الطاف شيخ ڪارنر

ڳوٺ جروار کان جپان

الطاف شيخ دنيا جو پهريون سفرناما نويس آهي، جنهن ايتري وڏي تعداد ۾ ايترن گهڻن ملڪن جا سفرناما لکيا آهن. هن سنڌي ادب ۾ پڙهندڙن جو تعداد وڌايو آهي، سنڌي سفرنامي کي عروج تي رسايو آهي، الطاف شيخ جو سنڌي ادب ۾ تمام وڏو Contribution آهي، جيڪو سنڌ صدين تائين ياد رکندي.
الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. بهرالحال هر دفعي جيان هن دفعي به الطاف صاحب وس ڪري هر جملي جي جوڙجڪ اهڙي ڪئي آهي جيڪا پڙهندڙن کي وڻي ۽ سندن رُڳو دلچسپي ئي نه پر معلومات وڌائڻ جو پڻ باعث ٿئي.

  • 4.5/5.0
  • 2275
  • 600
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Goth Jarwar Khaan Japan

جپان ايندڙن جي آسانيءَ لاءِ.....

[b]” جپان ۾ بي وقتائتو وهنجڻ“
[/b]هر ملڪ ۽ قوم جي ماڻهن جا پنهنجا رسم و رواج آهن پر جپان جا ماڻهو ايڏو پُر تڪلف آهن ۽ هنن وٽ هر ڳالهه لاءِ ايڏا آداب آهن جو اسان جهڙو ماڻهو ڪيترو به ٺهي ٺڪي هلي ته به هو پنهنجو پاڻ کي ڄٽ محسوس ڪرائي ٿو. منهنجو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مقامي دوستن ۽ انهن جي فئملين سان گڏ رهڻ ٿيو آهي. ٿورو گهڻو رسم و رواج هر هڪ وٽ پنهنجو آهي پر ٿوري گهڻي ڄاڻ بعد هنن وٽ رهڻ ۾ ڪڏهن به Uneasy (ڏکيائي) محسوس نه ڪيم. يورپ جو سئيڊن جهڙو ملڪ هجي جتان تعليم حاصل ڪيم يا ملائيشيا جهڙو ملڪ جتي وڏو عرصو نوڪري ڪيم. ويندي سعودي عرب ۾ عرب دوست جي گهر هن جي فئملي سان گڏ ٻه مهينا رهيس پر ڪڏهن به مونجھارو نه ٿيو. جتي ڪٿي بوٽن سميت به ڪمرن ۾ گهڙي سگهياسين ٿي ته پيرن اگھاڙو به. ماني ڪرسي تي ويهي هٿ سان يا ڪانٽي ڇريءَ سان به کاڌي ٿي ته پٽ تي ويهي به ـــ خاص ڪري سعودي عرب، ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ سنگاپور ۾. ٻيو ته ٺهيو سئنڊوچ هٿ ۾ جھلي هلندي چلندي به کاڌي ٿي. پر سائين جپان ۾ ڪنهن جپانيءَ جي گهر ۾ رهڻ سزا لڳي ٿو. ايتريقدر جو ننڍپڻ ۾ اهي عورتون جن اسانجو ماءُ وانگر خيال ڪيو ٿي ۽ جپان ۾ اهي ”هوسٽ مدر“ سڏجن ٿيون اهي جڏهن پنهنجي گهر ۾، تڏهن توڙي اڄ به، ٽڪڻ لاءِ چون ٿيون ته مونکي ته ٻَرو وٺيو وڃي. وڏو عرصو جپان ۾ رهڻ ۽ جهازن کي مختلف جپاني بندرگاهن ۾ وٺي وڃڻ جي باوجود..... يعني انهن جي ڪلچر ۽ رسم و رواج جي ڪافي ڄاڻ هجڻ جي باوجود، آئون پنهنجو پاڻ کي Qualify نٿو ڪريان ته آئون هڪ جپانيءَ وانگر هنن وٽ رهڻ ۾ آساني محسوس ڪري سگهان. منهنجا هم وطن جيڪي جپان ۾ تعليم، نوڪري يا بزنيس جي سلسلي ۾ جپان ۾ رهن ٿا يا رهيا هوندا، اهي منهنجي ڏکيائي محسوس ڪري سگهن ٿا. جپانين جي گهرن ۾ تڏي (Tatami) تي وهڻ جي آدابن ۽ چاپ اسٽڪس (تيلين) سان کائڻ کان سمهڻ وقت اوفورو تائين منجھايو ڇڏي. ماڻهو دوست جي گهر ٿو وڃي ته ڪچهري ڪريان، آزاديءَ سان کان پيان ۽ آرام ڪريان. پر ڪنهن جپانيءَ جي گهر ۾ رهڻ دوران هر وقت ٽينشن رهي ٿي ته ڪا اهڙي ڳالهه نه ٿي وڃي يا ڪا اهڙي رسم يا آدب وسري نه وڃي جنهن جي نتيجي ۾ شرمندگي محسوس ٿئي يا ميزبان منهنجي ملڪ کي اڻ سڌريل سمجھي. جپانين ۾ اها رسم عام آهي بلڪه ضروري سمجھي وڃي ٿي ته رات جو سمهڻ کان اڳ سَنان وٺڻ کپي. ان کي جپاني اوفورو Ofuro سڏين ٿا. اها ڳالهه جپان ۾ وڏي فضيلت واري سمجھي وڃي ٿي. بنا اوفورو (وهنجڻ) جي هنڌ تي سمهڻ سمجهو ته ايڏي وڏي خطا آهي ڄڻ بنا وضوءَ جي نماز لاءِ بيهڻ. اسانکي يعني اسان سنڌ جي ماڻهن کي صبح پهر وهنجڻ جي عادت آهي ـــ بلڪه سڄي ننڍي کنڊ ۾ توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ صبح جو وهنتو وڃي ٿو ـــ وڌ ۾ وڌ آفيس مان موٽڻ وقت يا ڪاليج وارن ڏينهن ۾ راند کيڏي اچڻ بعد. هاڻ دنيا ئي بدلجي وئي آهي. پاڻي نلڪن مان اچي ٿو. گيزر لڳل آهن سو سياري ۾ به ڪو چاهي ته رات جو گرم پاڻي سان وهنجي سگهي ٿو پر اسان جي ڏينهن ۾ اسانجي ڳوٺن ۾ کوهه هئا يا هٿ سان ڌمڻ وارا نل. مطلب ته اسان ۾ رات جو وهنجڻ جي عادت نه پئي سو وڏي عمر ۾ جپان ۾ اچي سمهڻ کان اڳ اوفورو اسان جهڙن لاءِ اڻ وڻندڙ ڳالهه لڳي ٿي. وڏي عرصي کان پوءِ گذريل سال جپان ۾ پنهنجي ڌيءَ وٽ اوساڪا ۾ رهيل هوس ته ڪيوٽو جي هڪ پراڻي سڃاڻپ واري جپاني فئمليءَ مونکي ڪيوٽو گهمڻ لاءِ زور ڀريو. مون ڪنهن ڌارئين جي گهر ۾ رهي هاڻ پنهنجو لائيف اسٽائيل بدلائڻ نٿي چاهيو پر ميزبانن جي خلوص ۽ منٿن تي آئون هنن وٽ ٻن ڏينهن لاءِ هليو ويس.
ڪيوٽو ۾ جپاني فئملي سان گڏ ٻيا ڪم ته سڀ سندن وهنوار مطابق ڪندو رهيس. کين چمچي ۽ ڪانٽي جي به تڪليف نه ڏنم ۽ چاپ اسٽڪس سان مڇي ڀت کاڌم، ياد ڪري باٿ روم ۾ باٿ روم لاءِ رکيل چئمپلن سان گهڙيس ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت جپاني اصولن (Etiquette) موجب چپلن جا منهن باٿ روم ڏي ڪري رکيم. باقي سوچيم ته سمهڻ مهل اوفورو لاءِ ميزبانن کي سنئون سڌو انڪار ڪندس ڀلي هو ڇا به سوچين. پر جڏهن رات ٿي آئون وهنجڻ لاءِ نه اٿيس ته ميزبان خاتون پنهنجي ٻانهن تي ٽوال رکي مون وٽ آئي ۽ مونکي منهنجو ڪمرو ڏيکاري، ٽوال ڏئي اوفورو لاءِ چيو. جيتوڻيڪ مون پڪو ارادو ڪيو هو ته وهنجڻو ناهي پر پٽ تي وڇايل کير جهڙي سفيد ۽ ڊراءِ ڪلين ٿيل چادر ۽ مٿان اوڍڻ لاءِ ريشم جي نئين بلاڪيٽ کي ڏسي مون چيو ته بنا وهنجڻ جي منهنجا ميرا پير هن سفيد بستر کي خراب ڪري رکندا ۽ گهر جي وڏن سان گڏ ٻار به کلندا ته ڪهڙو بي افعالو مهمان هو. سو ٽوال وٺي باٿ روم ۾ گهڙيس. وهنتس ڪونه پر ميزبان کي خوش ڪرڻ لاءِ هٿ پير ڌوئي منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڍا هڻي پاڻ کي ٽوال سان ائين اگهندو آيس ڄڻ وهنجي آيو آهيان اهڙي طرح منهنجو افورو به قبول ٿي ويو ته کير جهڙو سفيد ۽ نرم بستر خراب ٿيڻ کان به بچي ويو.
