي واري جيڪا ان کان اڳ 1935ع ۾ ٺهي. جپاني ماڻهو جن کي مذهب سان ڪا دلچسپي نه هئي اڄ ڪيترائي، ويندي نوجوان طبقو، اسلام قبول ڪري رهيو آهي. اڄ جپان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مسجدون نظر اچن ٿيون. انهن مان ڪجهه مشهور هن ريت آهن:
• جامع مسجد يوڪوهاما
• ٽوڪيو جي علائقي ايڊوگاوا ۾ ”ايڊوگاوا اسلام بُنڪا سينٽر“.
• ٽوڪيو جي اساڪسا علائقي جي ”اساڪسا مسجد“، جيڪا 1998ع ۾ ٺهي.
• ٽوڪيو جي ڪاماتا (Ota) علائقي جي ”ڪماتا مسجد“.
• چيبا شهر جي ”حرا مسجد“، جيڪا 1997ع ۾ ٺهي.
• اوياما (Tochigi) جي مسجد ”بابل اسلام مسجد“.
• تاتي باياشي (Gunma) جي ”قبا مسجد“ جيڪا 2004ع ۾ ٺهي.
• ميتو (Ibaraki) شهر جي مسجد ”ابو بڪر مسجد“ جيڪا 2015ع ۾ ٺهي.
• توچيگا جي هڪ ٻئي علائقي ”ناسو شيئو باراشي“ جي مسجد ”رياض الجنة مسجد“ جيڪا پڻ 2015ع ۾ ٺهي راس ٿي.
جپان ۾ ٻيون کاڌي پيتي جون حلال شيون ۽ مصالحا ته نه ملندا هئا پر گوشت به نٿي مليو. 1980ع تائين به اسان جا جهاز جڏهن جپان جي بندرگاهن ۾ ايندا هئا ته اتي موجود آسٽريليا جون ڪمپنيون آسٽريليا کان گهرايل حلال رڍون ۽ ڍڳيون وڪڻنديون هيون. انهن سان گڏ ذبيحا جا سرٽيفڪيٽ ”ايم. ڪي“ (Muslim Killed) به آسٽريليا جي مولوين جا هوندا هئا پر هاڻ ان قسم جا سرٽيفڪيٽ جپاني مولوين يا جپان ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ترڪ مولوين جا ڏنا وڃن ٿا ۽ ڍڳيون ۽ رڍون به جپان ۾ ئي حلال ڪيون وڃن ٿيون يا وري برازيل مان ڪٺل اچن ٿيون جتي جپانين جو وڏو تعداد رهي ٿو ۽ اهو ڪاروبار گهڻو ڪري اهي پاڪستاني ۽ لبناني ڪن ٿا جن جون زالون برازيل جون جپاني آهن.
جپان ۾ هاڻ نه رڳو هر مسجد جي ڀر وارن دڪانن تي حلال بسڪيٽ، ڪيڪ، چاڪليٽ ۽ ٻيون کاڌي جون شيون ملن ٿيون پر جپان جي هر وڏي شهر ۾ مسلمانن لاءِ اها سهوليت موجود آهي. جپان جي حڪومت به ان قسم جي حلال کاڌن ۽ ريسٽورنٽن جي همٿ افزائي ڪري ٿي جيئن عرب ملڪن، ايران، ترڪي، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن امير ملڪن جا ٽوئرسٽ جپان اچي سگهن ۽ جپان جي ڪمائي ٿئي.
جپان ۾ رامين (Ramen) نالي نوڊل (سوين) جو مشهورسوپ ڊش ٿئي ٿو جنهن ۾ گوشت ۽ مڇيءَ جا ٽڪرا به وڌا وڃن ٿا. ان کان علاوه سويا يا مِسو ساس (چٽڻي)، سامونڊي گاهه ۽ سوئر جي گوشت جون سنهيون سلائيسون به وڌيون وڃن ٿيون. مسلمان سياحن ۽ شاگردن جي گهڻائي ڪري اڄ ڪلهه ڪيترن هنڌن تي ”حلال رامين“ جون ريسٽورنٽون کلي ويون آهن جتي اسلامي عقيدي موجب هر حلال شيءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ پورڪ (سوئر جي گوشت) يا بيئر شراب جهڙي شيءِ جي استعمال تي پابندي آهي.
