ڪيتري دير هڪ ٽنگ تي بيهي سگهو ٿا؟
ممباسا بندرگاهه ۾ ڪم تمام آهستي هلي رهيو هو... مزورن جي کوٽ يا هڙتال هئي يا شايد ٽرڪن وارن جي. اسان کي هن بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائيندي به هفتو کن ٿي ويو هو ۽ هاڻ گذريل ڏينهن جپان جو هي جهاز اچي اسان جي الانگ سائيڊ بيٺو هو. اسان جهاز وارا ممباسا بندرگاهه ۽ اوس پاس جا چڪر شروع وارن ڏينهن ۾ هڻي، کيسو هلڪو ڪري، هاڻ جهاز تي پئي وقت گذاريوسين. ڪو زمانو هو جڏهن ڪينيا جي ايڪانامي انڊين (گجراتين، هندو سنڌين، آغا خانين ۽ بوهرين) جي حوالي هوندي هئي. انهن ڏينهن ۾ عدن ۽ ڪولمبو وانگر هن پاسي ممباسا ۽ زنجبار ۾ شاپنگ جو وڏو چارم هوندو هو پر پوءِ مقامي سياستدانن ملڪ جي خزاني جي ڀينگ ڪري پوءِ باهيون هنن انڊين رهاڪن مان ڪڍڻ خاطر کين پنهنجي ملڪ مان لوڌي ڪڍيو ۽ سندن بزنيس پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. پر افسوس جو هي به يمنين وانگر ڪاروبار نه سمجھي ۽ سکي سگهيا ۽ نه هلائي سگهيا... اڄ ممباسا به عدن بندرگاهه وانگر شاپنگ جي خيال کان ڀڙڀانگ ٿي چڪو آهي.
بهرحال ممباسا جون مارڪيٽيون انهن اوج وارن ڏينهن جي مقابلي ۾ کڻي ويران هجن پر قدرتي سونهن ۾ ته ممباسا جو اڄ به جواب ناهي. چوڌاري ساوڪ، وڻ ٽڻ، گل گلڪاريون .... ڇا ڳالهه ڪجي! جِتي ملائيشيا وانگر ٻارهوئي رکيو رکيو پيو مينهن وسي اتي گهاٽا ٻيلا، رنگين پکين جا ولڙ ۽ جانور ڇو نه ٿيندا. ڪولالمپور ته فقط شهر آهي پر ممباسا ته بندرگاهه به آهي... نه فقط بندرگاهه آهي پر هڪ ٻيٽ آهي جنهن جي چوڌاري هندي وڏي سمنڊ جون ڇوليون پيون ٽڪرائين ۽ اندر ڪئين ڪئنال ۽ درياهه آهن. ممباسا ٻيٽ کي باقي ملڪ ڪينيا کان ’تيودور ڪريڪ‘ ۽ ’ڪيلينڊني هاربر‘ جدا ڪن ٿا. هونءَ هي ٻيٽ اتر طرف کان باقي ڌرتي سان ’نيالي پل‘ ذريعي ڳنڍيل پڻ آهي جيئن ڪراچيءَ جو ڪياماڙي وارو علائقو باقي ڪراچي شهر ۽ ملڪ سان نيٽي جيٽي پل ذريعي ڳنڍيل آهي.ممباسا ٻيٽ اولهه پاسي مڪوپا نالي ڪازوي ذريعي پڻ باقي ملڪ سان ڳنڍيل آهي جيئن سنگاپور ٻيٽ ملائيشيا جي ملڪ سان ”جوهوربارو“ شهر وٽ ڪاز وي ذريعي ڳنڍيل آهي .... جنهن تان بسن ڪارن کان علاوه سنگاپور، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ وچ ۾ هلندڙ ٽرين پڻ ٽپي ٿي. ۽ هِتان هن ممباسا واري ڪاز وي تان ڪينيا ۽ يوگنڊا ملڪن جي وچ ۾ هلندڙ ٽرين هلي ٿي. هونءَ اسان وٽ منهوڙو ٻيٽ به ڪراچيءَ سان هڪ سنهي زميني پٽي ۽ ڪاز وي ذريعي مليل آهي جيڪو رستو ’سئنڊس پِٽ‘ پاسي ملي ماريپور کان اچي نڪري ٿو.
بهرحال اسان جي ٻئي پاسي بيٺل جپان جي جهاز جا آفيسر ۽ خلاصي ڪناري تي وڃڻ وقت پنهنجي جهاز تان ٽپي اسان جي جهاز تي آيا ٿي ۽ پوءِ اسان جي جهاز تي لڳل گئنگ وي (ڏاڪڻ) ذريعي هيٺ جيٽيءَ تي لٿا ٿي. سڄو ڏينهن هو اسان جي ڪئبنن اڳيان لنگهي رهيا هئا.... ۽ ائين ئي ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي جهاز کي به دنيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ اڪيلو بيهڻ جي جاءِ ملڻ بدران ڪنهن ٻئي جهاز جي ڀر ۾ ملندي آهي. هونءَ خوشيءَ جي حد تڏهن نه رهندي آهي جڏهن پنهنجي ملڪ جي ڪنهن جهاز ڀرسان بيهڻو پوندو آهي ۽ ٻئي جهاز دنيا جي مختلف طرفن کان آيل هوندا آهن ۽ پوءِ هڪ ٻئي کان مختلف ملڪن جون خبرون وٺندي نه ڍاپندا آهيون.