هتي اهو به لکندو هلان ته جپان ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري اهو مهانگو به آهي ته صدين کان رسم به هلندي اچي ته هڪ ئي ٽب ۾ گهر جا سڀ ڀاتي وهنجن ٿا، پهرين گهر جو مرد پوءِ پٽ ٻار پوءِ زال ۽ ڌيئرون. جي مهمان آيل آهي ته پهرين ان کي وهنجڻ لاءِ مانُ ڏين ٿا. سو اهڙي حالت ۾ جڏهن به توهان وهنجو ته پاڻيءَ جو خيال رکندا ڪريو. ڪپڙا لاهي پهريون پنهنجي جسم کي نلڪي ذريعي صاف ڪري پوءِ ٽب ۾ وهو. نڪرڻ مهل ٽب ۾ توهانجي جسم جو ڪو وار وغيره تري رهيو آهي ته ڪوشش ڪري ان کي ڪڍي پوءِ ٻاهر نڪرو ڇو جو ان ٽب ۾ توهان بعد گهر جي سڀني ڀاتين کي وهنجڻو آهي.
دراصل هن قسم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هر ملڪ ۾ مختلف آهن. ڪوشش ڪري جنهن ملڪ ۾ وڃجي ان ملڪ جي رواج مطابق هلجي. هوءَ ڇا سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪلهي تي رکجي.“ انگريزيءَ ۾ به ان قسم جي چوڻي آهي ته:
“While in Rome,
Do as Romans do”.

[b]”رڳو پنهنجي ڳالهه کي صحيح نه سمجهو“
[/b]جپان اهو ملڪ آهي جتي اڄ به اسانجي ملڪ جا ماڻهو تعليم، نوڪري يا واپار خاطر ويندا رهن ٿا. جهاز هلائڻ جي سلسلي ۾ منهنجو جپان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تمام وڏو عرصو اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ ٿيو. هتي جپان جون ڪجهه ريتون، رسمون، عادتون يا فضيلتون (Etiquette) لکان ٿو جن جي ڄاڻ جپان ۾ ايندڙ نئين ماڻهوءَ لاءِ زندگي آسان بڻائي سگهي ٿي. جپان لاءِ چيو وڃي ٿو ته:
“Japan has a unique culture with a very strict code of etiquette. There are certain rules to follow to avoid insulting a host”
جپان ۾ ايندڙ ڌارئين کي ڪجهه ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ کپن جيئن ته چئن (4) جي انگ کان جپان ۾ پاسو ڪجي. جيئن اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ڪيترن ماڻهن جو اهو عقيدو آهي ته ٽن (3) جو انگ نڀاڳو آهي. چوندا ته ”ٽي شيون دشمن کي به نه ڏجن“ تيئن جپانين لاءِ ان کان به وڏي پئماني تي نڀاڳ چار جو انگ آهي. جپاني ان انگ کان پاسو ڪن ٿا جيئن يورپ پاسي جا ماڻهو تيرهن جي انگ کان ڀڄن ٿا. ايتري قدر جو اسان وٽ به انگريزن جي اها ڳالهه ڪيترن هنڌن تي اڃان قائم آهي. اسان جي جهازران ڪمپني جي PNSC بلڊنگ جيڪا 1973ع ڌاري ڪراچي جي اوچي بلڊنگ طور ٺهي ان ۾ ٻارهين ماڙ بعد جيڪا تيرهين اچي ٿي ان جو اڄ تائين 14 نمبر آهي.... يعني يارهن ٻارهن کان پوءِ چوڏهن پنڌرهن انگ اچي ٿو. سنگاپور يا ڪينيا ۾ به جتي انگريزن جي حڪومت رهي ڪيترين هوٽلن ۾ 13 نمبر وارو ڪمرو نه ملندو. ٻارهين نمبر بعد چوڏهون نمبر نظر ايندو. پر آئون چوندس ته انگريزن وٽ تيرهون يا اسان وٽ ٽيو نمبر ايڏو نڀاڳو ۽ خراب ناهي جيترو جپاني 4 کي سمجھن ٿا.
جپاني لفظ چار جو اچار ”موت“ سان ملي ٿو جيئن اڙدو ۾ ٻن جو اچار ”ڏيڻ“ لاءِ به ساڳيو آهي..... دو معنيٰ ”ٻه“ به ته ”ڏيڻ“ به اهڙي طرح چئن لاءِ جپاني لفظ شي (Shi) آهي ۽ اهو ساڳيو اچار موت لاءِ به آهي. اها ٻي ڳالهه آهي اسان وٽ اهڙا لفظ لکڻ ۾ به ساڳيا ٿين ٿا ان ڪري ڪٿي اڙدو جو لفظ ”دو“ لکيل آهي ته ڪو پڪ سان نٿو چئي سگهي ته اهو ڪهڙي لفظ لاءِ آهي پر جپاني ٻوليءَ ۾ کانجي لکڻي چيني لکڻيءَ وانگر شڪلين واري آهي ان ڪري جپاني 4 جو انگ (شي) ۽ موت (شي) جي لکڻ ۾ مختلف شڪل ٿئي ٿي. جپان ۾ توهان تحفي ۾ به چار شيون نه ڏيو.... مثال طور 3 صوف ڏيو يا 5 صوف. ڪا به شيءِ ڪنهن کي چئن جي انگ ۾ ڏيڻ معنيٰ توهان هن کي تحفي بدران پِٽ (بد دعا) ڏئي رهيا آهيو.
جپان ۾ مختلف هوٽلن ۾ توهان کي چوٿون فلور نظر نه ايندو. لفٽ تي ٽن بعد پنجن جو نمبر هوندو. اهڙي طرح 40 کان 49 جو انگ به غائب ملندو خاص ڪري 49 ته هرگز نه. ڇو جو جپانيءَ ۾ 9 لاءِ ڪُو (Ku) لفظ آهي ۽ ان ساڳي اچار واري لفظ جي معنيٰ تڪليف (Pain, Suffering) آهي ۽ 4 ۽ 9 انگ ملائبو ته ان جي معنيٰ ٿيندي ”مرڻ تائين تڪليف“.
چئن جي انگ کان ڊڄڻ يا پاسو ڪرڻ کي “Tetra Phobia” سڏجي ٿو ۽ هيءَ فوبيا (موت جو ڊيڄوڙو) جپان کان علاوه ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام نظر اچي ٿي. بهرحال جپان ۾ توهان پنهنجي جپاني دوست، پروفيسر يا باس کي چئن شين جو تحفو هرگز نه ڏجو.
ڪيتريون ڳالهيون آهن جيڪي هڪ ملڪ ۾ عام آهن پر ٻين ۾ انهن تي اعتراض ورتو وڃي ٿو. ويندي ساڳي ملڪ ۽ ساڳي شهر ۾ به ساڳي ڳالهه کي ڪي قبول ڪن ٿا ته ڪي ان کي گناهه جي حد تائين خراب يا اعتراض جوڳو سمجھن ٿا. مثال طور اڄ ڪلهه آئون ڪرسيءَ تي ويهي نماز پڙهان ٿو. نماز کان اڳ ڪن مسجدن ۾ ماڻهو ٽنگ ٽنگ تي رکي وهن ٿا پر ڪن ۾ ان ڳالهه لاءِ منع ڪئي وڃي ٿي جيتوڻيڪ عرب ملڪن ۾ ته ڪو به منع نٿو ڪري. اسان وٽ ڳوٺن جي مسجدن ۾ ته پتلون پائي نماز پڙهڻ واري تي به اعتراض ورتو وڃي ٿو جيتوڻيڪ سڄي مصر ۽ موراڪو جي مسجدن ۾ نه فقط ماڻهو پتلون ۾ پر مٿي اگھاڙو به نماز پڙهن ٿا. ذاڪر نائڪ جهڙن مولوين کي ته هميشه پتلون ۽ ٽاءِ ۾ ڏسبو آهي. اهي ته ٿيون مذهبي ڳالهيون پر عام ڳالهيون به مختلف هنڌن تي مختلف آهن. يورپ ۾ جتي اوگھڙ وڌيڪَ آهي ته به ڪنهن ڇوڪريءَ جو شهر ۾ بڪنيءَ ۾ هلڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ان ئي ڊريس ۾ بيچ (سمنڊ جي ڪناري) تي هجڻ ۾ ڪو عيب نٿو سمجھيو وڃي. يورپ جا ڪي ملڪ: سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ وغيره اهڙا آهن جتي اونهاري جو مهينو ڏيڍ عورتون فقط ڪڇي ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پنهنجي جسم کي اس ۾ سيڪينديون رهن ٿيون. مٿيون ڌڙ اگھاڙو هوندو اٿن. ماڻهو پيا ايندا ويندا آهن. ڪنهن کي ڪو اعتراض نه هوندو آهي. پر اسانجي ملڪ ۾ هو جي بڪنيءَ ۾ (يعني ڪڇي ۽ باڊيءَ ۾) سمنڊ جي ڪناري تي اچي بيهن ته ان کي به معيوب سمجھيو ويندو. اهڙي طرح اسانجي ملڪ جي ڪا عورت اڇو برقعو (تنبوءَ وارو) پائي ڪوپنهيگن يا اسٽاڪهوم جي بازارين ۾ هلندي ته اتي جي ماڻهن کي ضرور حيرت ٿيندي ۽ ٿي سگهي ٿو اعتراض به ٿئي ته ان برقعي اندر متان ڪو دهشتگرد هجي.