ٽوڪيو جو ”اساڪسا“ وارو علائقو جنهن کي ٽوڪيو جو ”ڊائون ٽائون“ به سڏجي ٿو دنيا جي سياحن کان مشهور آهي ـــ جتي هو ”سينسوجي مندر“ به ڏسڻ اچن ٿا. ”ڪامي ناريمون گيٽ“ کان وٺي مندر تائين ناڪامِسَي نالي چوٿو ڪلوميٽر کن ڊگهي گهٽي آڳاٽن ۽ تاريخي دڪانن کان مشهور آهي. چون ٿا ته هيءَ گهٽي جپان جي پُراڻي ۾ پُراڻي آهي جڏهن جپان تي ”سينگوڪي“ دؤر (1493ع کان 1590ع) جي حڪومت هئي. هتي ٻه سال کن اڳ 2015ع ۾ ”ناري تايا“ نالي حلال رامين جي ريسٽورنٽ کلي آهي. جتي مسلمانن کان علاوه مڪاني ماڻهو پڻ اچن ٿا. هن ۾ ٻن سوادن جون رامين وڪامن ٿيون. زارو (Zaru) رامين ۽ ماذي سوبا (Mazesoba) هر هڪ جي قيمت 700 يين رکي وئي آهي. هيءَ ريسٽورنٽ نوڊل فئڪٽري وارا ئي هلائين ٿا. هن ۾ ڪيميڪل بنا پوکيل ڪڻڪ جون نوڊل ۽ حلال چڪن ۽ حلال مصالحا ۽ چٽڻيون استعمال ٿين ٿيون ۽ ڪنهن به قسم جو الڪوحل (شراب) ڪتب ۾ نٿو اچي ۽ نه ئي بيئر جهڙو ڪو مشروب Serve ٿئي ٿو.
جپان ۾ کڻي ايترا مسلمان نٿا رهن پر جپان ۾ هر سال مسلمان ٽوئرسٽن جو وڌندڙ تعداد ڏسي جپان جي ڪيترن شهرن ۾ ان قسم جي ريسٽورنٽن ۽ هوٽلن جو تعداد وڌندو وڃي ۽ ڪيترين ۾ حلال کاڌي سان گڏ گراهڪن کي نماز پڙهڻ لاءِ مصلا به ڏنا وڃن ٿا ۽ اهڙن هنڌن تي قبلي جي به نشاندهي رکي وئي آهي ته نماز ڪهڙي طرف پڙهجي. ان قسم جون سهولتون هاڻ جپان جي هر وڏي ايئرپورٽ تي پڻ مهيا ڪيون ويون آهن.
هن وقت جپاني ۽ ڌارين ملڪن جي مسلمانن جو تعداد جيڪي جپان ۾ رهن ٿا ـــ جن کي جپان جو پاسپورٽ يا ريزيڊنسي آهي هڪ لک کان مٿي چيو وڃي ٿو ۽ مسلمان ٽوئرسٽن جي وڌندڙ تعداد کي ڌيان ۾ رکي جپاني واپارين کي اهو لڳي ٿو ته حلال کاڌي جو ڪاروبار ڏينهون ڏينهن وڌندو رهندو. حلال کاڌي تي چيڪ ۽ بئلنس رکڻ لاءِ 2013ع ۾ جپان ۾ ”نپان ايشيا حلال ائسوسيئيشن“ پڻ ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ ويهارو کن مختلف ڪمپنيون شامل آهن جيڪي جپان ۾ حلال کاڌي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪن ٿيون. سعيد اختر نالي جپان ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني ان ائسوسيئيشن جو سربراهه آهي. هو 1996ع کان جپان ۾ رهي ٿو ۽ هن ٽوڪيو يونيورسٽيءَ مان ”فُڊ سائنس“ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
جهاز تي نوڪريءَ دوران اسانجو ”ڪوبي“ تمام گهڻو وڃڻ ٿيندو هو ـــ ڪوبي بندرگاهه جي ويجھو ”ناڪاياماتي گهٽي“ ۾ جپان جي سڀ کان پهرين ٺهيل مسجد آهي جيڪا جوزف سواگر (1969ع - 1885ع) نالي عمارتساز ترڪش اسٽائيل سان ڊزائين ڪئي. 1995ع ۾ جيڪو ”ڪوبي“ ۾ تمام وڏو زلزلو آيو هو ان ۾ هن مسجد جو بچاءُ ٿي ويو هو. هن مسجد جي روزمره جو خرچ ڪوبي جي ”اسلامڪ ڪميٽي“ ڀري ٿي. ڪوبي ۾ اسان جي ڏينهن ۾ 1960ع کان 1980ع واري ڏهاڪي تائين انڊين ۽ ايراني ريسٽورنٽون ضرور هيون پر انهن ۾ بيئر ۽ وائين به وڪرو ٿيو ٿي. ڪا به اهڙي ريسٽورنٽ نه هئي جيڪا حلال سڏجي. پر سال 2000ع بعد جڏهن به جپان وڃان ٿو ته جتي ڪٿي حلال دڪانن ۽ ريسٽورنٽن جو تعداد وڌندو وڃي ـــ خاص ڪري انهن شهرن ۾ جتي مسلمان گهڻا رهن ٿا يا مسلمان ملڪن جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. ڪوبي شهر ۾ به هاڻ ڪيتريون ئي ريسٽورنٽون ۽ دڪان آهن جن جي ٻاهران حلال کاڌي جا بورڊ نظر اچن ٿا. ايتريقدر جو مسلمان گراهڪن جي گهڻائيءَ ڪري ڪيترن انڊين واپارين پنهنجن دڪانن ۽ ريسٽورنٽن کي نج حلال کاڌي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ته:
• آرتي (Aarti): هن نالي سان ڪوبي ۾ ٻه انڊين هوٽلون آهن ۽ ٻئي حلال کاڌو ڏين ٿيون. پورڪ (سوئر جي گوشت) يا بيئر جهڙي شيءِ هتي Serve نٿي ٿئي. هڪ آرتي ريسٽورنٽ ڪوبي مسجد واري گهٽي ۾ ”هنٽر بلڊنگ“ جي پهرين فلور تي آهي ۽ ٻي جيڪا ڪيفي سڏجي ٿي ڪوبي شهر جي Shimoyamatate روڊ تي آهي. (فون نمبر 0081-78-371-7588).