صبح جو سوير اٿڻ منهنجي عادت آهي..... چاهي سمنڊ تي هجان يا بندرگاهه ۾. ممباسا ۾ به منهنجي سوير اک کلي ويندي هئي ۽ ٻاهر جي تازي هوا کائڻ لاءِ ڊيڪ تي ڪرسي رکي اچي ويهندو هوس. هونءَ سمنڊ واري پاسي ئي ويهڻ پسند ڪندو آهيان پر بندگاهه (ممباسا) ۾ اسانجو سمنڊ وارو پاسو جپان جي جهاز ڪري بلاڪ ٿيل هو سو هاڻ بندرگاهه يعني جيٽي واري پاسي اچي ويٺس ٿي. ممباسا ۾ انگريزي اخبار ڇپجي ٿي پر ايترو صبح جو اسانجي جهاز تي نٿي پهتي جو اها کڻي ويهي پڙهان. پوءِ هيڏانهن هوڏانهن بندرگاهه مان لنگهندڙ ڪارين کي يا ايندر ويندڙ ماڻهن کي ڏسندو رهيس ٿي. يا وري ڳوڻين مان پٽ تي ڪريل ان تي مختلف پکين کي چڳندو ڏسندو رهيس ٿي.
اسان جي ڀر ۾ بيٺل جپاني جهاز جا ماڻهو اٿيا سوير ئي ٿي پر پنهنجي جهاز تي ئي مشغول رهيا ٿا. انهن مان هڪ جيڪو لڳو ٿي ته مون وانگر پنهنجي جهاز جو چيف انجنيئر هو اهو پهرين ڏينهن کان ئي صبح جو جنهن وقت آئون ڊيڪ تي ويٺو هوندو هوس پنهنجو جهاز لتاڙي، اسان جي جهاز تان گذري ڏاڪڻ ذريعي هيٺ جيٽي تي لٿو ٿي. منهنجي ڀرسان لنگهڻ وقت هٿ جي اشاري سان گڏ زور سان ”ويري گڊ مارننگ“ چيو ٿي.
جواب ۾ پهرين ڏينهن کيس مون سندس زبان ۾ ”اوهيو گو ذائي ماس“ چيو ته هن کي ٿوري حيرت ٿي پر پوءِ سمجھي ويو ته دنيا جو هر جهاز سندن ملڪ ۾ وڃي ٿو ۽ هرڪو ٿوري گهڻي جپاني سکيو وٺي.... پر وري به تڪلف طور پڇيائين ته ”نهان گو وڪاري ماسڪا“ (ڇا توهان کي جپاني اچي ٿي؟“
”شڪوشي وڪاري ماس“. (ٿوري اچي ٿي)
هو روزانو هيٺ لهي ڪيڏانهن ويو ڪو نه ٿي پر هيٺ جيٽي تي ئي جهاز طرف منهن ڪري هڪ ٽنگ تي ٻگهه پکيءَ وانگر ٿوري دير بيهي وري انهي پيرين مٿي چڙهي آيو ٿي. پنهنجي جهاز تي وڃڻ وقت کيس چانهه جي آفر ڪيم ٿي پر هو ”اري گاتو“ (مهرباني) چئي هليو ويو ٿي.
هڪ ڏينهن (بس اسانجا به ان بندرگاهه ۾ سمجهو ته آخري ڏينهن هئا) دستور يا تڪلف موجب مون هن کي چانهه پيئڻ لاءِ چيو ته هو يڪدم ويهي رهيو.
Kohi O nomi tai desu
(آئون ڪافي پيئڻ پسند ڪندس) هن چيو.
مون يڪدم پنهنجي جهاز جي اسٽيورڊ کي گهرائي هن جي پسند مطابق الڳ الڳ کير، ڪافي ۽ کنڊ گهرائي هن اڳيان رکرايم. هي ڪافي به پيئندو رهيو ته هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون به ڪندو ۽ پڇندو رهيو. پاڻ ٻڌايائين ته هو جپان جي تاريخي شهر ڪيوٽو جو رهاڪو آهي ۽ هن جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر آهي .... يعني چيف انجنيئر بعد ٻي نمبر پوسٽ تي آهي.