سئيڊن ۾ ٻه سال تعليم دوران اسانجي هڪ انڊين ڪلاس ميٽ ڪئپٽن وجي ڪمار پنهنجي ملڪ جي ڊريس ساڙهيءَ جي سئيڊن جي ڇوڪريءَ سان تعريف ڪندي هن کي چيو ته ساڙهيءَ ۾ عورت جو جسم ڍڪيل رهي ٿو. توهان Low Neck (گلو ڍرڪيل) قميصن ۾ اگھاڙيون لڳو ٿيون. ڳالهه اها آهي ته اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي هڪ ته پنهنجي هر ڳالهه صحيح لڳي ٿي ٻي جي غلط. ٻي ڳالهه ته اسان ماڻهن ۾ سهپ (Tolerance) به نه آهي. ايتري برداشت ناهي ته ٻئي جي به کڻي ڳالهه ٻڌون ۽ ٻڌي ان تي سوچ ويچار ڪيون. ٽي ڳالهه ته اسان هر هڪ تي پنهنجي راءِ زوريءَ ٿاڦڻ چاهيون ٿا.... ٻئي کي مڃرائڻ لاءِ دليل بازي ڪرڻ بدران کيس موچڙا هڻي به آڻ مڃرائڻ چاهيون ٿا.
مٿين ساڙهيءَ جي ڳالهه تي اسانجي سئيڊش ڪلاس ميٽ ڇوڪريءَ انڊيا جي ڪئپٽن کي چيو ته ”اسان جي ڊگهي ڳچي واري قميص مان ته توهان کي فقط ڇاتين جو مٿيون حصو نظر اچي ٿو باقي جنهن ساڙهيءَ جي تون تعريف ڪري رهيو آهين ان ۾ ڇا اوگھڙ ناهي؟ پيٽ پيو نظر اچي ـــ سو به ڌن کان به هيٺ تائين ـــ باقي ڪو پنڌ پري؟“
ان ڳالهه تان اسان جي ايشيائي ڀاءَ ايڏي ته بي عزتي محسوس ڪئي جو انڊيا يا پاڪستان جهڙو ملڪ هجي ها ته ان سئيڊش ڇوڪريءَ کي موچڙا هڻي ها نه ته به گاريون ضرور ڏئي ها. پر يورپي ملڪن جو عورتن جي حقن جي سلسلي ۾ سخت قاعدو قانون هجڻ ڪري هو زهر جو ڍڪ ڀري خاموش ٿي ويو ۽ جيستائين مالمو (سئيڊن) جي يونيورسٽيءَ ۾ هئاسين هو سئيڊن جي رهواسين جي زناني شاخ کي پر پٺ گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو.

[b]”جپاني نڪ سُڻڪندا رهن ٿا“
[/b]منهنجو ٻاهر وڃڻ وارن کي اهو ئي مشورو آهي ته هو جنهن به ملڪ ۾ رهن ته ان ملڪ جي ماڻهن جي مذهب، ٻولي، ڪلچر وغيره تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کان گريز ڪن ۽ هر ڳالهه ۾ پاڻ کي سرخرو ۽ اتم اتاهون ثابت ڪرڻ جي ڪوشش گهٽ ڪن. ان کان علاوه ڪي ڳالهيون آهن جن کي اسان ته اهميت نٿا ڏيون پر ٻين ملڪن يا قومن ۾ انهن کي خراب سمجھيو وڃي ٿو. جيئن ملائيشيا، سنگاپور، جپان، ڪوريا جهڙن ڪجهه ملڪن ۾ جتيءَ سان ڪنهن جي گهر ۾ نه گهڙجي. پيرين اگھاڙو يا اندر جي ڪمرن لاءِ چئمپل رکيل هجن ته اهي پائي اندر گهڙجي. اسان وٽ دوست يا مائٽ ٽنگ ٽنگ تي رکي وهون ٿا. ٿائلنڊ ۾ به توهان ائين ويهي سگهو ٿا پر توهان جي بوٽ جو ترو ڪنهن ماڻهوءَ ڏي نه هجڻ کپي. ان کي ٿائي ماڻهو پنهنجي بيعزتي ۽ اڳلي جي بد اخلاقي سمجھن ٿا اهڙي طرح پاڻ وٽ نوٽ کي مروڙي ان سان ڪن به کوٽي سگهون ٿا ته پٽ تي ڪرڻ تي ان مٿان پير به رکي سگهون ٿا پر ٿائلنڊ ۾ ائين ڪرڻ ڏوهه جو ڪم آهي ۽ ان کي ملڪ جي بادشاهه سلامت (جيڪو گذريل سال وفات ڪري ويو) جي بي عزتي ڪرڻ برابر آهي جو ٿائلنڊ جي هر نوٽ تي هن ملڪ جي دلپسند بادشاهه ڀُميبال جي تصوير آهي جيڪو ٿائلنڊ جي ”چڪري گهراڻي“ جو نائون بادشاهه آهي ۽ ”راما نائون“ پڻ سڏجي ٿو. هن بادشاهه پنهنجي عوام ۽ ملڪ جو ڏاڍو خيال رکيو ۽ سڀني کي سکيو ستابو بڻائي ڇڏيو. ان ڪري ٿائلنڊ جا ماڻهو هن کي ديوتا وانگر پوڄين ٿا. دنيا جي بادشاهن ۾ هن وڏو عرصو بادشاهت ڪئي. پاڻ 1927ع ۾ آمريڪا ۾ ڄائو جتي ان وقت سندس پيءُ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ هو. 1946ع ۾ ـــ يعني 19 ورهين جي ڄمار ۾ ٿائلنڊ جو بادشاهه ٿيو ۽ 70 سال راڄ ڪرڻ بعد گذريل سال 2016ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ سئٽزرلئنڊ مان تعليم ورتائين .... تمام سٺو پينٽر، ميوزيشن، ليکڪ ۽ ترجمو ڪندڙ هو. سندس ڪيترائي ڪتاب آهن ۽ انهن کان وڌيڪَ ٻين ماڻهن هن تي لکيا آهن. هڪ عجيب شخصيت ۽ عظيم انسان هو. اسان به هن جي هوندي 48 سالن تائين ٿائلنڊ ۾ ايندا ويندا رهياسين ۽ هن ملڪ ۽ ان جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي اکين سان ڏسندا رهياسين ۽ حسرت ڪندا رهياسين. ڀلا ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس؟ ڪٿي ته بادشاهه به عوام جا خذمتگار ته ڪٿي اسان کان ووٽ وٺي عوام جا نمائنده چونڊڻ وارا جهڙا بادشاهه يا ڊڪٽيٽر – جن کي عوام جي خوشحاليءَ بدران رڳو پنهنجي خوشحاليءَ جو فڪر.
بهرحال پاڻ جپان ۾ موجود رسمن رواجن ۽ etiquette جي ڳالهه ڪريون جو هي مضمون انهن جي سهولت لاءِ لکي رهيو آهيان جيڪي جپان وڃڻ جو ارادو رکن ٿا.
اسان جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ـــ يعني اڄ کان پورا سٺ سال اڳ 1958ع ۾ ته انهن ڏينهن ۾ ٽشو پيپر اڃان اسان جي ملڪ ۾ ته عام نه ٿيو هو پر شايد دنيا ۾ ايجاد به نه ٿيو هو. گهڻو گهڻو پوءِ انگريزي فلمن ۾ هيرو کي هيروئن کي سندس ڳوڙها اگهڻ لاءِ ڏيندو ڏٺوسين. اسان جي ڪاليج ۾ ڊسيپلين جي سلسلي ۾ آرميءَ کان آيل ڪئپٽن عالم جان محسود اچڻ سان هڪ ته ڪمري کان ٻاهر چئمپل ۾ نڪرڻ تي پابندي وڌي ۽ ٻيو ته اسان لاءِ ضروري ڪيائين ته صبح جو پي ٽي پريڊ تي توڙي شام جو راندين تي به پاڻ سان گڏ رومال رکون. سياري ۾ پيٽارو جي جابلو علائقي ۾ سخت سيءُ ۽ ٿڌيون هوائون لڳڻ ڪري اسان جا نڪ وهندا رهيا ٿي. ڪئپٽن عالم جان (جيڪو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل ٿي رٽائرڊ ٿيو ۽ اڃان حيات آهي ۽ اسلام آباد جي چڪ شهزاد علائقي ۾ رهي ٿو ۽ ”محسود“ قبيلو جو سردار آهي)، جو حڪم هو ته نڪ ته رومال سان اگھون پر ٿڪ به پٽ تي اڇلائڻ بدران رومال ۾ وجھون. بهرحال ٿڪون ته حوالدارن ۽ ڊرل ماسٽرن کان لڪي پٽ تي اڇليندا هئاسين پر نڪ اگھڻ لاءِ اڄ به رومال کڻي هلڻ جي عادت ٿي وئي آهي. يورپ ۽ آمريڪا ڏي جهاز هلائڻ دوران اتي به ڪيترن ماڻهن کي ڪپڙي جو رومال يا ٽشو پيپر کڻندي عام ڏٺم. جڏهن ”جپان ـــ ڪوريا“ يعني ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي جهاز هلائڻ شروع ڪيو ته هڪ ٻه دفعا جپان اچڻ بعد محسوس ڪيم ته جپاني ماڻهو نه فقط رومال کڻڻ کي خراب سمجھن ٿا پر ٿڌ زڪام يا هونءَ ئي نڪ وهڻ تي عام پبلڪ جاين يا ريل گاڏين ۾ جتي ماڻهو موجود آهن، سنگهه ڪڍڻ بدران سڻڪندا رهن ٿا. بعد ۾ خبر پئي ته ماڻهن اڳيان نڪ تي رومال رکي وهندڙ نڪ کي صاف ڪرڻ کي سخت معيوب سمجھيو وڃي ٿو. ان کان بهتر آهي ته سُڻ سُڻ ڪندو رهجي. اسٽيشن تي لهڻ تي ڪنهن اڪيلي ڪنڊ پاسي ۾ بيهي رومال يا ٽشو پيپر سان نڪ صاف ڪجي.
