جپان ۾رهڻ دوران
• جپان جي گهرن توڙي مسافرخانن ۾ (جنهن کي هو ريوڪان سڏين ٿا) هميشه جتيءَ بنا گهڙجي. هر گهر جي در وٽ گهرجي ڀاتين ۽ مهمانن جي بوٽن رکڻ جي جاءِ ٿئي ٿي. جپان ۾ هر هر بوٽ لاهڻ ۽ پائڻ جي ڪري هتي جا ماڻهو سليپر ٽائيپ بوٽ پائين ٿا جيئن ڪهيون (ڪَشا) کولڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ گڪو نه ٿيڻو پوي.
• جپاني گهرن ۾ توهان جورابن سان گهڙي سگهو ٿا پر ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجا جوراب گهران چيڪ ڪري نڪرو ته اهي ميرا ته نه آهن يا انهن ۾ ڪو سوراخ ته نه آهي جو اهي ڳالهيون ٻي جي گهر ۾ شرمندگي جو سبب بنجن ٿيون.
• ڪيترن گهرن ۾ اندر گهڙڻ لاءِ ٻاهرين در وٽ چئمپل رکيل ٿين ٿا. اهڙي صورت ۾ در وٽ پنهنجو بوٽ لاهي چئمپل پائجي. ان چئمپل سان توهان گهر اندر گهڙي سگهو ٿا پر وهڻ واري ڪمري ۾ جيڪڏهن تاتامي (تونئري، سنهي نک جو تڏو) وڇايل آهي ته پوءِ اهو چئمپل ان ڪمري جي در وٽ لاهي اگھاڙن پيرن سان اندر وڃڻ کپي جو اها تاتامي ايڏي نازڪ ٿئي ٿي جو چئمپل سان اکڙي يا خراب به ٿي سگهي ٿي.
• ٽوائليٽ ۾ گهڙڻ لاءِ ان جي در وٽ خاص چئمپل رکيل ٿئي ٿو جيڪو پائي اندر وڃڻ کپي ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت ياد ڪري چئمپل کي ان ساڳي هنڌ تي لاهي، ائين ڪري رکجي جيئن اندر گهڙڻ واري کي پائڻ ۾ سهوليت ٿئي.
• جپان جي ڪيترن ئي گھرن توڙي هوٽلن ۾ اڄ به هنن جا پراڻي نموني جا ٽوائليٽ آهن جن کي پاڻ انڊين ٽوائليٽ چئون ٿا، جنهن ۾ اوڪڙون ٿي وهڻو پوي ٿو. ڪيترن گهرن ۽ هوٽلن ۾ هاڻ مغربي اسٽائيل جا ڪموڊ پڻ عام ٿيندا وڃن جن تي ڪرسيءَ وانگر وهجي ٿو ۽ ڪيترا جپاني اسان ڌارين کي وڏي فخر سان ٻڌائيندا ته ”اسانجي نئين گهر ۾ ويسٽرن اسٽائيل ڪموڊ آهي“.
• جپان جي ڪن هوٽلن ۽ گهرن ۾ نه رڳو مغربي طرز جا هي ڪموڊ اچي ويا آهن پر انهن ۾ ايڏي ته اعليٰ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي جو يورپ وارا به حيران ٿي ويا آهن. ڪموڊ سان گڏ سئچ بورڊ تي لڳل مختلف سئچن کي دٻائڻ سان هيٺ پاسي تي لڳل نلڪي مان پريشر سان پاڻي مٿي اچي جسم جي صفائي ڪري ٿو، ٻئي بٽڻ سان هوا جو ڦوهارو جسم کي خشڪ ڪري ٿو. هڪ ٻٽڻ کي دٻائڻ سان ڪموڊ جي صفائي ٿيو وڃي. ڪيترن ڪموڊن ۾ ته ميوزڪ وڄڻ ۽ خوشبوءَ جي Spray جو به بندوبست رکيل آهي ۽ ٻُڌڻ ۾ اچي پيو ته جپان جي ٽوٽو ڪمپني اهڙا ڪموڊ به ٺاهي رهي آهي جنهن تي ويٺل رئيس پنهنجو ٽيمپريچر ۽ بلڊپريشر به چيڪ ڪري سگهندو.