اسانجي مرچنٽ نيوي جي جهازن جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ”چيف انجنيئر“ ٿئي ٿو جنهن جي هٿ هيٺ پنج ڇهه مئرين انجنيئر ۽ هڪ يا ٻه اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ جهاز جي ڪڏهن ريفريجريٽر ڪارگو به کڻي ٿو ته هڪ ريفريجريشن انجنيئر ۽ ٻه کن مڪينڪ ۽ هڪ اليڪٽريشن ۽ ٻيون هيٺيون عملو جيڪي آگ وارا (فائر مين) ۽ تيل وارا (آئلر ۽ گريزر) ٿين ٿا. چيف انجينئر بعد ٻيو نمبر جيڪو سينئر موسٽ انجنيئر ٿئي ٿو اهو هر جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر سڏجي ٿو... اهڙي طرح ان بعد وارا ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر ۽ آخري ۽ جونئر مئرين انجنيئر ففٿ انجنيئر سڏجي ٿو جنهن کي اسان جي ننڍي کنڊ (انڊيا، بنگلاديش ۽ پاڪستان) جي جهازن تي ”پانچ صاحب“ سڏيو وڃي ٿو. جپاني سيڪنڊ انجنيئر جو ڳوٺ ’ڪيوٽو‘ روهڙيءَ وانگر آڳاٽو ۽ تاريخي شهر آهي پر روهڙي وانگر درياهه (يا سمنڊ) جي ڪناري تي هجڻ بدران خيرپور وانگر آهي. اسانجو جهاز جڏهن ڪوبي يا اوساڪا بندرگاهه ۾ بيهي ٿو ته اسان وقت ڪڍي ڪيوٽو به وڃون ٿا جيڪو اوساڪا يا ڪيوبي بندرگاهه کان ٽرين ذريعي 20 منٽن جي پنڌ تي آهي... يعني ڪوبي، اوساڪا ۽ ڪيوٽو ائين آهن جيئن روهڙي، سکر، خيرپور.... يا نوابشاهه، هالا، حيدرآباد.
جپاني انجنيئر کان پڇيم ته صبح ساڻ اهو ٽن ڏينهن کان جهاز جي هيڏي ڏاڪڻ لهي هيٺ سيمينٽ جي جيٽيءَ تي ٻگهه پکيءَ وانگر ڇو ٿو بيهين؟
”دراصل پنهنجي عمر مطابق آئون پنهنجي دماغ جو ٽيسٽ ٿو وٺان ته مون ۾ پنهنجو پاڻ کي بئلنس رکڻ جي ڇا قوت آهي؟“
هن مونکي ٻڌايو ته جپان ۾ رهندڙ ماڻهن جي حفاظت ۽ صحت جا ڪيترائي سُک آهن پر ميڊيڪل رپورٽ مطابق وڏي عمر جي ماڻهن کي پنهنجو پاڻ Balance نه رکڻ ڪري ٿاٻڙجڻ يا ڪرڻ تمام گهڻو آهي ۽ سال ۾ ايترا ماڻهو روڊ جي حادثن ۾ نٿا مرن جيترا ٿاٻڙجي ڌڪا کائڻ ڪري.
”اسان جي جسم ۾ Sensor ٿين ٿا جيڪي دماغ کي هر وقت پيغام پهچائيندا رهن ٿا .... انسان جيئن جيئن وڏي عمر جو ٿئي ٿو تيئن تيئن هن جو جسم ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو ۽ هن جون Sensory Abilities گهٽجيو وڃن. اهي پريشر سينسر جيڪي Mechanoreceptors سڏجن ٿا، سڀ کان گهڻا پيرن جي ترن (Soles) ۾ ٿين ٿا.“
هن ٻڌايو ته مختلف عمر جا ماڻهو مختلف وقت لاءِ هڪ پير تي بيهي سگهن ٿا. ۽ اکيون پورڻ سان ته اهو عرصو اڃان به گهٽ رهي ٿو. هو ان وقت 55 سالن جو هو جنهن عمر مطابق صحتمند ماڻهو هڪ ٽنگ تي 35 سيڪنڊ ۽ اکيون پورڻ سان فقط 6 سيڪنڊ بيهي سگهي ٿو .... ”افسوس جو آئون ٽن ڏينهن کان پنهنجو ٽيسٽ وٺي رهيو آهيان پر رزلٽ صحيح نه پئي اچي.“
هن جي وڃڻ بعد آئون به اٿي کڙو ٿيس. جهاز سوگهن رسن سان ٻڌل هجڻ جي باوجود لُڏي رهيو هو سو آئون به جهاز جي ڏاڪڻ لهي هيٺ جيٽي تي بيهي پنهنجو ٽيسٽ ورتم ۽ پنهنجي عمر 60 مطابق هڪ ٽنگ تي ٿي بيٺس ته 33 سيڪنڊ ٿيا ۽ اکيون بند ڪري 4 سيڪنڊ بيهي سگهيس جيڪو نارمل چيو وڃي ٿو پر اڄ جڏهن هي لکي رهيو آهيان ته 70 سالن جو آهيان ۽ ان عمر ۾ اڄ مونکي 23 سيڪنڊ بيهڻ کپي ۽ اکيون بند ڪرڻ سان 3 سيڪنڊ بيهي سگهڻ کپي.... توهان به ٽراءِ ڪري سگهو ٿا. جي توهان جي عمر 20 ۽ 40 جي وچ ۾ آهي ته پوءِ توهان 110 سيڪنڊ بيهي سگهو ٿا ۽ اکيون بند ڪرڻ سان 12 سيڪنڊ.