مون کي به جپان جي پهرين سفر ۾ تجربو بلڪه حيرت ٿي جڏهن اوساڪا کان ڪيوٽو ويندڙ لوڪل ٽرين ۾ منهنجي ڀرسان چاليهن ورهين جي عورت ننڊ کان جھوٽا به کائي رهي هئي ته لڳاتار نڪ به سڻڪي رهي هئي. مون کان رهيو نه ٿيو ۽ هونءَ به سندس وڏي عمر جو سوچي ـــ ڌيان ۾ رهي ته هينئر آئون کڻي 75 جي ويجھو اچي ٿيو آهيان پر هيءَ ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن آئون ستاويهه اٺاويهه سالن جو هوس ۽ هوءَ مونکان 15 سال کن وڏي هوندي، کيسي مان ٽشو پيپر ڪڍي کيس ڏنم. آخرڪار انگريزي فلمن ۾ اسان هيرو کي ائين ئي ڪندو ڏٺو هو پر هن محترما فلمي هيروئن وانگر ٿورا مڃڻ بدران پريشان ٿي وئي ۽ ايندڙ اسٽيشن تي تڪڙي تڪڙي لهي وئي. گهڻو گهڻو بعد ۾ خبر پئي ته جپان ۾ ماڻهن اڳيان نڪ صاف ڪرڻ کان بهتر آهي ته سڻڪندو رهجي. پر جيئن ته اهو ڪم به ڏکيو ۽ منجھائيندڙ آهي ان ڪري آئون توهان کي اها ئي صلاح ڏيندس ته جپانين کي ته هڻو کَڏَ ۾ توهان ٽرين جي باٿ روم ۾ وڃي نڪ صاف ڪري ڇڏجو جو توهان جپانين وانگر هارمونڪ طريقي سان سُڻڪي نه سگهندائو. ماڳهين خواري پيدا ڪندائو.

[b]”اوشي يا – ڌڪا ڏيڻ وارا جپاني اهلڪار“
[/b]اسان جهڙن ايشيائي توڙي يورپي ملڪن ۾ هوٽل جي بئري، ريلوي اسٽيشن تي سامان کڻندڙ، ٽئڪسي ڊرائيور يا حجام وغيره کي سندس مقرر في کان علاوه ٽِپ (خرچي/بخشش) ڏيڻ عام ڳالهه آهي پر جپان ۾ ڪنهن پورهيت کي ٽپ ڏيڻ نه فقط خراب آهي پر هن جي بي عزتي سمجھي وڃي ٿي. ڪيترن هنڌن تي ته اها ڳالهه اڳلي لاءِ مونجھارو پيدا ڪندي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو هوٽل جو بئرو توهانجي ڇڏيل ٽِپ کي کڻي توهان ڏي ڊوڙي ته هي پئسا توهان کان کڻڻ وسري ويا آهن. جپان ۾ وار ڪٽائڻ جي في يا هوٽل ۾ مانيءَ جي بل ۾ ٽپ اڳواٽ ئي شامل هوندي آهي جيڪا هنن کي مهيني جي پگهار سان گڏ هوٽل جي مالڪ يا ٽئڪسي ڪمپني طرفان ملي ٿي. البت توهان ڪنهن جي ڪم يا خذمت مان خوش آهيو ۽ پنهنجي دل جو اظهار ڪرڻ چاهيو ٿا ته ٽِپ طور ڪئش ڏيڻ بدران هن کي ڪو تحفو وٺي ڏيو.
جيتوڻيڪ هلندي کائڻ کان اسانجو مذهب به منع ڪري ٿو پر اسلامي ملڪن ۾ توڙي يورپي ملڪن ۾ دڪان تان ورتل بسڪٽ، سئنڊوچ، صوف، ڪيلو يا پٽئٽو چپس هلندي چلندي کائڻ کي ڪو خراب نٿو سمجھي. پر جپاني ڪلچر ۾ ان ڳالهه کي قبول نٿو ڪيو وڃي. ڪيترا ته ريل گاڏين، پارڪن ۽ ٻين پبلڪ جاين تي کائڻ کي به خراب سمجھن ٿا. ان ڳالهه پويان اهو به پهلو آهي ته توهان کي ڪا شيءِ کائيندو ڏسي متان ٻي جي دل به چوي پر هو غربت ڪري مجبور هجي.... ته ائين کائڻ سان ٻي جي دل کي رنج پهچائڻ آهي. جپانين جي اها سوچ قابلِ داد آهي. اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ جتي لکين ماڻهن کي ٻه ويلا دال مانيءَ جا نصيب نٿا ٿين اتي ٽي وي تي کاڌن جي اشتهارن ۾ سِڪائڻ واري انداز ۾ ماڊل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڪيڪ، بسڪيـٽ يا چاڪليٽ چٽيندو ڏيکارڻ سان به ته غريب ۽ مجبور ماڻهوءَ جي دل آزاري ٿي ٿئي. ۽ اسلام ته ايتريقدر ٿو چوي ته توهانجي گهر ۾ ڪو اهڙو کاڌو تيار ٿئي جنهن جي خوشبوءِ ٻاهر وڃي ته توهان اهو پاڙي وارن کي به کارايو. جپانين جون اهي ڳالهيون يا سوير سمهڻ سوير اٿڻ، گهر سان گڏ گهٽي صاف رکڻ، ايمانداريءَ سان نوڪري ڪرڻ، سچ ڳالهائڻ، پاڙي وارن جو خيال ڪرڻ کي ڏسي اسان جهڙا ماڻهو هميشه چوندا آهن ته جپاني کڻي مسلمان نه هجن پر هو اسلام جي اصولن تي هلن ٿا.
بهرحال جپان ۾ جتي هلندي ڪا شيءِ کائڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو اتي هڪ ٻه اهڙيون شيون آهن جن جو گهٽيءَ مان هلندي کائڻ کي عيب نٿو سمجھيو وڃي. ”آئيس ڪريم ڪون“ انهن مان هڪ آهي.