• جپانين جو قد ننڍو آهي ان ڪري جپان ۾ گهرن توڙي آفيسن جا در اسان کان ننڍا ٿين ٿا. ان ڪري ڊگهي قد وارن کي جپان ۾ خبردار رهڻ کپي جيئن سندن مٿو در جي چوکٽ سان نه وڃي لڳي.
• جپاني گهرن ۾ باٿ روم نه ٿين. هو وهنجڻ لاءِ پاڙي جي پبلڪ باٿ ۾ وڃن. پر ڪيترن ئي نون گهرن ۾ وهنجڻ جايون آهن جن ۾ ننڍڙا پر اونها ٽب نظر اچن ٿا. ٽب اڳيان ڪجهه جاءِ ٿئي جتي بيهي الڳ نلڪي مان، يا رکيل باردريءَ مان ڪريءَ ذريعي پاڻي ڪڍي پنهنجي جسم کي چڱي طرح صاف ڪجي ان بعد گرم پاڻيءَ سان ڀريل ٽب ۾ باٿ ۽ ٽاڪوڙ لاءِ وهجي. باٿ وٺڻ بعد ٽب جو پاڻي هرگز drain نه ڪجي.
• اهو ان ڪري جو انهي ساڳي پاڻيءَ ۾ گهر جو هڪ هڪ ڀاتي ٿي وهنجي ٿو. اها ڳالهه يورپين توڙي اسان جي ايشيائي غريب ملڪن جي ماڻهن لاءِ جيتوڻيڪ عجيب آهي پر جپان ۾ اها هڪ عام ڳالهه آهي. اسان جي ان حيرت کائڻ ڪري جپاني ان ٽب ۾ پهرين مهمان کي باٿ وٺڻ ڏين ٿا.
• هونءَ به جپان ۾ايندڙ ڌارين ماڻهن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ضرور هجڻ کپي ته جپان ۾ پاڻي تمام مهانگو آهي. هونءَ ته جپان ۾ ٻيٽ ئي ٻيٽ آهن جنهن جي چوڌاري سمنڊ جو کارو پاڻي ته ضرور آهي پر مٺي پاڻيءَ جي قيمت به پيئڻ جي پاڻيءَ جيتري آهي. ان ڪري جپانيءَ جي گهر ۾ پاڻي ضايع ڪرڻ کان گريز ڪجي. هڪ ٻي ڳالهه ته ٽب ۾ پنهنجي جسم تي نه صابڻ هڻجي ۽ نه جسم کي مهٽجي. ٽب ۾ فقط پاڻيءَ ۾ هجڻ جو لطف وٺجي يا جسم کي ٽاڪوڙ جو احساس ڏيارجي. جسم کي صاف ڪرڻ يا صابڻ هڻڻ جو ڪم ٽب ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، ٽب جي ٻاهرانPre-Washing ۾ ڪجي.
• ڪوشش ڪري ڪنهن به جپانيءَ سان نفي (Negative) جملي ۾ سوال نه ڪجي. جپانيءَ کان ناڪاري جملي سان ڪو سوال ڪرڻ مونجھارو پئدا ڪري ٿو جو جپاني ان جو جواب ”ها“ ۾ ڏئي ٿو جيتوڻيڪ هن جو مطلب ”نه“ سان آهي. مثال طور توهان ڪنهن جپانيءَ کان پڇندائو ته: ”هي جهاز خراب ته ناهي؟“ ته هو جواب ۾ ”ها“ چوندو ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته جهاز خراب آهي پر ان ”ها“ سان هن جو مطلب اهو آهي ته توهان جيڪو جملو ڳالهايو اهو صحيح آهي. يعني ”ها. توهان صحيح ٿا چئو ته هي جهاز خراب ناهي.“
هڪ ٻيو مثال. توهان ڪنهن ”نان سموڪر“ جپانيءَ کان انگريزيءَ ۾ پڇندائو تهDon’t you smoke? ته هو ان جي جواب ۾ “Yes” چوندو. يعني ”ييس. تون صحيح ٿو چوين آئي. ڊونٽ سموڪ“.