• ”مدراس ڪچن“ نالي هيءَ ريسٽورنٽ به ڪوبي مسجد واري روڊ تي آهي. (فون نمبر: 0081-78-222-2502)
• نيو محفل ـــ هي حلال کاڌي واري ريسٽورنٽ ڪوبي جي ڪيتا ناگاسا روڊ تي آهي.
• ڪُوسوم (Kusum) ترڪ هوٽل: هيءَ ياماتو روڊ تي Ijin پلازه ۾ آهي. زياده تر هن ۾ ڀاڄيون Serve ڪيون وڃن ٿيون.
• Cappadocia نالي هيءَ حلال کاڌي جي ترڪن جي ريسٽورنٽ آهي جيڪا ياماموتو روڊ تي آهي.
• مورت ـــ هيءَ به ترڪن جي ريسٽورنٽ آهي ـــ ڪوبي مسجد واري گهٽيءَ ۾.
• پارس ڪزين ـــ حلال کاڌي جي هيءَ ڪيفي ڪيتاناگاسا روڊ تي آهي.
ريسٽورنٽن کان علاوه ڪوبي جون ڪجهه هوٽلون جهـڙوڪ: ANA ڪرائون پلازه، هوٽل اوڪُورا، اورينٽل هوٽل ۽ پورٽوپيا هوٽل جهڙيون هوٽلون گهرڻ تي ڀاڄيءَ جا ڊش جيڪي حلال آهن، ڏين ٿيون. نماز لاءِ ڪمرو، مصلو، ”قبلو ڪمپاس“ پڻ مهيا ڪن ٿيون.
اهڙي طرح ڀر واري شهر اوساڪا ۾ به ڪيتريون ئي هوٽلون حلال کاڌو Supply ڪن ٿيون.
حلال کاڌي کان علاوه جپان جي وڏن شهرن ۾ اسان جا ڪيترائي شاگرد ـــ خاص ڪري شاگردياڻيون ۽ مسلمان ٽوئرسٽ عورتون اسلامي ڊريس ۾ نظر اچين ٿيون ۽ هو بلڪل Comfortable محسوس ڪن ٿيون ـــ جپاني ماڻهو هنن تي رمارڪ ڏيڻ بدران هنن جي ڊريس، مذهب ۽ سوچ جي عزت ڪن ٿا. 80 جي ڏهاڪي تائين مسلمان عورتون (ويندي ملائيشيا ۽ ايران جون) جپان پهچي حجاب لاهي ڇڏينديون هيون. منهنجي ڌيءَ سندس مڙس جي جپان ۾ نوڪري هجڻ ڪري گذريل 25 سالن کان هيروشيما، فڪوڪا ۽ اوساڪا ۾ رهندي اچي. پهريان ڪجهه سال هن پڙدو نه ڪيو پر هاڻ 10 سالن کان حجاب ۽ اوبايا اوڍي ٿي ۽ سندس ڌيءَ جيڪا اوساڪا يونيورسٽي ۾ پڙهي ٿي شروع کان حجاب استعمال ڪري ٿي. هنن جو چوڻ آهي هنن کي اها ڊريس پائڻ تيِ ڪو پرابلم ناهي ۽ ڪو به نفرت جو اظهار نٿو ڪري بلڪه قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هاڻ ته ٻن ٽن سالن کان عرب ملڪن جون ڪيتريون ئي شاگردياڻيون جپان جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيون آهن ۽ انهن مان گهڻيون تڻيون پڙدو ڪن ٿيون ـــ يعني حجاب اوڍين ٿيون. اهڙي ئي هڪ عمان جي ڇوڪري عزا الاسماعيل جو انٽرويو جپان جي هڪ انگريزي اخبار ۾ آيو آهي جيڪا ميڊيسن ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي آهي. پاڻ ڪيوٽو يونيورسٽي ۾ ريسرچ اسٽوڊنٽ آهي ۽ جپان حڪومت جي اسڪالرشپ تي هتي پڙهي رهي آهي. کانئس پڇيل ڪجهه سوال ۽ سندس ڏنل جواب ٻئي مضمون ۾ ڏيان ٿو جن مان پڙهندڙ کي جپان جي اڄ جي ماحول جي آئيڊيا ٿي سگهندي.