اسان ماڻهن ۾ بي صبري ڏاڍي آهي. جپان ۾ سگنل کلڻ وقت رستو ڪراس ڪرڻ مهل توڙي سئنيما هال مان نڪرندي، جپاني ماڻهو آرام سان نڪرن ٿا. ٻين کي ٿيلها ۽ ڌڪا ڏئي پاڻ گوءِ نٿا کڻڻ چاهين. اسان پاڪستانين، ايرانين، ترڪن ۽ سوڊانين لاءِ ته دنيا جا سڀ مسلمان شڪايت ڪن ٿا ته اسين ڪعبي جو طواف ڪرڻ مهل به ٻئي جو خيال نٿا ڪريون ۽ حجر اسود کي چمڻ لاءِ ڪمزورن کي به ڌڪا ڏئي اڳتي وڌون ٿا. جپان ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کي ڌڪا نٿا ڏين پر هڪ اهڙو هنڌ آهي جتي کين ڌڪا ڏيڻ لاءِ سرڪار طرفان پهلوان پگهار تي مقرر ٿيل آهن جيڪي ”اوشي يا“ Oshiya سڏجن ٿا يعني ”ڌڪا ڏيڻ وارا“ جن کي انگريزيءَ ۾ Pushers چئي سگهو ٿا. هي ”رش اور“ ۾ ٽوڪيو، ڪيوٽو، يوڪوهاما، اوساڪا جهڙن شهرن جي اسٽيشنن تي ٽرين جي دروازن اڳيان يونيفارم ۾ هوندا آهن. هو هٿن تي اڇا جوراب ۽ مٿي تي ٽوپلو پائي بيهن. هنن جو ڪم واقعي ماڻهن کي ڌڪا ڏئي ريل جي دٻي ۾ پئڪ ڪرڻو هوندو آهي. ريل جي هر دٻي ۾ بيهڻ لاءِ ڪافي جاءِ ٿئي ٿي. جيئن گهڻي کان گهڻا ماڻهو سوار ٿي وقت تي آفيس ۽ موڪل مهل پنهنجي گهرن ڏي پهچي سگهن. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪو جپاني ماڻهن ۾ نظم (Discipline) ناهي. هو ڪو گاڏي ۾ چڙهي در وٽ بيهي ٻين لاءِ رستو روڪ نٿا ڪن. جپاني بيحد آرگنائيزڊ ماڻهو آهن. ٽرين اچڻ تي پليٽ فارم تي بيٺل ماڻهو دٻي ڏي نٿا ڊوڙن بلڪه هو تيستائين قطار ۾ بيٺا رهن ٿا جيسين لهڻ وارا لهي وڃن. ان بعد چڙهن ٿا. پر رش واري وقت هر دٻي ۾ ايترا ته پئسينجر هوندا آهن جو ڪيترن جي لهڻ بعد به دٻو پئڪ هوندو آهي. قطار ۾ بيٺل مسافر دٻي جي چائنٺ تائين مس پير رکي سگهندا آهن جن کي هي ”اوشي يا“ انهن جي چيلهه تي ٻئي هٿ رکي اندر ڌڪين ٿا. ان بعد ٿوري جاءِ ٿيڻ تي ٻيا چڙهن ٿا ته انهن سان به اها ڪارروائي ڪن ٿا ۽ پوري ڪوشش ڪن ٿا ته ڪو مسافر رهجي نه وڃي. هر مسافر جو دٻي اندر هجڻ ان ڪري به ضروري آهي جيئن ريل جا سڀ دروازا چڱي طرح بند ٿي سگهن. هتي جون ٽرينون توڙي بسون اهڙي قسم جون آهن جن جا جيستائين دروازا چڱي طرح بند نه ٿيندا تيستائين گاڏي اسٽارٽ ٿي نه سگهندي. اها ڳالهه مسافرن جي حفاظت (Safety) خاطر رکي وئي آهي. دروازا ڀچي بند ٿيڻ تي اليڪٽرڪ جا Contact ملن ٿا ۽ ڪرنٽ ٽرين جي ڦيٿن کي هلائڻ وارين موٽرن ۾ پهچي ٿو. جپان جون هي ٽرينون ڏسي جيڪي وقت تي اچن ٿيون دل چوندي آهي ته اسان پاسي يعني انڊيا ۽ پاڪستان ۾ به ائين هجي. هاڻ مڙيئي گذريل ڏهن سالن کان انڊيا وڃڻ تي ڏسي رهيو آهيان ته هنن ان ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. مسافرن جو وڏو تعداد ريل گاڏين ۾ چڙهي ٿو وقت جي پابندي رکي وئي آهي، ريلوي اسٽيشنون خوبصورت ٿينديون وڃن گاڏا هر خيال کان آرامده آهن ۽ حادثن تي به ڪنٽرول ڪري ورتو اٿن. ان جي مقابلي ۾ اسانجي ريلوي جو سسٽم ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ آهي. ريل گاڏين جي کوٽ آهي، ريلوي اسٽيشنون اجڙيل نظر اچن ٿيون ۽ وقت جي پابندي ته آهي ئي ڪانه يعني اسان جي ملڪ جي ريلوي جو ٻين ملڪن سان ڇا مقابلو ڪجي. اسانجي ملڪ جي ريلوي ان گنجي عورت وانگر آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ته ”ڇا ڌوئندي، ڇا نچوڙيندي ۽ ڇا سڪائيندي!“ اسان وٽ ريل جون انجڻيون ته کوٽ ۾ هونديون آهن پر ٻارڻ جو تيل (ڊيزل) به کوٽ ۾ هوندو آهي.
بهرحال پاڻ جپان جي ريلوي اسٽيشنن تي ڪم ڪندڙ ”اوشي يا“ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هنن کي پگهار ان ڳالهه جو ٿو ملي ته هو ماڻهن کي ڌڪي گاڏي اندر ڪن ۽ خاطري ڪن ته اسٽيشن تي موجود سڀ مسافر گاڏيءَ ۾ داخل ٿي ويا ۽ ڪنهنجو به هٿ پير يا ڪوٽ قميص گاڏي جي دروازن ۾ رنڊڪي نه پيو آهي.
جپان جي ريل گاڏين جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به لکندو هلان ته ٽرين ۾ سفر ڪندڙ ڪيترا جپاني سفر دوران ننڊون ڪندا هلن ٿا. ڇاهي جو جپان ۾ هرڪو سخت پورهيو ڪري ٿو ۽ مقرر وقت کان وڌيڪَ ئي ڪم ڪري ٿو. جپان لاءِ مشهور آهي ته اتي آفيس يا ڪارخاني ۾ فقط وڃڻ جو وقت مقرر آهي. موڪل مقرر ٽائيم تي ورلي ٿئي. ڪم پورو ڪندي ڪندي ڪڏهن رات به ٿيو وڃي ۽ پوءِ ظاهر آهي گهر ويندي هنن کي ننڊ کڻيو وڃي. پر هتي ڳالهه فقط ننڊ جي نه آهي. ننڊ ۾ بيهوش مرد يا عورت جو ڪنڌ ڀر ۾ ويٺل مسافر جي ڪلهي تي ڍرڪي پوڻ کي هڪ عام ڳالهه سمجھيو وڃي ٿو ۽ ان کي برداشت ڪيو وڃي ٿو. توهان جي اسٽيشن اچڻ تي هن جو ڪنڌ سڌو ڪري توهان روانا ٿي سگهو ٿا.

[b]”جپاني چشڪا ڏئي کائين“
[/b]جپاني ماڻهو بوٽ کي گهر جي ٻاهر لاهي اندر گهڙڻ لاءِ اتي رکيل چئمپلن مان هڪ پائين. يورپ يا آمريڪا جي ٻي ڳالهه آهي جتي جا ماڻهو بوٽن سميت نه رڳو پنهنجي بيڊروم ۾ گهڙيو وڃن پر بوٽن سميت بستر يا صوفي تي ليٽيو به پون. جپان جي هر گهر، مندر، ڪجهه مڪاني هوٽلن ۽ آفيسن ۾ پيرين اگھاڙو گهڙڻو پوي ٿو پر جي ٻاهر چمپل رکيل آهن ته انهن مان هڪ پائي اندر گهڙجي. ڪيترن عجائب گهرن ۽ آرٽ نمائشن ۾ به بوٽ لاهي اندر گهڙجي. بنيادي نقطو اهو ئي ياد رکڻ کپي ته جتي به توهان کي چئمپلن جي قطار نظر اچي اتي بوٽ لاهي چئمپل پائجي. جپان ۾ تعليم يا نوڪري وغيره لاءِ اچڻ وارن کي اها ئي صلاح ڏيندس ته هو ڪَهيُن وارن بوٽن ۾ هرگز نه اچن. سليپر ٽائيپ بوٽ ۾ اچن جو جپان ۾ جتي ڪٿي بوٽ لاهڻو پوي ٿو ۽ ڪهيُن (Laces) وارو بوٽ مٿي جو سور بڻجيو پوي.
اهو پڻ لکندو هلان ته جپاني گهرن ۾ باٿ روم لاءِ الڳ چئمپل ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن به ڪمري واري چئمپل سان باٿ روم ۾ نه گهڙجي ۽ نه باٿ روم وارو چئمپل ٻاهر کڻي اچجي.
جپان ۾ اها عزت جي ڳالهه آهي ته ڪو توهان کي گهر ۾ دعوت ڪري. ۽ جيڪڏهن ڪو توهان کي گهرائي ٿو ته توهان هن لاءِ ڪو تحفو ضرور کڻي پهچو. ۽ ان تحفي کي سٺن رنگين پنن ۽ ربينن ۾ ويڙهي پوءِ ميزبان کي ڏيو. ساڳي وقت توهان کي ڪو تحفو ڏئي ته ان کي وٺڻ کان انڪار نه ڪريو. اها ٻي ڳالهه آهي ته شروع جي جملن ۾ هلڪو انڪار ضرور ڪريو ته هيءَ تڪليف ڇو ورتي اٿانوَ.... وغيره.
اسان وٽ پاڪستان هندوستان، توڙي يورپ آمريڪا ۽ عرب ملڪن ۾ چانهه يا ڪو ٻيو مشروب اچي ٿو ته توهان مان ڪو ـــ خاص ڪري ميزبان پاڻ يا سندس پاسي جو ماڻهو چانهه جي ڪٽلي يا شربت جو جڳ کڻي ٻين جي ڪوپن يا گلاسن ۾ وجھي پوءِ آخر ۾ پنهنجي ۾ به وجھي ٿو. جپان ۾ به ويٺلن مان هڪ ڄڻو جڳ کڻي سڀني جا گلاس ڀري ٿو پر هن کي پنهنجو گلاس هرگز ڀرڻ نه کپي. ان لاءِ هن کي انتظار ڪرڻ کپي جيئن ٻين مان ڪو جڳ کڻي هن جو گلاس ڀري. ۽ پوءِ وري ترسجي ته ڪو گلاس کڻي ”ڪانپائي“ (Kanpai) چئي. ان بعد پيئڻ شروع ڪجي. جپاني لفظ ڪانپائي ائين اهي جيئن انگريزيءَ ۾ اسان Cheers چئون ٿا..... يا ڀنگ وارا ”ڀلي ڀلي اچي“ جو نعرو هڻن ٿا. هونءَ جپاني لفظ ”ڪان پائي“ جي لفظي معنيٰ آهي Dry Cup يعني سڀ پي گلاس خشڪ (خالي) ڪريو جيئن يورپ ۽ آمريڪا جي گهتن (Pubs) ۾ شرابي ”باٽم اپ“ جو نعرو هڻي هڪ ئي ڳت ۾ پيگ خالي ڪري وٺن ٿا ..... ۽ پوءِ بارٽينڊر کان ”سوائيءَ“ جي گهر ڪن ٿا ..... يعني ڪجهه سُرڪ (چوٿو کن پيگ) پيار.