• جپانيءَ کي صفائي ۽ هائيجن جو تمام گهڻو خيال آهي. هو پنهنجي اردگرد، گهرن توڙي آفيسن ۾، ۽ ويندي گهٽين کي صاف سٿرو رکڻ چاهي ٿو. هڪ دفعي بس ۾ ڪنهن ٻار کان دال جي داڻن جهڙي ڪا شيءِ ڪري پئي ته هن جي ماءُ لهڻ کان اڳ نه فقط بس جي سيٽ کي صاف ڪيو پر سيٽ جي هيٺان ڪريل هڪ هڪ داڻو چونڊي بس کي اهڙي ئي صاف حالت ۾ ڪيو جهڙيءَ ۾ اها هئي. ان ڪري توهان جو جپاني گهرن، پارڪن يا آفيسن ۾ وڃڻ ٿئي ته اتي هر شيءِ کي صاف سٿري حلات ۾ رکو. رستي هلندي توهان کي ڪيترائي مرد توڙي عورتون منهن تي سرجنن وارو ماسڪ پائي هلندو نظر اينديون! هتي جا ماڻهو ٿڌ يا زڪام لڳڻ تي ماسڪ پائين ٿا جيئن سندن بيماريءَ جا جراثيم ٻين کي نه لڳن.
• جپان ۾ ٻين اڳيان نڪ کي سڙڪڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو. توهان شايد اهڙي حالت ۾ اهو بهتر سمجھو ته نڪ کي رومال سان صاف ڪجي. پر حقيقت اها آهي ته رومال سان نڪ صاف ڪري ان رومال کي پنهنجي پرس يا کيسي ۾ رکڻ کي هتي جا ماڻهو اڃان خراب ۽ ڪراهت آموز سمجھن ٿا. بهتر اهو ئي آهي ته ٻئي ڪمري يا ٽئاليٽ ۾ وڃي اتي ٽشو پيپر سان نڪ صاف ڪجي. بهرحال ٽرين ۾ يا ٻين اهڙن هنڌن تي ان مصيبت جو مهاڏو ٿئي ته رومال سان نڪ صاف ڪرڻ کان اهو بهتر آهي ته سڄو وقت سُڻ سُن ڪري سنگهه کي مٿي ڪندو رهجي.
• ڪو جپاني دعوت ڏئي ۽ گهر سڏي ته هن لاءِ ڪو تحفو ضرور کڻي وڃجي. هتي جا ماڻهو تحفي طور گهڻو ڪري کاڌي جي شيءِ: ميوو، ڪيڪ بسڪيٽ يا تازي مڇي کڻي وڃن ٿا. توهان چاهيو ته پنهنجي ملڪ جو ڪو سووينئر (سوغات) ڏئي سگهو ٿا.
• جپاني هڪ ٻئي سان ملڻ وقت هڪ ٻئي جو پنهنجي گهر ۾ آڌر ڀاءُ ڪرڻ وقت يا موڪلائڻ مهل جھڪي ويلڪم ڪن ٿا يا گڊ باءِ چون ٿا. جپان ۾ ملاقات يا موڪلائڻ وقت هٿ ملائڻ جي رسم ناهي.