جپان ۾ ماني يا ڊبل روٽي نه برابر هلي ٿي. ڀت ۽ ان کان وڌيڪَ نوڊلس (Noodles) هلن ٿيون جن سيوين جا ٿولهه مطابق ڪيترائي قسم ۽ نالا آهن. گهڻيون مشهور رامين (Ramen) آهن. هي نوڊلس (سيويون) چيني نموني جون ڪڻڪ مان ٺهيل ٿين ٿيون. اهڙي طرح سوبا، سومين، اُڊان يا ڪي سوبا، شيراتاڪي وغيره. بهرحال نوڊلس (سيوين) جو ڪهڙو به ڊش هجي جپاني ماڻهو چاپ اسٽڪس سان کانئين. نوڊلس جي پيالي کي وات جي ويجھو آڻي تيلين سان ڇڳو ڪڍي ان جو هڪ پاسو وات ۾ وجھي پوءِ باقي کي وات سان چوسين (Suck ڪن) ۽ انهن کي کائڻ مهل چشڪا ڏين. جيتوڻيڪ يورپ توڙي آمريڪا ـــ ويندي اسان جي ملڪ ۾ چشڪا ڏئي يا سُرڪون ڀري چانهه يا ٻي شيءِ کائڻ کي خراب سمجھيو وڃي ٿو پر جپان ۾ معاملو ان جي ابتڙ آهي. ميزبان خوش ٿو ٿئي ته مهمانن کي سندس پيش ڪيل ”رامين“، ”سوبا“ يا ”اڊان“ وغيره پسند آيا آهن ۽ مزو وٺي کائي رهيا آهن.
چشڪا ڏئي ڪنهن شيءِ کي چوسڻ جنهن لاءِ انگريزيءَ جو لفظ “Slurping” آهي جپان ۾ خراب نٿو سمجھيو وڃي ڇو جو اهو ٻڌائي ٿو ته کاڌو لذيذ آهي ۽ توهان مزو وٺي رهيا آهيو. ٻي صورت ۾ جپاني ميزبان غلط فهميءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو ته توهان کي هن جي ٺهيل سيوين (نوڊلس) جو ڊش پسند نه آيو. بهرحال جپان ويندڙ پنهنجن پڙهندڙن کي اها ئي صلاح ڏيندس ته هو پاڻ ۾ اها عادت پيدا نه ڪن جو سواءِ جپان جي باقي ملڪن ۾ ان کي خراب سمجھيو وڃي ٿو ۽ ٻار لاءِ به چيو وڃي ٿو ته وڏو بدافعالو آهي. مائٽن ڪا فضيلت نه سيکاري اٿس.
هونءَ هتي اهو به لکندو هلان ته چشڪا ڏئي سيويون کائڻ نه فقط Polite ڳالهه آهي پر ضروري پڻ سمجھي وڃي ٿي. جپاني ماڻهو نوڊلس تمام گرم حالت ۾ کائين ٿا. جنهن سُوپ ۾ رامين، سوبا يا ٻي ڪنهن قسم جي نوڊل ٿئي ٿي اهو ٽهڪندڙ حالت ۾ هوندو آهي. ۽ Slurping (سُرڙ سُرڙ ڪرڻ) سان وات سڙڻ کان بچيو وڃي. هي ائين آهي جيئن اسان گرم گرم چانهه ڦوڪي ڦوڪي پيون ٿا.
کائڻ جي ڳالهه نڪتي آهي ته هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ٻين سان گڏ ماني کائڻ دوران اوگرائي ڏيڻ کي جپاني بداخلاقي سمجھن ٿا. جيتوڻيڪ اسانجي ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن ۾ ـــ پاڪستان، هندوستان کان وٺي سري لنڪا ۽ ملائيشيا ۾ ان کي خراب نٿو سمجھيو وڃي. بلڪه ميزبان اهو ئي سمجھي ٿو ته مهمان پيٽ ڀري کاڌو آهي.

[b]”پليٽ فارم تي رات گذارڻ وارا جپاني“
[/b]اسانجي شروعاتي ڏينهن ۾ يعني 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن ۾ رات جي آخري گاڏي ڇٽي ويندي هئي ته اسين توڙي جپاني صبح جي پهرين ريل گاڏي جي انتظار ۾ اسٽيشن جي پليٽ فارم تي رکيل بئنچن تي يا پٽ تي سمهي رهندا هئاسين. اسٽيشن جي ٻاهران ڪيتريون ئي هوٽلون ٿين ٿيون پر جپان ۾ هر شيءِ جي قيمت ڳاٽي ٽوڙ هجڻ ڪري آئون ڏسندو هوس ته امير جپاني به ڪمپليٽ سوٽن ۾ پٽ تي اخبار يا دفتري جو گتو وڇائي سمهي رهندا هئا.
جپان ۾ اڄ به هر شهر ۾، ويندي ٽوڪيو اوساڪا ۾ رات جو ڏهين بجي بسون ۽ ٽرينون بند ٿيو وڃن ۽ گهٽين جون بتيون ته ساڍي اٺين وڳي کان آف ڪيون وڃن ٿيون. ٽرينون صبح جو پنجين کان هلڻ شروع ٿين. پليٽ فارم تي سمهڻ جو اهو به فائدو آهي ته صبح جي ٽرين جي آواز تي اک کليو وڃي ۽ ٽپ ڏئي دٻي اندر داخل ٿيو وڃجي.
جيئن جيئن جپان اچڻ ٿيندو رهيو ته اها به ڄاڻ پئي ته ريلوي پليٽ فارم تي سمهڻ وارا نه فقط اسان جهڙا آهن جن کان آخري ٽرين مِس ٿيو وڃي پر ٻيا به ڪيترائي حالي موالي آهن. هڪ دفعي، لڳي ٿو 1973ع وارو سال هو، ”چناب“ نالي جهاز تي آئون ٿرڊ انجنيئر هوس، ڪوبي نالي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيل هو. هڪ ڏينهن اسان جهاز جا ٽي دوست شام جو چڪر لاءِ نڪتاسين. ڪوبي ۾ اسان لاءِ ٻه جايون دلپسند رهيون آهن. هڪ ”موتو ماچي“ جو علائقو جيڪو ڪوبي جي بندرگاهه کان ايترو پري آهي جيترو ڪياماڙيءَ کان ٽاور يا بولٽن مارڪيٽ. موتو ماچي مارڪيٽ حيدرآباد جي شاهي بازار وانگر ڍڪيل (Covered) آهي ۽ ميل کن ڊگهي ٿيندي. موتو ماچيءَ جي هڪ پاسي ڪوبي بندرگاهه آهي ته ٻئي پاسي جپان جو مشهور جبل ”روڪو“. هن جبل نالي ڪوبي ۾ هڪ سک جو تمام آڳاٽو ڪپڙي جو دڪان Rokko-Saris نالي آهي جتان ننڍي کنڊ جا جهازران ڪچو ڪپڙو ۽ ساڙهيون وٺندا آهن.
هونءَ ڪوبي جو موتو ماچي علائقو جتي توهانکي فارينر تمام گهڻا نظر ايندا، ائين آهي جيئن ٽوڪيو جو گنزا يا اوساڪا جو ”شين سائي باشي“. جپان ۾ هڪ موتو ماچي مارڪيٽ يوڪوهاما شهر ۾ به آهي پر ڪوبي جي موتوماچي مارڪيٽ ڀرسان چائنا ٽائون به هجڻ ڪري مقامي جپانين ۽ ٽوئرسٽن جي رش رهي ٿي. ان رات اسان ڪجهه دير موتو ماچيءَ ۾ هلڪي ڦلڪي شاپنگ ۽ پاڪستان کان آيل ٻين جهازن ـــ خاص ڪري اسان جي ڪمپني جي جهازن جي دوستن ۽ ساڳي نيول اڪيڊمي مان تعليم حاصل ڪندڙ پنهنجن پراڻن ڪلاس ميٽن سان خبر چار ڪري موتوماچي اسٽيشن تي آياسين جتان ڇڪاٽيٽسو (سب وي ٽرين) ۾ چڙهي ٻي اسٽيشن ”سَنومِيا“ تي پهتاسين جيڪا سمجهو ته ڪوبي جو مرڪزي علائقو آهي جتان ريل گاڏيون اوساڪا، ڪيوٽو، يوڪوهاما ۽ ٽوڪيو جهڙن شهرن ڏي به وڃن ٿيون. موتوماچيءَ کان سَنوميا (Sannomiya) ايترو پري آهي جيترو بولٽن مارڪيٽ کان امپريس مارڪيٽ. ان بعد اڳتي ڪوبي جون ٻيون اسٽيشنون: نادا، مايا، زوڪو، مِچي، سمي يوشي وغيره ائين آهن. جيئن گرومندر، تين هٽي، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، سرجاڻي ٽائون، وغيره.
سَنوميا جو علائقو بيحد رونق وارو آهي. هي علائقو هتي جي مشهور درگاهه (Shrine) سَنوميا کان مشهور ٿيو. رڳو رستن تان پيو هل ته به مزو پيو اچي جيئن صدر جي بوهري بازار يا زينب مارڪيٽ ۾. هڪ هنڌ ويهي ڪافي به پيتيسين ۽ هر وقت ڌيان ۾ هو ته آخري ٽرين جي وڃڻ کان اڳ اسٽيشن تي پهچي وڃون. ۽ بنا شڪ جي اسان وقت تي سنوميا اسٽيشن تي پهچي وياسين پر پنهنجي ٺٺ مسخري ۾ غلط پليٽ فارم تي اچي نڪتاسين. جيئن ئي ان جو احساس ٿيو ته صحيح نمبر واري ڏي ڊوڙياسين پر عين ان وقت ٽرين جا دروازا بند ٿي ويا ۽ گاڏي چرڻ لڳي. اسان کانپوءِ ڪجهه منٽن بعد ٻيا به ٻه ٽي جپاني مرد پهتا. هونءَ جپاني تمام وقت جا پابند، هوشيار ۽ آرگنائيزڊ ٿين ٿا ۽ هنن کان فقط ڪڏهن ڪڏهن ٽرين مِس ٿيو وڃي. پر پوءِ ان رات مون ڏٺو ته ڪلاڪ ٻن بعد.... يعني ٻارهن هڪ کان پوءِ به ڪجهه مرد آيا جيڪي نشي ۾ ڌت هئا. هڪ جيڪو ڪجهه هوش ۾ هو تنهن ٻڌايو ته: ”هتي فقط اهي نٿا اچي رات گذارين جن کان ٽرين ڇٽيو وڃي پر اسان جهڙا به جيڪي ڪنهن رات چڪو سوائي زيادهه پي وڃڻ ڪري زالن جا دڙڪا کائڻ بدران هتي سمهيو پئون.“ اهڙي طرح ڪنهن ٻئي شهر ۾ ريل ڇٽڻ تي اسٽيشن تي هڪ اهڙي به جپاني گامون سچار سان ملاقات ٿي جنهن اسٽيشن جي ٻاهران هڪ عمارت ڏي اشارو ڪري چيو ته منهنجو فلئٽ ان بلڊنگ جي پنجين فلور تي آهي.
”ته پوءِ ته تون واڪ ڪري هليو وڃ. هتي پٽ تي ڇو ستو پيو آهين؟“ مون پڇيو.
”زال تي رعب رکڻ لاءِ“ هن جواب ڏنو.
هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين بعد هن ٻڌايو ته هو زال سان وڙهي گهران نڪتو آهي ۽ زال تي اهو رعب رکيو اٿس ته هو پنهنجي گرل فرينڊ سان رات گذارڻ ٿو وڃي! اهو ٻڌي مونکان ٽهڪ نڪري ويو ۽ پاڻ به کلندو رهيو. دل ۾ آيو ته وس پڄي ته جوڻس کي بئناڪيولر وڃي ڏيان ته دريءَ مان ڏسي ته سندس مڙس سامهون ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي کونگھرا هڻي رهيو آهي.
اهو به لکندو هلان ته جپان ۾ انهن ڏينهن کان يعني 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي کان هر ريلوي اسٽيشن ۽ ٻين هنڌن تي مسواڙ جا لوهي لاڪر هئا جن ۾ پنهنجو سامان رکي پوءِ اسٽيشن تي سمهي ٿي رهياسين. اسان به ٽنهي دوستن هڪ لاڪر 8 ڪلاڪن جي مسواڙ تي وٺي موچو ماچيءَ مان خريد ڪيل شيون ان ۾ وجھي آجا تاجا ٿي ليٽي پياسين. هونءَ موتو ماچي اسٽيشن وٽ هجون ها ته پنهنجي جهاز تائين يعني ڪوبي بندرگاهه تائين ”ٽاور کان ڪياماڙي“ جيترو فاصلو پيرين پنڌ ڪري پهچي وڃون ها. پر هيءَ سنوميا اسٽيشن اسان جي ”ڪياماڙيءَ کان صدر“ جيتري پري هئي.

[b]”جپان جون ڪئپسول هوٽلون“
[/b]سال تي سال گذرڻ تي مون ڏٺو ته جپان جي ريلوي اسٽيشنن تي نام نهاد ٽرين ڇٽڻ وارن مسافرن جو تعداد وڌڻ لڳو پر بقول هوٽل بزنيس وارن جي مسافرن جو تعداد نه پر ٻارهين هڪ کان پوءِ ـــ يعني آڌي رات کانپوءِ مئه خانن، پبن ۽ هوٽلن مان نڪرندڙ انهن ماڻهن جو وڌڻ لڳو جيڪي نشي جي سرور ۾ هجڻ ڪري پنهنجي ڪار هلائي نٿي سگهيا. جپان ۾ زمين جو اگهه تمام وڏو آهي ان ڪري هوٽل جي ڪمرن جي مسواڙ به وڏي آهي پر جپان جي واپاري طبقي پئسو ڪمائڻ ۽ رات جا چند ڪلاڪ گذارڻ وارن لاءِ 1980ع ڌاري ”ڪئپسول هوٽلون“ ايجاد ڪيون. هنن هوٽلن جا ڪمرا عام هوٽلن وانگر نه ٿين جن ۾ ڪرسي ٽيبل، ڪٻٽ، باٿ روم ٿين ٿا. هنن هوٽلن جا ڪمرا دوا جي ڪئپسول جي شڪل جا جنازي جي تابوت کان ڪجهه وڏا ٿين جن ۾ ماڻهو بيهي ته نٿو سگهي، هو فقط ويهي ۽ سمهي سگهي ٿو. هنن هوٽلن جي گهٽي (راهداري) عام هوٽلن وانگر ضرور ٿئي ٿي پر ٻنهي پاسي ڪمرن جي درن بدران تيل جي ڊرمن جهڙا هيٺ مٿي ٻن قطارن ۾ ڪئپسول رکيل ٿين. هي ڪئپسول يعني مهمان جي سمهڻ لاءِ ننڍڙا ڪمرا پلاسٽڪ يا فائبر گلاس جا ٺهيل ٿين ٿا جن مان هر هڪ جي سائيز: ڊيگهه 2 ميٽر (6 فوٽ 7 انچ)، ويڪر هڪ ميٽر (3 فوٽ 3 انچ) ۽ اوچائي سوا ميٽر (4 فوٽ 1 انچ) ٿئي. مختلف هوٽلن جي ڪئپسولن ۾ مختلف سهولتون ٿين ٿيون پر هر هنڌ هر ڪئپسول ۾ ٽي وي، انٽرنيٽ، ايئرڪنڊيشن، لائيٽ جو بندوبست، هنڌ بسترو رهي ٿو. هي ڪئپسول هڪ ٻئي جي ڀرسان قطار ۾ جڙيل ٿين ٿا جن جي مٿان هڪ ٻي قطار هوندي آهي. مٿين قطار جي ڪئپسولن ۾ وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ جو بندوبست ٿئي ٿو، مونکي پاڪستان جي جناح يا سول اسپتال جي خبر ناهي پر ٻين ملڪن جي اسپتالن جي مرده خانن ۾ جيئن مرده رکڻ لاءِ خانن جي قطار هيٺ مٿي ٿئي ٿي تيئن هي ڪئپسولن وارا ڪمرا لڳندا آهن.
ڪئپسول جو منهن جنهن مان داخل ٿجي ٿو اهو پڙدي يا فائبر گلاس ذريعي ڍڪي سگهجي ٿو جيئن ٻاهران لنگھندڙن جي نظر اندر نه پوي. ڪئپسول ۾ سامان رکڻ جي جاءِ ناهي ان کي هر هڪ ٻاهر هوٽل جي يا ڪنهن ٻي ڪمپني جي مسواڙ لاءِ رکيل لاڪرن مان ڪنهن ۾ رکي سگهي ٿو. ڪئپسولن ۾ رهڻ وارن کي پبلڪ باٿ استعمال ڪرڻو پوي ٿو. جپان ۾ جتي ڪٿي ان قسم جا پبلڪ باٿ آهن جن کي محلي ۾ رهندڙ اهي ماڻهو استعمال ڪن ٿا جن جا گهر ننڍا هجڻ ڪري انهن ۾ باٿ روم نه آهن.
هنن هوٽلن ۾ يعني ڪئپسولن ۾، رهڻ وارن کي ڪئپسول اندر ڪجهه کائڻ يا سگريٽ ڇڪڻ جي اجازت نه هوندي آهي. اهڙين ڪئپسول هوٽلن جي ٻاهران ماني ٽڪي کائڻ لاءِ ريسٽورنٽون ٿين ٿيون يا گهٽ ۾ گهٽ وينڊنگ مشينون لڳل ٿين جن ۾ مقرر سڪا وجھي گرم چانهه، ڪافي، پاڻي، ڪولڊ ڊرنڪ يا گرم گرم سئنڊوچون يا ٻيون شيون ڪڍي سگهجن ٿيون.