هڪ پاڪستانيءَ اهو ٻڌي چيو ته جپاني به عجيب چريا آهن! هُو اسان جي نظرن ۾ کڻي چريا هجن پر ڏٺو وڃي ته جپان ۾ هڪيدو ٻيٽ کان هيٺ ٻي ڇيڙي تي اوڪيناوا جي آخري ٻيٽ تائين جپاني مردن توڙي عورتن وٽ ملڻ ۽ موڪلڻ جي اها هڪ ئي رسم آهي. سخت مونجھارو ته اسان وٽ آهي جتي ڪنهن دعوت، سرڪاري ميٽنگ يا فنڪشن ۾ اها خبر نٿي پوي ته هڪ مرد ۽ عورت ڪيئن کيڪارين......؟ ڪٿي فقط وات سان هيلو هيلو ڪيو وڃي ٿو، ڪٿي هٿ ملايو وڃي ٿو، ڪٿي مرد عورتن جي مٿي تي هٿ رکن، ڪٿي مٿي تي هٿ رکڻ بعد هنن سان هٿ ملائين، ڪٿي ڪٿي، خاص ڪري شادي جي دعوتن ۾ مون ڏٺو آهي (۽ ضرور توهانجو به مشاهدو هوندو) ته ڪي مرد عورتن کي يا عورتون مردن کي ڀاڪر پائي ملن. مڃيان ٿو ته هو ننڍ وڏائي جي آداب ۽ عزت خاطر ڀاڪر پائين ٿا، ۽ اهو به آهي ته هنن جو رشتو ويجھي مائٽيءَ جو هوندو پر اسلام ۾ ته پيءُ کي به اجازت ناهي ته پنهنجي جوان ڌيءَ سان ڀاڪر پائي ملي. ۽ دراصل اسان جي ملڪ جي ماڻهن جون اهيئي ڳالهيون آهن جن تان ٻين مسلمان ملڪن جا ماڻهو کلن ٿا ۽ غير مسلم ملڪن جي ماڻهن کي جڏهن اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ اسلامي قانون آهي جتي مرد کي عورت سان هٿ ملائڻ نه کپي..... ۽ پوءِ اهي ڌاريان اسانجي ملڪ ۾ جڏهن هي کيل تماشا ڏسن ٿا ته سخت حيرت کائين ٿا.
• جپانين ۾ ٻين لاءِ، خاص ڪري گهر ۾ آيل مهمان لاءِ تمام گهڻي Courtesy آهي. هو ڳالهه ڳالهه تي مهرباني، معاف ڪجو، ڀلي ڪري آيائو..... جهڙا ڪُجهه پُر تڪلف جملا چوندا رهن ٿا ۽ هو ٻئي کان به اهوئي expect ڪن ٿا. ان ڪري جپان ۾ ايندڙ ڌارئين لاءِ ضروري آهي ته هو پهرين ڏينهن ئي جپانيءَ جا ڪجهه اهي لفظ ۽ محاورا ياد ڪري ڇڏي جيڪي هر هر ۽ تمام گهڻو ڳالهايا وڃن ٿا. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن.
ڪوِنيچِيوا (Konnichiwa) ــــ توهان جڏهن ڪنهن جي گهر وڃو ته سلام ڪرڻ خاطر ڪونيچيوا چئي سگهو ٿا. ان بعد توهان کي پنهنجي ميزبان کي Gomen Kudasi (گومين ڪُداسائي) چوڻ کپي.
گومين ڪداسائي جي لفظي معنيٰ آهي.... توهانکي تڪليف ڏيڻ جي معاف ٿو گهران.
ميزبان توهان کي ڀليڪار (Welcome) لاءِ توهان کي هنن چئن لفظن مان ڪو چوندو.
• Irasshai ــ اراسهائي
• Irassaimase ــ اراسائي ماسي
• Yoku Irasshai Mashita ــ يوڪو اِراسهائي ماشتا.
• Youkoso ــ يائو ڪوسو.
مٿي ڏنل پهريون لفظ(Irasshai) گهٽ تڪلف وارو آهي ۽ هڪ جيڏن لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
گهر ۾ اندر داخل ٿيڻ تي ميزبان توهانکي هنن مان هڪ جملو چوندو.
• دوزو ـــ اوئاگري ڪداسائي Dozo Oagari Kudasai.
• دوزو اوهائِري ڪداسائي
ٻنهي جو مطلب ساڳيو آهي ته مهرباني ڪري اندر اچ. يا ميزبان جي واتان هي جملو به ٻڌڻ ۾ ايندو: دوزا ڪوچيرا اِي ـــ (Dozo Kochira e)
ان جي معنيٰ آهي: ”اچ. مهرباني ڪري هيڏانهن اچ.“ جپاني Dozo لفظ تمام گهڻو استعمال ڪن ٿا. جنهن جي معنيٰ آهي مهربان. يا ڪرسيءَ ڏي اشارو ڪري چئجي ته دوزو معنيٰ ڀلي ويهه.