ڪئپسول هوٽلون مختلف سائيزن جون 50 کان 700 ڪئپسولن واريون ٿين ٿيون ۽ بنيادي طرح مردن جي رهائش لاءِ ٺاهيون ويون آهن. ڪن هوٽلن ۾ عورتن لاءِ الڳ سيڪشن پڻ آهي. ڪن هوٽلن جي ڪئپسولن ۾ توهان کي پنهنجي وڳي ۾ سمهڻ جي اجازت نه هوندي آهي. اهڙين هوٽلن ۾ داخلا وٽ رسيپشن تي توهان کي پنهنجا اوڍيل ڪپڙا ۽ جوتا جمع ڪرائڻا پون ٿا ۽ ڪئپسول ۾ سمهڻ لاءِ هوٽل طرفان ”ياڪوتا“ (جپاني اسٽائيل جو سليپنگ سوٽ) ۽ گيتا (Geta) جپاني اسٽائيل جا چمپل جن جو ترو سنڌ ۾ وضوءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ چاکڙين وانگر ڪاٺ جو ٿئي ۽ مٿان ڪپڙي يا ڏوريءَ جون پَٽيون Thogs ٿين (جيئن اسان وٽ اسپنج جي هوائي چمپل ۾ رٻڙ جون ٿين) ملن. جپان ۾ هن قسم جون چئمپل Geta صدين کان استعمال ۾ آهي. اسان وٽ استعمال ٿيندڙ هوائي چمپل هن گيتا تان ڪاپي ٿيل آهي جيڪو ٻي جنگ عظيم دوران نيوزيلئنڊ ۽ آمريڪا وارن ٺاهيو. گيتا کان علاوه هڪ ٻيو چمپل جيڪو جپان ۾ استعمال ٿئي ٿو زوري (Zori) سڏجي ٿو. هن جو ترو گيتا وانگر ڪاٺ جو هجڻ بدران پلال (Rice Straw) مان ٺهيل ٿئي ٿو. ڪن ڪن هوٽلن ۾ ٽوال پڻ ڏنو وڃي ٿو.
هنن ”ڪئپسول هوٽلن“ جو اهو فائدو آهي ته سوليون ۽ سستيون آهن. خير سستيون سستيون پر ان هوندي به هڪ رات جي مسواڙ ٻن کان چار هزار يين آهي. اڄ ڪلهه جپاني هزار يين اسانجي 800 روپين برابر آهن. ان قبر ۾ سمهڻ جا ئي ايترا پئسا آهن ته ان مان اندازو لڳايو ته هڪ عام هوٽل جي ڪمري جي ڇا مسواڙ هوندي جنهن ۾ بسترو به آهي ته باٿ روم به، ۽ ماڻهو ڊگهو ٿي هلي به سگهي ٿو. هن ڪئپسول ۾ سمهڻ ائين آهي ڄڻ ڪنهن مريض کي سي ٽي اسڪئن (CT-SCAN) مشين ۾ داخل ڪجي. پر هنن هوٽلن جي ايجاد تي رولاڪ جپاني خوش آهن. بقول هڪ جپانيءَ جي:
“They provide an alternative for those who may be too drunk to return home safely, or too embrassed to face their spouses”.
جپان جي هن ايجاد (يعني Capsule Hotel) کي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪا خاص پذيرائي نه ملي آهي جيتوڻيڪ پهرين ڪئپسول هوٽل جيڪا 1979ع ۾ اوساڪا جي با رونق علائقي ”اُميدا“ (Umeda) ۾ ٺهي، اڄ ان کي چاليهه کن سال اچي ٿيا آهن. ڪجهه سال اڳ (2014ع ۾) بيلجم ۾ يورپي اسٽائيل جي هڪ ڪئپسول هوٽل ٺهي ۽ 2015ع ۾ اڪينو ايئرپورٽ منيلا (فلپين) ۾ ٺهي ۽ 2017ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ پڻ هڪ ڪئپسول هوٽل ٺهي آهي.
نشي ۾ ڌت يا دير سان گهر پهچڻ تي پنهنجي ڇتري زال کي منهن نه ڏئي سگهڻ واري هڪ جپاني مرد کي هن قبر جهڙي ڪئپسول ۾ ته ضرور ننڊ اچي وڃي ٿي پر آئون نٿو سمجھان ته اسانجي ملڪ جو ماڻهو ان ۾ آرام سان سمهي سگهندو ..... بهرحال منهنجي اها سوچ ڏهاڪو سال کن اڳ هئي پر هاڻ جڏهن پنهنجي ملڪ جي هوائي جهازن جي اڏام دير سان ٿيڻ تي ويهه ويهه ڪلاڪ ايئرپورٽ جي ڪرسيءَ تي وهڻو پوي ٿو ته دل چوندي آهي ته ڪاش ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪا ڪئپسول هوٽل ئي کڻي هجي جنهن ۾ ڪجهه ڪلاڪ ليٽي چيلهه سڌي ڪجي!
جپان ۾ ايندڙ نون ماڻهن لاءِ اهو به لکندو هلان ته هن قسم جي ڪئپسول هوٽل کي جپاني ڪئپُو سَيرو هوتيرو (Kapuseru Hoteru) سڏين. جپان جي ماڻهن آمريڪا جا بم کائڻ بعد ڪجهه سالن لاءِ هنن کي گاريون ۽ پِٽ پاراتا ضرور ڏنا پر پوءِ ان بعد هو آمريڪا جي هر ڳالهه مان اهڙو ته متاثر ٿيا جو هو هنن جو رانديون گوريفو (Golf)، بيسو بارو (Base Ball) هنن جي ميوزڪ، هنن جا کاڌا - ويندي هنن جي ٻولي (انگريزي) پسند ڪرڻ لڳا. ايتريقدر جو ڪا نئين شيءِ ايجاد ڪرڻ تي ان جو جپاني نالو رکڻ بدران انگريزي رکڻ لڳا ـــ چاهي ٺهي يا نه ٺهي. جيئن اسان وٽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ عربن وٽ پيٽرول جي دولت اچڻ تي اسان انهن مان اهڙو ته Impress ٿياسين جو هر نالي کي عربي رنگ ڏيڻ لاءِ اڳيان ”ال“ هڻڻ لڳاسين. ان وقت جو ”الپروين“ گهر جو رکيل نالو اڄ به ڪراچيءَ ۾ نظر اچي ٿو. يا پاڻ کي عرب سڏائڻ يا ٻين تي پنهنجي ڌاڪ ويهارڻ لاءِ حيدرآباد ۾ هڪ مستريءَ پنهنجي گئريج جو نالو ”الٻروچ گئريج“ رکيو. هاڻ اندازو لڳايو ته عرب کي اهڙن نالن پڙهڻ سان پنهنجائپ ته نه ٿيندي هوندي ته اسان جي مائٽ جو گهر يا گئراج آهي ماڳهين وايون ضرور بتال ٿينديون هونديون جو پ، ٻ ۽ گ جهڙا اکر عربيءَ ۾ آهن ئي ڪونه.
اهڙي طرح ڪيترائي انگريزيءَ جو لفظ جپانين لاءِ اچارڻ ناممڪن آهن ۽ شڪلين واري لکڻي ”کانجيءَ“ ۾ ته نٿا لکي سگهن پر اچارن واري الفابيٽ ”ڪاٽا ڪانا“ ۽ ”هراگانا“ ۾ به اهي هوبهو لکي نٿا سگهجن ته به هو اهڙن اکرن وارن انگريزي لفظن کي به پنهنجي جپانيءَ ۾ آڻين ٿا. جپاني لفظن ۾ هر Consonant اکر پويان Vowel ٿئي ٿو سواءِ “N” جي جيڪڏهن اهو آخر ۾ اچي ٿو. توهان ميمن ۽ پاڪستان جهڙا لفظ جپانيءَ ۾ هوبهو ائين لکي سگهو ٿا جو ٻنهي لفظن Memon ۽ Pakistan ۾ هر اکر پويان Vowel آهي سواءِ پاڪستان جي “S” اکر پويان جتي “I” هڻڻ سان ڪو خاص فرق نٿو پوي پر منهنجي نالي Altaf وارو لفظ جپاني ٻوليءَ ۾ اچارڻ يا لکڻ سان ڪافي تبديل ٿي Aritafu (اري تافو) ٿيو وڃي ڇو جو L ۽ F پويان نه رڳو Vowel لڳائڻو پوي ٿو پر L بدران R اچارڻو پوي ٿو جو جپانيءَ ۾ لام يعني “L” جو اچار آهي ئي ڪونه. سچ پڇو ته منهنجو نالو اريتافو به اهي جپاني اچاري سگهن ٿا جيڪي انگريزي اسڪولن مان پڙهيا آهن نه ته ٻيا اريتاهو (Aritahu) پڙهن ان ڪري جو جپاني ٻوليءَ ۾ ف جو به اُچار ناهي جپاني ”ف“ کي ”ح” اچارين. اهڙي طرح هوٽل Hoteru ٿيو وڃي ۽ Capsule ڪئپوسِيرو Kapuseru ٿيو وڃي.
* * *