جواب ۾ مهمان گهڻو ڪري هنن ٻن جملن مان هڪ چوندو آهي: اوجاما شِماسُو Ojama Shimasu يا وري شتسو ريئي شماسو Shitsurei Shimasu جن جملن جي معنيٰ آهي ”سائين معاف ڪجو“. (توهان کي بي وقتو ڊسٽرب ڪيوسين). يا وڃڻ وقت اهو جملو چوڻ جو مطلب آهي سائين معاف ڪجو. توهان کي ڇڏڻ جي ڪري رهيا آهيون.
جنهن وقت توهان جو ميزبان توهان جي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه تيار ڪرڻ لاءِ اٿي ته توهان هن کي چئي سگهو ٿا ته Dozo Ukamainaku دوزو. اوڪا مائي ناڪُو (مهرباني ڪري ڪا تڪليف نه ڪريو).
۽ پوءِ ميزبان جڏهن ڪا کائڻ يا پيئڻ جي شيءِ مهمان اڳيان اچي رکندو آهي ته هن کي چوندو آهي:
دوزو! ميشي آگاتي ڪداسائي
(Dozo Meshiagatte Kudasai)
اهو جملو ائين آهي جيئن پاڻ ڪنهن مهمان اڳيان ماني رکي چوندا آهيون ”سائين تڪلف نه ڪجو“، يا ”پنهنجو گهر سمجھو“. يا جيئن انگريز چوندا آهن ته ”پليز هيلپ يوئر سيلف“ وغيره.
۽ ٻه جپانيءَ جا جملا اهڙا آهن جيڪي ڌارئين مهمان کي ياد رکڻ کپن. جن مان پهريون مهمان کي ماني کائڻ کان اڳ چوڻ کپي اهو آهي:
Itadakimasu (اِتا داڪي ماس) ۽ ٻيو جملو ماني کائڻ کانپوءِ چوڻ جو آهي. جيڪو آهي:
Gochisousama Deshita (گوچِي سوئو ساما ديشتا).
هتي اهو به لکندو هلان ته ڌارين جي سهوليت لاءِ جپان ۾ ڪيترائي گائيڊ بڪ ملن ٿا جن ۾ ڪيترن ئي اهم لفظن ۽ جملن جي معنيٰ رومن جپانيءَ ۾ لکيل ٿئي ٿي جيئن مون مٿي لکيو آهي. انهن ۾ رومن ۾ لکيل ٻه لفظ Masu ۽ Desu تمام عام آهن. اهي لکيا ماسُو ۽ ديسُو وڃن ٿا پر هميشه ماس ۽ ديس پڙهڻ کپن.
جپاني زبان ۾ مهرباني چوڻ لاءِ ”اري گاتو“ لفظ استعمال ٿئي ٿو يا ”دومو اري گاتو“ معنيٰ تمام گهڻي مهرباني. هونـءَ سڄو جملو Domo Arigato Gozaimasu آهي.
۽ ان جي جواب ۾ ”دُو اِتاشي ماشتا“ چئي سگهجي ٿو يعني ”مڙيئي خير آهي“. يا جيئن انگريزيءَ ۾ چئبو آهي ته mention it not وغيره.
• اسين ننڍي کنڊ جا ماڻهو سنڌي پنجابي هجون يا بنگالي تامل.... گفتگو دوران بيحد جذباتي ٿيو وڃون پر هن پاسي جا ماڻهو خاص ڪري ملئي ۽ هي جپاني، جن قومن سان منهنجو گهڻو واسطو رهيو آهي، بيحد ڌيرج وارا آهن. سندن اندر ۾ ڀلي باهه جا کورا پيا ٻرن پر ٻاهرين ڏيک ۾ جهڙا ريفريجريٽر ـــ سي به کليل دروازي وارا جنهن مان رڳو ٿڌاڻ پئي محسوس ٿئي. اسان ماڻهو ڪنهن سان سڃاڻپ ٿيڻ تي يڪدم فري ٿيو وڃون ۽ ويندي گندا گندا چرچا ڀوڳ به ٻڌائڻ شروع ڪري ڏينداسين پر جپاني ماڻهو ان معاملي ۾ تمام رزروڊ رهن ٿا.
جپانين سان بحث مباحثي دوران هڪ ته هنن جو صحيح ۽ پنهنجو opinion ٿئي ٿو جنهن کي جپاني زبان ۾ ”هوني“ (Honne) يعني Real Opinion سڏجي ٿو ۽ ٻيو ”تاتيمائي“ (Tatemae) يعني Public Opinion ٿئي ٿو. هو گهڻو ڪري تاتيمائي جو اظهار ڪندا جيئن بحث ڪندڙ مجموعي جو سڪون ڊسٽرب نه ٿئي. ٻي ڳالهه ته جپانين ۾ جڏهن هڪڙو ڳالهائي ٿو ته ٻيا ماٺ ڪري ٻڌن ٿا. هو جي ڳالهائڻ دوران ڪجهه سوچي ٿو ته ٻيا پنهنجو وات بند رکي کيس سوچڻ جو موقعو ڏين ٿا. نئين آيل ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ههڙي گرما گرم ٽاپڪ تي بحث هلندي قبرستان واري سانت ڇو ڇانئجي وئي آهي! ان ڪري جپان ۾ ايندڙن ڌارين کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته ڪنهن به جپانيءَ کي چاهي اهو توهانجو ميزبان هجي، آفيس جا ڪليگ هجن يا گرل فرينڊ ته هن کي ڳالهائڻ يا سوچڻ دوران ڊسٽرب نه ڪريو.
ان معاملي ۾ بقول جهاز جي ريفريجريشن انجنيئر محمود جي آزاديءَ جو خواب ڏسڻ واري حڪايت به ڪارگر نٿي رهي. ڳالهه مشهور آهي ته وڻ هيٺان هڪ ستل همراهه کي ڪنهن ننڊ مان ٿي اٿاريو ته سج مٿي چڙهي آيو آهي سجاڳ ٿي ته اتان لنگهندڙ هڪ واٽهڙوءَ کيس ستل همراهه کي جاڳائڻ کان منع ڪندي چيس: ”ادا ڇو ٿو ستل کي اٿارين. ٿي سگهي ٿو هو آزاديءَ جو خواب ڏسي رهيو هجي.“
تنهن تي اڳلي وراڻيس: ”جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ مونکي هن همراهه کي اٿارڻ ئي کپي ته هو آزاديءَ جو خواب ڏسڻ بدران آزاديءَ لاءِ اٿي جدوجهد ڪري.“
سو جهاز جو انجنيئر محمود به جهاز جي نوجوان آفيسرن کي نصيحت ڪندو آهي ته جپاني ماڻهو ــــ پوءِ اها ڀلي توهان جي گرل فرينڊ هجي، هن کي ڳالهائڻ يا سوچڻ دوران ڊسٽرب نه ڪجي، چاهي توهان کي پڪ هجي ته هوءَ توهان مان جان ڇڏائڻ بابت سوچي رهي هجي.“
• جپانين جون ڪي ڪي ڳالهيون واقعي ابتيون به لڳن ٿيون. اسان وٽ توڙي يورپ پاسي شرراٽ ڪري يعني وات جي آواز سان شر شر ڪري چانهه پيئڻ يا ماني کائڻ وقت چشڪا ڏيڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو پر جپان ۾ ان ڳالهه کي اهميت نٿي ڏني وڃي بلڪه اسپاگھيٽي ٽائيپ سوپ کي شر شر جا آواز ڪري پيئڻ کي سٺي ڳالهه سمجھيو وڃي ٿو. يا ڊگهي اسپاگھيٽي جو هڪ پاسو وات ۾ وجھي باقي کي زور زور سان Suck ڪري وات اندر داخل ڪندا. بهرحال هي اهي ڳالهيون آهن جن تان اسان ڪئڊٽ ڪاليج توڙي مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم دوران هميشه سزائون کاڌيون.
ٻي ڳالهه اها ته پيالي مان ڀت کائڻ مهل ڪنڌ کي هيٺ جھڪائي کائڻ بدران جپان ۾ پيالي کي مٿي چپن تائين آڻي پوءِ چمچي يا چاپ اسٽڪس سان چانورن کي وات اندر ڌڪيو وڃي ٿو. چاپ اسٽڪس تان ياد آيو ته جيڪڏهن توهانجو جپان يا چين ۾ گهمڻ لاءِ اچڻ ٿي رهيو آهي ته پوءِ ٺيڪ آهي پر جيڪڏهن توهان نوڪريءَ لاءِ يا تعليم لاءِ ٻن ٽن سالن لاءِ اچي رهيا آهيو ته توهان لاءِ بهتر اهو ئي آهي ته مهيني اندر Chop Sticks جو استعمال سکي ڇڏيو. چاپ اسٽڪس سان کائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي پر هڪ دفعو سکڻ سان توهان جي زندگي آسان ٿي پوندي جو چين وانگر جپان ۾ به جتي ڪٿي چاپ اسٽڪس استعمال ٿين. ٿيون ۽ ماڻهو چمچي ڪانٽي بدران هنن ٻن تيلين سان هر شيءِ کائين ٿا. هي چاپ اسٽڪس اڳٺ وجھڻين جهڙيون ڊگهون پر انهن کان ٿورو سنهيون، گول يا چورس شڪل جون ٿين ٿيون.
• جپاني دوستن سان گڏ ڪنهن هوٽل ۾ ماني کائڻ تي ان جو بل نه توهان ڏيو ۽ نه اها اميد رکو ته ڪو ٻيو ڀريندو. جپان ۾ گهڻو ڪري سڀ دوست ڦوڙي ڪري بل ادا ڪن ٿا.
• جپان ۾ هوٽلن جي بئرن، ٽئڪسي ڊرائيورن، حجامن وغيره کي ٽِپ ڏيڻ جي ضرورت ناهي. هوٽلن وارا يا دڪان وارا توهان جي پاڇي رقم يعني چئنج هڪ هڪ سڪو ڳڻي ڏيڻ بدران يڪا ڳڻي توهان جي هٿ تي رکن ٿا. توهانجي ان کي ڳڻن کي هو پنهنجي بي عزختي سمجھن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپاني محنتي، ايماندار ۽ پنهنجي عزت جو خيال رکڻ وارا آهن. هو ان ريت ڪنهن کي Cheat نه ڪندا. ٻه ٽي يين ترڳائڻ لاءِ ڪو توهانکي گهٽ پئسا ڏئي ۽ توهان جي ڳڻڻ تي هو پڪڙجي پوي ته هن لاءِ ته هاراڪري ڪرڻ جو مقام آهي. (يعني وڏي خنجر سان پنهنجو پيٽ چيري آپگھات ڪرڻ برابر بيعزتي آهي). البت آئون لڪي لڪي يا پري وڃي پاسيرو ٿي مليل ريجو ڳڻي وٺندو آهيان پر اڄ ڏينهن تائين هڪ Yen جو به فرق نه نڪتو آهي.
• جپان جي هوٽلن ۾ ماني کائڻ بعد توهان کي ڪو ٽوال ملي يا نه ملي پر مانيءَ کان اڳ هٿ صاف ڪرڻ لاءِ ننڍڙو ٽوال گرم پاڻي يا ڪنهن سخت ٿڌي پاڻيءَ ۾ پيسيل توهانکي ڏنو وڃي ٿو.
• چاپ اسٽڪس سان ماني کائڻ بعد اهي پليٽ تي يا ٽيبل تي ليٽائي رکجن. ڪڏهن به ڀت جي پيالي ۾ اُڀيون نه هڻي ڇڏجن ڇو جو جپان ۾ ان جو مطلب آهي ته ڪو گذاري ويو آهي.